islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. امام حسين عليه السلام جون چاليهه حديثون

    امام حسين عليه السلام جون چاليهه حديثون

    Rate this post

    اِها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته اسان اهڙن معصوم اڳواڻن جي دامن سان وابَستَه آهيون جن ۾ ڪنهن به قسم جو عيب ۽ نُقص ناهي ڇاڪاڻ ته هي اهي هستيون آهن جن جي عصمت ۽ طهارت جي گواهي خدا قرآن ۾ ڏني آهي، رب ڌڻيءَ جي هن عظيم نِعمَت بدران سندس جيترو به شُڪر بجا آندو وڃي گهٽ آهي،
    سندس لک ٿورا جو اسان کي اهڙن اَنمول مَنهَندارُن جي در جو غلام بڻايو اٿس جيڪي تخليقِ ڪائنات ۽ عالمِين جي بقاء جو ڪارڻ آهن، جيڪي خدا جا چونڊيل نمائندا، معصوم، طاهِر، صادِق، محدِث، حُجَجُ الله، امينُ اللہ، حبل اللہ، حِزبُاللہ، معدن العلم، شجرہعلم، راسخون في العلم، افضل خلائق، باب حِطة، اُولُو الامر، اہل الذکر، صِراطِ مُستقِيم، اسمِ اعظم، شافعينِ مَحشر ۽ هدايت جا اَڻ وِسامندڙ چراغ آهن. جن منجهان هڪ هستيءَ جو نالو حسين بن علي عليهما السلامآهي جيڪو هدايت جي ڏِيئي هجڻ سان گڏ و گڏ نجات جي ٻيڙي پڻ آهي. جنهن جو نالو خدا جي نالي منجهان مشتق ٿيل آهي ۽ سندس وجود خدا جي نور منجهان آهي. جهڙوڪ روايت ۾ آهي ته نبي سڳوري (ص) جن فرمايو ته : خداوند متعال حضرت حسين عليه السلامجي نور منجهان جنت ۽ حُورون خلق ڪيون آهن، بس بهشت ۽ حورن جو نور، امام حسين عليه السلامجي نور منجهان آهي ۽ امام حسين عليه السلامجو نور خداوند جي نور مان آهي. (1) الله جي حبيب جي هِن نوراني حديث کي سامُهون رکي ڪري اسان اِهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته جنهن انسان جو وجود خدا جي نور منجهان هجي اُن جو ڪلام ڪيڏو نه نوراني هوندو. بيشڪ حسين بن علي عليه السلامجي ذات مَظهر نورِ خدا آهي ۽ اِهو نور جنهن جاءِ تي به چمڪي ٿو
    انهيءَ کي نوراني بڻائي ڇڏي ٿو. تنهنڪري اسان پڻ چاهيون ٿا ته اِن الهي نور جا ڪجهه ڪِرڻا اسان جي تاريڪ دلين کي به روشن ڪن، ۽ ڇو جو نوراني وجود جو ڪلام به نوراني آهي اِن ڪري اسان اِها ڪوشش ڪئي آهي ته هِن لکڻي منجهه سيد الشهداء امام حسين عليه السلام جي ملڪوتي ڪلام مان ڪجهه حديثون ذڪر ڪريون تاڪي اسان جون تاريڪ دليون به سندن خدائي نور جي صدقي روشن ۽ مُنور ٿي وڃن. حضرت امام حسين عليه السلام جون چونڊيل چاليهه حديثون هِن ريت آهن :
    1) حضرت محمد (ص) ۽ امام علي عليه السلامجي اطاعت جو اجر

    مَنْ عَرَفَ حَقَّ أَبَوَيْهِ الْأَفْضَلَيْنِ مُحَمَّدٍ وَ عَلِيٍّ وَ أَطَاعَهُمَا حَقَّ طَاعَتِهِ قِيلَ لَهُ تَبَحْبَحْ فِي أَيِّ الْجِنَانِ شِئْت.(2)
    جيڪو انسان پنهنجي ٻن افضل ترين ابن جي حق کي سڃاڻي وٺي ۽ حقيقي معنى ۾ انهن جي اطاعت ڪري ته کيس چيو ويندو ته جنت ۾ جتي تنهنجي دل چاهي وڃي رهه.
    2) امام حسين عليه السلامجي نالي جي تاثير

    أَنَا قَتِيلُ الْعَبْرَةِ لَا يَذْكُرُنِي مُؤْمِنٌ إِلَّا بَكَى.(3)
    آئون ڳوڙهن جو ڪُٺل آهيان، ڪو به مومن مونکي ياد نه ڪندو مگر سندس اکين ۾ لڙڪ نه اچن.
    3) سلام جو اجر ۽ ثواب

    لِلسَّلَامِ سَبْعُونَ حَسَنَةً تِسْعٌ وَ سِتُّونَ لِلْمُبْتَدِئِ وَ وَاحِدَةٌ لِلرَّاد.(4)
    سلام جي لاءِ ستر نيڪيون آهن (جن منجهان) اڻهتر نيڪيون سلام ڪرڻ واري کي ملن ٿيون ۽ هڪ نيڪي سلام جو جواب ڏيڻ واري جي لاءِ آهي.
    4) امام حسين عليه السلامجي زيارت جو اجر

    أَنَا قَتِيلُ الْعَبْرَةِ قُتِلْتُ مَكْرُوباً وَ حَقِيقٌ عَلَى اللَّهِ أَنْ لَا يَأْتِيَنِي مَكْرُوبٌ قَطُّ إِلَّا رَدَّهُ اللَّهُ أَوْ أَقْلَبَهُ إِلَى أَهْلِهِ مَسْرُوراً.(5)
    مان ڳوڙهن جو ڪٺل آهيان، جيڪو به مؤمن غمگين ۽ ڏکويل دل سان منهنجي زيارت لاءِ اچي ٿو ته خدا کيس سُرور، شادماني ۽ خوشحاليءَ جي حالت ۾ سندس ڪٽنب ۽ گهروارن تائين پهچائي ٿو.
    5) خدا جي نافرماني جو اثر

    مَنْ حَاوَلَ أَمْراً بِمَعْصِيَةِ اللَّهِ كَانَ أَفْوَتَ لِمَا يَرْجُو وَ أَسْرَعَ لِمَا يَحْذَر.(6)
    جيڪو چاهي ٿو ته خدا جي نافرمانيءَ سان ڪنهن ڪم کي انجام ڏئي ته جنهن شيءِ جي کيس اميد هوندي آهي اها جلد ان جي هٿن مان هلي ويندي آهي ۽ جنهن شيءِ کان ڊڄي ٿو جلد ئي ان ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي.
    6) بخشش ۽ عطاء

    مَنْ قَبِلَ عَطَاءَكَ فَقَدْ أَعَانَكَ عَلَى الْكَرَم.(7)
    جيڪو شخص تنهنجي عطاء ۽ بخشش کي قبول ڪري ٿو اصل ۾ اهو تنهنجي هن ڪرم ۽ احسان واري ڀلي صفت جي باري ۾ تنهنجي پٺڀرائي ڪري ٿو.
    7) مؤمن ۽ منافق ۾ فرق

    إِيَّاكَ وَ مَا تَعْتَذِرُ مِنْهُ فَإِنَّ الْمُؤْمِنَ لَا يُسِي‏ءُ وَ لَا يَعْتَذِرُ وَ الْمُنَافِقُ كُلَّ يَوْمٍ يُسِي‏ءُ وَ يَعْتَذِر.(8)
    اهڙي ڪم کان پرهيز ڪر جنهن جي انجام ڏيڻ کان پوءِ توکي عُذر خواهي ڪرڻي پوي، ڇو جو مومن نه خطا ڪندو آهي نه معذرت ڪندو آهي پر منافق هر روز خطا ڪري ٿو ۽ عذر خواهي ڪري ٿو.
    8) حاجتمندي

    إِنَّ حَوَائِجَ النَّاسِ إِلَيْكُمْ مِنْ نِعَمِ اللَّهِ عَلَيْكُمْ- فَلَا تَمَلُّوا النِّعَم.(9)
    ڪنهن انسان جو توهان جي طرف حاجتمند ۽ گهرجائُو هجڻ توهان تي خدا جي نعمتن منجهان هڪ آهي پوءِ توهان نعمتن جي سلسلي ۾ تنگدِل نه ٿيو.
    9) سلام جي اهميت

    قَالَ لَهُ رَجُلٌ ابْتِدَاءً كَيْفَ أَنْتَ عَافَاكَ اللَّهُ فَقَالَ ع لَهُ السَّلَامُ قَبْلَ الْكَلَامِ عَافَاكَ اللَّهُ ثُمَّ قَالَ ع لَا تَأْذَنُوا لِأَحَدٍ حَتَّى يُسَلِّم.(10)
    هڪ شخص امام حسين عليه السلام جن جي خدمت آيو ۽ ( ان کان پهرين جو سلام ڪري ڳالهائڻ شروع ڪيائين ) ۽ چيائين ته : توهان جو ڇا حال آهي؟ خدا توهان کي عافيت ڏئي. امام عليه السلام جن فرمايو ته : پهرين سلام ۽ پوءِ ڪلام. توکي به خدا عافيت ڏئي. پوءِ امام عليه السلام جن فرمايو ته : جيسيتائين ڪو ماڻهو سلام نه ڪري ان کي (پنهنجي گهر يا محفل ۾) داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيو.
    10)تقيي جي اهميت

    لَوْ لَا التَّقِيَّةُ مَا عُرِفَ وَلِيُّنَا مِنْ عَدُوِّنَا.(11)
    جيڪڏهن تقيو نه هجي ها ته اسان جا دوست ۽ مڃڻ وارا اسان جي دشمنن کان سڃاتا نه وڃن ها.
    11)جهنم جي ڪُتن جو کاڌو

    قَالَ ع لِرَجُلٍ اغْتَابَ عِنْدَهُ رَجُلًا يَا هَذَا كُفَّ عَنِ الْغِيبَةِ فَإِنَّهَا إِدَامُ كِلَابِ النَّار.(12)
    امام حسين عليه السلام جن هڪ شخص کي جنهن سندن آڏو ويهي ڪنهن ٻئي ماڻهو جي غِيبت پئي ڪئي فرمايو ته: اي فلان! غِيبت کان پاسو ڪر ڇاڪاڻ ته غيبت جهنم جي ڪتن جو کاڌو آهي.
    12)خدا جي رضا

    مَنْ طَلَبَ رِضَى اللَّهِ بِسَخَطِ النَّاسِ كَفَاهُ اللَّهُ أُمُورَ النَّاسِ وَ مَنْ طَلَبَ رِضَا النَّاسِ بِسَخَطِ اللَّهِ وَكَلَهُ اللَّهُ إِلَى النَّاس.(13)
    جيڪو شخص خدا جي رضايت کي ماڻهن جي ناراضگيءَ جي بدلي ۾ چاهي ٿو ته خدا کيس ماڻهن کان بي نياز ڪري ڇڏي ٿو ۽ جيڪو شخص ماڻهن جي رضا ۽ خشنوديءَ کي پالڻهار جي ناراضگيءَ ۽ رنجيدگيءَ بدران گُهر ڪري ٿو ته ڌڻي تعالى اهڙي انسان کي ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. (يعني کيس ٻين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏي ٿو).
    13)نيڪي ۽ احسان جي وُسعت

    قَالَ عِنْدَهُ رَجُلٌ- إِنَّ الْمَعْرُوفَ إِذَا أُسْدِيَ إِلَى غَيْرِ أَهْلِهِ ضَاعَ – فَقَالَ الْحُسَيْنُ ع لَيْسَ كَذَلِكَ- وَ لَكِنْ تَكُونُ الصَّنِيعَةُ مِثْلَ وَابِلِ الْمَطَرِ- تُصِيبُ الْبَرَّ وَ الْفَاجِر.(14)
    امام عليه السلام جن جي محضر مبارڪ ۾ هڪ شخص چيو ته : جڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهو سان ڀلائي ڪئي وڃي جيڪو ان جو مستحق نه هجي ته ان نيڪي جو ڪو به فائدو نه آهي. (ڄڻ ته اها نيڪي ضايع ٿي ويئي) امام عليه السلام جن فرمايو ته : نه ائين ناهي بلڪه ڀلائي برسات جي ڦڙن وانگر هوندي آهي جيڪا ڀلي ۽ بري (ٻنهي) کي شامل ٿئي ٿي.
    14)شيعن جي عظمت

    مَا مِنْ شِيعَتِنَا إِلَّا صِدِّيقٌ شَهِيدٌ قُلْتُ أَنَّى يَكُونُ كَذَلِكَ وَ هُمْ يَمُوتُونَ عَلَى فُرُشِهِمْ فَقَالَ أَ مَا تَتْلُونَ كِتَابَ اللَّهِ الَّذِينَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَ رُسُلِهِ أُولئِكَ هُمُ الصِّدِّيقُونَ وَ الشُّهَداءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ قُلْتُ صَدَقْتَ جُعِلْتُ فِدَاكَ كَأَنِّي لَمْ أَرَ هَذِهِ الْآيَةَ مِنْ كِتَابِ اللَّهِ قَالَ ثُمَّ قَالَ الْحُسَيْنُ ع لَوْ لَمْ تَكُنِ الشَّهَادَةُ إِلَّا لِمَنْ قُتِلَ بِالسَّيْفِ لَمَا قَالَ اللَّهُ الشُّهَدَاء.(15)
    سيدالشهداء امام حسين عليه السلام جن زيد بن ارقم کي فرمايو ته : اسان جا شيعا، شهيدن ۽ صديقن منجهان آهن. زيد عرض ڪيو ته مولا اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو جڏهن ته اهي پنهنجي بسترن تي ننڊ جي حالت ۾ (به) انتقال ڪري وڃن ٿا؟ امام عليه السلام جن فرمايو ته : ڇا تو قرآن پاڪ ۾ هِن آيت کي ناهي پڙهيو جنهن ۾ خدا تعالى فرمائي ٿو ته :”وَ الَّذِينَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَ رُسُلِهِ أُولئِكَ هُمُ الصِّدِّيقُونَ وَ الشُّهَداءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ“.زيد چيو ته آقا توهان سچ فرمايو آهي ڇو ته مون هن آيت جي تلاوت نه ڪئي هئي. ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته : جيڪڏهن شهادت نه هجي ها مگر فقط تلوار جي ذريعي ته خدا کين ڪڏهن به شهيد نه چوي ها.
    15)مالداري ڇا آهي؟

    قال الحسين A ما الغنى؟ قال : قلّة تميّنک و رضاک بما يکفيک.

    امام حسين عليه السلام کان پڇيو ويو ته مالداري ڇا آهي؟ مولا فرمايو ته : آرزون جو گھٽجي وڃڻ ۽ جيترو ان لاءِ ڪافي هجي ان تي راضي ٿيڻ جو نالو مالداري آهي.(16)

    16)امام علي عليه السلام جي جهاد جو انداز

    إِنَّ عَلِيّاً ع كَانَ يُبَاشِرُ الْقِتَالَ بِنَفْسِهِ وَ لَا يَأْخُذُ السَّلَبَ.(17)
    بيشڪ اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام پاڻ سڌو سَنئون جنگ جي ميدان ۾ لهندا هئا ۽ دشمن کي پاڻ ئي قتل ڪندا هئا پر ڪنهن به مقتول جو جنگي سامان نه کڻندا هئا ۽ نه ئي وري ان جا ڪپڙا لاهيندا هئا.
    17)دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ

    مَنْ أَحَبَّكَ نَهَاكَ وَ مَنْ أَبْغَضَكَ أَغْرَاكَ.(18)
    تنهنجو دوست اهو آهي جيڪو توکي بُراين کان روڪي ٿو ۽ دشمن اهو آهي جيڪو خراب لڇڻن تي تنهنجي پٺڀرائي ڪري ٿو.
    18)تقوى جا آثار

    أُوصِيكُمْ بِتَقْوَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ قَدْ ضَمِنَ لِمَنِ اتَّقَاهُ أَنْ يُحَوِّلَهُ عَمَّا يَكْرَهُ إِلَى مَا يُحِبُّ “وَ يَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لا يَحْتَسِب سوره طلاق، آيت:3”.(19)
    آئون توهان کي تقوى جي وصيت ڪريان ٿو ڇو جو خدا ضمانت ڏني آهي ته جيڪو به تقوى اختيار ڪندو ته (پوءِ) جيڪا شيءِ کيس پسند نه هوندي خدا ان کي اهڙي شيءِ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو جيڪا کيس وڻندي هجي، ۽ سندس روزي کي اهڙي جاءِ تان فراهم ڪندو جيڪا ان جي گمان و خيال ۾ به نه هوندي.
    19)صله رحمي ۽ ٻاجهه

    إِنَّ أَوْصَلَ النَّاسِ مَنْ وَصَلَ مَنْ قَطَعَهُ.(20)
    وڌيڪ صله رحم انسان اهو آهي جيڪو قطع رحم ڪرڻ وارن سان به لاڳاپا ۽ واسطا بر قرار رکي ٿو.
    20)آزمائش جا نمونا

    الِاسْتِدْرَاجُ مِنَ اللَّهِ سُبْحَانَهُ لِعَبْدِهِ أَنْ يُسْبِغَ عَلَيْهِ النِّعَمَ وَ يَسْلُبَهُ الشُّكْر.(21)
    خدا جو پنهنجي بندي کي مهلت ڏيڻ جو مطلب هيءُ آهي ته هو کيس گهڻيون نعمتون ڏيندو آهي ۽ شڪر بجا آڻڻ جي توفيق کي کانئس کسي وٺندو آهي.
    21)بخيل جي علامت

    الْبَخِيلُ مَنْ بَخِلَ بِالسَّلَام.(22)
    بخيل اهو آهي جيڪو سلام ڪرڻ ۾ به بُخل ڪري ٿو.
    22)بُخل ۽ سخاوت جو ثَمَر

    أَيُّهَا النَّاسُ مَنْ جَادَ سَادَ وَ مَنْ بَخِلَ رَذُلَ.(23)
    اي انسانو! ڏاتاري ۽ سخاوت ڪرڻ وارو انسان سردار بڻجي وڃي ٿو پر بخيل ۽ ڪنجوس انسان ذليل ۽ خوار ٿي وڃي ٿو.
    23)عزت جي زندگي ۽ ذلت جو موت

    مَوْتٌ فِي عِزٍّ خَيْرٌ مِنْ حَيَاةٍ فِي ذُلٍ‏.(24)
    ذلت جي زندگي کان عزت جو موت ڀلو آهي.
    24)هڪ نصيحت

    أَيْ بُنَيَّ إِيَّاكَ وَ ظُلْمَ مَنْ لَا يَجِدُ عَلَيْكَ نَاصِراً إِلَّا اللَّهَ جَلَّ وَ عَز.(25)
    امام حسين عليه السلامپنهنجي پٽ امام سجاد عليه السلامکي فرمايو ته : اي منهنجا فرزند! اهڙي ماڻهو تي ظلم ڪرڻ کان بچ جنهن جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به مددگار نه هجي.
    25)موت جي حقيقت

    إِنِّي لَا أَرَى الْمَوْتَ إِلَّا سَعَادَةً – وَ الْحَيَاةَ مَعَ الظَّالِمِينَ إِلَّا بَرَماً.(26)
    آئون موت کي سعادت جي نگاهه سان ڏسان ٿو ۽ ظالمن سان گڏ زندگي گزارڻ کي ملامت سمجهان ٿو.
    26)سڀ کان وڏو سخي ماڻهو

    إِنَّ أَجْوَدَ النَّاسِ مَنْ أَعْطَى مَنْ لَا يَرْجُوه.(27)
    سڀ کان وڏو سخي اهو شخص آهي جيڪو ڪنهن اهڙي ماڻهو کي عطاء ڪري جنهن کان ملڻ جي ڪا به اميد نه هجي.
    27)مشڪل حل ڪرڻ جو ثواب

    مَنْ نَفَّسَ كُرْبَةَ مُؤْمِنٍ- فَرَّجَ اللَّهُ عَنْهُ كُرَبَ الدُّنْيَا وَ الْآخِرَة.(28)
    جيڪو به انسان ڪنهن مؤمن جي غم ۽ مصيبت کي دور ڪندو ته خدا ان جي دنيا ۽ آخرت جي غمن کي دور ڪندو.
    28)سڀ کان وڏو بخشڻهار

    إِنَّ أَعْفَى النَّاسِ مَنْ عَفَا عَنْ قُدْرَةٍ.(29)
    سڀ کان وڏو بخشيندڙ ۽ معاف ڪندڙ انسان اهو آهي جيڪو قدرت رکڻ جي باوجود به بخشي ڇڏي.
    29)عبادت جا قسم

    إِنَّ قَوْماً عَبَدُوا اللَّهَ رَغْبَةً فَتِلْكَ عِبَادَةُ التُّجَّارِ وَ إِنَّ قَوْماً عَبَدُوا اللَّهَ رَهْبَةً فَتِلْكَ عِبَادَةُ الْعَبِيدِ وَ إِنَّ قَوْماً عَبَدُوا اللَّهَ شُكْراً فَتِلْكَ عِبَادَةُ الْأَحْرَارِ وَ هِيَ أَفْضَلُ الْعِبَادَةِ.(30)
    ڪجهه ماڻهو بهشت جي لالچ ۽ چاهه ۾ خدا جي عبادت ڪندا آهن اهڙي قسم جي عبادت هڪ قسم جي تجارت ۽ سوداگري آهي، ڪجهه ماڻهو خدا جي خوف ڪارڻ سندس بندگي ڪندا آهن اها ٻانهن ۽ نوڪرن جي عبادت آهي، ۽ ڪجهه ماڻهو خدا جي شُڪر ادا ڪرڻ سندس ٿوري مڃڻ جي نيت سان بندگي ڪندا آهن اهڙي قسم جي عبادت آزاد ماڻهن جي عبادت آهي ۽ اهائي سڀ کان ڀلي ۽ بهترين عبادت آهي.
    30)نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ڪيفيت

    لَوْ رَأَيْتُمُ الْمَعْرُوفَ رَجُلًا رَأَيْتُمُوهُ حَسَناً جَمِيلًا تَسُرُّ النَّاظِرِينَ وَ لَوْ رَأَيْتُمُ اللُّؤْمَ رَأَيْتُمُوهُ سَمِجاً مُشَوَّهاً تَنْفِرُ مِنْهُ الْقُلُوبُ وَ تُغَضُّ دُونَهُ الْأَبْصَار.(31)
    جيڪڏهن توهان نيڪي کي هڪ انسان جي شڪل ۾ ڏسندئو ته کيس اهڙي سهڻي ۽ خوبصورت شڪل ۾ ڏسندئو جنهن جي چِهري کي ڏسڻ سان ڏسڻ وارا مسرور ۽ خوش ٿين ٿا، پر جيڪڏهن بديءَ کي ڪنهن انسان جي شڪل ۾ ڏسندئو ته کيس بدصورت ۽ بڇڙي صورت ۾ ڏسندئو، جنهن کي ڏسڻ سان دل متنفر ٿي وڃي ٿي ۽ اکيون ان کي ڏسي ڪري ٻُوٽَجي وڃن ٿيون.
    31)خلقت انسان جو مقصد

    أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّ اللَّهَ عَزَّ وَ جَلَّ ذِكْرُهُ مَا خَلَقَ الْعِبَادَ إِلَّا لِيَعْرِفُوهُ فَإِذَا عَرَفُوهُ عَبَدُوهُ فَإِذَا عَبَدُوهُ اسْتَغْنَوْا بِعِبَادَتِهِ عَنْ عِبَادَةِ مَا سِوَاهُ فَقَالَ لَهُ رَجُلٌ يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ بِأَبِي أَنْتَ وَ أُمِّي فَمَا مَعْرِفَةُ اللَّهِ قَالَ مَعْرِفَةُ أَهْلِ كُلِّ زَمَانٍ إِمَامَهُمُ الَّذِي يَجِبُ عَلَيْهِمْ طَاعَتُهُ.(32)
    اي انسانو! بيشڪ خداوند عالم انسانن کي خلق نه ڪيو آهي پر ان ڪري ته سندس معرفت حاصل ڪن، ۽ جڏهن کيس سڃاڻي وٺن ته سندس عبادت ڪن ۽ جنهن مهل پرستش ڪندا ته سندس غير جي عبادت ۽ بندگي کان بي نياز ۽ بي پرواهه ٿي ويندا. هڪ شخص امام حسين عليه السلام جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته : اي فرزندِ رسول خدا (ص) آئون اوهان تي قُربان وڃان، خدا جي معرفت ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ته : هر انسان جي پنهنجي زماني جي امام جي معرفت ۽ ڄاڻ رکڻ ئي خدا جي معرفت آهي اهو امام جنهن جي اطاعت ۽ تابعداري کي خدا انسانن تي واجب قرار ڏنو آهي.
    32)امام مهدي ( عج ) ۽ انبياء عليهم السلامجون سنتون

    فِي التَّاسِعِ مِنْ وُلْدِي سُنَّةٌ مِنْ يُوسُفَ وَ سُنَّةٌ مِنْ مُوسَى بْنِ عِمْرَانَ وَ هُوَ قَائِمُنَا أَهْلَ الْبَيْتِ يُصْلِحُ اللَّهُ تَعَالَى أَمْرَهُ فِي لَيْلَةٍ وَاحِدَة.(33)
    منهنجو نائون پٽ (اهو هوندو جنهن) ۾ يوسف عليه السلام ۽ موسى بن عمران عليه السلام جون سنتون هونديون، ۽ اهو اسان اهل بيت عليه السلام جو قائم (عج)آهي خدا سندس ظهور جا مقدما هڪ رات ۾ فراهم ڪندو.
    33)حقيقي شيعن جي سڃاڻپ

    قَالَ رَجُلٌ لِلْحُسَيْنِ بْنِ عَلِيٍّ ع يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ أَنَا مِنْ شِيعَتِكُمْ قَالَ اتَّقِ اللَّهَ وَ لَا تَدَّعِيَنَّ شَيْئاً يَقُولُ اللَّهُ لَكَ كَذَبْتَ وَ فَجَرْتَ فِي دَعْوَاكَ إِنَّ شِيعَتَنَا مَنْ سَلِمَتْ قُلُوبُهُمْ مِنْ كُلِّ غِشٍّ وَ غِلٍّ وَ دَغَلٍ وَ لَكِنْ قُلْ أَنَا مِنْ مُوَالِيكُمْ وَ مُحِبِّيكُمْ.(34)
    هڪ شخص امام حسين عليه السلام جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اي فرزند رسول خدا (ص) آئون توهان جي شيعن منجهان آهيان. امام عليه السلام کيس جواب ڏنو ته خدا کان ڊِڄ ۽ اهڙي شيءِ جي دعوى نه ڪر جنهن جي ڪري خدا تنهنجي تڪذيب ڪري ڇڏي ۽ تون پنهنجي دعوى ۾ ڪوڙو ثابت ٿي وڃين، ڇاڪاڻ ته اسان جا شيعا اهي آهن جن جون دليون هر قسم جي مَڪر، فريب، چالبازي ۽ ٺڳي کان سالِم ۽ صاف هونديون آهن، بلڪه توهان ائين چئو ته اسان اوهان جي حبدارن، دوستن ۽ چاهڻ وارن منجهان آهيون.
    34)عقل جي تڪميل

    لَا يَكْمُلُ الْعَقْلُ إِلَّا بِاتِّبَاعِ الْحَقِّ.(35)
    عقل ڪامل نٿو ٿئي مگر حق جي اتباع جي ذريعي، (يعني حق جي اطاعت ۽ پيروي عقل جي تڪميل جو سبب آهي ۽ جيسيتائين انسان پوري طرح سان حق جو تابعدار نه بڻجي ويندو ان مهل تائين سندس عقل جي تڪميل ممڪن نه آهي).
    35)جهنم جي باهه کان بچڻ جو وسيلو

    الْبُكَاءُ مِنْ خَشْيَةِ اللَّهِ نَجَاةٌ مِنَ النَّارِ.(36)
    خدا جي خوف ۾ روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ دوزخ جي عذاب کان نجات جو باعث بڻجي ٿو.
    36)اعمال جو خدا جي آڏو حاضر ٿيڻ

    أَنَّ أَعْمَالَ هَذِهِ الْأُمَّةِ مَا مِنْ صَبَاحٍ إِلَّا تُعْرَضُ عَلَى اللَّهِ تَعَالَى.(37)
    هِن امت جا اعمال هر روز صبح جو خداوند عالم جي بارگاهه ۾ پيش ٿيندا آهن.
    37)ماءُ جي شِڪم مان جنم نه وٺندڙ ست شيون

    وَ سَبْعَةُ أَشْيَاءَ لَمْ تُخْلَقْ فِي رَحِمٍ فَأَوَّلُهَا آدَمُ ثُمَّ حَوَّاءُ وَ الْغُرَابُ وَ كَبْشُ إِبْرَاهِيمَ ع وَ نَاقَةُ اللَّهِ وَ عَصَا مُوسَى ع وَ الطَّيْرُ الَّذِي خَلَقَهُ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ ع.(38)
    (روم جي بادشاهه امام حسين عليه السلام جن کان پڇيو ته اهي ست شيون ڪهڙيون آهن جيڪي ماءُ جي پيٽ منجهان وجود ۾ نه آيون آهن؟ امام عليه السلامسندس جواب ۾ فرمايو ته : اهي ست شيون هي آهن: حضرت آدم عليه السلام ، حضرت حوا، اهو ڪانءُ جيڪو حضرت هابيل جي دفن جي سلسلي ۾ رهنمائي لاءِ آيو هو، اهو گھيٽو جيڪو حضرت اسماعيل عليه السلامجي جاءِ تي ذبح ٿيڻ لاءِ آندو ويو هو، خدا جو شُتر(اهو اُٺُ جنهن کي خدا حضرت صالح عليه السلامجي لاءِ موڪليو هو) ۽ ستين شيءِ اُهو پکي آهي جنهن کي حضرت عيسي بن مريم عليه السلامخلق ڪيو هو.
    38)سڀ کان وڌيڪ با عظمت انسان

    قِيلَ لِلْحُسَيْنِ بْنِ عَلِيٍّ \ مَنْ أَعْظَمُ النَّاسِ قَدْراً قَالَ مَنْ لَمْ يُبَالِ الدُّنْيَا فِي يَدَيْ مَنْ كَانَتْ.(39)
    حضرت امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته قدر ۽ منزلت جي لحاظ کان سڀ کان وڏو با عظمت انسان ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون ته : سڀ کان وڏي شان ۽ عظمت وارو انسان اهو آهي جنهن کي اِها پرواهه نه هجي ته دنيا ڪنهن جي هٿن ۾ آهي.
    39)شهرت جو لباس

    مَنْ لَبِسَ ثَوْباً يَشْهَرُهُ كَسَاهُ اللَّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ثَوْباً مِنَ النَّارِ.(40)
    جيڪو شخص شهرت جو لباس پائي ٿو خدا قيامت جي ڏهاڙي کيس باهه جو ٺهيل لباس پارائيندو.
    40)رڪن يماني بهشت جي درن منجهان هڪ در آهي

    الرُّكْنُ الْيَمَانِيُّ بَابٌ مِنْ أَبْوَابِ الْجَنَّةِ لَمْ يَمْنَعْهُ مُنْذُ فَتَحَهُ وَ أَنَّ مَا بَيْنَ هَذَيْنِ الرُّكْنَيْنِ الْأَسْوَدِ وَ الْيَمَانِيِّ مَلَكٌ يُدْعَى هِجِّيرَ يُؤَمِّنُ عَلَى دُعَاءِ الْمُؤْمِنِينَ.(41)
    رُڪن يَماني جنت دروازن منجهان هڪ دروازو آهي، جڏهن کان وٺي کليو آهي خدا کيس بند نه ڪيو آهي، ۽ رڪن يماني ۽ حجرالاسود جي درميان هڪ فرشتو موجود رهندو آهي جنهن جو ڪم هيءُ آهي جڏهن مؤمن دعا گهرندا آهن ته اهو آمين چوندو آهي.
    منبع:http://www.mwilayat.com