islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. اهل بيت عليهم السلام جي محبت گناهن جو ڪفارو

    اهل بيت عليهم السلام جي محبت گناهن جو ڪفارو

    Rate this post

    هي جملو (کفاره لذنوبنا) زيارت جامعه ڪبيره جي معرفت ڀرئي جملن مان هڪ آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته (اي اهل بيت اطهار) الله تعالى اسان طرفان توهان جي پاڪ ذاتن تي سلام ۽ درود موڪلڻ کي اسان جي گناهن جو ڪفارو قرار ڏنو آهي، حقيقت ۾ روايتن ۾ ٿورو غور ۽ فڪر ڪرڻ سان اها حقيقت چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته الله تعالى اهل بيت عليهم السلام جي شيعن تي جيڪي به عنايتون ڪيون آهن سي فقط ان نوراني گوهر جي صدقي ۾ آهن، جيڪو گوهر سندن دل ۾ موجود آهي ۽ اهو اهل بيت جي ولايت آهي، جيڪا حقيقت ۾ الله تعالى جي ئي ولايت آهي[1]
    اگر اسان انهي ڳالهه کي سمجهي وٺون ته : اهلبيت عه جي شيعن جي خلقت، اهلبيت عليهم السلام جي خلقت سان هڪ خاص قسم جو رابطو ٿي رکي ۽ حقيقت ۾ ٻنهي جي خلقت هڪ ئي مرڪز مان وجود ۾ آئي آهي ته پوءِ ان حقيقت ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ئي نه رهندي.
    جابر بن يزيد جعفي جيڪو امام محمد باقر عليه السلام جو هڪ رازدار اصحابي هو روايت نقل ڪري ٿو ته امام عليه السلام مونکي فرمايو ته يَا جَابِرُ خُلِقْنَا نَحْنُ وَ مُحِبُّونَا مِنْ طِينَةٍ وَاحِدَةٍ بَيْضَاءَ نَقِيَّةٍ مِنْ أَعْلَى عِلِّيِّين‏ [2]
    )”اي جابر اسان ۽ اسان جا محب ،اعلى عليين جي هڪ ئي پاڪ ۽ نوراني مٽي مان پيدا ڪيا ويا آهيون . “
    يا ٻي روايت ۾ امام باقر عليه السلام کان نقل ٿيل آهي ته: إِنَّا وَ شِيعَتَنَا خُلِقْنَا مِنْ طِينَةٍ وَاحِدَةٍ وَ خُلِقَ عَدُوُّنَا مِنْ طِينَةِ خَبَالٍ‏ مِنْ حَمَإٍ مَسْنُون‏ [3]
    “اسان ۽ اسان جا شيعه هڪ ئي مٽي مان پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان جا دشمن بدبو دار ڳوهيل مٽي مان خلق ڪيا ويا آهن”.

    حقيقت ۾ جنهن شخص ائمه عليهم السلام جي ولايت کي قبول ڪيو آهي پر گناهگار آهي ته خداوند متعال انهي شخص جا گناهه ،ائمه معصومين عليهم السلام سان توسل ۽ انهن تي صلوات پڙهڻ جي برڪت سان ۽ انهي ولايت جي صدقي جيڪا انهي شخص جي دل ۾ آهي ، معاف ڪري ٿو ڇڏي ۽ اها خاصيت صرف ۽ صرف شيعن سان مخصوص آهي .انهي سلسلي ۾ امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا ته : مَنْ لَمْ يَقْدِرْ عَلَى مَا يُكَفِّرُ بِهِ ذُنُوبَهُ- فَلْيُكْثِرْ مِنَ الصَّلَاةِ عَلَى مُحَمَّدٍ وَ آلِ مُحَمَّدٍ- فَإِنَّهَا تَهْدِمُ الذُّنُوبَ هَدْماً. [4]جيڪو به شخص وڏو گناهگار هجي ۽ انهن گناهن کي ختم ڪرڻ تي به قادر نه هجي ته محمد ۽ سندس آل تي تمام گهڻيون صلواتون پڙهي ڇو جو اهي صلواتون ئي انهن گناهن کي ختم ڪري سگهن ٿيون” .
    ۽ هن مقام تي هن نڪتي کي به وڌايون ٿا ته : هڪ اهڙي شي جيڪا ولايت جهڙي قيمتي هيري کي وڌيڪ نوراني ٿي ڪري اها اهلبيت عصمت وطهارت عليهم السلام جي مظلوميت تي ۽ خاص طور تي سيدالڪونين حضرت سيدالشهداء امام حسين عليه السلام جي مظلوميت تي گريو ۽ ماتم ڪرڻ آهي.اهو گريو ۽ روئڻ به انسان جي صغيره ۽ ڪبيره گناهن جو ڪفارو آهي، اگر ڪوبه شخص انهي ۾ شڪ ۽ شبهو ٿو ڪري ڄڻ ته حقيقت ۾ خود ائمه معصومين عليهم السلام جي ڪلام تي شڪ ڪرڻ آهي ، ڇو جو اها ڳالهه جيڪا تواتر سان ثابت آهي انهي تي شڪ ڪرڻ ۽ سواليه نشان بڻائڻ صحيح ڪونهي .
    امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا ته لِكُلِّ شَيْ‌ءٍ ثَوَابٌ إِلَّا الدَّمْعَةَ فِينَا. [5]هرعبادت جو ثواب مخصوص ۽ محدود آهي ، پر اسان اهل بيت تي گريو ڪرڻ ۽ روئڻ جي ثواب جي ڪا حد ئي ناهي ”.
    يا ٻي روايت ۾ پاڻ فرمائن ٿا ته :فَلَوْ أَنَّ قَطْرَةً مِنْلَا يُوجَدَ لَهَا حَرٌّدُمُوعِهِ سَقَطَتْ فِي جَهَنَّمَ لَأَطْفَأَتْ حَرَّهَا [6]
    “انهي روئڻ جي جي ايڏي ته اهميت آهي جو اگر انهي ڳوڙهن مان هڪ قطرو به جهنم جي باهه تي پوي ته اهو هڪ قطرو جهن جي باهه ۽ گرمائش کي ختم ڪري ٿو ڇڏي”
    حتى مَنْ ذُكِرْنَا عِنْدَهُ فَفَاضَتْ عَيْنَاهُ وَ لَوْمِثْلَ جَنَاحِ بَعُوضَةٍ [الذُّبَابِ] غُفِرَ لَهُ ذُنُوبُهُ وَ لَوْ كَانَتْ مِثْلَ زَبَدِ الْبَحْرِ [7]
    ايسيتائين جو اگر ڪنهن شخص سمنڊ جيترا گناهه به کڻي ڪيا هجن امام صادق عليه السلام جي فرمان مطابق اگر ٿورائي (مڇر جي پر جيترا) ئي ڇونه هجن ته خداوند متعال انهي جا سڀ گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي

    آخر ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو ايڏو وڏو ثواب امام حسين تي روئڻ لاءِ ذڪر ڪيو ويو اهي؟ شايد انهي جو راز هي هجي ته روئڻ واري شخص تي امام حسين عليه السلام جي محبت جي ڪري اهو اثر پيدا ٿئي جو هو گريو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي گناهن جي توبه ڪري يا ائين کڻي چئجي ته هن روايت مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته جيڪو شخص روئي ٿو حقيقت ۾ اهو ان روئڻ واري حالت ۾ پنهنجي گناهن جي توبه ٿو ڪري ،اهوئي سبب آهي جو امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي روئڻ وقت ڪو شخص گناهه ڪرڻ جو سوچي به نٿو

    حقيقت اها آهي ته : اگر انسان انهي مصيبت جي حقيقت کي سمجهي وٺي ۽ اهو سمجهي وٺي ته امام حسين عليه السلام جي مصيبت سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي مصيبت آهي ته ڪڏهن به انهن ذڪر ٿيل حقيقتن جي باري ۾ ڪو شڪ ۽ شبهو به نٿو ڪري سگهجي ، ڇاڪاڻ ته هي اهڙي مصيبت آهي جنهن تي آسمان ، زمين ۽ ان ۾ موجود هر مخلوق گريو ڪيو آهي.

    امام صادق عليه السلام زيارت امام حسين عليه السلام ۾ فرمائن ٿا ته : أَشْهَدُ أَنَّ دَمَكَ سَكَنَ فِي الْخُلْدِ وَ اقْشَعَرَّتْ لَهُ أَظِلَّةُ الْعَرْشِ وَ بَكَى لَهُ جَمِيعُ الْخَلَائِقِ وَ بَكَتْ لَهُ السَّمَاوَاتُ السَّبْعُ وَ الْأَرَضُونَ السَّبْعُ وَ مَا فِيهِنَّ وَ مَا بَيْنَهُنَّ وَ مَنْ يَتَقَلَّبُ فِي الْجَنَّةِ وَ النَّارِ مِنْ خَلْقِ رَبِّنَا وَ مَا يُرَى وَ مَا لَا يُرَى[8]

    آئون گواهي ٿوڏيان ته تنهنجو خون جنت خلد ۾ سڪونت پذير (محفوظ( آهي ۽ جنهن جي لاءِ عرش جا ستون لڏي ويا هئا، ۽ ان (جي مظلوميت )لاءِ پوري مخلوق گريو ڪيو، ۽ستن ئي آسمانن،ستن زمينن ،انهن ۾ موجود مخلوق ، انهن جي درميان واري مخلوق ۽ اسان جي پروردگار جي جنت ۽ جهنم ۾ چرپر ڪندڙمخلوق ۽ اکين جي نگاهن سان محسوس ٿيندڙ ۽ نامحسوس مخلوق سڀني ئي گريو ڪيو

    انهي اميد سان ته خداوند متعال اسان کي سڀني کي توفيق ڏي ته اسان پوري زندگي پنهنجو فريضو سهڻي ۽ سٺي نموني سان خدائي نشانين جي تعظيم ڪندي انجام ڏيندا رهون
    منبع:http://www.sindhi.shiadost.com ن: مداح حسین