islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. اڻویهون سیپارو

    اڻویهون سیپارو

    2 (40%) 1 vote

    25:21 – 21. ۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته اسان تي ڇو نه ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نه ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن جيئن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون.

    25:22 – 22. جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آھي ۽ چوندا ته (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو.

    25:23 – 23. ۽ جيڪو ڪو عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين مھاڙ ڪنداسون پوءِ اُن کي پڻي ڪري ڇڏينداسون.

    25:24 – 24. اُنھيءَ ڏينھن بھشتي رھڻ جي جاءِ ڪري ڀلا ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ ڪري تمام چڱا ھوندا.

    25:25 – 25. ۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا.

    25:26 – 26. اُن ڏينھن سچي حڪومت الله جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو.

    25:27 – 27. ۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چٻيندو چوندو ته ھَيء اَرمان (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا (ته چڱو ھو).

    25:28 – 28. ھَيء ھَيء ارمان جيڪر فلاڻي کي دوست نه وٺان ھا.

    25:29 – 29. بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن پڄاڻا ھن مون کي اُن کان گمراہ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي.

    25:30 – 30. ۽ پيغمبر چوندو ته اي منھنجا پالڻھاربيشڪ منھنجي قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو.

    25:31 – 31. ۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي.

    25:32 – 32. ۽ ڪافر چون ٿا ته پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ اھڙي طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، ته اُن سان تنھنجي دل کي مُحڪم ڪريون ۽ اُھو آھستو آھستو پڙھي ٻڌايوسون.

    25:33 – 33. ۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نه ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ ڏاڍو چڱو بيان تو وٽ نه ٿا آڻيون.

    25:34 – 34. جيڪي پنھنجي منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي ڪري تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.

    25:35 – 35. ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون.

    25:36 – 36. پوءِ چيوسون ته (ٻئي) اُنھي قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون.

    25:37 – 37. ۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو (تڏھن) کين ٻوڙيوسون ۽ کين ماڻھن لاءِ نشاني ڪئي سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون.

    25:38 – 38. ۽ عادين ۽ ثمودين ۽ رَس وارن ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي (ناس ڪيوسون).

    25:39 – 39. ۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي ناس ڪيوسون (جئن) ناس ڪرڻ گھرجي.

    25:40 – 40. ۽ بيشڪ (ڪافر) اُن ڳوٺ وٽان ٿي آيا آھن جنھن تي (پٿرن جو) بڇڙو مينھن وسايو ويو ھو، اُن کي نه ٿي ڏٺائون ڇا؟ بلڪ اُھي وري جيئري ٿيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.

    25:41 – 41. ۽ جڏھن توکي ڏسن ٿا (تڏھن) توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا، (چون ٿا ته) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي.

    25:42 – 42. بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀلائي ڇڏي ھا جيڪڏھن اسين مٿن مُحڪم نه رھون ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا ته واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي.

    25:43 – 43. (اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟

    25:44 – 44. ڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.

    25:45 – 45. (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا ته پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ جيڪڏھن گھري ھا ته اُن کي ٺھرائي ڇڏي ھا، وري سج کي مٿس (پنھنجي قدرت جو) دليل ڪيوسون.

    25:46 – 46. وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جئن) سوڙھو ڪرڻ گھرجي.

    25:47 – 47. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي اُٿڻ جو وقت ڪيائين.

    25:48 – 48. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون

    25:49 – 49. ته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون.

    25:50 – 50. ۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون ته نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن.

    25:51 – 51. ۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته سڀڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا.

    25:52 – 52. پوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ اُن (قرآن) جي حُڪم سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر.

    25:53 – 53. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھي (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مُحڪم پردو بڻايائين.

    25:54 – 54. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھي ۽ سيڻپيءَ جي مائٽي وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي.

    25:55 – 55. ۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جي کين نڪي سُک ڏين ۽ نڪي کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي.

    25:56 – 56. ۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي.

    25:57 – 57. (کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀلي ته وٺي).

    25:58 – 58. ۽ (اي پيغمبر تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر جيڪو (ڪڏھن) نه مرندو ۽ سنديس ساراہ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي.

    25:59 – 59. جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ.

    25:60 – 60. ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن ته رَحمٰن ڇا آھي جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين؟ تنھن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (اُنھي ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي.

    25:61 – 61. اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن آسمان ۾ برج بڻايائين ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو.

    25:62 – 62. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پوئتان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھو) لاءِ بڻايو جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو گھري.

    25:63 – 63. ۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوَڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته سلامت ھجو (شال).

    25:64 – 64. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن.

    25:65 – 65. ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي.

    25:66 – 66. بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.

    25:67 – 67. ۽ اُھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن.

    25:68 – 68. ۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اُھو ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو.

    25:69 – 69. قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو.

    25:70 – 70. پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    25:71 – 71. ۽ جيڪو توبه ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن وري موٽي ٿو.

    25:72 – 72. ۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نه ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن.

    25:73 – 73. ۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (ته) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آھن.

    25:74 – 74. ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر.

    25:75 – 75. اِھي (اُھي) آھن جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض ۾ ڏبيون ۽ اُن ۾ چڱي دُعا ۽ سلام پھچائبن.

    25:76 – 76. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ چڱو ۽ رھڻ جو ھنڌ چڱو آھي.

    25:77 – 77. (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله کي) اوھان جو سڏڻ نه ھجي ته منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نه آھي، بيشڪ اوھان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري سگھو اوھان لاءِ عذاب لازم ٿيندو.

    ——————————————————————————–
    سورة 26- الشُّعَرَاء

    26:1 – 1. طٰسٓمّٓ.

    26:2 – 2. ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

    26:3 – 3. متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين.

    26:4 – 4. جيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين.

    26:5 – 5. ۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن.

    26:6 – 6. پوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا.

    26:7 – 7. زمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟

    26:8 – 8. بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن.

    26:9 – 9. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:10 – 10. ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ.

    26:11 – 11. جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟

    26:12 – 12. مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين.

    26:13 – 13. ۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل.

    26:14 – 14. ۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين.

    26:15 – 15. (الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون.

    26:16 – 16. تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون.

    26:17 – 17. ته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل.

    26:18 – 18. فرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي.

    26:19 – 19. ۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين.

    26:20 – 20. (موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس.

    26:21 – 21. پوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين.

    26:22 – 22. ۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي.

    26:23 – 23. فرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟

    26:24 – 24. (موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو.

    26:25 – 25. (فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟

    26:26 – 26. (مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

    26:27 – 27. (فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي.

    26:28 – 28. (مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي).

    26:29 – 29. (فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس.

    26:30 – 30. (مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟

    26:31 – 31. (فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ.

    26:32 – 32. پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي.

    26:33 – 33. ۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو.

    26:34 – 34. (فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي.

    26:35 – 35. (ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟

    26:36 – 36. چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل.

    26:37 – 37. ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين.

    26:38 – 38. پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا.

    26:39 – 39. ۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟

    26:40 – 40. جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون.

    26:41 – 41. پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!).

    26:42 – 42. (فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ.

    26:43 – 43. کين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو.

    26:44 – 44. پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون.

    26:45 – 45. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي.

    26:46 – 46. پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا.

    26:47 – 47. چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.

    26:48 – 48. (جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي.

    26:49 – 49. (فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس.

    26:50 – 50. چيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.

    26:51 – 51. بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون.

    26:52 – 52. ۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا.

    26:53 – 53. پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا.

    26:54 – 54. (چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن.

    26:55 – 55. ۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي.

    26:56 – 56. ۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون.

    26:57 – 57. (الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون.

    26:58 – 58. ۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به).

    26:59 – 59. اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون.

    26:60 – 60. پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا.

    26:61 – 61. پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا.

    26:62 – 62. (موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو.

    26:63 – 63. پوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو.

    26:64 – 64. ۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون.

    26:65 – 65. ۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين.

    26:66 – 66. وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون.

    26:67 – 67. بيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    26:68 – 68. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:69 – 69. ۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ.

    26:70 – 70. جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟

    26:71 – 71. چيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون.

    26:72 – 72. (ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟

    26:73 – 73. يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟

    26:74 – 74. چيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون.

    26:75 – 75. (ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟

    26:76 – 76. اوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا.

    26:77 – 77. بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن.

    26:78 – 78. جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

    26:79 – 79. ۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي.

    26:80 – 80. ۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي.

    26:81 – 81. ۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.

    26:82 – 82. ۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو.

    26:83 – 83. اي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.

    26:84 – 84. ۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر.

    26:85 – 85. ۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر.

    26:86 – 86. ۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي.

    26:87 – 87. ۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج.

    26:88 – 88. جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا.

    26:89 – 89. پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو.

    26:90 – 90. ۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو.

    26:91 – 91. ۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو.

    26:92 – 92. ۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ.

    26:93 – 93. الله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا.

    26:94 – 94. پوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا.

    26:95 – 95. ۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا).

    26:96 – 96. ۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا.

    26:97 – 97. ته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون.

    26:98 – 98. جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون.

    26:99 – 99. ۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو.

    26:100 – 100. پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي.

    26:101 – 101. ۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي.

    26:102 – 102. پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون.

    26:103 – 103. بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن.

    26:104 – 104. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:105 – 105. نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

    26:106 – 106. جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو.

    26:107 – 107. بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

    26:108 – 108. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:109 – 109. ۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    26:110 – 110. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:111 – 111. چيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي.

    26:112 – 112. (نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن.

    26:113 – 113. جيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي.

    26:114 – 114. ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان.

    26:115 – 115. آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    26:116 – 116. چيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين.

    26:117 – 117. (نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو.

    26:118 – 118. تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ.

    26:119 – 119. پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون.

    26:120 – 120. وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون.

    26:121 – 121. بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا.

    26:122 – 122. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:123 – 123. عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو.

    26:124 – 124. جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    26:125 – 125. بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

    26:126 – 126. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:127 – 127. ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    26:128 – 128. سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟

    26:129 – 129. ۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ.

    26:130 – 130. ۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو.

    26:131 – 131. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:132 – 132. ۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو.

    26:133 – 133. اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس.

    26:134 – 134. ۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به.

    26:135 – 135. بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

    26:136 – 136. چيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين.

    26:137 – 137. اِھا اڳين جي ئي عادت آھي.

    26:138 – 138. ۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون.

    26:139 – 139. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    26:140 – 140. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:141 – 141. ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

    26:142 – 142. جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    26:143 – 143. بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

    26:144 – 144. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:145 – 145. ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    26:146 – 146. اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو) ؟

    26:147 – 147. باغن ۽ چشمن ۾.

    26:148 – 148. ۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن.

    26:149 – 149. ۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو.

    26:150 – 150. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:151 – 151. ۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو.

    26:152 – 152. جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن.

    26:153 – 153. چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

    26:154 – 154. تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ.

    26:155 – 155. (صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي.

    26:156 – 156. ۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو.

    26:157 – 157. پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا.

    26:158 – 158. پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    26:159 – 159. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:160 – 160. لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

    26:161 – 161. جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    26:162 – 162. بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

    26:163 – 163. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:164 – 164. ۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    26:165 – 165. جھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟

    26:166 – 166. ۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.

    26:167 – 167. چيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين.

    26:168 – 168. لُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان.

    26:169 – 169. اي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ.

    26:170 – 170. پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون.

    26:171 – 171. سواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي.

    26:172 – 172. وري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون.

    26:173 – 173. ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي.

    26:174 – 174. بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    26:175 – 175. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:176 – 176. (شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

    26:177 – 177. جڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟

    26:178 – 178. بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

    26:179 – 179. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    26:180 – 180. بيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    26:181 – 181. ماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو.

    26:182 – 182. ۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.

    26:183 – 183. ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.

    26:184 – 184. ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو.

    26:185 – 185. چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

    26:186 – 186. ۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.

    26:187 – 187. جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ.

    26:188 – 188. (شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    26:189 – 189. پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو.

    26:190 – 190. بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    26:191 – 191. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    26:192 – 192. ۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي.

    26:193 – 193. اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو.

    26:194 – 194. تنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.

    26:195 – 195. (جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي.

    26:196 – 196. ۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

    26:197 – 197. اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا.

    26:198 – 198. ۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا.

    26:199 – 199. پوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا.

    26:200 – 200. اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون.

    26:201 – 201. اُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا.

    26:202 – 202. پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.

    26:203 – 203. پوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟

    26:204 – 204. پوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟

    26:205 – 205. ڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون.

    26:206 – 206. وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين.

    26:207 – 207. ته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو.

    26:208 – 208. ۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا.

    26:209 – 209. نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون.

    26:210 – 210. ۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي.

    26:211 – 211. ۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن.

    26:212 – 212. بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن.

    26:213 – 213. تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين.

    26:214 – 214. ۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار.

    26:215 – 215. ۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر).

    26:216 – 216. پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.

    26:217 – 217. ۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر.

    26:218 – 218. جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو.

    26:219 – 219. ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو.

    26:220 – 220. بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    26:221 – 221. اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟

    26:222 – 222. سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.

    26:223 – 223. جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن.

    26:224 – 224. ۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن.

    26:225 – 225. نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن.

    26:226 – 226. ۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن.

    26:227 – 227. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا.

    ——————————————————————————–
    سورة 27- النَّمل

    27:1 – 1. طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

    27:2 – 2. اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.

    27:3 – 3. جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.

    27:4 – 4. بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.

    27:5 – 5. اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.

    27:6 – 6. ۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.

    27:7 – 7. (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.

    27:8 – 8. پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.

    27:9 – 9. (چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.

    27:10 – 10. ۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.

    27:11 – 11. پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.

    27:12 – 12. ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.

    27:13 – 13. پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.

    27:14 – 14. ۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.

    27:15 – 15. ۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.

    27:16 – 16. ۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.

    27:17 – 17. ۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.

    27:18 – 18. تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.

    27:19 – 19. پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.

    27:20 – 20. ۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟

    27:21 – 21. ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.

    27:22 – 22. پوءِ گھڻو نه ترسيو ته (اچي) چيائين ته اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي توکي ڪا سُڌ نه ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تووٽ آندي اٿم.

    27:23 – 23. بيشڪ مون ھڪ زال ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي ھڪ وڏو تخت (به) آھي.

    27:24 – 24. کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان انھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن.

    27:25 – 25. (اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.

    27:26 – 26. الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي.

    27:27 – 27. (سليمان) چيو ته ڏسنداسين ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين.

    27:28 – 28. ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل وري کانئن منھن ڦيراءِ پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ورندي ڏين؟

    27:29 – 29. (بلقيس خط ڏسي) چيو ته اي سردارؤ مون ڏانھن سڳورو خط اڇليو ويو آھي.

    27:30 – 30. بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي.

    27:31 – 31. (ھن مضمون سان لکيل آھي) ته منھنجي آڏو وڏائي نه ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو.

    27:32 – 32. (بلقيس وري) چيو ته اي سردارؤ منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، آءٌ ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نه آھيان جيسين اوھين حاضر (نه) ٿيندا آھيو.

    27:33 – 33. چيائون ته اسين زور وارا ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ (سڀڪو) ڪم توکي (وس ۾) آھي پوءِ نھار ته ڇا ٿي حُڪم ڪرين.

    27:34 – 34. چيائين ته بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانَ وارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ائين ئي ڪندا آھن.

    27:35 – 35. ۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسان ته قاصد ڇا سان موٽن ٿا.

    27:36 – 36. پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو ته اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ جو جيڪي مونکي الله ڏنو آھي سو انھيءَ کان ڀلو آھي جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿيو ٿا.

    27:37 – 37. (سندن سوغاتن سميت) انھن ڏانھن موٽي وڃ (اسين) بيشڪ اھڙا ڪٽڪ وٽن آڻينداسون جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نه ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي خوار ھوندا.

    27:38 – 38. (سليمان) چيو ته اي سردارؤ اوھان مان ڪير انھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ مون وٽ سندس تخت آڻيندو؟

    27:39 – 39. جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو ته تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس، ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان.

    27:40 – 40. (ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو (تنھن) چيو ته تنھنجي نگاھ جي توڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين ته ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) ته مونکي پرکي ته شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو، ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي ته منھنجو پالڻھار بي پرواہ ڪرم ڪندڙ آھي.

    27:41 – 41. (سُليمان) چيو ته اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ مٽايو ته ڏسون ته سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي جيڪي نه سڃاڻن؟

    27:42 – 42. پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو ته تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين ته ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائي بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني وئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون.

    27:43 – 43. ۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي.

    27:44 – 44. اُن کي چيو ويو ته محلات ۾ گھِڙ پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمانؑ) چيو ته اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم.

    27:45 – 45. ۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ اُھي اُن مھل ٻه ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪنديون رھيون.

    27:46 – 46. (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم اوھين چڱائيءَ کان اڳ تڪڙو عذاب ڇو گھرندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇونه ٿا گھرو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.

    27:47 – 47. چيائون ته توکي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو ته اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي بلڪ اوھين قوم پرکبؤ.

    27:48 – 48. ۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھوا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھوا ۽ سُڌارو نه ڪندا ھوا.

    27:49 – 49. اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو ته صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون وري سندس وارث کي ضرور چونداسون ته (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نه ھواسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون.

    27:50 – 50. ۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (به) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھوا.

    27:51 – 51. پوءِ (اي پيغمبر) نھار ته سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جو اسان کين ۽ سندن ساري قوم کي ناس ڪيو.

    27:52 – 52. پوءِ اُنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون اُھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي.

    27:53 – 53. ۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسون.

    27:54 – 54. ۽ لُوط کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين بي حيائي (جو ڪم) ڪندا آھيو ڇا؟ ۽ اوھين ڏسندا (به) آھيو.

    27:55 – 55. ڇا اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو.