islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ارڙهون سیپارو

    ارڙهون سیپارو

    Rate this post

    – 1. بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا.

    23:2 – 2. جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن.

    23:3 – 3. ۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.

    23:4 – 4. ۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن.

    23:5 – 5. ۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.

    23:6 – 6. رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن.

    23:7 – 7. پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.

    23:8 – 8. ۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.

    23:9 – 9. ۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن.

    23:10 – 10. اِھي ئي اُھي وارث آھن.

    23:11 – 11. جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    23:12 – 12. ۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون.

    23:13 – 13. وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون.

    23:14 – 14. وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي.

    23:15 – 15. وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ.

    23:16 – 16. وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ.

    23:17 – 17. ۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نه ھواسون.

    23:18 – 18. ۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون.

    23:19 – 19. پوءِ اُن سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن باغن ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان ڪي اوھان کائيندا آھيو.

    23:20 – 20. ۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُور سَينا مان نڪرندو آھي (اھڙي طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي.

    23:21 – 21. ۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (به) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا به) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا (به) آھيو.

    23:22 – 22. ۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي.

    23:23 – 23. ۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    23:24 – 24. پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھوا تن چيو ته ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي اوھان تي سرادري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ ته) پنھنجن ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌيسون.

    23:25 – 25. اِھو ته رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو.

    23:26 – 26. (نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.

    23:27 – 27. پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون ته اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نه چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نه چؤ، ڇوته اُھي ٻُڏل آھن.

    23:28 – 28. پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي وِھين ۽ تنھنجا سنگتي (به وِھن) تڏھن چؤ ته سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو.

    23:29 – 29. ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين.

    23:30 – 30. بيشڪ ھن (قِصّي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھواسون.

    23:31 – 31. وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون.

    23:32 – 32. پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    23:33 – 33. ۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو به ڪيو ھوسون تن چيو ته ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو به) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان اوھين پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو به) پيئندو آھي.

    23:34 – 34. ۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ ته اوھين ان مھل ڇيئي وارا ٿيندؤ.

    23:35 – 35. اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا ته جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟

    23:36 – 36. جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي.

    23:37 – 37. اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نه آھيون.

    23:38 – 38. ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نه آھيون.

    23:39 – 39. (پيغمبر) چيو ته منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.

    23:40 – 40. (الله) فرمايو ته ٿوري مُدت پڄاڻا پشيمان ٿيندا.

    23:41 – 41. پوءِ کين سچي انجام جي ڪري ڌڪاءَ پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي.

    23:42 – 42. وري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون.

    23:43 – 43. ڪائي ٽولي پنھنجي مُدت کان اڳي نه ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن.

    23:44 – 44. وري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نه مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي.

    23:45 – 45. وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون.

    23:46 – 46. فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ انھن وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھوا.

    23:47 – 47. پوءِ چيائون ته پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ايمان آڻيون ڇا؟ ۽ سندن قوم (ته) اسان جو ٻيلپو ڪندڙ آھي.

    23:48 – 48. پوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا.

    23:49 – 49. ۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ته مانَ اُھي سِڌو رستو لھن.

    23:50 – 50. ۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئين ۽ وھندڙ پاڻي واري مٿاھين زمين تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون.

    23:51 – 51. (چيوسون ته) اي پيغمبرؤ سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان.

    23:52 – 52. ۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو.

    23:53 – 53. پوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي.

    23:54 – 54. پوءِ (اي پيغمبر) کين سندن غفلت ۾ ھڪ حد تائين ڇڏي ڏي.

    23:55 – 55. جنھن مال ۽ اولاد سان کين زيادتي ڏني سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟

    23:56 – 56. ته ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون، (نه!) بلڪ نه سمجھندا آھن.

    23:57 – 57. بيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.

    23:58 – 58. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن.

    23:59 – 59. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر نه ڪندا آھن.

    23:60 – 60. ۽ اُھي جيڪي (اُھي) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏيندا آھن ۽ سندن دليون انھي ڪري ڏڪنديون آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن.

    23:61 – 61. اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن.

    23:62 – 62. ۽ (اسين) ڪنھن به جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نه ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.

    23:63 – 63. بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت به آھن جي اُھي ڪندا آھن.

    23:64 – 64. تان جو منجھائن آسودن (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون تڏھن دانھون ڪندا رھيا.

    23:65 – 65. (چيوسون) ته اڄ دانھون نه ڪريو، ڇوته اسان کان اوھان کي مدد نه ملندي.

    23:66 – 66. بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڄندا ھُيؤ.

    23:67 – 67. اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي.

    23:68 – 68. ھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟

    23:69 – 69. يا پنھنجي پيغمبر کي نه سڃاتائون ڇا تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن.

    23:70 – 70. يا چوندا آھن ته کيس چريائي آھي، (نه!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن.

    23:71 – 71. ۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي سي ويران ٿين ھا، (نه!) بلڪ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن.

    23:72 – 72. يا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.

    23:73 – 73. ۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين.

    23:74 – 74. ۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن.

    23:75 – 75. ۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا.

    23:76 – 76. ۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون.

    23:77 – 77. (پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا.

    23:78 – 78. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.

    23:79 – 79. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ.

    23:80 – 80. ۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟

    23:81 – 81. بلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن.

    23:82 – 82. چون ٿا ته ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئل ٿي اٿنداسون ڇا؟

    23:83 – 83. بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن.

    23:84 – 84. چؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟

    23:85 – 85. سگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟

    23:86 – 86. (اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟

    23:87 – 87. سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    23:88 – 88. (کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو).

    23:89 – 89. سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا.

    23:90 – 90. بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.

    23:91 – 91. الله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

    23:92 – 92. ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.

    23:93 – 93. (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو انجام ڪرين ٿو سو جيڪر مون کي ڏيکارين.

    23:94 – 94. اي منھنجا پالڻھار مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نه ڪر.

    23:95 – 95. ۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي توکي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وسوارا آھيون.

    23:96 – 96. ڏاڍي چڱيءَ عادت سان مدائي کي ٽار، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون.

    23:97 – 97. ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو.

    23:98 – 98. ۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو.

    23:99 – 99. (ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ.

    23:100 – 100. ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا.

    23:101 – 101. پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا.

    23:102 – 102. پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن.

    23:103 – 103. ۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن.

    23:104 – 104. سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا.

    23:105 – 105. (چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟

    23:106 – 106. چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون.

    23:107 – 107. چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون.

    23:108 – 108. (الله) فرمائيندو ته منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نه ڳالھايو.

    23:109 – 109. ڇوته منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين.

    23:110 – 110. پوءِ ايسين کين ٺـٺولي ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دل) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي.

    23:111 – 111. بيشڪ اڄ کين چڱو بدلو انھي ڪري ڏنم جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.

    23:112 – 112. (الله) فرمائيندو ته زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھ رھيؤ؟

    23:113 – 113. چوندا ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر.

    23:114 – 114. (الله) فرمائيندو ته ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نه رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا.

    23:115 – 115. اوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟

    23:116 – 116. پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اھو) سڳوري عرش جو پالڻھار آھي.

    23:117 – 117. ۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي ته ڪافر نه ڇُٽندا.

    23:118 – 118. ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين.

    ——————————————————————————–
    سورة 24- النُّور

    24:1 – 1. (ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون ته مانَ نصيحت وٺو.

    24:2 – 2. زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.

    24:3 – 3. زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.

    24:4 – 4. ۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن.

    24:5 – 5. پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    24:6 – 6. ۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي.

    24:7 – 7. ۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي.

    24:8 – 8. ۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي.

    24:9 – 9. ۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي.

    24:10 – 10. ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي.

    24:11 – 11. بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولو آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نه ڀانيو ته اوھان لاءِ (ڪو) مدو آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

    24:12 – 12. جڏھن اُھو ٻُڌو تڏھن مؤمنن مڙسن ۽ مؤمنياڻن زالن پنھنجن (ماڻھن) ۾ چڱو گمان ڇونه ڪيو ۽ ڇونه چيائون ته ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟

    24:13 – 13. اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇونه آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نه آندائون تڏھن اُھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن.

    24:14 – 14. ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا.

    24:15 – 15. جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.

    24:16 – 16. ۽ جڏھن اُھو ٻڌوَ (تڏھن) ڇونه چيوَ ته اسان کي اھو چوڻ نه جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ھي وڏ بُھتان آھي.

    24:17 – 17. الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نه ڪجو.

    24:18 – 18. ۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    24:19 – 19. بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    24:20 – 20. ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    24:21 – 21. اي ايمان وارؤ اوھين شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وِکن تي ھلندو ته شيطان ته بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ مندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نه سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    24:22 – 22. ۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽي وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪي به) نه ڏيڻ جو قسم نه کڻن، ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نه گھرندا آھيو ڇا ته الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    24:23 – 23. بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بي خبر مؤمنياڻن زالن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھيءَ ڏينھن) وڏو عذاب آھي.

    24:24 – 24. انھن جيڪي ڪمايو تنھن بابت سندين زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا.

    24:25 – 25. اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (ھيءُ) ڄاڻندا ته الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي.

    24:26 – 26. پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي به نسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

    24:27 – 27. اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت وٺو.

    24:28 – 28. پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نه ڏسو ته اُن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين اوھان کي موڪل (نه) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.

    24:29 – 29. اھڙن گھرن ۾ گھڙڻ کان اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي جنھن ۾ ڪوئي نه رھندو ھجي منجھس اوھان جو سامان (رکيل) ھجي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.

    24:30 – 30. مؤمن مڙسن کي چؤ ته پنھنجين اکين کي ھيٺ ڪن ۽ پنھنجن اُگھڙن کي بچائيندا رھن، اھو انھن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪي ڪندا آھن تنھنجي بيشڪ الله خبر رکندڙ آھي.

    24:31 – 31. ۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

    24:32 – 32. ۽ پنھنجيءَ (قوم) مان رنن زالن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (به پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته الله پنھنجي فضل سان کين آسُودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.

    24:33 – 33. ۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھان جون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون ته انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ زنا تي زور نه ڪريو، ۽ جيڪو کين زنا تي زور ڪندو ته زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي.

    24:34 – 34. ۽ بيشڪ اوھان ڏانھن چٽيون نشانيون ۽ جيڪي اوھان کان اڳ گذري ويا تن جا مثال ۽ پرھيزگارن لاءِ نصيحت لاٿي سون.

    24:35 – 35. الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نه پھتي ھجيس ته به سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    24:36 – 36. (اُنھي نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي ته انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن.

    24:37 – 37. (يعني اھڙا) مڙس جو انھن کي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھي ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون.

    24:38 – 38. ھن لاءِ ته جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون تن جوالله کين بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.

    24:39 – 39. ۽ جن ڪُفر ڪيو تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تان جو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شيء نه لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي.

    24:40 – 40. يا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.

    24:41 – 41. نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، بيشڪ سڀئي پنھنجي نماز ۽ پنھنجي تسبيح (پڙھڻ جي طرح) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.

    24:42 – 42. آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي.

    24:43 – 43. (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي وري کين کين تھن تي تھ ڪندو آھي پوءِ ڏسندو آھين ته ڦڙي سندس وچ مان نڪرندي آھي، ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي ٽڪرن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھو پُھچائيندو ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ ته) اجھو اکيون ٿو نئي.

    24:44 – 44. الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي.

    24:45 – 45. ۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پيٽ ڀر ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي سو پيدا ڪندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    24:46 – 46. بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

    24:47 – 47. ۽ (منافق) چوندا آھن ته الله تي ۽ جنھن پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي اِيمان وارا نه آھن.

    24:48 – 48. ۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبا آھن ته سندن وچ ۾ (پيغمبر) نبيرو ڪري (تڏھن) اُمالڪ منجھانئن ھڪ ٽولي منھن موڙيندڙ آھي.

    24:49 – 49. ۽ جيڪڏھن (ڪنھن تي) سندن حق ھوندو آھي ته پيغمبر ڏانھن ڪنڌ نوائي ايندا آھن.

    24:50 – 50. سندين دلين ۾ بيماري آھي ڇا يا شڪ ۾ پيا آھن يا ڊڄندا آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر مٿن ظلم ڪندو؟ (نه!) بلڪ اُھي پاڻ بي انصاف آھن.

    24:51 – 51. جڏھن مؤمنن کي الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏيو آھي ته (پيغمبر) سندن وچ ۾ نبيرو ڪري تڏھن انھن جو چوڻ رڳو ھيءُ ھوندو آھي ته ٻڌوسون ۽ حُڪم مڃيوسون، ۽ اُھي ڇٽل آھن.

    24:52 – 52. ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ اُن جي نافرمانيءَ کان بچندو پوءِ اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.

    24:53 – 53. ۽ الله جا وڏا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن ته جيڪڏھن کين حُڪم ڪرين ته ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته قسم نه کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    24:54 – 54. چؤ ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ ته ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ لازم آھي.

    24:55 – 55. اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله انجام ڏنو آھي ته مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو جئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن انھيءَ دين کي جو انھن لاءِ پسند ڪيو اٿس انھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندس ڊڄ کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو، (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا، (۽) مون سان ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪندا، ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن.

    24:56 – 56. ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.

    24:57 – 57. ڪافرن کي نه ڀانءِ ته زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، البت اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.

    24:58 – 58. اي ايمان وارؤ اوھان جي ٻانھن ۽ جيڪي اوھان مان بلوغت کي نه پُھتا آھن تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند کي جو اوھين ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اھي) اوھان لاءِ ٽي اُگھڙ جا وقت آھن، انھن کان پوءِ ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ کان نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    24:59 – 59. ۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن تڏھن کين اھڙي طرح موڪل وٺڻ گھرجي جھڙي طرح انھن (ڇوڪرن) کان اڳيان (وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    24:60 – 60. ۽ جيڪي ٻڍيون زالون پرڻي جو ڪو آسرو نه رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نه ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نه ڍڪين ته مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان به) بچن ته اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    24:61 – 61. انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.

    24:62 – 62. مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نه ويندا آھن جيسين کانئس موڪل (نه) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    24:63 – 63. اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي.

    24:64 – 64. خبردار ھجو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي ڪمايائون تنھنجي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    ——————————————————————————–
    سورة 25- الفُرقان

    25:1 – 1. اھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جنھن پنھنجي ٻانھي تي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ (قرآن) ھن لاءِ نازل ڪيو ته جھان وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ ھجي.

    25:2 – 2. (اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين.

    25:3 – 3. ۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن جو ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتي ۽ نه وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن.

    25:4 – 4. ۽ ڪافر چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي جو اُھو پاڻون ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم به کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي طرح چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي.

    25:5 – 5. ۽ چيائون ته (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن.

    25:6 – 6. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.

    25:7 – 7. ۽ (ڪافر) چون ٿا ته ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي جو طعام کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نه نازل ڪيو ويو آھي ته اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي.

    25:8 – 8. يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نه اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نه آھي جو منجھانئس کائي، ۽ ظالم چوندا آھن ته اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو.

    25:9 – 9. (اي پيغمبر) ڏس ته تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن.

    25:10 – 10. اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جيڪڏھن گھري ته (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن ڏيئي ۽ توکي وڏيون ماڙيون (به) ڏئي.

    25:11 – 11. بلڪ قيامت کي ڪُوڙو ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون.

    25:12 – 12. جڏھن (دوزخ) انھن کي ڏوراھين پنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا.

    25:13 – 13. ۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪ ٿيڻ کي سڏيندا.

    25:14 – 14. (چيو ويندن ته) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪ ٿيڻ کي نه پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو.

    25:15 – 15. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشه وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو.

    25:16 – 16. جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اھو) وعدو گھريل آھي.

    25:17 – 17. ۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن تن کي الله گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته اوھان ھنن منھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھوا؟

    25:18 – 18. چوندا ته تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نه جڳائيندو ھو پر انھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون، ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا.

    25:19 – 19. پوءِ (چونداسون ته اي ڪافرؤ) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چَيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون.

    25:20 – 20. ۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا به موڪلياسون سي (به تو ئي وانگر) طعام کائيندا ھوا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھوا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (ته ڏسون ته) صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي.