islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. بيمار پُرسي

    بيمار پُرسي

    Rate this post

    الله رب العالمين هڪ مسلمان جا ٻي مسلمان جي مٿان ڪجھ حق مقرر ڪيا آهن جن کي ادا ڪرڻ ان تي لازم آهي
    سڀاڻ قيامت جي ڏينهن انهن حقن متعلق انسان کان سوال ڪيو ويندو
    انهن حقن مان هڪ حق هيءُ آهي ته جڏهن مسلمان ڀاءُ بيمار هجي ته انجي عيادت (بيمار پرسي )ڪجي
    افسوس جو اسان ان کي ڪا به اهميت ڪون ٿا ڏيون اسان جا ڪيترائي ڀاءَ جماعتي ساٿي ڪافي عرصي کان بستر جي حوالي آهين پر اسان ڪڏهن به انهن کان پڇڻ لاٰءِ انهن ڏي ڪون وياسين
    انهن ڏي اسان جو وڃڻ انهن کي حوصلو ڏيڻ انهن جي غمگين وارثن سان ويهي ٻه چار ڳالهيون ڪرڻ سان اسان ۾ گھٽتائي ته پيدا ڪون ٿيندي پر ان بيمار ۽ انجي پريشان رشتيدارن لاءِ اسان جو وڃڻ باعث اطمينان وسڪون ضرور ٿيندو۽ اسان جو اهو فرض به ادا ٿي ويندو جنهن متعلق اسان کان سوال ٿيڻوآهي
    انهن ئي حقن کي بيان ڪندي محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو
    أَنَّ أَبَا هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ حَقُّ الْمُسْلِمِ عَلَى الْمُسْلِمِ خَمْسٌ….. وَعِيَادَةُ الْمَرِيضِ صحيح البخاري بَاب الْأَمْرِ بِاتِّبَاعِ الْجَنَائِزِ
    ابو هريره رضي الله عنه فرمائي ٿو ته مون پاڻ صلي الله عليه وسلم کان ٻڌو پاڻ فرمايو مسلمان جا ٻئي مسلمان تي پنج حق آهن انهن مان هڪ مريض جي عيادت (بيمارپرسي) ڪرڻ آهي
    هڪ ٻي حديث ۾ اچي ٿوته پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو
    عودوا المرضى واتبعوا الجنائز تذكركم الآخرة (مسند احمد حسن السلسلة الصحيحةالألباني)
    مريضن جي عيادت ڪندا ڪريو ۽ جنازي جي پويان هلندا ڪريوتان ته توهان کي آخرت جو يادگيرو اچي .
    انسان جڏهن بيمار جي بيمار پرسي ڪري ٿو ان کي بيوس ۽ لاچار ڏسي ضرور سوچيندو ته هيءُ منهنجو ڀاءُ (جيڪو اڄ بيوس ۽ لاچار ٿي بستر جي حوالي ٿي چڪو آهي )صحتمند هيو تندرست هيو اڄ هن پوزيشن ۾ اچي چڪو آهي مونکي به هن پوزيشن ۾ اچڻو آهي انڪري ان بيوسي۽ لاچاري جي اچڻ کان پھرين آخرت جي لاءِ ڪجھ ڪري وٽان
    اهڙي ئي طريقي سان جڏهن انسان جنازي ۾ شرڪت ڪري ٿو ان موقعي تي ان کي ضرور اها سوچ ايندي ته ڪالھ اهو ڀاءُ بلڪل صحتمند هيو پر هن وقت اسان جي ڪلهن جو محتاج آهي مون تي به اهو وقت اچڻو آهي مونکي به اهڙي طرح ماڻهن جي ڪلهن تي سوار ٿي آخرت جو سفر ڪرڻو آهي ان گھڙيءَ جي اچڻ کان پهرين آخرت جي تياري ڪري وٽان .
    انسان جي فطرت آهي ته هو دنيا جي کيل ڪود ۾ مصروف ٿي آخرت کي وساري چڏي ٿو ان جي دل پٿر ٿي وڃي ٿي اهڙي قسم جي ماڻهوءَ جي لاءِ اها حديث عظيم نصيت آهي.
    عَنْ أَبِي مُوسَى الْأَشْعَرِيِّ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ أَطْعِمُوا الْجَائِعَ وَعُودُوا الْمَرِيضَ وَفُكُّوا الْعَانِيَ قَالَ سُفْيَانُ وَالْعَانِي الْأَسِيرُ (صحيح بخاري بَاب وُجُوبِ عِيَادَةِ الْمَرِيضِ )
    پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو بکي کي کادو کارايو بيمار جي عيادت ڪريو قيدن کي آزاد ڪرايو .
    عيادت (بيمار پرسي ) جي عظيم فضيلت آئي آهي جيئن ته حديث ۾ اچي ٿو
    ثَوْبَانَ مَوْلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ عَادَ مَرِيضًا لَمْ يَزَلْ فِي خُرْفَةِ الْجَنَّةِ حَتَّى يَرْجِعَ (صحيح مسلم بَاب فَضْلِ عِيَادَةِ الْمَرِيضِ )
    ثوبان رضي الله عنه کان روايت آهي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو جنهن بيمار جي عيادت (بيمار پرسي )ڪئي اهو جيستائين مريض وٽ هجي ٿو اوستائين جنت جي ميون ۾ هجي ٿو حتاجو واپس موٽي وڃي
    هڪ ٻي حديث ۾ اچي ٿو
    عائد المريض في مخرفة الجنة فإذا جلس عنده غمرته الرحمة ( صحيح بشاهدهالسلسلة الصحيحة
    محمد ناصر الدين الألباني )
    بيمار پرسي ڪرڻ وارو جنت جي ميون ۾ هجي ٿوجڏهن بيمار پرسي لاءِ مريض وٽ ويهي ٿوالله جي رحمت انکي ڊڪي چڏي ٿي .
    اندازو لڳايو ڪيڏي نه عظيم فضيلت آهي بيمار پرسي جي .
    اسان انهن ماڻهن جي عيادت ڪريون ٿا يا انهن ماڻهن جي جنازي ۾ شرڪت ڪريون ٿا جنهن ۾ اسان جا مفاد هوندا آهن معاشري ۾ انجي حيثيت هوندي آهي انجي عيادت يا ان جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اسان کي ڀلي ڪيڏي نه تڪليف برداشت ڪرڻي پئي ٿي ڪيون ٿا صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد سامهون رکون ٿا نه فريضو ادا ڪرڻ جي نيت هوندي آهي نه اجر وثواب جي لالچ هوندي آهي
    ان جي الٽ اگر ڪو غريب بيمار ٿئي ٿو يا ڪنهن غريب جو انتقال ٿئي ٿو ته اسان جو طرز عمل بلڪل الٽ هوندو آهي ان جي بيمار پرسي لاءِ اسان وٽ وقت نه هوندو آهي ان جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ڪرڻ لاءِ اسين بلڪل تيار نه هوندا آهيون چو جو اسان جا ان ۾ ڪي به مفاد نه هوندا آهن ۽ نه وري معاشري ۾ ان جي ڪا حيثيت هوندي آهي . حالانڪه محمد صلي الله عليه وسلم جن خود بنفس نفيس انهن جي عيادت لاءِ انهن جي گهر ويندا هيا جن جي معاشري ۾ ڪا به حيثيت نه هوندي هئي
    َعَنْ عُثْمَانَ بْنِ عَفَّانَ ، رَضِيَ الله عَنْهُ ، أَنَّهُ كَانَ يَخْطُبُ ، فَقَالَ : أَمَا وَالله قَدْ صَحِبَنَا رَسُولُ الله صَلَّى الله عَلَيه وسَلَّم فِي السَّفَرِ وَالْحَضَرِ ، فَكَانَ يَعُودُ مَرْضَانَا ، ويُشَيِّعُ جَنَائِزَنَا(مسند احمد )
    عثمان رضي الله عنه فرمائي ٿو الله جو قسم نبي صلي الله عليه وسلم سفر ۽ حضر ۾ اسان سان گڏ هوندا هيا اسانجي مريضن جي عيادت ڪندا هيا اسان جي جنازن ۾ شرڪت ڪندا هيا “هڪ ٻي حديث مان به اها ڳاله معلوم ٿئي ٿي
    عَنْ أَبِي أُمَامَةَ بْنِ سَهْلِ بْنِ حُنَيْفٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ الله صَلَّى الله عَلَيه وسَلَّم يَعُودُ فُقَرَاءَ أَهْلِ الْمَدِينَةِ وَيَشْهَدُ جَنَائِزَهُمْ إِذَا مَاتُوا قَالَ : فَتَوُفِّيَتِ امْرَأَةٌ مِنْ أَهْلِ الْعَوَالِي ، فَقَالَ رَسُولُ الله صَلَّى الله عَلَيه وسَلَّم : إِذَا حُضِرَتْ فَآذِنُونِي بَهَا قَالَ : فَأَتَوْهُ لَيُؤْذِنُوهُ بِهَا فَوَجَدُوهُ نَائِمًا وَقَدْ ذَهَبَ اللَّيْلُ ، فَكَرِهُوا أَنْ يُوقِظُوهُ ، وَتَخَوَّفُوا عَلَيْهِ ظُلْمَةَ اللَّيْل وَهَوَامَ الأَرْضِ ، فَدَفَنُوهَا فَلَمَّا أَصْبَحَ سَأَلَ عَنْهَا ، فَقَالُوا : يَا رَسُولَ الله أَتَيْنَاكَ لِنُؤْذِنَكَ بِهَا فَوَجَدْنَاكَ نَائِمًا فَكَرِهْنَا أَنْ نُوقِظَكَ وَتَخَوَّفْنَا عَلَيْكَ ظُلْمَةَ اللَّيْلِ وَهَوَامَ الأَرْضِ فَدَفَنَّاهَا قَالَ : فَمَشَى رَسُولُ الله صَلَّى الله عَلَيه وسَلَّم إِلَى قَبْرِهَا فَصَلَّى عَلَيْهَا وَكَبَّرَ أَرْبعًا. رَوَاهُ أَبُو بَكْرِ بْنُ أَبِي شَيْبَةَ من رخص فِي الإِذنِ بِالْجِنَازَةِ. وَرِجَالُهُ ثِقَاتٌ.
    سهل بن حنيف رضي الله عنه کان روايت آهي نبي صلي الله عليه وسلم مديني جي غريب صحابه جي بيمار پرسي ڪندا هيا اگر انهن مان ڪو مري ويندو هيو ته پاڻ ان جي جنازي ۾ شرڪت ڪندا هيا ٻهراڙي جي هڪ عورت فوت ٿي وئي پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايو جڏهن جنازو تيار ٿئي مونکي اطلاع ڏيندا سهل رضي الله عنه چوي ٿو صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين پاڻ کي اطلاع ڏيڻ آيا پاڻ ستل هيا ۽ رات ڪافي گذري چڪي هئي پاڻ کي جاڳائڻ انهن پسند نه ڪيو انهن رات جي اندهيري جي ڪري ۽ زمين جي تڪليف ڏيڻ وارين شين کان پاڻ صلي الله عليه وسلم جي باري ۾ خطرو محسوس ڪيو صحابه ڪرام انکي دفن ڪري چڏيو جڏهن صبح ٿيو پاڻ صلي الله عليه وسلم ان جي باري ۾ پڇيو صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين پاڻ کي ٻڌايو توهان کي اطلاع ڏيڻ آيا هياسين پر توهان ستل هيا اسان توهان کي اندهيري ۽ موذي شين جي ڪري جاڳائڻ مناسب ڪون سمجھيو اسان انکي دفن ڪري چڏيو پاڻ صلي الله عليه وسلم انجي قبر تي ويا ان تي جنازي نماز پڙهيائون ۽ چار تڪبيرون چيائون .اندازو لڳايو پاڻ صلي الله عليه وسلم ماڻهن کي ڪيڏي نه اهميت ڏيندا هيا
    ليڪن افسوس اچ جا حڪمران ۽ امير عوام کان پري رهن ٿا انهن جي خوشي غمي ۾ شرڪت نه ڪندا آهن عوام سان ويهڻ انهن جي ڳاله ٻڌڻ کي پنهنجي لاءَ عار سمجھندا آهن !!! اهڙي طرح صحيح بخاري جي روايت ۾ آهي
    أَنَسٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ كَانَ غُلَامٌ يَهُودِيٌّ يَخْدُمُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَمَرِضَ فَأَتَاهُ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَعُودُهُ فَقَعَدَ عِنْدَ رَأْسِهِ فَقَالَ لَهُ أَسْلِمْ فَنَظَرَ إِلَى أَبِيهِ وَهُوَ عِنْدَهُ فَقَالَ لَهُ أَطِعْ أَبَا الْقَاسِمِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَأَسْلَمَ فَخَرَجَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَهُوَ يَقُولُ الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَنْقَذَهُ مِنْ النَّارِ (صحيح بخاري بَاب إِذَا أَسْلَمَ الصَّبِيُّ فَمَاتَ هَلْ يُصَلَّى عَلَيْهِ وَهَلْ يُعْرَضُ عَلَى الصَّبِيِّ الْإِسْلَامُ )
    انس رضي الله عنه فرمائي ٿو ته يهودي ڇوڪرو نبي صلي الله عليه وسلم جي خدمت ڪندو هيو اهو بيمار ٿي پيو نبي صلي الله عليه وسلم ان جي عيادت ڪرڻ آيا پاڻ صلي الله عليه وسلم ان جي مٿي واري پاسي کان ويٽا ان کي چيائون ته اسلام قبول ڪر ان سواليه انداز ۾ پيءَ کي ڏٺو جيڪو ان وٽ موجود هيو پيءَ ان کي چيو قاسم جي پيءَ (محمد صلي الله عليه وسلم ) جي ڳاله قبول ڪر اهو ڇوڪرو مسلمان ٿي ويو نبي صلي الله عليه وسلم ان وٽان اهي جمله چوندي نڪتا تمام تعريفون ان الله لاءِ جنهن انکي جهنم کان بچائي ورتو .
    اندازو لڳايو ته پاڻ صلي الله عليه وسلم معاشري جي انتهائي ڪم تر ماڻهن جي به عيادت لاءِ ان جي گھر پهچي ويندا هيا . اسان جو به اهوئي طرز عمل هجڻ کپي ان معاملي ۾ ذاتي مفاد سامهون نه رکون صرف پنهنجو فريضو ادا ڪيون اجر ۽ ثواب جي اميد ڪري مريضن جي عيادت ۽ جنازي ۾ شرڪت ڪريون الله رب الله العالمين توفيق بخشي . آمين

    مقلد حضرات کان چند سوال

    سوال نمبر 1 توهان پاڻ کي اهل سنت يا حنفي سڏايو ٿا ان لاءِ صرف هڪ آيت يا صحيح حديث پيش ڪريو جنهن
    ۾ محمد صلي الله عليه وسلم فرمايو هجي ته منهنجي جماعت جو نالو اهل سنت يا حنفي آهي يا توهان اهائي ڳاله پنهنجي امام ابو حنيفه جي صحيح صريح باسند مفتي به قول سان پيش ڪريو
    نوٽ امام ابو حنيفه تي ڪوڙ مڙهڻ جي بجاءِ صحيح قول پيش ڪندا
    سوال نمبر 2 توهان پاڻ کي اهل سنت ،حنفي ،ديوبندي ، مقلد سڏايو ٿا ٻڌايو ته اهل سنت ،حنفي ،ديوبندي ، مقلد چاکي چئبو آهي ان لاءِ ڪهڙا شرط آهن اهي سمورا شرط ابو حنيفه جي صحيح صريح مفتي به قول مان ثابت ڪريو ۽ امام ابو حنيفه جي عقيدي سان اختلاف ڪرڻ وارو پاڻ کي حنفي سڏائي سگھي ٿو يا نه ؟
    سوال نمبر 3 پر اسان جو چيلينج آهي ته انگريزن جي دور کان اڳ ڪنهن جاهل ۽ اڻپڙهيل ۽ عربي کان ناواقف کي مسلڪي طور تي ديوبندي سڏيو ويو هجي ؟
    سوال نمبر 4 جڏهن توهان دعوي ڪريو ٿا ته فقه حنفي ۾ سڀ مسئلا بيان ٿيل آهن بقول تقي عثماني …………..

    ته پوءِ هيٽين نمازجي چند مسئلن جي باري ۾ امام ابو حنيفه جو صحيح ،صريح ، مفتي به قول پيش ڪريو جيڪڏهن توهان امام ابو حنيفه جو قول پيش نه ڪيو ته اسان سمجِھندا سين ته جينئن توها ن امام ابو حنيفه جي عقيدي ۾ تقليد نه ٿا ڪريو اهڙي نموني فقهي مسائل ۾ به امام ابو حنيفه جا مقلد نه آهيو
    1 اڪيلي نماز پڙهندڙ ۽ امام پٽيان نماز پڙهندڙ تڪبير تحريمه آهستي چوندا آهن صرف هڪ اهڙو امام ابوحنيفه جو قول پيش ڪريو جنهن مان ثابت ٿئي ته اڪيلي ۽ مقتدي لاءِ تڪبير تحريمه آهستي چوڻ سنت آهي ؟
    2 فرض ،سنت موڪده، نفل ، مڪروه ڇاکي چئجي؟ ابو حنيفه جي صحيح قول سان انهن ۾ فرق ثابت ڪريو ؟
    3 اڪيلي نماز پڙهندڙ ۽ مقتدي لاءِ بسم الله الرحمان الرحيم آهستي پڙهڻ سنت آهي ان لاءِ به صرف هڪ امام ابو حنيفه جو قول پيش ڪريو
    4 ثنا يعني سبحانڪ اللهم کان پوءِ اعوذبالله من الشيطان الرجيم هميشه آهستي پڙهڻ سنت آهي ان لاءِ به صرف هڪ امام ابو حنيفه جو قول پيش ڪريو
    5 اڪيلي نماز پڙهندڙ لاءِ هميشه آهستي آمين چوڻ سنت آهي ان لاءِ هڪ ابو حنيفه جو قول گھرجي
    6 التحيات پڙهڻ سنت آهي يا فرض جيڪڏهن ڪو ڀلجي التحيات جي بدلي ۾ سوره فاتحه پڙهي وڃي ته ان لاءِ قول ابو حنيفه ۾ ڇا حڪم آهي
    7 اڪيلي نماز پڙهندڙ ۽ مقتدي آهستي آواز سان سلام ورائيندا آهن ان لاءِ امام ابو حنيفه جو چٽو قول پيش ڪريو ؟
    8 روزي جي حالت ۾ انجيڪشن هڻائڻ جائز آهي يا ناجائز ؟ ٻنهي حالتن ۾ قول ابي حنيفه مان جواب ڏيندا
    9 بانڊ خريد ڪرڻ ۽ انهن تي جيڪو انعام ملي ٿو جائز يا ناجائز ؟ جواب قول ابي حنيفه مان گھرجي
    10 هڪ ماڻهو وفات ڪري ويو ان جي مائٽي ڀاءَ کي ورثي مان ڪيترو ملندو ؟ قول ابي حنيفه مان پيش ڪريو چوته توهان وٽ هجت صرف ۽ صرف قول ابي حنيفه آهي
    11 جنياڻي عورت سان جماع ڪرڻ سان غسل واجب ٿيندو يانه ؟ابو حنيفه جي قول سان بيان ڪندا
    12 بندوق سان شڪار ڪيل پکي حلال آهي يا حرام ابو حنيفه جي قول سان بيان ڪندا جڏهن ته بندوق ابوحنيفه جي دور ۾ نه هئي بندوق کي تير سان قياس نه ڪندا ڇو ته بندوق جي گولي ۾ بارود آهي جيڪو ساڙي ٿو ۽ تير ڦاڙي ڏاري ٿو
    13 تيمم ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪيترو پري هجي ته تيمم ڪري نماز پڙهڻ جي اجازت آهي ؟
    مٿين مسئلن جو جواب جيڪڏهن ابو حنيفه جي قول سان نه ڏنو ويو ته ثابت ٿيندو ته توهان نه قرآن ۽ حديث کي مڃيو ٿا ۽ نه وري امام ابو حنيفه کي مڃيو ٿا توهان جو وچائين ڪو ٽيون دهرم آهي ؟
    منبع: http://www.sindhislam.com