islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. بيت المقدس جي فضيلت قرآن جي روشنيءَ ۾

    بيت المقدس جي فضيلت قرآن جي روشنيءَ ۾

    Rate this post

    قرآن مجيد بيت المقدس ۽ مسجد الاقصى جي اهميت ۽ فضيلت جي باري ۾ ارشاد فرمائي ٿو :

    سُبحن الّذي اسرى بِعَبدِهِ لَيلاً مِن المَسجِدِ الحَرَامِ الى المَسجِدِ الاقصَا الّذي بَرَکنا حَولَه ، لِنُرِيَهُ مِن آيَتِنَا انّهُ ، هُوَ السَّمِيعُ البَصِير .(1)

    هي آيت شريف حضور سائين صلى الله عليه و آله وسلم جي معراج واري واقعي کي بيان ڪري رهي آهي هن آيت جي روشنيءَ ۾ حضور سائين صلى الله عليه و آله وسلم جي معراج واري سفر جي شروعات مسجدالحرام ۽ هن مقدس (پاڪ) سفر جي زميني انتهاء (ختم ٿيڻ) مسجدالاقصى آهي جيڪا تاريخي شهر بيت المقدس ۾ آهي
    مسجدالاقصى اها پاڪ جڳهه آهي جيڪا يهودين جو قبلو هئي ۽ مسلمانن 13 سال مڪي ۾ ۽ هجرت کانپوءِ 17 مهينه ان طرف منهن ڪري نماز پڙهي آهي ان ڪري مسجدالاقصى کي مسلمانن جو پهريون قبلو چوندا آهن . الله تعالى هن آيت ۾ ارشاد فرمائي ٿو : اسان هن سر زمين جي چار طرف کي برڪت وارو ڪيو آهي . ان برڪت مان مراد ڇا آهي .

    مفسران ٻه احتمال ڏنا آهن

    1_ٿي سگهي ٿو ته ”بارکنا حوله“ جو هن زمين جي ظاهري برڪتن ڏانهن اشارو هجي ڇاڪاڻ ته هي زمين سر سبز وڻن سان ڀريل ، وهندڙ پاڻي ۽ آبادي واري علائقي ۾ آهي .

    2_ ٿي سگهي ٿو هي جملو ان زمين جي معنوي برڪتن ڏانهن اشارو هجي ڇو جو هي زمين عظمت وارن نبين جو وطن (گهر) توحيد جي نور ۽ الله تعالى جي عبادت جو گهر آهي .

    ان ڪري قرآن ڪريم ۾ ان سر زمين جي شرافت بيان ڪئي وئي آهي . بيت المقدس جون ظاهري ۽ معنوي برڪتون ان ڪري آهن جو الله تعالى جي نبين عليهم السلام جي رهڻ جي جاءِ حضور سائين صلى الله عليه و آله وسلم جن جي معراج گاه آهي ، ان جي چار طرف برڪتون ظاهر آهن ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي .

    بيت المقدس روايتن جي روشنيءَ ۾

    بيت المقدس پرڻي زماني کان الله جي نبين عليهم السلام جو شهر رهيو آهي ۽ ان کي نبين جي شهر سان ياد ڪيو ويو آهي . مسلمانن جو پهريون قبلو خاص فضيلت وارو آهي ، جن (فضيلتن) ان شهر کي ٻين کان ممتاز ڪيو آهي . ان ڪري معصومين عليهم السلام ان ڏانهن خاص توجه ڏني آهي . معصومين عليهم السلام هن شهر جون ڪجھ خاصيتون بيان ڪيون آهن . جن طرف اشارو ڪجي ٿو .

    الف : دعا جو قبول ٿيڻ

    حضرت امام علي عليه السلام مسجد الاقصى ڏانهن ويندڙ هڪ صحابيءَ کي فرمايو مشڪلن ۾ گرفتار ۽ مبتلا شخص ان بيت المقدس ۾ دعا گهرندو ته الله تعالى ان جي دعا قبول ڪندو ۽ ان جي مشڪلن کي ختم ڪري ڇڏيندو .

    ب : بيت المقدس هڪ بهشتي محل

    حضرت امام علي عليه السلام ارشاد فرمايو : دنيا ۾ چار مقام جنت جا محل آهن . مسجدالحرام ، مسجدالنبي ، مسجدالاقصى ، مسجد ڪوفه

    ج : مسجد بيت المقدس چئن چونڊيل مسجدن مان هڪ

    امام محمد باقر عليه السلام ابو حمزه ثمالي کي فرمايو : چار مسجدون آهن ، مسجدالحرام ، مسجدالنبي ، مسجد بيت المقدس (مسجدالاقصى) ۽ ڪوفي جي مسجد ، اي ابو حمزه ثمالي ! انهن مسجدن ۾ هڪ واجب نماز پڙهڻ جو ثواب هڪ حج جيترو آهي ۽ هڪ سنت نماز پڙهڻ جو ثواب هڪ عمري جي برابر آهي
    .
    د : بيت المقدس تاريخ جي روشنيءَ ۾

    تاريخي شاهدن مطابق هن شهر کي ڪنعاني عربن آباد ڪيو اهي ئي ماڻهو بيت المقدس جا پراڻا رهاڪو ڄاتا وڃن ٿا . تاريخ ۾ آهي ته حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت کان 3 يا 4 هزار سال پهريان عربن جي ” آموري “ ۽ ” ڪنعان “ نالي ٻن قبيلن شام جو سفر ڪيو ڪنعاني فلسطين ۾ ۽ آموري شام ۾ رهيا . هڪ جرمن دانشمند مورتڪات ڪنعانين جي باري ۾ بيان ڪيو آهي . شام جي سامونڊي ڪناري واري علائقي جي وچ مان آثار قديمه جي مليل شين مان ظاهر ٿئي ٿو ته شامي نسل جا ڪجھ ماڻهو حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار سال پهريان آباد هئا جن جو نالو ڪنعان هئو . ڪنعانين جو سڀ کان وڌيڪ ” يبوس قلعو “ مشهور هو . اهي هاڻوڪي بيت المقدس ۾ آباد ٿيا ۽ يبوس شهر (قدس) جي بنياد رکي . هن شهر جي بنياد يبوس شهر جي بادشاهه ” ملڪ صادق “ رکي جيئن ته اتان جو بادشاهه صلح ۽ امن پسند هو ان ڪري هڪ عرصي کان پوءِ اتان جي رهاڪن يبوس جو نالو بدلائي ان جو نالو ” اورسالم“ رکيو .

    تاريخ ۾ آهي ته شهر ” اورسالم “ مختلف د‍ورن ۾ الله تعالى جي نبين جيئن حضرت دائود عليه السلام ۽ ان جي فراند حضرت سليمان عليه السلام جي حڪومت جو مرڪز ۽ گاديءَ جو هند رهيو آهي . حضرت دا‍ؤد عليه السلام ، حضرت عيسى عليه السالم جي ولادت کان هڪ هزار سال پهريان هزارئين سپاهين جي مدد سان هن شهر کي فتح ڪيو ۽ ان جو نالو داؤد ” شهر “ رکيو .

    حضرت داؤد عليه السلام کانپوءِ حضرت سليمان عليه السالم کي بادشاهي ملي ان پنهنجي عبادتگاه ” موبا جبل “ تي ٺاهي ، ان تاريخ کان وٺي ڪيترن ئي صدين تائين ” اورسالم “ حضرت داؤد عليه السلام جي خاندان وٽ رهيو .
    حضرت سليمان عليه السلام جي عبادتگاه سن 424 عيسوي تائين باقي هئي ، ايستائين جو مصر جي بادشاهه ” شقيق “ پنهنجي حڪومت ۾ ان کي تباهه ڪيو بيت المقدس جو بنياد ڪنعانين هٿان رکيو ويو ، الله تعالى جي نبين عليهم السلام حضرت داؤد عليه السلام ۽ حضرت سليمان عليه السلام جي حڪومت جو مرڪز رهڻ کانپوءِ خاص اهميت وارو آهي ۽ تاريخي شهرت وارو آهي شايد انهيءَ ڪري هن شهر جي ٺاهڻ جي نسبت حضرت سليمان عليه السلام ڏانهن ڏني وئي آهي . جيتوڻيڪ تاريخي لحاظ کان هن شهر جو قديم ۽ پراڻو هجڻ حضرت سليمان عليه السلام جي دور حڪومت کان پهريان آهي . تاريخ مطابق بيت المقدس جي بنياد رکجڻ کان پوءِ 5 هزار سال جي عرصي ۾ هي شهر 14 سو سال جي عرصي ۾ ” يبوس “ يعني ڪنعانين جي هٿ ۾ هيو جيڪي جزيرة العرب (عربستان) مان آيا هئا ۽ ان جا اصلي باني آهن . ان کانپوءِ (چئن) صدين تائين اسرائيل جي هٿ ۾ رهيو . ڪجھ عرصو ايرانين جي قبضي ۾ رهيو ، ٻه صديون يونانين اشڪانين جي قبصي ۾ ۽ چار صديون رومين جي قبضي ۾ رهيو . ان سڄي تبديلي جي باوجود شهر جا اصل رهاڪو يعني ڪنعاني اتي ئي رهيا . تاريخي ڪتابن ۾ آهي ته يهودي فلسطيني سر زمين ۾ حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت کان هڪ هزار سال پهريان داخل ٿيا ، يهودي اردن جو واهه ٽپي ڪري زوريءَ هن علائقي تي قبضو ڪيو . سن 1020 عيسوي تاريخ کان پهريان انهن جي حڪومت جي بنياد ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ، اتر ۾ اسرائيل حڪومت ۽ ڏکڻ ۾ يهودي حڪومت ٺهي اهڙي طرح فارس ۽ بابل جي جنگ دوران بيت المقدس ايرانين جي قبضي ۾ آيو ، ستين صدي عيسوي ۾ ساساني بادشاهه ” خسروپرويز “ بيت المقدس تي قبضو ڪيو.
    منبع:http://www.mwilayat.com نویسنده مرتضی مطهری