islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. اسلام ‏۾ عورتن جا حق

    اسلام ‏۾ عورتن جا حق

    Rate this post

    اسلام جي بنيادي تعليمات ۾ معاشري اندر موجود اجائي اوچ نيچ ۽ بي جا بنيادن تي فخر ڪرڻ، ذات، رنگ، نسل، زبان،علائقي کي فضيلت جو معيار سمجهڻ کان روڪيو آهي. ان ڳالهه جو عظيم الشان اعلان پاڻ سڳورن 1حجة الوداع جي تاريخي موقعي تي ڪيو جتي سندن هزارين حاجين ۽ صحابين اهو پيغام ٻڌو.
    اسلام،ايمان،تقوى ۽ جهاد کي عزت جو معيار قرار ڏنو آهي جنهن جو واضح دليل هي آيتون آهن:”ان اڪرمڪم عندالله اتقاڪم “توهان منجهان وڏي پرهيزگار جو مقام الله وٽ وڌيڪ آهي.
    ”فضل الله المجاهدين على القاعدين اجرا عظيما“ الله تعالى جهاد ڪرڻ وارن کي ويهڻ وارن تي فضيلت عطا ڪئي آهي.
    اسلام سڀني انسانن کي حضرت آدم ۽ حوا جو اولاد سمجهي ٿو،جڳهه جڳهه تي ايمان آڻڻ ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي هميشه واري جنت جي خوشخبري ڏيئي ٿو:” والذين آمنوا و عملوا الصالحات اولئڪ اصحاب الجنه هم فيها خالدون“ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون اهي جنتي آهن (۽)هميشه ان ۾ رهندا.
    انهن سڀني آيتن ۾ ڪٿي به مرد يا عورت جي ڳالهه نه ڪئي وئي آهي، بلڪه فضيلت جو معيار ذڪر ڪيو ويو آهي.ته جيڪڏهن ڪا عورت ڪوشش ۽ محنت سان پنهنجي ذميدارين تي عمل ڪندي ان معيار تي پوري لهي جنهن کي الله ذڪر ڪيو آهي ته اها الله وٽ عزت واري آهي، ۽ جنتي آهي پر جيڪڏهن ڪو مرد ان معيار کي حاصل نه ڪري ته الله سائينءَ وٽ سندس ڪابه عزت۽ حيثيت نه آهي.
    ان بنياد تي عورت جي عزت، مقام ۽ مرتبو سمجهه ۾ اچي ٿو.هتي اسان مختصر طور تي اسلام اندر عورتن جي بنيادي حقن جو جائزو وٺنداسين. ڇا اسلام ۾ مرد جا حق عورت کان وڌيڪ آهن؟ ڇا اسلام عورت کي رڳو مرد جي خدمت جو حڪم ڏئي ٿو يا عورت جي لاء به اسلام ۾ اهميت ۽ عظمت آهي.شايد اهو چوڻ مبالغو نه هوندو ته اسلام ۾عورت کي مردکان به وڌيڪ عزت ڏني وئي آهي ،اچو ته ڏسون اسلام عورت کي ڪيتري عزت ڏني آهي،
    رسول اڪرم0ان دور ۾ جڏهن جاهل عرب پنهنجي ڌيئرن کي زنده دفن ڪندا هئا پنهنجي نياڻي جناب فاطمه س جو هميشه اٿي بيهي استقبال ڪندا هئا.
    عورت جي زندگي جا ٽي مرحلا آهن ننڍپڻ ۾ ڌيءُ، جواني ۾ زال ۽ تنهن بعد ماءُ انهن ٽنهي مرحلن بابت حديثن ۾ سندس مخصوص حق ٻڌايا ويا آهن جيڪي هن ريت آهن.
    عورت جيڪڏهن ڌيءُ هجي ته ان جي حيثيت پٽ کان وڌيڪ آهي. روايتن ۾ آهي ته جيڪڏهن ٻارن لاء ڪو تحفو آڻيو ته پهرين ڌيءُ کي ڏيو پوء پٽن کي.
    حديث مطابق ڌيءُ، نيڪي ۽ پٽ نعمت آهي ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته نيڪي تي ثواب ملندو جڏهن ته نعمت جو پڇاڻو ٿيندو.
    ۽ عورت جڏهن زال جو درجو ماڻي ٿي ته مڙس تي ان جون سڀ ضرورتون پوريون ڪرڻ واجب آهن.
    هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: جبرائيل زال جي باري ۾ ايتري ته تاڪيد ڪئي جو مون سمجهيو سواء وڏي گناهه جي ان کي جدا نٿو ڪري سگهجي، جهڙي ريت عورت لاء مڙس جي خدمت ڪرڻ ثواب آهي اهڙي طرح مڙس لاء زال جي خدمت ڪرڻ به ثواب آهي.
    روايت ۾ آهي ته مڙس اگر پنهنجي زال کي ماني جو هڪ گرهه کارائي ته ان جو به کيس ثواب ملندو. اهڙي نموني کيس پاڻي ڏيڻ ۽ ان جي قريب رهڻ به عبادت آهي. بلڪه هڪ روايت ۾ آهي ته مڙس جو پنهنجي زال سان رهڻ مسجد نبوي ۾ اعتڪاف ڪرن کان به وڌيڪ ثواب رکي ٿو.
    هڪ سٺي زال جي اهميت، مقام ۽ مرتبو بيان ڪندي رسول الله ارشاد فرمايوته: هن دنيا جي بهترين شيءِ سٺي زال آهي ۽ سٺي زال انسان جي سعادت مندي آهي.
    امام زين العابدين عليه السلام زال جا حق ٻڌائيندي فرمائين ٿا ته: تنهنجي گهر واريءَ کي الله تعالى تو لاء سڪون،آرام، محبت ۽ پيار جو سبب بڻايو آهي. ۽ تو کي ڄاڻڻ کپي ته تنهنجي زال تو لاء هڪ نعمت آهي جنهن جي ذريعي تو کي عزت ملي آهي. تون به ان جو احترام ڪر.
    وري جڏهن عورت پنهنجي زندگي جي ٽئين’ دور ۾ ماء بڻجي ٿي ته الله جي رحمت جي تجليءَ بڻجي ٿي،ڇو جو روايتن ۾ آيو آهي ته الله تعالى پنهنجي رحمت کي ستر مائن جي محبت سان تشبيه ڏني آهي، گڏوگڏ الله ايتري عزت کيس عطا ڪري ٿو جو پنهنجي عبادت ۽ بندگي سان گڏ ان سان احسان جو حڪم ڏئي ٿو.
    ان مرحلي ۾ سندس حق ايترا ته وڌيڪ آهن جو روايت مطابق جيڪڏهن اولاد زندگي ڀر پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪندو رهي ته به ان هڪ آهه جو به بدلو چڪائي نٿو سگهي. جيڪا هن سندن پيدايش مهل ڪئي هئي.
    منبع:http://www.sindhi.shiadost.com ن: غلام قاسم تسنیمی