islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. انبياء جو ڪربلا ۾ اچڻ

    انبياء جو ڪربلا ۾ اچڻ

    Rate this post

    جن صاحب عزت هستين جي صدقي ۾ هي ڪائنات وجود ۾ آئي آهي، ۽ جن جي سبب هن عدم کي وجود جي پوشاڪ ملي آهي، اگر انهن تي ڪا مصيبت اچي ۽ هي عالم خاموش رهي ته اها احسان فراموشي آهي، لهذا اهو ئي سبب آهي ته جڏهن حضرت امام حسين Cجن جي شهادت ٿي ته سندن شهادت تي ڪائنات جي هر شيءِ گريو ۽ ماتم ڪيو، جهڙوڪ معصومين G جن جي روايتن منجهان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته آسمان ۽ آسمان جي ملائڪن،سج،چنڊ ۽ ستارن کان وٺي ڪري زمين ۽ زمين جي پٿرن،وڻن ۽ وحشي جانورن تائين سڀني مظلوم ڪربلا جي غم ۾ لڙڪ هاريا آهن.
    راوي چوي ٿو اسان امام صادق Cوٽ ويٺا هئا سين ته امام هڪ طولاني حديث بيان ڪرڻ کان بعد ۾ فرمايو:
    إِنَّ أَبَا عَبْدِ اللَّهِ الْحُسَيْنَ ع لَمَّا قُضِيَ بَكَتْ عَلَيْهِ السَّمَاوَاتُ السَّبْعُ وَ الْأَرَضُونَ السَّبْعُ وَ مَا فِيهِنَّ وَ مَا بَيْنَهُنَّ وَ مَنْ يَتَقَلَّبُ فِي الْجَنَّةِ وَ النَّارِ مِنْ خَلْقِ رَبِّنَا وَ مَا يُرَى وَ مَا لَا يُرَى بَكَى عَلَى أَبِي عَبْدِ اللَّهِ الْحُسَيْنِ

    ”جڏهن حضرت امام حسين Cشهيد ٿي ويا ته ستن آسمانن ۽ زمين جي ستن طبقن ۽ جيڪا شئي انهن جي اندر ۽ جيڪا شئي انهن جي درميان ۾ آهي ۽ جنت و جهنم ۾ حرڪت ڪرڻ واري هر شيءِ ۽ خدا جي مخلوقا منجهان جيڪا شيءِ نظر اچي ٿي ۽ جيڪا شيءِ نظر نٿي اچي انهن سڀني امام حسين C تي گريو ڪيو
    ان کان علاوه خدا جا ڪيترائي نبي پڻ امام حسين C جي شهادت کان هزارين سال اڳ ڪربلا ۾ ايندا رهيا آهن ۽ امام جي مصيبتن کي ياد ڪري عزاداري ڪندا رهيا آهن.
    جيئن ته هن مقالي جو مقصد انبياء جي ڪربلا ۾ آمد کي بيان ڪرڻ آهي لهذا هتي اسان ڪجهه نبين سڳورن جي ڪربلا ۾ اچڻ جو ذڪر ڪيون ٿا جيڪي ڪربلا جي سر زمين تي آيا آهن.
    1_ حضرت آدم عليه السلام جو ڪربلا ۾ اچڻ:
    هڪ روايت ۾ آهي ته جڏهن حضرت آدم Cزمين تي آيا ۽ کين بي بي حوا J نظر نه آئي ته پنهنجي شريڪ حيات کي تلاش ڪرڻ جي لاءِ حضرت آدمC زمين تي ان کي ڳولڻ شروع ڪيو،انهيءَ دوران جڏهن سندس گذر ڪربلا جي سر زمين تان ٿيو ته بغير ڪنهن سبب جي دل غمگين ٿي وين ۽ شدت غم جي ڪري سندس دل گهٻرائجي وئي،جڏهن قتل گاه امام حسين C تي پهتا ته سندس پير مان خون وهڻ شروع ٿي ويو، حضرت آدم Cآسمان جي طرف سر بلند ڪري چيو: اي منهنجا پالڻهار! ڇا مون کان ڪو گناه ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري مون کي عذاب ڪري رهيو آهين؟ مون پوري زمين جو چڪر لڳايو آهي ليڪن هن جاء کان وڌيڪ سخت ڪنهن به جاء کي نه پاتو آهي.
    خدا وحي موڪلي ته اي آدم تو ڪو به گناه جو ڪم انجام نه ڏنو آهي، ليڪن هن زمين تي تنهنجو هڪ فرزند حسين مظلوميءَ جي حالت ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويندو ۽ تنهنجو هي رت ان سان اظهار همدردي جي ڪري نڪتو آهي.
    حضرت آدم عليه السلام چيو: ڇا حسين پيغمبر آهي؟
    خدا فرمايو: نه،حسين پيغمبر نه آهي، ليڪن پيغمبر حضرت محمد 6 جو فرزند ضرور آهي.
    حضرت آدم Cعرض ڪيو: ان جو قاتل ڪير آهي؟
    خداوندعالم فرمايو: ان جو قاتل يزيد آهي، اهو يزيد جنهن تي زمين ۽ آسمان لعنت ڪن ٿا.
    حضرت آدم Cجبرائيل کان پڇيو هاڻ آئون ڇا ڪريان؟
    جبرائيل چيو: يزيد تي لعنت ڪر.
    حضرت آدم Cچار دفعه يزيد تي لعنت ڪئي، ان کان بعد ان جاء تان هليا ويا ايسيتائين جو سر زمين عرفات تي وڃي پهتا اتي وڃي کين بي بي حوا سان ملاقات ٿي.(2)
    2_ حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي جو ڪربلا مان گذرڻ:
    هڪ ٻئي روايت ۾ حضرت نوح C جي ڪربلا اچڻ جي داستان هن طرح بيان ٿي آهي ته جڏهن حضرت نوح Cڪشتيءَ ۾ سوار ٿي ڪري سڄي دنيا جو چڪر لڳايو،جنهن وقت سندس ٻيڙو ڪربلا جي زمين تي پهتو ته کين هڪ اهڙي ته مشڪل پيش آئي جو ڊڄڻ لڳا ته ڪٿي نابود نه ٿي وڃون، ان موقعي تي حضرت نوح C دعا لاءِ هٿ بلند ڪري چيو: اي منهنجا پروردگار! مون پوري دنيا جو چڪر لڳايو آهي ليڪن جيڪا وحشت مونکي هتي محسوس ٿي آهي اها ڪنهن ٻي جاء تي نه ٿي آهي.
    جبرائيل نازل ٿيو ۽ چيائين:
    يَا نُوحُ فِي هَذَا الْمَوْضِعِ يُقْتَلُ الْحُسَيْنُ سِبْطُ مُحَمَّدٍ خَاتَمِ الْأَنْبِيَاءِ وَ ابْنِ خَاتَمِ الْأَوْصِيَاءِ
    ”اي نوح، هن زمين تي حسين، جيڪو خاتم انبياء حضرت محمد مصطفي 6 جو نواسو ۽ خاتم اوصياء حضرت علي C جو فرزند آهي، قتل ڪيو ويندو“
    حضرت نوح چيو: اي جبرائيل، ان کي ڪير قتل ڪندو؟ حضرت جبرائيل جواب ڏنو: حسين جو قاتل اهو شخص آهي جنهن تي ستن آسمانن ۽ ستن زمينن جا رهڻ وارا لعنت ڪن ٿا، ان کان بعد حضرت نوحCپڻ امام حسين C جي قاتل تي چار ڀيرا لعنت ڪئي، پوءِ ٻيڙي ان جاء تان حرڪت ڪئي ايسيتائين جو ”جودي“جبل تي بيٺي.(3)
    3_ حضرت ابرهيم عليه السلام جو ڪربلا ۾ اچڻ:
    نقل ٿيو آهي ته حضرت ابرهيم C جو جڏهن ڪربلا منجهان گذر ٿيو ته پاڻ پنهنجي گهوڙي تي سوار هئا، (اوچتو)زمين لڏڻ شروع ٿي وئي جنهن جي سبب گهوڙي تان هيٺ ڪِري پيا،سندن سر مبارڪ زخمي ٿي پيو ۽ خون وهڻ شروع ٿي ويو،خدا کان طلب استغفار ڪندي چيائون: پروردگار مون کان ڪهڙوگناهه ٿيو آهي؟
    ته جبرائيل نازل ٿي ڪري چيو:
    يَا إِبْرَاهِيمُ مَا حَدَثَ مِنْكَ ذَنْبٌ وَ لَكِنْ هُنَا يُقْتَلُ سِبْطُ خَاتَمِ الْأَنْبِيَاءِ وَ ابْنُ خَاتَمِ الْأَوْصِيَاءِ فَسَالَ دَمُكَ مُوَافَقَةً لِدَمِه‏
    ”اي ابراهيم توهان ڪو به جرم نه ڪيو آهي، ليڪن هن جاء تي خاتم الانبياء جي نواسي ۽ خاتم اوصياء جي فرزند حسين کي قتل ڪيو ويندو، ۽ تنهنجو هي خون ان سان همدردي جي بنا تي نڪتو آهي.
    حضرت ابراهيم پڇيو: اي جبرائيل سندس قاتل ڪير هوندو؟ جبرائيل چيو:
    حسين جو قاتل اهو شخص آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن جي رهڻ وارن جي نظر۾ ملعون آهي، ۽ قلم خدا کان اجازت وٺي ڪري لوح محفوظ تي حسين Cجي قاتلن تي لعنت لکي آهي .
    پوءِ حضرت ابراهيمC پنهنجا هٿ بلند ڪري يزيد تي تمام گهڻي لعنت ڪئي، (4)
    4_ حضرت موسيٰ عليه السلام جو ڪربلا ۾ اچڻ:
    علامه مجلسيءَ پنهنجي ڪتاب بحار الانوار ۾نقل ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن حضرت موسيCيوشع بن نون سان گڏ ڪنهن پاسي وڃي رهيا هئا، ايسيتائين جو هلندي هلندي سر زمين ڪربلا وڃي پهتا، اتي سندن جوتو ڇڄي پيو ۽ ان جون ڪهيون ٽٽي ويون ۽ هڪ ڪنڊو سندس پير ۾ لڳي ويو ۽ رت نڪري آيو،ته حضرت موسيٰ C الله سائينءَ عرض ڪيوته اي منهنجا پالڻهار ڇا آءُ ڪنهن جو گناه جومرتڪب ٿيو آهيان؟ خدا تعالى وحي جي وسيلي ارشاد فرمايو:
    أَنَّ هُنَا يُقْتَلُ الْحُسَيْنُ وَ هُنَا يُسْفَكُ دَمُهُ فَسَالَ دَمُكَ مُوَافَقَةً لِدَمِه‏
    ”يعني هن جڳهه تي حسين کي قتل ڪيو ويندو ۽ ان جو خون وهايو ويندو ۽ تنهنجو رت پڻ ان سان همدردي جي ڪري نڪتو آهي“
    حضرت موسيٰC سوال ڪيو: پالڻهار، حسين ڪير آهي؟ جواب مليو: حسين محمد مصطفيٰ صل6جو نواسو ۽ علي مرتضيٰ C جو پٽ آهي، وري سوال ڪيائون ته سندس قاتل ڪير آهي؟ جواب مليو: هن جو قاتل اهو شخص آهي جنهن تي تمام دريائن جون مڇيون ۽ بيابانن جا وحشي جانور ۽ هوائن ۾ پرواز ڪرڻ وارا پکي لعنت ڪن ٿا، پوءِ حضرت موسيٰ C هٿ مٿي کنيان ۽ يزيد تي لعنت ڪئي ۽ يوشع بن نون آمين چيو، پوءِ هتان هليا ويا(5)
    5_ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ڪربلا مان عبور ڪرڻ:
    روايت ڪئي وئي آهي ته حضرت عيسي C پنهنجي حوارين (خاص صحابين) سان گڏ صحرا ۾ وڃي رهيا هئا،ايسيتائين جو ڪربلا وڃي پهتا،ڏٺائون ته هڪ طاقتور شينهن سندن رستو روڪي بيٺو آهي، حضرت عيسيٰ Cاڳتي وڌيا ۽ شينهن کي چيائون: رستي ۾ ڇو ويٺو آهين؟ ۽ رستي ڇو نٿو ڇڏين ته جيئن اسان هليا وڃون؟ شينهن فصيح زبان ۾ جواب ڏنو: آئون ايستائين توهان کي هتان گذرڻ جي اجازت نه ڏيندس،جيستائين توهان حسين Cجي قاتلن تي لعنت ڪيو، حضرت عيسيٰ C فرمايو: حسين ڪير آهي؟ شينهن عرض ڪيو: هو خدا جي نبي محمد 6 جو نواسو ۽ الله جي ولي، C جو پٽ آهي، حضرت عيسىCفرمايوته : هن جو قاتل ڪير آهي؟ شينهن چيو: هن جو قاتل اهو شخص آهي جنهن تي سڀ حيوان ، حشرات ۽ درنده، مخصوصاً عاشورا جي ڏينهن لعنت ڪن ٿا، حضرت عيسي Cپنهنجا هٿ بلند ڪيا ۽ يزيد تي لعنت ڪئي ۽ حوارين آمين چيو، ان کان بعد شينهن رستو ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ پنهنجي حوارين سان گڏ اتان هليا ويا (8)
    شڪ ناهي ته اهو شينهن الله سائينءَ طرفان مقرر ٿيل هو ته حضرت عيسى C کي ڪربلا جي واقعي کان آگاهه ڪري
    ان کان سواءِ پڻ ڪيتريون ئي روايتون حضرت سليمان C،حضرت اسماعيلC۽ ٻين ڪيترن ئي نبين جي ڪربلا ۾ اچڻ لاءِ ذڪر ٿيون آهن جن کي اسان هتي بيان ڪرڻ کان معذور آهيون.
    ممڪن آهي ته هي مقالو پڙهڻ کان بعد ۾اهو سوال ذهن ۾ اچي ته آخر انبياء جي ڪربلا ۾ اچڻ جو سبب ڇا آهي لهذا بهتر آهي ته ان سوالن جوجواب ڏنو وڃي تاڪه ڪنهن جي ذهن ۾ ڪو شڪ ۽ شبهو باقي نه رهي.
    انبياء Eجي ڪربلا ۾ اچڻ جو سبب:
    روايتن جو مطالعو ڪرڻ سان هي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته خداتعالى حضرت آدم Cکان وٺي حضرت خاتم6 تائين سڀني نبين کي امام حسين C جي شهادت جي خبر جبرائيل جي ذريعي ڏني آهي، ۽ اهو اطلاع ڏيڻ شايد هيٺين سببن جي ڪري هجي.
    الف: شايد نبين جي ذهنن ۾ اهو هو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جي تمام زحمتن جو نتيجو دشمنن ۽ جاهل ماڻهن جي ڪري پنهنجي ثمر تائين نه پهچي سگهي، لهذا خداوندعالم چاهيو ته شهادت امام حسين کي بيان ڪرڻ جي ذريعي انهن کي اميد ڏياري ۽ کين ٻڌائي ڇڏي ته توهان جي انهن زحمتن جو نتيجو سيد الشهداء جي جهاد جي وسيلي پنهنجي ڦل تائين پهچندو، ڇو جوجيڪڏهن امام حسين C قيام نه ڪري ها ته يقيناً خاندان ابو سفيان ۽ دين جا ٻيا دشمن هن دينِ اسلام کي باقي رهڻ نه ڏين ها.
    ب: ٿي سگهي ٿو ته شهادت امام حسين Cجو بيان ڪرڻ سندن هدف جي حصول لاءِ سندن پختگي۽ پُرعزم هجڻ جو سبب پڻجندو هجي،۽ حقيقت ۾ حق تعاليٰ انبياءE کي اهو ڏَسڻ چاهي پيو ته اگر توهان خدا جي راهه ۾ ماڻهن جي هدايت جي خاطر مصيبتون ڊٺيون آهن ته توهان کان بعد ۾ اهو شخص ايندو جنهن جي مقابلي ۾ توهان جون مصيبتون تمام ٿوريون آهن.
    منبع: http://www.sindhi.shiadost.com ن : سجاد حیدر حیدری