islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. اٺون سیپارو

    اٺون سیپارو

    Rate this post

    6:111 – 111. ۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا.

    6:112 – 112. ۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (ته پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي مُلَمَّعۡ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا ته اھو ڪم نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاہ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي (ڏي).

    6:113 – 113. ۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) ته جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ ان کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) ته اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن.

    6:114 – 114. (اي پيغمبر چؤ ته) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱي طرح) ڄاڻندا آھن ته اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نه ٿج.

    6:115 – 115. ۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    6:116 – 116. ۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين ته توکي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.

    6:117 – 117. بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي جيڪي سندس واٽ کان ڀُلا، ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.

    6:118 – 118. پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو ته جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو.

    6:119 – 119. ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀلائين ٿا، ڇوته تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    6:120 – 120. ۽ ظاھري گناہ ۽ باطني گناہ (سڀ طرح) ڇڏي ڏيو، جيڪي گناہ ڪندا آھن سي جيڪي ڪن ٿا تنھن سببان سگھو سزا ڏبين.

    6:121 – 121. ۽ جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد نه ڪجي تنھن مان نه کائو جو اُھو (کائڻ) ضرور گُناہ آھي، ۽ شيطان پنھنجن يارن کي ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن ته اوھان سان جھيڙو ڪن، ۽ جيڪڏھن سندن چيو مڃيندؤ ته اوھين (به) ضرور مشرڪ ٿيندؤ.

    6:122 – 122. جيڪو مئل ھو تنھن کي جياريوسون ۽ اُن لاءِ سوجھرو ڪيوسون جنھن سان ماڻھن ۾ گھُمي ٿو اُھو اُن جي مثال جھڙو آھي ڇا جيڪو اونداھين ۾ آھي منجھانئس نڪرڻ وارو نه آھي، اھڙي طرح ڪافر جيڪي ڪندا آھن سو انھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.

    6:123 – 123. ۽ اھڙي طرح ھر ڳوٺ ۾ اُنھي (ڳوٺ) جا وڏيرا ھن لاءِ بدڪار ڪياسون ته اُن (ڳوٺ) ۾ فساد وجھندا رھن، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ فساد نه ڪندا آھن ۽ نه ڄاڻندا آھن.

    6:124 – 124. ۽ جڏھن وٽن ڪا آيت ايندي آھي (ته) چوندا آھن ته جھڙي (پيغمبري) الله جي پيغمبرن کي ڏني وئي آھي تھڙي جيستائين اسان کي (نه) ڏني ويندي تيسين ڪڏھن نه مڃينداسون، الله جنھن ھنڌ پنھنجي پيغمبري کي موڪلي (سو ھنڌ) چڱو ڄاڻندڙ آھي، جن ڏوہ ڪيو تن کي الله وٽان خواري ۽ سخت عذاب انھي ڪري سگھو پھچندو جو شرارتون ڪندا آھن.

    6:125 – 125. پوءِ الله جنھن کي گھرندو آھي ته ھدايت ڪري تنھن جو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي، ۽ جنھن کي ڀلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت سوڙھو ڪندو آھي جو ڄڻڪ آسمان تي چڙھي ٿو، جيڪي نه مڃيندا آھن تن تي الله اھڙي پليتي رکندو آھي.

    6:126 – 126. ۽ تنھنجي پالڻھار جي اِھا سِڌي واٽ آھي، بيشڪ اسان نشانيون انھيءَ قوم لاءِ کولي بيان ڪيون آھن جي نصيحت مڃيندا آھن.

    6:127 – 127. اُنھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھي ۽ اُھو سندن سنڀاليندڙ آھي (ھيءُ سڀ) انھيءَ ڪري (آھي) جو (چڱا) ڪم ڪندا ھوا.

    6:128 – 128. ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو، (چوندو) ته اي جنن جون ٽوليون بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ انھي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کي پُھتاسون جيڪا تون اسان لاءِ ٺھرائي، ھيءُ (الله) چوندو ته اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي ان ۾ ھميشہ رھڻ وارا ھوندؤ مگر جيڪي خُدا گھريو، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

    6:129 – 129. ۽ اھڙي طرح ظالمن مان ڪن کي ڪن مان جيڪي ڪندا آھن تنھن جي (شامت) سببان پاڻ ۾ گڏينداسون.

    6:130 – 130. ( ۽ ) اي جنّن ۽ ماڻھن جون ٽوليون اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نه آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا ته پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون ته پاڻ ڪافر ھوا.

    6:131 – 131. اھو (پيغمبر جو موڪلڻ) ھن سببان آھي ته تنھنجو پالڻھار ڪنھن ڳوٺ کي ھن حالت ۾ ظُلم سان ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نه آھي جو سندس رھاڪو بيخبر ھجن.

    6:132 – 132. ۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان انھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.

    6:133 – 133. ۽ تنھنجو پالڻھار بي پرواہ ٻاجھ وارو آھي، جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ اوھان کان پوءِ جنھن لاءِ گھري تنھن کي (اُن ھنڌ) پيڙھيءَ تي وھاري جئن اوھان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين.

    6:134 – 134. بيشڪ جيڪو انجام اوھان سان ڪجي ٿو سو ضرور اچڻو آھي اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.

    6:135 – 135. (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي ھنڌ عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته آخرت ۾ ڪنھن جي عاقبت چڱي ھوندي، سچ آھي ته ظالم نه ڇٽندا.

    6:136 – 136. ۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ھڪ حصّو (ڪافر) الله جو مقرّر ڪندا آُھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن ته ھيءُ الله جو آھي ۽ ھي اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪا (شيء) سندن بتن جي ھوندي آھي سا الله وٽ پھچي نه سگھندي آھي، ۽ جيڪا (شيء) الله جي ھوندي آھي سا سندن بتن ڏانھن وڃي سگھندي آھي، جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

    6:137 – 137. ۽ اھڙي طرح گھڻن مشرڪن لاءِ سندن شريڪن (جن کي خدا ڪري مڃيندا آھن) پنھنجي اولاد جو مارڻ سينگاريو آھي ته کين ھلاڪ ڪن ۽ سندن دين مٿن رلائي ملائي ڇڏين، ۽ جي الله گھُري ھا ته اُھو نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن کي ڇڏي ڏي.

    6:138 – 138. ۽ پنھنجي خيال سان ھي (به) چوندا آھن ته ھيءُ ڍور ۽ پوک حرام آھن جنھن لاءِ گھرون تنھن کانسواءِ ان کي ڪوئي نه کائي ۽ (چوندا آھن) ته ھڪڙن ڍورن جي پُٺي (سواريءَ لاءِ) حرام ڪئي ويئي آھي ۽ (ٻـين) ڍورن تي (ذبح وقت) الله جو نالو ياد نه ڪندا آھن (اھي ڳالھيون) الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان (ڪندا آھن) جيڪي ٺاہ ٺاھيندا آھن تنھنجي کين سگھو سزا ڏيندو.

    6:139 – 139. ۽ چوندا آھن ته جيڪي ھِنن ڍورن جي پيٽن ۾ آھي سو خلاصو اسان جي مڙسن لاءِ آھي ۽ اسان جي زالن تي حرام ڪيل آھي، ۽ جيڪڏھن مُئل ھوندو ته اُھي (سڀ) اُن ۾ ڀائيوار آھن، سندن تقرير جي کين سگھي سزا ڏيندو، بيشڪ الله حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

    6:140 – 140. جن پنھنجي اولاد کي بي سمجھائي ڪري ڄاڻپ کانسواءِ ڪُٺو ۽ جيڪي الله سندن رزق ڪيو سو الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان حرام ڪيائون سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، (اُھي) بيشڪ ڀُلا ۽ ھدايت وارا نه آھن.

    6:141 – 141. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇَٽئي وارا ۽ ريء ڇَٽئي وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦر جھلين تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

    6:142 – 142. ۽ ڍورن مان بار کڻڻ وارا ۽ زمين سان لڳل (ننڍا پيدا ڪيائين)، الله جيڪا اوھان جي روزي ڪئي آھي تنھن مان کائو ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

    6:143 – 143. (ڍور) اَٺ قسم آھن، رڍن مان ٻه ۽ ٻڪرين مان ٻه (نر ۽ ماديون) آھن، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته الله ٻنھي نرن کي حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي؟ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته مون کي دليل سان خبر ڏيو.

    6:144 – 144. ۽ اُٺن مان ٻه قسم ۽ ڳونئين مان ٻه قسم، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته نرن کي الله حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي، يا جنھن مھل الله اوھان کي اھا وصيت ڪئي ته (اُوھين) اُن وقت حاضر ھيؤ؟ پوءِ جيڪو الله ڪوڙو ٺاہ ھن لاءِ ٺاھي ته ڄاڻپ کانسواءِ ماڻھن کي ڀُلائي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    6:145 – 145. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي حُڪم مُون ڏانھن نازل ٿيا آھن تن ۾ ڪا چيز جنھن کي کائيندڙ کائي حرام نٿو لھان ھن کانسواءِ ته (اُھو) مُئل ھجي يا وھندڙ رَتُ يا سُوئر جو گوشت جو اھي (سڀ) حرام آھن يا گناہ طرح جنھن (شيء) کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي، پوءِ جيڪو لاچاري حالت ۾ نڪي بي فرمان ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿيء ( ۽ کائي) ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.

    6:146 – 146. يَھُودين تي سڀئي نَھن وارا جانور حرام ڪيا ھواسون، ۽ (پڻ) ڳئن ۽ ٻڪرين مان انھن جي پنيءَ واري لڳل وَہ يا آنڊي واري يا ھڏن سان گڏيل وھ کانسواءِ (ٻي سڀ وھ) مٿن حرام ڪئي ھئي سون، اِھا سندن بي فرمانيءَ سببان کين سزا ڏني سون، ۽ اسين ته ضرور سچ چوڻ وارا آھيون.

    6:147 – 147. پوءِ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ته چؤ ته اوھان جو پالڻھار گھڻي رحمت وارو آھي، ۽ ڏوھارڻ قوم کان سندس عذاب نه ٽاربو.

    6:148 – 148. مشرڪ سگھو چوندا ته جي الله گھري ھا ته نڪي اسين شرڪ ڪريون ھا ۽ نڪي اسان جا اَبا ڏاڏا (شرڪ ڪن ھا) ۽ نڪي اسين ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح کانئن جيڪي اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو ايتري قدر جو اسان جي سزا (جو مزو) چکيائون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان وٽ ڪو دليل آھي ته اُھو اسان لاءِ ڪڍي آڻين، (اوھين) رڳو گمان تي ھلندا آھيو ۽ اوھين رڳو اٽڪل ھڻندا آھيو.

    6:149 – 149. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي حُجّت مُحڪم آھي، جيڪڏھن گھري ھا ته ضرور اوھان مڙني کي سڌو رستو ڏيکاري ھا.

    6:150 – 150. (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجن شاھدن کي سڏيو جيڪي شاھدي ڏين ته (تون) انھن سان شاھدي نه ڏي، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي چوڻ تي نه ھل ۽ اُھي پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪن ٿا.

    6:151 – 151. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جي پالڻھار اوھان تي جيڪي حرام ڪيو آھي سو اچو ته آءٌ پڙھي ٻُڌايان (اُھو ھيء آھي ته) اوھين ڪنھن شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو، ۽ اوھين پنھنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُھو، اسين اوھانکي (به) ۽ خاص انھن کي (به) روزي ڏيندا آھيون، ۽ بي حيائي جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي تنھن (سڀ) کي (اوھين) ويجھا نه وڃو، ۽ نڪي (اھڙي) ماڻھوءَ کي ماريو جنھنجو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو ھجي، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو الله اوھان کي ڏنو آھي ته اوھين سمجھو.

    6:152 – 152. ۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي ھجي تنھن کانسواءِ ٻيءَ طرح سان يتيم جي مال کي ويجھا نه وڃو جيسين اُھو پنھنجي جوانيءَ کي پھچي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پُوري ڏيو وٺو، اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان (وڌيڪ) تڪليف نه ٿا ڏيون، ۽ جڏھن اوھين (پاڻ ۾) ڳالھايو تڏھن انصاف سان ھلو جيتوڻيڪ مائٽي وارو ھجي، ۽ الله جو انجام پاڙيو، اھو (حُڪم) اوھان کي ڏنو اٿس ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

    6:153 – 153. ۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.

    6:154 – 154. وري مُوسىٰ کي ڪتاب اُنھيءَ ماڻھو تي پنھنجي نعمت جي پوري ڪرڻ لاءِ جو ڀلارو ھجي ۽ سڀڪنھن شيء جي چٽائيءَ لاءِ ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ لاءِ ڏنوسون ته مانَ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ديدار کي مڃين.

    6:155 – 155. ھيءُ برڪت وارو ڪتاب (يعني قرآن) لاٿوسون تنھنڪري ان جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

    6:156 – 156. (ھن لاءِ لاٿوسون ته اي ڪافرؤ) متان چوڻ لڳو ته اسان کان اڳ وارين ٻن ٽولين کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) تي ڪتاب نه لاٿو ويو آھي، ۽ اسين سندس پڙھي پڙھائي کان بيخبر ھئاسون.

    6:157 – 157. يا چوڻ لڳو ته جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا ته (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھوا.

    6:158 – 158. ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته وٽن ملائڪ اچن يا تنھنجو پالڻھار اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، جنھن ڏينھن تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اينديون (تنھن ڏينھن) اھڙي ڪنھن ماڻھو کي سندس ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو جنھن اڳ ايمان نه آندو ھوندو يا پنھنجي ايمان ۾ چڱائي نه ڪئي ھوندي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته انتظار ڪريو اسين به انتظار ڪندڙ آھيون.

    6:159 – 159. جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نه آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.

    6:160 – 160. جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نه ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.

    6:161 – 161. (اي پيغمبر کين) چؤ ته منھنجي پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي آھي، جو مُحڪم دين ابراھيم حنيف (خُدا ڏانھن ھڪ طرفي) جو طريقو آھي، ۽ (ابراھيم) مُشرڪن مان نه ھو.

    6:162 – 162. (اي پيغمبر کين ھيء به) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي.

    6:163 – 163. کيس ڪو شريڪ نه آھي، ۽ مون کي ان لاءِ حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان.

    6:164 – 164. چؤ الله کانسواءِ ٻيو پالڻھار ڇو گھران؟ ۽ اُھو ھر شيء جو پالڻھار آھي، ۽ سڀڪو ماڻھو جيڪي ڪندو سو (بار) رڳو مٿس ھوندو، ۽ ڪو کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جو ھنڌ آھي پوءِ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

    6:165 – 165. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي زمين جو بادشاہ ڪيو آھي ۽ اوھان مان ڪن جا درجا ڪن کان ھن لاءِ بلند ڪيائين ته جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس تنھن ۾ اوھان کي پرکي، ڇوته تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيندڙ (به) آھي، ۽ بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.

    ——————————————————————————–
    سورة 7- الأعرَاف

    7:1 – 1. الٓمّٓصٓ.

    7:2 – 2. (اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.

    7:3 – 3. جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.

    7:4 – 4. ۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.

    7:5 – 5. پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.

    7:6 – 6. پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (به) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (به) ضرور پُڇنداسون.

    7:7 – 7. پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نه ھواسون.

    7:8 – 8. ۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا تراڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن.

    7:9 – 9. ۽ جن جا تراڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان ڇيئو لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا.

    7:10 – 10. ۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.

    7:11 – 11. ۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.

    7:12 – 12. (الله) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن ته توکي حُڪم (به) ڪيم، چيائين ته آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باہ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.

    7:13 – 13. (الله) چيو ته اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ توکي منجھس وڏائي ڪرڻ نه جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇوته تون خوار ٿيلن مان آھين.

    7:14 – 14. چيائين ته قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي.

    7:15 – 15. چيائين ته تون مُھلت ڏنلن مان آھين.

    7:16 – 16. چيائين انھيءَ سببان جو تو مونکي گمراہ ڪيو (آءٌ ته) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌي واٽ تي ضرور وھندس.

    7:17 – 17. پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نه لھندين.

    7:18 – 18. (الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار ( ۽ ) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.

    7:19 – 19. ۽ (چيوسون ته) اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ.

    7:20 – 20. پوءِ شيطان انھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو ته سندن اوگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ پڌرو ڪري ۽ چيائين ته اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان رڳو ھن ڪري جھليو آھي ته (متان) اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو.

    7:21 – 21. ۽ سُنھن کڻي انھن کي چيائين ته آءٌ (ته) اوھان جو خيرخواہ آھيان.

    7:22 – 22. پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (ته) سندين اوگھڙ کين پڌري ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن ھڪ ٻئي سان ڳنڍي پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار انھن کي سڏيو ( ۽ چيائين ته) اوھان کي ھن وڻ کان نه جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟

    7:23 – 23. چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نه ڪندين ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسين.

    7:24 – 24. (الله) فرمايو ته ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ھڪ) وقت تائين (ٺھرايل) آھي.

    7:25 – 25. (الله) چيو ته اوھين ان ۾ حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ.

    7:26 – 26. اي آدم جي اولاد تحقيق اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اوگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.

    7:27 – 27. اي آدم جا اولاد شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح خرابيءَ ۾ نه وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي ته کين سندين اوگھڙ ڏيکاري، سچ آھي ته اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين انھن کي نه ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نه مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي.

    7:28 – 28. ۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    7:29 – 29. چؤ ته منھنجي پالڻھار انصاف جو حُڪم ڪيو آھي، ۽ (حُڪم ڪيو اٿس ته) پنھنجا مُنھن سڀڪنھن نماز مھل (الله ڏانھن) سِڌا ڪريو ۽ اُن لاءِ سچا فرمانبردار ٿي سندس عبادت ڪريو، جئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تئن (اوھين) موٽندؤ.

    7:30 – 30. ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇوته اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن ته پاڻ ھدايت وارا آھن.

    7:31 – 31. اي آدم جا اولاد سڀڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

    7:32 – 32. (اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ ( ۽ ) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون.

    7:33 – 33. (اي پيغمبر) چؤ ته منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناہ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙي شيء کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حُجّت نه لاٿي اٿس ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو اوھان جو الله تي چوڻ اھي ئي حرام ڪيون آھن.

    7:34 – 34. ۽ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي، پوءِ جڏھن سندن مُدّت پھچندي (ته) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.

    7:35 – 35. (چيو ويو ته) اي آدم جا اولاد جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    7:36 – 36. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ ان جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

    7:37 – 37. جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حِصّو (سُک ۽ ڏُک جو) ملندو رھندو، ايتري قدر جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن رُوح ڪڍڻ لاءِ ايندا چوندا ته اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ (تنھن مھل چوندا) ته اسان کان لڪي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا ته پاڻ ڪافر ھوا.

    7:38 – 38. (الله) چوندو ته اُنھي ٽولي سان دوزخ ۾ گھڙو جيڪي اوھان کان اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا، جنھن مھل ھڪ ٽولي پئي گھڙندي تنھن مھل پنھنجي سنگت تي لعنت پئي ڪندي، تان جو جڏھن منجھس مڙئي گھڙندا ته (اُن وقت) سندين پوئين ٽولي پنھنجي پھرين ٽوليءَ لاءِ چوندي ته اي اسانجا پالڻھار ھنن اسان کي گمراہ ڪيو ھو تنھنڪري اُنھن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي، (الله) چوندو ته سڀڪنھن لاءِ ٻيڻو عذاب آھي پر اوھين نه ٿا ڄاڻو.

    7:39 – 39. ۽ منجھانئن پھرين (ٽولي) اُنھن مان پوئينءَ لاءِ چوندي ته اسان تي اوھان جي ڪا وڏائي نه آھي تنھنڪري جيڪي ڪمايو ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.

    7:40 – 40. جن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئي جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون.

    7:41 – 41. اُنھن لاءِ وڇاڻو (به) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (به دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.

    7:42 – 42. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف ڏيندا ئي نه آھيون، اُھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    7:43 – 43. ۽ جيڪو غير سندين دلين ۾ ھوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون سندين (ماڙين جي) ھيٺان واھيون پيون وھنديون، ۽ چوندا ته سڀ ساراہ انھي کي جڳائي جنھن اسان کي ھن (بھشت) ڏانھن رستو لاتو، جيڪڏھن الله اسان کي ھدايت نه ڪري ھا ته ڪڏھن اسين ھدايت نه لھون ھا، بيشڪ اسان وٽ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ وٺي آيا، ۽ سڏيو ويندو ته ھي بھشت (اوھان کي ڏنو ويو) اُن جا اُنھيءَ سببان (اوھين) وارث آھيو جو (چڱائي) ڪندا ھيؤ.

    7:44 – 44. ۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي.

    7:45 – 45. جيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ ان جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نه مڃيندڙ ھوا.

    7:46 – 46. ۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي اَلسّلَامُ عَلَيۡڪُمۡ چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نه گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا.

    7:47 – 47. ۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (ته) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نه ڪر.

    7:48 – 48. ۽ اَعراف وارا جن مُڙسن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا ته اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ به نه ٽاريو.

    7:49 – 49. ھيءُ اُھي (ماڻھو) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ ته الله مٿن ٻاجھ نه ڪندو، (کين چئبو ته) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ.

    7:50 – 50. ۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) ته ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا ته اُھي ٻئي ڪافرن تي الله حرام ڪيا آھن.

    7:51 – 51. جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.

    7:52 – 52. ۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون ( ۽ ) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن.

    7:53 – 53. (ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته اُن (جي وعدہ) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو سي چوندا ته بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون ته جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي ڇيئو لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.

    7:54 – 54. اوھان جو پالڻھار اھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجه ٿيو، رات کي ڏينھن سان ڍڪيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.

    7:55 – 55. پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو، ڇوته اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

    7:56 – 56. ۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي.

    7:57 – 57. ۽ اُھو (الله) آھي جو ھوائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، ايتري قدر جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيہ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ انھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙي طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

    7:58 – 58. ۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اَدنىٰ آھي (تنھن جا سَلَا) خراب سَلَن کان سواءِ ٻيا نه ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون.

    7:59 – 59. بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.

    7:60 – 60. سندس قوم جي سردارن چيو ته اسين توکي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا.

    7:61 – 61. چيائين ته اي منھنجي قوم مون کي ڪا گمراھي ڪانه آھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.

    7:62 – 62. اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    7:63 – 63. اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا ته اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري ۽ تان ته اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

    7:64 – 64. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھُيا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ اسان جي آيتن کي جن ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇوته اُھا انڌي قوم ھُئي.

    7:65 – 65. ۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    7:66 – 66. سندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو ته اسين بلاشڪ توکي بي سمجھيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.

    7:67 – 67. چيائين ته اي منھنجي قوم مونکي ڪابه بي سمجھي ڪونھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.

    7:68 – 68. اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايان آءٌ اوھان لاءِ امين نصيحت ڪندڙ آھيان.

    7:69 – 69. (ھِن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا جو اوھان جي پالڻھار کان اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان سمجھاڻي ھن لاءِ اوھان وٽ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري؟ ۽ (اوھين اُھو وقت به) ياد ڪريو جڏھن اوھان کي نُوح جي قوم کان پوءِ (سندن) پيڙھي تي وھاريائين ۽ اوھان جي جُسن ۾ سگھ وڌايائين، تنھنڪري الله جون نعمتون ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.

    7:70 – 70. چيائون ته (تون) ھن لاءِ اسان وٽ آيو آھين ڇا؟ ته رڳو ھڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ اسانجا ابا ڏاڏا جن کي پوڄيندا ھئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏھن تون سچو آھين ته جنھن (عذاب) کان اسانکي ڊيڄارين ٿو سو آڻ.

    7:71 – 71. چيائين ته بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (انھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن جي مڃڻ بابت الله ڪو دليل نه لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.

    7:72 – 72. پوءِ ان کي ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون ۽ اُھي مؤمن نه هُئا.

    7:73 – 73. ۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالِح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (ته) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نه پُھچائجو نه ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو.

    7:74 – 74. ۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين ( ۽ ) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.

    7:75 – 75. سندس قوم مان وڏائي ڪندڙ سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو ته اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا ته صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي، اُنھن چيو ته جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون.

    7:76 – 76. وڏائي ڪندڙن چيو ته جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون.

    7:77 – 77. پوءِ ڏاچيءَ جون کُچون ڪپي ڇڏيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالِح جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين ته جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ.

    7:78 – 78. پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪرڻ وارا ٿيا.

    7:79 – 79. پوءِ (صالِح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آھيو.

    7:80 – 80. ۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ به نه ڪئي آھي؟

    7:81 – 81. جو اوھين زالن کي ڇڏي مڙسن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.

    7:82 – 82. ۽ سندس قوم جي ورندي ھن کانسواءِ نه ھُئي ته اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇوته اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن.

    7:83 – 83. پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي.

    7:84 – 84. ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي.

    7:85 – 85. ۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.

    7:86 – 86. ۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نه وھو ته جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو ته فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي.

    7:87 – 87. ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ انھن کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نه مڃيو آھي ته (اوھان کي جڳائي ته ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي.