islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. بيت المقدس تاريخ جي روشني ۾ :

    بيت المقدس تاريخ جي روشني ۾ :

    Rate this post

    تاريخي شاهدن مطابق هن شهرکي ڪنعاني عربن آباد ڪيو اهي ئي ماڻهو بيت المقدس جا پراڻا رهاڪو ڄا تا وڃن ٿا. تاريخ ۾ آهي ته حضرت عيسى جي ولادت کان پهريان 3 يا 4 هزار سال پهريان عربن جي ” آموري“ ۽ ”ڪنعان“ نالي ٻن قبيلن شام جو سفر ڪيو ڪنعاني فلسطين ۾۽ آموري شام ۾ رهيا. هڪ جرمن دانشمند مورتڪات ڪنعانين جي باري ۾ بيان ڪيو آهي شام جي سامونڊي ڪناري واري علائقي جي وچ مان آثار قديمه جي مليل شين مان ظاهر ٿئي ٿو ته شامي نسل جا ڪجهه ماڻهو حضرت عيسى جي ولادت کان پهريان گهٽ۾گهٽ 3 هزارسال پهريان آباد هيا جن جو نالو ڪنعان هئو.ڪنعانين جوسڀ کان وڌيڪ”يبوس قلعو“ مشهورهو. اهي هاڻوڪي بيت المقدس ۾آباد ٿيا ۽ يبوس شهر (قدس) جي بنياد رکي. هن شهر جي بنياد يبوس شهر جي بادشاهه ”ملڪ صادق“ رکي جيئن ته اتان جو بادشاهه صلح ۽ امن پسند هو ان ڪري هڪ عرصي کان پوءِ اتان جي رهاڪن يبوس جونالو بدلائي ان جو نالو”اورسالم“ رکيو.
    تاريخ ۾ آهي ته شهر”اورسالم“ مختلف دورن ۾الله تعالى جي نبي جيئن حضرت دائود ۽ ان جي فرزند حضرت سليمان جي حڪومت جو مرڪز۽گاديءَ جوهنڌ رهيو آهي. حضرت داوود حضرت عيسى جي ولادت کان هڪ هزارسال پهريان هزارين سپاهين جي مدد سان هن شهر کي فتح ڪيو ۽ ان جو نالو داوود ”شهر“ رکيو.
    حضرت داوود کانپوءِ حضرت سليمان کي بادشاهي ملي ان پنهنجي عبادتگاه” موربا جبل“ تي ٺاهي ان تاريخ کان وٺي ڪيترن ئي صدين تائين” اورسالم“ حضرت داوود جي خاندان وٽ رهيو. حضرت سليمان جي عباتگاه سن 424 عيسوي تائين باقي هئي ايستائين جو مصر جو بادشاهه ”شقيق“ پنھنجي حڪومت ۾ان کي تباهه ڪيو.
    بيت المقدس جوبنياد ڪنعانين هٿان رکيو ويو، الله تعالى جي نبين حضرت داوود  ۽ حضرت سليمان  جي حڪومت جو مرڪز رهڻ کانپوءِ خاص اهيت وارو آهي ۽ تاريخي شهرت وارو آهي شايد انهيءَ ڪري هن شهر جي ٺاهڻ جي نسبت حضرت سليمان عليه السلام ڏانهن ڏني وئي آهي جيتو ڻيڪ تاريخي لحاظ کان هن شهر جو قديم ۽ پراڻو هجڻ حضرت سليمان جي دورحڪومت کان پهريان آهي. تاريخ مطابق بيت المقدس جي بنياد رکجڻ کان پوءِ 5 هزارسال جي عرصي ۾هي شهر 14 سوسال جي عرصي ۾”يبوسن“ يعني ڪتابن ڪنعانين جي هٿ ۾هيو جيڪي جزيرة العرب (عربستان) مان آيا هئا ۽ ان جا اصلي باني آهن ان کانپوءِ (چئن) صدين تائين اسرائيل جي هٿ ۾رهيو. ڪجهه عرصو ايرانين جي قبضي ۾ رهيو، ٻه صديون يونانين اشڪانين جي قبضي ۾۽ چار صديون رومين جي قبضي ۾رهيو. ان سڄي تبديلي جي با وجود شهرجا اصل رهاڪو يعني ڪنعاني اتي ئي رهيا. تاريخي ڪتابن ۾ آهي ته يهودي فلسطيني سرزمين ۾حضرت عيسى جي ولادت کان هڪ هزار سال پهريان داخل ٿيا، يهودي اردن جو واهه ٽپي ڪري زوريءَ هن علائقي تي قبضو ڪيو. سن 1020 عيسوي تاريخ کان پهريان انهن جي حڪومت جي بنياد رکي وئي. حضرت سليمان کان پوءِ يهودي حڪومت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، اتر ۾اسرائيل حڪومت ۽ ڏکڻ ۾ يهودي حڪومت ٺهي اهڙي طرح فارس ۽ بابل جي جنگ دوران بيت المقدس ايرانين جي قبضي ۾ آيو، ستين صدي عيسوي ۾ساساني بادشاهه ”خسرو پرويز“ بيت المقدس تي قبضو ڪيو.