islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. اي فاطمه سلام الله عليها

    اي فاطمه سلام الله عليها

    Rate this post

    سومر, 07 مئي 2012 20:59
    روايت ۾ آهي ته هڪ ڏينهن رسول خدا ﷺ بيبي زهرا سلام الله عليها جي گھر ۾ داخل ٿيو ته بيبي هٿ واري چڪي سان اٽو پيهي رهي هئي ۽ سندن اکين مان نير جاري هئا اهو ڏسي ڪري پاڻ سڳوري ﷺ جن پنهنجي پياري نياڻي کان روئڻ جو سبب معلوم ڪيو ته اي ٻچڙا ! تون ڇو گريو ڪري رهي آهين بيبي جن فرمايو ته اي بابا مان حامله آهيان ۽ گھر ۾ تمام گھڻو ۽ ڏکيو ڪم آهي ان ڳالھ جي ڪري مان روئي رهي آهيان اهو ٻڌي پاڻ ڪريم ﷺ ويهي رهيو ۽ فرمايائون شروع الله تعالي جي پاڪ نالي سان جيڪو رحمن ۽ رحيم آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ پنهنجي ٻنهي هٿن سان ڪڻڪ چڪي ۾ وجھڻ شروع ڪئي ۽ چڪي پنهنجو پاڻ هلڻ لڳي ان سان گڏوگڏ هن چڪي مان تسبيح خدا جو آواز اچڻ لڳو پنهنجو پاڻ ڪڻڪ پسجي اٽو ٿي وئي ان کان بعد نبي ڪريم جن چڪي کي فرمايو، رُڪجي وڃ هو رڪجي وئي پوءِ چڪي چيو، يارسول الله ﷺ ! ان پاڪ ذات جي قسم جنهن توکي پِيغمبري تي مبعوث ڪيو اگر توهان حڪم ڪيو ته اولھ کان ويندي اوڀر تائين جي سڀ جي سڀ ڪڻڪ اٽو ڪري ڇڏيان اهو سڀ جو سڀ تواهان سان عشق ۽ محبت جي ڪري ڪندس مان ايتري تائين نه رُڪندس جيتري تائين توهان جو حڪم نه ڪندو ۽ مونکي جنت جي خوشخبري نه ڏيندو ڇو جو قرآن ۾ آهي ته ان باھ کان ڊڄو جنهن جو ………… ماڻهون ۽ پٿر آهن نبي ڪريم ﷺ اهو ٻڌي جواب ڏنو ته مان توکي جنت جي خوشخبري ڏيان ٿو تون جنت ۾ حضرت فاطمه سلام الله عليها جي محل جي پٿران مان هڪ پٿر هوندين ان کان پوءِ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : اي فاطمه سلام الله عليها !اگر خدا وند عالم چاهي ها ته توکان بغير به اها ڪڻڪ اٽو ٿي وڃي ها پر خدا وند عالم چاهي ٿو ته تنهنجين نيڪين ۾ اضافو ٿئي ۽ جنت ۾ تنهنجي مقام ۽ مرتبو سڀني کان مٿانهون هجي اي فاطمه سلام الله عليها ! خدا جو قسم جيڪا به عورت پنهنجن هٿن سان ڪڻڪ پيهي ٿي الله تعالي ان کي ڪڻڪ جي هر داڻي جي بدلي ۾ هڪ هڪ نيڪي عطا ڪندو آهي ۽ هر داڻي جي عيوض ان جا گناھ معاف ڪندو آهي اي فاطمه سلام الله عليها !جنهن عورت کي ماني پچائڻ وقت جيڪو پگھر اچي ٿو الله تعالي ان کي ان جي بدلي ۾ جھنم کان ستن خندقن (کاهين) جي برابر دور ڪري ڇڏيندو اي فاطمه سلام الله عليها !جنهن عورت کي بصر وڍڻ وقت اگر ڳوڙها اچي وڃن ته الله تعالي ان کي انهن ڳوڙهن جي بدلي ۾ بهترين ثواب عطا ڪندو اي فاطمه سلام الله عليها ! جيڪا به عورت پنهنجن هٿن سان ڪپڙا ڌوئي ٿي ته خداوند عالم ان کي ان لپڙي جي هر ڌاڳي جي بدلي هڪ سو نيڪي عطا ڪندو ان سان گڏوگڏ سو گناھ به معاف ڪندو اي فاطمه سلام الله عليها ! عورتن لاءِ سڀ کان ڀلو ڪم رڍ جي اُن مان ڪپڙو ٺاهڻ آهي جڏهن به ڪا عورت ڪپڙو ٺهي تيار ڪندي آهي ته عرش جا سڀ ملائڪ ان جي لاءِ توبه استغفار ڪندا آهن اي فاطمه سلام الله عليها ! ڪا به عورت پنهنجن ٻچڙن جي وارن ۾ تيل لڳائيندي ۽ مٿي ۾ ڦڻي ڪندي آهي ان سان گڏوگڏ انهن جا ڪپڙا ڌوئيندي ۽ مٿي مان جوئون ڳوليندي آهي ته الله تعالي ان کي هڪ هڪ وار جي بدلي ۾ نيڪون عطا ڪندو آهي ۽ هر وار جي بدلي ۾ سندن گناھ بخشيندو آهي اُها عورت سڀني جي نظر ۾ قابل احترام ٿي ويندي آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! جيڪا به عورت پنهنجي پاڙيسري کي پاڻي ڏيڻ کان منع ڪري ٿي ته اها قيامت جي ڏينهن حوض ڪوثر کان پري هوندي اي فاطمه سلام الله عليها ! پنج شيون اهڙيون جن کي عطا ڪرڻ وقت بخل نه ڪجي، پاڻي، باھ، اٽو، چڪي ۽ سوئي ڇو جو انهن جو نه هجڻ هڪ آفت آهي پاڻي نه ڏيڻ وارو هڪ ڏينهن پاڻ اُڃو رهجي ويندو اٽو نه ڏيڻ وارو هڪ ڏينهن پاڻ بکو رهجي ويندو جيڪو چڪي نه ڏيندو ان کي هميشه مٿي ۾ سور رهندو ۽ جيڪو سوئي نه ڏيندو اهو هميشه ڪاوڙ غم و غصي جي حالت ۾ رهندو اي فاطمه سلام الله عليها ! انهن سڀني ڪمن مان وڌيڪ فضيلت وارو ڪم اهو آهي ته بندو پنهنجي پالڻهار کي راضي ڪري ان کان بعد پنهنجي مڙس (شوهر) کي راضي ڪري اي فاطمه سلام الله عليها ! ياد رکجان ته مڙس جي رضا خدا جي رضا جي برابر آهي ۽ شوهر جي ڪاوڙ خدا جي ڪاوڙ جي برابر آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! جيڪا عورت پنهنجي مڙس کي هميشه راضي رکي ته اهو ڪم هڪ سال جي روزن ۽ نمازن کان افضل آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! عورت جي سڀ کان ڀلي عبادت گرمي جي ڏينهن ۾ گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! جنهن عورت کان ان جو مڙس ڏينهن جو راضي رهندو ته الله تعالي ان کي پنهنجي بدن جي هر عضوي جي برابر نيڪي عطا ڪندو ۽ ان جا سڀ جا سڀ گناھ معاف ٿي ويندا اي فاطمه سلام الله عليها ! جنهن عورت کان ان جو مڙس راضي هجي ته ان عورت کي مرڻ کان پهريان جنت ۾ ان کي پنهنجو مقام ڏيکاريو ويندو آهي ۽ اهڙي عورت جي بدن مان روح ايتري تائين نه ڪڍيو ويندو جيتري تائين اها منهنجي هٿ مان حوض ڪوثر سان سيراب نه ٿئي اي فاطمه سلام الله عليها ! اها عورت جيڪا پنهنجي مڙس جي فرمانبردار هجي ته ان تي جنت واجب آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! بغير مڙس جي عورت ان گھر وانگر آهي جنهن ۾ در نه هجي يا ان وڻ وانگر آهي جنهن ۾ ميوو نه هجي اي فاطمه سلام الله عليها ! گھر واري جو پنهنجي مڙس جي اڳيان ويهڻ پوري سال جي عبادت ۽ طواف ڪعبه الله کان به افضل آهي جڏهن عورت ڳورهاري (حامله) هوندي آهي ته الله جا ملائڪ ان جي لاءِ توبه (استغفار) ڪندا آهن ۽ الله تعالي ان کي هر ڏينهن جي بدلي ۾ هزار نيڪيون عطا ڪندو آهي ۽ هزار گناھ معاف ڪندو آهي جڏهن ان عورت کي اولاد ٿيندي آهي ته الله تعالي ان عورت کي الله جي راھ ۾ جھاد (مجاهدين )ڪرڻ وارن ۾ شامل ڪندو آهي شهيدن ۽ پنهنجن نيڪ ٻانهن جي ثواب جيترو ثواب ان جي نامه اعمال ۾ لکي ڇڏيندو آهي ان جا سڀ جا سڀ گناھ معاف ڪري ڇڏيندو آهي اها عورت ان ٻار وانگر پاڪ صاف ٿي ويندي آحي جنهن تازو جنم ورتو هجي الله تعالي اهڙي عورت کي ستر حج جو ثواب عطا ڪندو آهي اها عورت جڏهن پنهنجي ٻار کي کير پياريندي آهي ته الله تعالي ان کير جي هر ڍُڪ جي بدلي ان کي هڪ، هڪ نيڪي عطا ڪندو آهي حورون ان جي بخشش جي لاءِ دعا گھُرنديون آهن ۽ ان جا سڀ گناھ معاف ٿي ويندا آهن اي فاطمه سلام الله عليها ! جيڪا به عورت پنهنجي مڙس کي ڏسي ڪري منهن خراب ڪندي آهي ته الله تعالي ان تي پنهنجو ڏمر (عذاب ) نازل ڪندو آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! ڪا به عورت جيڪا پنهنجي مڙس جي ڪنهن به ڳالھ تي ”اف“ چوي ته آسمان جا سڀ ملائڪ ۽ زمين جا سڀ انسان ان تي لعنت موڪليندا آهن اي فاطمه سلام الله عليها ! جيڪا عورت پنهنجي مڙس جي هڪ درهم جيتري مدد ڪري ته الله تعالي ان کي هر درهم جي بدلي ان کي جنت ۾ هڪ محل عطا ڪندو اي فاطمه سلام الله عليها ! اگر ڪا عورت نماز پڙهي ، فقط پنهنجي لاءِ دعا گھُري ۽ پنهنجي مڙس جي لاءِ دعا نه گھُري ته الله تعالي ان جي ان نماز کي رد ڪري ڇڏيندو آهي ايتري تائين جيتري تائين هو پنهنجي مڙس جي لاءِ دعا نه گھُري اي فاطمه سلام الله عليها ! جيتري تائين مڙس پنهنجي گھرواري کان ناراض هوندو آهي ته الله تعالي به ان عورت کان ناراض رهندو آهي جڏهن ان جو شوهر راضي ٿي ويندو آهي ته الله تعالي به ان سان راضي ٿي ويندو آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! جيڪا به عورت پنهنجي مڙس جي اجازت کان بغير گھر کان ٻاهر هڪ قدم به رکي ته زمين ۽ آسمان جا سط ملائڪ ان وقت تائين لعنت موڪليندا آهن جيتري تا.ين اها گھر کان ٻاهر هوندي آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! اگر ڪا گھر واري پنهنجي مڙس کي ڏسي ان تي ٺٺول ڪري ته الله تعالي ان کان ناراض ٿي ويندو آهي اي فاطمه سلام الله عليها ! اگر ڪا عورت اهڙي گھر ۾ قدم رکي جنهن ۾ ان جو شوهر راضي نه هجي ته اهڙي عورت جي قبر ۾ ستر قسمن جا نانگ ۽ وڇون هوندا جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين ان کي ڏنگيندا رهندا اي فاطمه سلام الله عليها ! اگر ڪا عورت پنهنجي مڙس جي اجازت کان بغير مستحبي روزا رکي ته الله تعالي ان جا روزا قبول ناهي ڪندو اي فاطمه سلام الله عليها ! اگر ڪا عورت پنهنجي مڙس جي مال مان ان جي اجازت کان بغير صدقو ڏي ته خداوند عالم ان جي نامه اعمال ۾ ستر چورن جيتري سزا لکي ڇڏيندو آهي حضرت فاطمه سلام الله عليها جن سوال ڪيو ؛ بابا عورت کي ڪھڙي وقت مجاهدين (جيڪي الله جي راھ ۾ جھاد ڪندا آهن) انهن جيترو ثواب ملندو آهي؟ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته مان توکي اها خوشخبري ڏيان ته تون گھر ۾ به هجين ۽ مجاهدين جيترو ثواب به حاصل ڪرين ؟! بيبي زهرا سلام الله عليها جن فرمايو ها بابا سائين، نبي ڪريم ﷺ فرمايو جيڪا به عورت هر روز ٻه رڪعتون نماز پڙھي ۽ هر رڪعت ۾ سورت الحمد کان بعد 3 ڀيرا سورت توحيد جي تلاوت ڪري ته ان عورت مجاهدين (جيڪي راھ خدا ۾ وڙهن ٿا) انهن جيترو ثواب ملندو ( فاطمه من قبل الولاده الي بعد الاستشهاد
    منبع:
    http://www.syedah.com