islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. امام خميني رح جي نظر ۾ اسلامي تربيت

    امام خميني رح جي نظر ۾ اسلامي تربيت

    Rate this post

    اسلام ۾ تعليم ۽ تربيت جي گهڻي اهميت بيان ٿيل آهي. ان باري ۾ کوڙ ساريون آيتون ۽ روايتون موجود آهن ۽ ان بابت ڪافي ڪتاب پڻ لکيا ويا آهن، هن لکڻيءَ ۾ اسان چاهيون ٿا اسلامي تربيت کي امام خميني رح جي نگاھ ۾ مختصر انداز ۾ بيان ڪريون. اسان جڏهن امام خميني رح جي ڪتابن ۽ تقريرن ڏانهن توجه ڪريون ٿا ته پاڻ هڪ سٺي سياستدان ۽ انقلابي هجڻ سان گڏ اسلامي تعليم جي ڇانوَ هيٺ بهترين تربيت ڪرڻ وارا پڻ هئا . ايتري تائين جو نبين (ع) جي بعثت جو هڪ وڏو سبب ۽ فلسفو انسان جي تربيت بيان ڪيو اٿن .

    پاڻ فرمايو: الله پاڪ طرفان نبي آيا ته جيئن انسان جي تربيت ڪن …..(1)

    تربيت جي اهيمت کي بيان ڪندي فرمايو:اسان مڙني جو مصيبتن ۾ وڪوڙجڻ جو ڪارڻ هي آهي ته اسان جو تزڪيو ۽ تربيت ناهي ٿيل . ماڻهو عالم ٿيا آهن پر انهن جي تربيت ناهي ٿيل، دانشمند، عميق ۽ گهرو فڪر رکندڙ آهن پر تربيت کان خالي آهن.(2)

    انسان جي تربيت جي واٽ تي انيڪ رڪاوٽون آهن انهن رڪاوٽن کي امام خمينيءَ هن ريت بيان ڪيو آهي.

    1. دنيا سان محبت: پاڻ فرمايو ته دنيا سان محبت انسان کي ابدي ۽ هميشگيءَ واري هلاڪت ۽ نابوديءَ تائين پهچائي ٿي ۽ ظاهري ۽ باطني براين جي جڙ ۽ بنياد آهي(3)

    2. نفس سان محبت: امام خميني رح نفس سان محبت کي تمام مشڪلن جي جڙ ۽ تربيت ۽ تزڪيه جي راھ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ بيان ڪيو آهي

    3. وقت جي وسيع هجڻ جي اميد: انسان جڏهن اهو گمان ڪري ته ان وٽ ترقي ڪرڻ لاءِ ۽ آخرت ڏانهن توجه ڪرڻ لاءِ گهڻو ۽ وسيع وقت آهي ته ان صورت ۾ انسان پنهنجي مقصد ۽ هدف کي وساري وهندو آهي ان ڪري امام خميني رح به فرمايو آهي : انسان جڏهن وقت جي وسيع هجڻ جو گمان ڪندو آهي ته آخرت بلڪل وساري ڇڏيندو آهي(4)

    4. پاڻ کان غافل هجڻ ۽ ٻين جا عيب ڳولڻ

    5. ايمان کان بغير علم جو هجڻ

    6. اختلاف ۽ تفرقو پيدا ڪرڻ: اختلاف ۽ تفرقو تربيت ۽ نفس جو تزڪيو ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ هوندو آهي . ان بابت امام خميني رح فرمائين ٿا ته : اسان ۽ توهان جو پاڻ ۾ جھيڙو ۽ اختلاف خدا خاطر ناهي ۽ اسان سڀ پنهنجي ذهن مان اهو ڪڍي ڇڏيون ته اسان جو اختلاف اسلام جي مصلحت ۽ خدا لاءِ آهي بلڪه اسان جو اختلاف پنهنجي پاڻ لاءِ آهي. (5)

    7. دنياوي لذت: ان باري ۾ پاڻ فرمايو ته نفس جيڪا به دنياوي لذت حاصل ڪري ٿو ان جو انسان جي دل تي اثر ٿئي ٿو ، جيتريون اهي لذتون گهڻيون هونديون اوترو دل تي گهڻو اثر ٿيندو ۽ دل ۾ دنيا جي محبت وڌي ويندي ۽ پوءِ تمام براين ۽ گناهن جو ڳانڍاپو ۽ لڳاءُ ان محبت سان آهي .(6)

    9. آخرت کي وسارڻ : انسان لاءِ ضروري آهي ته آخرت کي ياد رکي ڇو جو آخرت جو سفر اهو پُرخطر سفر آهي جنهن جي لاءِ انسان کي هر وقت فڪرمند رهڻ گھرجي ان باري ۾ امام خمينيرح فرمايو ته هر وقت انسان کي آخرت جي سفر لاءِ سامان گڏ ڪرڻ گھرجي ۽ هڪ گھڙي به سُک سان ويهڻ نه گھرجي ، جيڪڏهن انسانَ آخرت کي وساريو ۽ ان کان غافل ٿي ويو ته خبر ناهي اهوآخرت ۾ ڪهڙين مصيبتن ۾ گرفتار ٿيندو.(7)

    تربيت جي راھ ۾ موجود رڪاوٽن جي ذڪر کان پوءِ اسان هتي امام خميني رح جي ٻڌايل تربيت جي اصولن مان اهم کي بيان ڪريون ٿا.

    تربيت جا اصول

    1) پنهنجي پاڻ جي اصلاح ۽ تربيت: امام خميني رح ان بابت فرمائن ٿا ته جيڪي انسان چاهين ٿا ته هن جڳ ۾ ٻين جي تربيت ڪن انهن کي گهرجي ته پهريان پنهنجي پاڻ جي تربيت ڪن(8)

    2) تربيت جو تعليم کان اڳ هجڻ: امام خميني رح کوڙ جاين تي تربيت جي ان اصول جو ذڪر ڪيو آهي ان بابت فرمايو آهي ته : ڪوشش ڪريو ته تعليم کان اڳ پنهنجي تربيت ۽ تزڪيو ڪريو ڇو جو تربيت جو مقام تعليم کان اڳ آهي ….(9) هن تربيت جي اصول کي امامرح قرآني آيتن مان استفادو ڪيو آهي (10)

    3) هميشه تربيت جو هجڻ: انسان ڄمڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين تربيت جو محتاج آهي . ان باري ۾ امامرح بيان ڪيو آهي ته: تمام دنيا جا انسان تربيت ڏانهن محتاج آهن ڪو به اهڙو انسان ناهي جيڪو دعوا ڪري ته مون کي هاڻ تعليم ۽ تربيت جي ضرورت نه آهي بلڪه اسان سڀ ان طرف محتاج آهيون.(11)

    4) تڪرار ۽ دُهرائڻ: هن اصول جي اهميت بيان ڪندي امام خميني رح فرمايو آهي ته: جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ڪنهن ٻار جي تربيت ڪريو ته ضروري آهي ته هڪ مسئلي کي ڪجھ ڀيرا ۽ مختلف نمونن سان تڪرار ڪرڻ گھرجي ته جيئن سندس دل ۾ نقش ٿي وڃي .(12)

    5) تربيت جو هدف مند هجڻ: اسلامي تربيت جو هدف خدا ڏانهن توجه ڏيارڻ آهي ۽ نبي ۽ انهن جا وصي ان اصول مطابق انسانن جي تربيت ڪرڻ آيا هئا.ان بابت امام خميني رح فرمايو آهي ته: تمام نبي معلّم ۽ استاد آهن ۽ سڀ ماڻهو شاگرد آهن هي جهان هڪ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ نبين هڪ خاص مڪتب مطابق ماڻهن کي صراط مستقيم ڏانهن هدايت ڪئي ۽ نبين جي ذميداري الله سائين ڏانهن معاشري جي تربيت ۽ رهنمائي ڪرڻ هئي.(13)

    تربيت ۾ لازمي ۽ اثر رکندڙ شيون

    1. فڪر ۽ سوچ: اها نفس سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پهرين شرط آهي. فڪر ۽ سوچڻ انسان کي غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ڪري ٿو ايستائين جو انسان هن جهان ۾ پنهنجي مقام کي سڃاڻي .(14)

    2. سجاڳي ۽ آگاهي

    3. ارادو ۽ عزم: انسان کي جڏهن معلوم ٿي وڃي ته هو هن جڳ ۾ مسافر آهي ۽ هڪ خاص مقصد ڏانهن ان کي سفر ڪرڻو آهي ته ان صورت ۾ انسان بغير ارادي ۽ عزم جي پنهنجي مقصد تائين پهچي نه سگھندو.(15)

    4. نفس سان حساب ڪتاب: امام خميني رح ان جي اهميت بابت پنهنجي پٽ کي مخاطب ٿيندي فرمايو: ڪوشش ڪر ته ان پهرين قدم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرين، جڏهن ته جوانيءَ ۾ ان ۾ ڪاميابي ماڻڻ آسان آهي ۽ اهو پهريون قدم محاسبو ۽ پنهنجي نفس سان حساب ڪتاب ڪرڻ آهي.(16)

    5) عبادت: جڏهن انسان هميشه رب پاڪ جي عبادت ۽ بندگيءَ ۾ پابندي ڪري ٿو ته انسان جي روح جي سهڻي نموني سان تربيت ٿئي ٿي . نماز جو تربيت انسان ۾ وڏو اثر آهي .(17)

    6) دعا ۽ ذڪر: امام خميني رح ان باري ۾ فرمايو: اهي ماڻهو جيڪي دعا جي ڪتابن تي اشڪال ۽ اعتراض ڪن ٿا اهي ان ڳالھ کان جاهل آهن ته اهي دعا جا ڪتاب ڪيئن انسان تربيت ڪن ٿا. هي دعائون جيڪي امامن (ع) کان نقل ٿيون آهن جهڙوڪ : دعا ڪميل ، دعا عرفه وغيره ڪهڙيءَ ريت انسان جي تربيت ڪن ٿيون ان کان جاهل ۽ اڻڄاڻ آهن .(18)

    امام خميني رح جي مائٽن مان هڪ جو چوڻ آهي ته امام خميني رح پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ مون کي دعا عهد پڙهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا مفاتح الجنان جي آخر ۾ ذڪر ٿيل آهي.(19)

    7) قرآن جي تلاوت ۽ ان ۾ فڪر ڪرڻ: امام خميني رح قرآن کي انسان جي تربيت جو ڪتاب چوندي فرمايو ته اسلام جو آسماني ڪتاب قرآن مجيد آهي جيڪو انسان جي تربيت جو ڪتاب آهي . انسان جي جسماني، روحاني، سياسي، معاشرتي ۽ ثقافتي بلڪه سڀني رخن ۾ قرآن تربيت ڪري ٿو.(20)

    8) مذهبي شعائر ۽ نشانين جو احترام ۽ تعظيم: امام خميني رح جي نگاھ ۾ عزاداري ۽ ٻين مذهبي شعائر جي مختلف رخن مان هڪ رخ اخلاقي ۽ تربيتي آهي. (21)

    9) نفس سان جهيڙو ۽ جهاد: ان جهاد جي ايتري اهميت بيان ٿيل آهي جو پاڻ سڳورن ص ان کي جهاد اڪبر ۽ افضل جهاد سڏيو آهي. (22)

    امام خميني رح ان باري ۾ فرمايو : اخلاقي بد صفتن لاءِ اخلاق جي عالمن جيڪو بهترين علاج ٻڌايو آهي اهو هي آهي ته انسان جيڪا خراب ۽ بري صفت پاڻ ۾ پسي، ان کي نظر ۾ رکندي ڪجھ ڀيرا مڙس ٿي نفس جي ان بري صفت ۾ مخالفت ڪري ۽ ان جي مخالف عمل انجام ڏئي ۽ ان جهاد ۾ رب پاڪ کان توفيق طلب ڪندو رهي يقيناً ٿوري عرصي ۾ اها بري صفت انسان کان دور ٿي ويندي. شيطان ۽ ان جي فوج فرار ٿيندا ۽ رحماني فوج اچي جاءِ والاريندي . (23)

    آخر ۾ عرض ڪريون ٿا ته اسلامي تربيت کي امام خمينيءَ رح تمام سهڻي انداز سان بيان ڪيو آهي. اسان کي گھرجي ته پنهنجي پاڻ ، اولاد ۽ معاشري جي تربيت لاءِ اسلامي تربيت جي ڏسيل اصولن جي پيروي ڪريون ۽ تربيت جي واٽ ۾ موجود رڪاوٽن کي دور ڪريون ته جيئن هن جهان ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون .

    http://www.shiafiker.com/:ن قادر بخش