islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. تقليد ڇا آهي؟

    تقليد ڇا آهي؟

    Rate this post

    ڪجهه ماڻهو تقليد جو نالو ٻڌڻ سان ئي ڊڄي وڃن ٿا ڄڻ ته تقليد ڪا خطرناڪ شيءِ آهي اهڙن ماڻهن جي علم ۽ معلومات ۾ واڌاري ڪارڻ عرض آهي ته تقليد نه ڪو پيري مريدي چڪر آهي نه وري ڪا بيعت۽عهد اهڙي طرح مجتهد ۽ مقلِد جو رشتو پڻ نبي امام يا امام ۽ ماموم (جيڪو امام جي پٺيان هجي) وارو ناهي هوندو، بلڪه تقليد صرف هڪ فطري تقاضي جي تڪميل آهي، جنهن جي مختصر تفصيل هي آهي:
    خداوند عالم انسانن کي مدني الطبع پيدا ڪيو آهي، يعني ڪو به شخص اڪيلو ۽ پنهنجو سر پاڻ پنهنجي سڀني ضرورتن کي پورو ڪري نٿو سگهي، بلڪه هو زندگي جي هر شعبي ۾ پاڻ جهڙي ٻئي انسان جي تعاون جو محتاج آهي، مثال طور جيڪو شخص پاڻ طبيب يا ڊاڪٽر نه آهي اهو اعلاج جي لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر جي طرف، جيڪو پاڻ وڪيل نه آهي اهو فيصلي جي لاءِ ڪنهن وڪيل جي طرف ۽ جيڪو شخص پاڻ رازو نه آهي اهو گهر ٺهرائڻ جي لاءِ رازي جي طرف رجوع ڪندو آهي، ۽ اهڙي طرح جي ٻين ڪمن ۾ انسان هڪ ٻئي جا محتاج آهن. لهذا هر انسان جي اها فطرت آهي ته جنهن شيءِ جي باري ۾ هو پاڻ نٿو ڄاڻي

    ته ان شيءِ جي باري ۾ ڄاڻڻ وارن جي طرف رجوع ڪندو آهي، اهڙي طرح اها ئي ڪيفيت ديني عبادتن ۽شرعي مسئلن جي آهي، ڇو جو شريعت جي ”اوامر“(جن شين جي انجام ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي) ۽ ”نواهي“ (جن شين کان شريعت روڪيو آهي) تي عمل ڪرڻ واجب آهي، ۽ عمل ڪرڻ جي لاءِ پهريان علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، لهذا جيڪو شخص پاڻ براه راست قرآن ۽ حديث منجهان علم حاصل نٿو ڪري سگهي، يعني پاڻ مجتهد نه آهي، ان تي لازم آهي ته جامع الشرائط مجتهد( جنهن ۾گهربل شرط موجود هجن) جي تقليد ڪري، يعني جيڪو شخص جنهن مسئلي يا معاملي جي باري ۾ نٿو ڄاڻي کيس گهرجي ته ڪنهن اهڙي صاحب علم کان پڇا ڪري جيڪو ان جي باري ۾ ڄاڻندو هجي، ۽ سوال ڪرڻ ۾ پنهنجي توهين محسوس نه ڪري، ڇو جو اهلِ علم کان پڇڻ ۽ سوال ڪرڻ قرآن ۽ سُنتِ رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي مخالف نه آهي، بلڪه قرآن ۽ سنت رسول جي عين مطابق آهي، ان جو دليل هيءَ آيت آهي جنهن ۾ الله سائين پنهنجي بندن کي حڪم ڏئي ڪري فرمائي ٿو:

    فَسئلُوا اَهلَ الذِکر اِن کُنتُم لا تَعلَمُون (1)

    ”اگر توهان نٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر يعني ڄاڻڻ وارن کان پڇا ڪيو“
    بس جيڪي ماڻهو تقليد جو نالو ٻڌڻ سان ئي خوف زده ٿي وڃن ٿا انهن کي سمجهڻ گهرجي ته تقليد هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي نه چاهڻ جي باوجود به انسان پنهنجي ذات کان جدا نٿو ڪري سگهي، ڇوجو انسان هر قدم تي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي باري ۾ ٻين جي طرف رجوع ڪرڻ تي مجبور آهي، ۽ حقيقت ۾ ٻين جي طرف رجوع ڪرڻ جو ئي ٻيو نالو تقليد آهي، حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته ماڻهو تقليد ڪن به ٿا ۽ تقليد کان ڊڄن به ٿا، شايد کين اها خبر نه آهي ته تقليد انسان جي لاءِ هڪ اهڙي سعادت آهي جيڪا انسان کي ڪمال جي رتبي تائين پهچائي ڇڏي ٿي، ۽ انسان کي انڌي پيروي جهڙي زندان منجهان هميشه جي لاءِ آزاد ڪري ڇڏي ٿي، ۽ انسان کي آزادانه طور تي زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿي، لهذا اهي ماڻهو جيڪي مذهبِ آل محمد صلي الله عليه و آله وسلم جا پيروڪار آهن انهن جي لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي عبادتن ۽ معاملن جي باري ۾ ڪنهن مجتهد جي تقليد ڪن، ڇو جو اهي عالم امام زمانه عليه السلام جي طرف کان اسان تي حُجت آهن ۽ امام زمانه عليه السلام خدا جي طرف کانن حُجت آهن.
    تقليد جي اصطلاحي معني
    هاڻ ضروري آهي ته تقليد جي اصطلاحي معني يا تقليد جي حقيقي تعريف جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي تاڪه اهو واضح ٿي وڃي ته تقليد ڇا آهي؟ اسلام ۾ تقليد جي حيثيت ڇا آهي؟ تقليد ڇو ڪئي وڃي؟ مجتهد جون ذميداريون ڇا آهن؟ ۽ مُقلِد(تقليد ڪرڻ واري) جا فرائض ڇا آهن؟
    تقليد جي اصطلاحي معني يا ان جي حقيقي تعريف کي بزرگ علمائن مثال طور صاحب عروۃ الوثقي؛ صاحب قوانين؛ علامه حلي؛ آقاي خوئي ۽ صاحب ڪفايه بهترين طور تي بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ تقليد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صاحب ڪفايه تقليد جي تعريف ڪندي فرمائن ٿا:

    التقليد هو اخذ قولا لغير رايۃ العمل به في الفرعيات…تعبدا بلا مطالبۃ دليل علي رايۃ (2)

    ”تقليد(يعني)ڪنهن ٻئي جي قول(راءِ)کي اختيار ڪرڻ، ۽ فروعي مسئلن ۾ ان تي عمل ڪرڻ ۽ اهو عمل تعبدا هجي بغير ان جي ته عمل ڪرڻ وارو ڪنهن دليل جو مطالبو ڪري“
    صاحب ڪفايه اهو ٿا چوڻ چاهن ته جڏهن مُڪلف ڪنهن ٻئي جي فتوي کي قبول ڪندو آهي تاڪه شرعي مسائل ۾ ان تي عمل ڪري سگهي ته ان کي تقليد چيو ويندو آهي ۽ انهن مسئلن جي باري ۾ پنهنجي مجتهد کان دليل جو مطالبو نه ڪندو آهي، بلڪه تعبد شرعي جي بنا تي ان کي قبول ڪندو آهي، اهڙي طرح جو اگر ڪوئي ان کان پڇي ته تو وٽ هن ڪم جي ڇا دليل آهي ته هو ان کي مجتهد جي طرف نسبت ڏي.

    تقليد جي تعريف

    عام اصطلاح ۾ تقليد هي آهي ته ڪو شخص پنهنجي زندگي جي مسئلن جو حل ڪنهن ٻئي جي تحقيق ۽ جاکوڙ تي ڀروسو ڪندي حاصل ڪري، ۽ پاڻ بري الذمه ٿي وڃي، انسان عام طور تي چاهي علم رکندو هجي يا جاهل هجي، راضي هجي يا نه، ڪنهن نه ڪنهن جي نظرين جي پيروي ڪندي ان جي قول ۽ عمل جي مطابق زندگي گذاريندو آهي، جيڪڏهن ان شخص کان ڪنهن فعل يعني عمل جو سبب پڇيو وڃي ته دليل جي طور تي ڪنهن ٻئي کي پيش ڪندو آهي، لهذا ڪنهن ٻئي جي قول تي عمل ڪرڻ يا پاڻ کي ان جي عمل جو پابند ڪرڻ جو نالو تقليد آهي، اهڙي طرح جاهل جو عالم جي طرف رجوع ڪرڻ تقليد آهي، ڪتاب ”نافع القليل“ ۾ تقليد جي تعريف هن ريت بيان ڪئي وئي آهي:

    التقليد عبارۃ عَن اِستناد المُکلف في العمل بالفرعيات الي فتوي الفقيه (3)

    ”فروع دين سان لاڳاپيل حڪن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪنهن مجتهد جي فتوي تي اعتماد ڪرڻ کي تقليد چئبو آهي“
    يعني شرعي احڪام تي عمل ڪرڻ جي باري ۾ ڪنهن مجتهد کان فتوي وٺڻ يا سندس فتوي تي هلڻ کي تقليد چيو ويندو آهي، عمل جي صحت ۽ قبوليت يا رد ٿيڻ جي ذميداري فقيه يا مجتهد جي مٿان هوندي آهي، جيڪو شخص فتوي جي مطابق عمل ڪري ٿو ان کي مُقلِد چئبو آهي ۽ جنهن جي فتوي تي عمل ڪيو وڃي ان کي مُقلَد يا مجتهد چئبو آهي.

    تقليد جا قسم

    تقليد جا ٻه قسم آهن: جائز تقليد ۽ نا جائز تقليد.
    (1) نا جائز تقليد: هي اها تقليد آهي جنهن مان مراد ماحول ۽ معاشري جي انڌي پيروي آهي، جيڪا يقينا نا جائز آهي، ۽ قرآن مجيد ۾ هن جي مذمت هن لفظن ۾ ڪئي وئي آهي:

    إِنَّا وَجَدْنا آباءَنا عَلى‏ أُمَّةٍ وَ إِنَّا عَلى‏ آثارِهِمْ مُقْتَدُونَ (4)

    ”اسان پنهنجي وڏن کي هڪ طريقي تي پاتو آهي ۽ اسان انهن جي ئي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون“
    حقيقت ۾ ان انڌي تقليد جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته انڌي تقليد ڪرڻ واريون قومون هميشه جهالت ۽ پسماندگي ۾ زندگي گذارين ٿيون، ڇو جو جيڪا قوم انڌي تقليد ۾ گرفتار هوندي آهي اها هر شئي ۾ ٻين تي ڀروسو ڪندي آهي، هن جو پنهنجو ڪوئي استقلال نه هوندو آهي، اها قوم ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي نٿي بيهي سگهي ۽ هميشه مغلوب ۽ غلام رهندي آهي، ليڪن اسلام انهيءَ شئي کي هرگز پسند نٿو ڪري، اسلام انسان جي لاءِ فڪر جي آزادي جو قائل آهي، اسلام اهو هرگز پسند نٿو ڪري ته ڪوئي انسان اکيون بند ڪري ۽ بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪنهن ٻئي جي انڌي تقليد ڪري، ڇو جو قرآن مجيد ۾ ڪيترين آيتن ۾ ماڻهن کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ويو آهي ته هو اخلاق، تربيت، سماج ۽ عقائد جي مسئلن جي باري ۾ غور و فڪر ڪن، علم ۽ صحيح فڪر جي روشني ۾ ڪنهن شئي کي قبول ڪن، لهذا جيڪي ماڻهو اکيون بند ڪري بي بنياد عقائد کي قبول ڪري وٺن ٿا صرف ان ڪري جو انهن جي وڏن جو طريقو اهو هو، اهڙن ماڻهن جي مذمت ۾ قرآن چوي ٿو

    وَ إِذا قيلَ لَهُمْ تَعالَوْا إِلى‏ ما أَنْزَلَ اللَّهُ وَ إِلَى الرَّسُولِ قالُوا حَسْبُنا ما وَجَدْنا عَلَيْهِ آباءَنا أَ وَ لَوْ كانَ آباؤُهُمْ لا يَعْلَمُونَ شَيْئاً وَ لا يَهْتَدُونَ(5)

    ”جڏهن انهن کي خدا ۽ رسول جي پيروي جي طرف سڏيو ويندو آهي ته هو چوندا آهن (اسان جي) وڏن جو طريقو اسان جي لاءِ ڪافي آهي، اگرچه انهن جا وڏا نه ڪجهه ڄاڻيندا هئا ۽ نه ئي وري سڌي رستي تي هئا“
    معلوم ٿيو ته قرآن جي نگاه ۾ اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي وڏن جي انڌي پيروي يعني نا جائز تقليد ڪن ٿا مذمت جي لائق آهن، اڄوڪي معاشري ۾ ڪجهه ماڻهن کان ٻڌڻ ۾ آيو آهي جيڪي هڪ طرفان ته ڪنهن مرجع تقليد جي ڳولا ۾ آهن، ليڪن ٻئي طرفان وري اهو به چون ٿا ته اسان کي اهڙي ماڻهو جي ڳولا آهي جنهن جي در تي سر جهڪائي ڇڏيون ۽ پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيون، ليڪن اسلام جنهن تقليد جو حڪم ڏنو آهي ان جو مطلب پاڻ کي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ نه آهي، بلڪه اک کولڻ ۽ کولرائڻ آهي، تقليد اگر ڪنهن جي حوالي ٿيڻ جي صورت اختيار ڪري وٺي ته ان ۾ هزارين بيماريون پيدا ٿي وينديون، ان سلسلي ۾ امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

    و اما مَن کان مِن الفُقهاءِ صَائِنا لِنَفسِه حَافِظا لِدينِه مُخَالِفا علي هَواه مُطيعا لامر مَولاه فَلِلعوام اَن يُقلِدوه

    ”فُقهاء يعني احڪام شريعت کي تفصيل ۽ تحقيق سان ڄاڻڻ وارن مان جيڪو شخص پنهنجي نفس کي گناهن کان محفوظ رکڻ وارو هجي، پنهنجي دين جي حفاظت ڪرڻ وارو هجي ۽ پنهنجي خدا ۽ رسول صلي الله عليه و آله وسلم جو فرمانبردار هجي، عوام کي گهرجي ته اُن جي تقليد ڪن“
    اها حديث تقليد ۽ اجتهاد جي دليلن منجهان هڪ دليل آهي، هڪ ٻي حديث۾ امام زمانه عليه السلام فرمائن ٿا:

    و اما حوادث الو اقعه فارجعوا فيها الي رواه حديثنا فانهم حجتي عليکم و اَنا حُجه الله عليهم (6)

    ”غيبت ڪبريٰ جي زماني ۾ پيش اچڻ وارن جديد مسائل جي سلسلي ۾ اسان جي حديثن کي بيان ڪرڻ وارن علماء جي طرف رجوع ڪيو، ڇو جو هو منهنجي طرف کان توهان تي حُجت آهن ۽ مان الله جي طرف کان انهن تي حجت آهيان“
    انهن ٻنهي حديثن جي پيش نظر انهن سڀني ماڻهن تي جيڪي اجتهاد جي درجي تي پهتل نه آهن، جامع الشرائط مجتهد جي تقليد ڪرڻ واجب آهي، نه ته سندن عبادتون ۽ اهي اعمال جن ۾ تقليد ڪرڻ ضروري آهي باطل ٿيندا.
    (2) جائز تقليد: حضرت امام صادق عليه السلام جائز ۽ قابل تعريف تقليد جي باري ۾ فرمائن ٿا:
    وَ اَما مَن کَانَ مِنَ الفُقَهَاءِ…
    ”فقهاء (مجتهدن) مان جيڪو شخص پنهنجي نفس تي قابو رکندو هجي، پنهنجي دين جو محافظ هجي، پنهنجي نفساني خواهشات جو مخالف ۽ پنهنجي مولا (خدا ۽ رسول) جو مطيع هجي ته عوام کي گهرجي ته اهڙي شخص جي تقليد ڪري“
    يعني هر هڪ مجتهد جي تقليد ڪرڻ جائز نه آهي بلڪه اهڙي مجتهد جي تقليد ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ هي صفتون هجن جيڪي صادق آل محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن بيان فرمايون آهن، هاڻي اها اسان جي ذميداري آهي ته اسان غور و فڪر ڪيون ۽ ڏسون ته ڪهڙي مجتهد ۾ هي صفتون پاتيون وڃن ٿيون ۽ ڪهڙي ۾ نٿيون پاتيون وڃن ڇو جو امام جي فرمان مطابق سڀئي مجتهد انهن صفتن جا حامل نه آهن، ۽ ان مطلب جي طرف اشارو ڪندي امام فرمائن ٿا:

    وَ ذَلِکَ لا يَکُون الا بَعضَ فُقهَاءِ الشِيعه لا کُلهُم

    جنهن ۾ هي صفتون موجود هجن، تاڪه معصومين عليهم السلام جي قول جي مخالفت نٿئي، نتيجو اهو نڪتو ته جائز تقليد ان وقت ٿيندي جڏهن اسان اِنهن صفتن جي حامل مجتهد جي طرف رجوع ڪندا سين، ليڪن اهو رجوع پنهجو پاڻ حاصل نٿيندو، بلڪه هر هڪ شخص تي واجب آهي ته ذڪر ٿيل شرطن کي مدنظر رکندي جيڪي مرجع تقليد جي لاءِ بيان ڪيون ويون آهن، ڪنهن مجتهد جي طرف رجوع ڪري ۽ ان جي تقليد ۾ اچي ڪري انهيءَ جي فتويٰ مطابق پنهنجي عبادتن ۽ معاملن کي انجام ڏي، تاڪه هن جو هر هڪ عمل اهڙي طرح انجام پائجي جهڙي طرح معصوم فرمائن ٿا.
    تقليد جي جائز هجڻ تي دليلون
    ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته آيا تقليد ڪرڻ جائز آهي يا نه؟ ڇو جو بعض اهڙا ماڻهو جيڪي تقليد کي شڪ جي نظر سان ڏسن ٿا اهو سوال اُٿارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته تقليد جي جائز هجڻ تي ڪا به دليل نه آهي، مثلا اخبارين جو چوڻ آهي ته تقليد؛ قياس، ظن ۽ استحسان جي فهرست ۾ شامل آهي ۽ اجتهاد ائمه معصومين جي مخالفت جي برابر آهي، انهن جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ ائمه معصومين جي تقليد ڪيون ٿا ۽ انهن جي علاوه ڪنهن ٻئي جي تقليد کي صحيح نٿا سمجهن، لهذا هن اشتباه کي دور ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙيون دليلون بيان ڪيون وڃن جيڪي جواز تقليد کي ثابت ڪن تاڪه اهو واضح ٿي وڃي ته تقليد هڪ اهڙي شئي آهي جنهن کي قرآن ۽ معصوم جائز قرار ڏنو آهي، اهي دليلون جيڪي تقليد جي جواز تي دلالت ڪن ٿيون انهن جا ٻه قسم آهن عقلي ۽ نقلي.
    تقليد تي عقلي دليل:
    ”ڪفایۃ الاصول“ اصول فقه جي بهترين ۽ معياري ڪتاب ۾ تقليد تي هي عقلي دليل قائم ڪئي وئي آهي:

    ثم انه لا يذهب عليک ان جواز التقليد و رجوع الجاهل الي العالم في الجملۃ يکون بديهيا جبليا فطريا لا يحتاج الي الدليل(7)

    صاحب ڪفايه هن عبارت ۾ اهو چوڻ چاهن ٿا ته تقليد جو مسئلو ايترو ته واضح ۽ روشن آهي جو هن تي دليل قائم ڪرڻ جي ضرورت باقي نٿي رهي، ان ڪري جو نه ڄاڻڻ وارو شخص هميشه ڄاڻڻ واري جي طرف رجوع ڪندو آهي، جاهل جو عالم جي طرف ڪرڻ هڪ فطري ۽ طبعي ڳالهه آهي، يعني هر انسان جي اها فطرت آهي ته هو جنهن فن ۽ علم کان نا واقف هوندو آهي ضرورت پوڻ تي ان صنعت جي ماهرن جي طرف رجوع ڪندو آهي، مثال جي طور تي اگر ڪنهن شخص کي ڪا جسماني بيماري ٿيندي ته هو ان بيماري جي علاج لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر جي طرف رجوع ڪندو نه ڪه وڪيل جي طرف، ڇو جو کيس خبر آهي ته منهنجي بيماري جو علاج وڪيل وٽ نه آهي، ان ڪري جو هن فن جو ماهر ڊاڪٽر آهي نه ڪه وڪيل، وڪيل جو ڪم صرف مقدمو وڙهڻ آهي نه علاج ڪرڻ، اهڙي طرح اگر ان کي ديني معاملات جي باري ۾ ضرورت پوندي ته هو ڪنهن مجتهد جي طرف رجوع ڪندو نه ڪه ٻين فنون جي ماهرن جي طرف، اگر ڪو شخص ديني مسئلن جي حل جي لاءِ مجتهد کي ڇڏي ڪنهن ٻئي وٽ ويندو ته ان جي مشڪل ڪڏهن به حل نه ٿيندي، ڇو جو ٻيا جيڪي به آهن اگر انهن کي به ڪو مسئلو پيش ايندو ته هو پاڻ به ڪنهن مجتهد جي طرف رجوع ڪندا، يعني هو ايتري صلاحيت نٿا رکن جو پنهنجي ديني معاملات کي پاڻ حل ڪري سگهن، بلڪه ڪنهن نه ڪنهن مجتهد جي طرف رجوع ڪرڻ جا محتاج آهن ۽ اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته جيڪو شخص پاڻ محتاج هجي هو ڪڏهن به ٻئي جي حاجت روائي نٿو ڪري سگهي، هن بحث جو خلاصو هي آهي ته جاهل جو عالم جي طرف رجوع ڪرڻ هڪ فطري شئي آهي ۽ اگر فروعي احڪام ۽ مسائل شرعيه ۾ حلال ۽ حرام کان ناواقف شخص، عالم جي طرف رجوع ڪري ته هي هڪ واضح ۽ بديهي ڳالهه آهي، فطرت، عقل ۽ طبيعت انساني جي عين مطابق آهي، ان جي لاءِ دليل جي ضرورت نه آهي، نتيجو اهو نڪرندو ته صاحب ڪفايه جي بيانات جي مطابق تقليد، عالم جي طرف رجوع ڪرڻ آهي، ۽ اها ڳالهه انساني فطرت جي لحاظ کان ايتري روشن ۽ ان جو صحيح هجڻ ايترو مستحڪم آهي جو ان ۾ دليل جي ضرورت نه آهي.

    تقليد تي نقلي دليل

    تقليد متعلق نقلي دليلن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو پهرين حصي ۾ اهي آيتون آهن جيڪي تقليد جي لاءِ بطور دليل پيش ڪري سگهجن ٿيون، ۽ ٻئي حصي ۾ ائمه معصومين عليهم السلام کان نقل ٿيل اهي روايتون آهن جيڪي واضح طور تي تقليد جي جائز هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون، اگرچه تقليد جي موضوع تي آيتون ۽ روايتون تمام گهڻيون آهن ليڪن اختصار کي مدنظر رکندي انهن مان بعض کي پيش ڪري رهيا آهيون.

    قرآني آيتون:
    پهرين آيت:

    وَ ما كانَ الْمُؤْمِنُونَ لِيَنْفِرُوا كَافَّةً فَلَوْ لا نَفَرَ مِنْ كُلِّ فِرْقَةٍ مِنْهُمْ طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهُوا فِي الدِّينِ وَ لِيُنْذِرُوا قَوْمَهُمْ إِذا رَجَعُوا إِلَيْهِمْ لَعَلَّهُمْ يَحْذَرُون‏(8)

    ”تمام مومنن جي لاءِ ڪوچ ڪرڻ ته مناسب ناهي، مگر ائين ڇو نٿا ڪن جو هر گروه مان هڪ جماعت ڪوچ ڪري ته جئين دين جو علم حاصل ڪري ۽ واپس پنهنجي وطن وڃي ڪري پنهنجي علائقي جي واسين کي خبردار ڪري تاڪه اهي ماڻهو ڊڄن“
    هي آيت واضح طور تي صاحبان علم و عمل جي پيروي ۽ تقليد جو حڪم ڏئي رهي آهي، مفڪر اسلام آیۃ الله شهيد مطهري پنهنجي ڪتاب ”اجتهاد و تقليد“ ۾ هن آيت جي روشني ۾ فرمائن ٿا: هي آيت واضح لفظن ۾ حڪم ڏئي رهي آهي ته ڪجهه مسلمانن کي دين ۾ ”تفقّه“ حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين کي پنهنجي تفقه مان فائدو پهچائڻ گهرجي، يعني ڪجهه مسلمان علم دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪن ۽ دين کي سمجهڻ جي لاءِ جد وجهد ڪن، جڏهن هو ڪنهن مقام تائين پهچي وڃن يعني جڏهن دين کي سمجهي وٺن ۽ اجهتاد جي درجي تائين پهچي وڃن ته پنهنجي وطن واپس موٽي اچن ۽ واپس اچي ڪري پنهنجي علائقي ۽ شهر جي ماڻهن کي به دين جي تعليم ڏين ته جئين اهي ماڻهو انهن جي پيروي ۽ تقلييد ڪندي پنهنجي عبادتن ۽ معاملن کي اهڙي طرح انجام ڏين جهڙي طرح خدا ۽ ان جي رسول صلي الله عليه و آله وسلم حڪم ڏنو آهي، ڇو جو اهي علماء پنهنجي طرف کان ڪا به شئي بيان نٿا ڪن پر جيڪا شئي قرآن ۽ حديث ۾ موجود هوندي آهي انهيءَ کي آسان ۽ سولي لفظن ۾ ”مسئلن جي صورت ۾“ ماڻهن جي لاءِ بيان ڪندا آهن، ان ڪري جو هر شخص قرآن ۽ حديث کي سمجهڻ جي قدرت ۽ طاقت نٿو رکي، اهي افراد ان جي صلاحيت رکن ٿا جيڪي پنهنجي عمر جو ڪافي حصو ڏينهن رات زحمت ڪري قرآن ۽ حديث کي صحيح سمجهڻ لاءِ مختلف علمن تي مسلط ٿين ٿا، اها ڳالهه آئون پنهنجي طرف کان نٿو چوان بلڪه اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام نهج البلاغه ۾ فرمائن ٿا:
    ”ڄاڻي وٺو! خدا جي جن بندن کي الهي علم ڏنو ويو آهي، اهي ان علم جي حفاظت ڪن ٿا، ان جي چشمن کي جاري ڪن ٿا، يعني علم جي چشمن سان ماڻهن کي سيراب ڪن ٿا، پاڻ ۾ محبت ۽ دوستي جو رشتو قائم ڪن ٿا کليل دل، محبت ۽ گرم جوشيءَ سان هڪ ٻئي سان ملن ٿا، هڪ ٻئي کي فائدو پهچائن ٿا، نتيجي ۾ سڀ جا سڀ سيراب ٿي ڪري ٻاهر اچن ٿا“

    ٻئين آيت:

    فَسْئَلُوا أَهْلَ الذِّكْرِ إِنْ كُنْتُمْ لا تَعْلَمُون‏

    ”يعني اگر توهان نٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر کان پڇا ڪيو“

    ٽئين آيت:

    وَ ما أَرْسَلْنا مِنْ قَبْلِكَ إِلاَّ رِجالاً نُوحي‏ إِلَيْهِمْ فَسْئَلُوا أَهْلَ الذِّكْرِ إِنْ كُنْتُمْ لا تَعْلَمُون

    ”اسان نه موڪليو سين تو کان پهرين سواء ان جي جو اهي انسان هيا جن ڏانهن اسان وحي ڪندا هيا سين بس اگر توهان نٿا ڄاڻو ته ڄاڻڻ وارن کان پڇا ڪيو“
    هي آيتون اسان کي صاحبان علم جي طرف رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿيون، ۽ يقينا جڏهن پڇڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته ٻڌڻ کان بعد قبول ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ به واجب هوندو.

    روايتون:

    پهرين روايت:
    ”نجاشي“ جيڪو شيعه علماء منجهان آهي پنهنجي علم رجال جي معروف ڪتاب ۾ امام محمد باقر عليه السلام کان روايت ڪري ٿو ته امام پنهنجي شاگردن منجهان هڪ ممتاز ۽ هوشيار شاگرد ”ابان بن تغلب“ کي فرمايو

    يَا اَبان اِجلِس فِي المَسجدِ المَدِینۃِ وَ افتِ النَاسَ فَاِني احب اَن يَري في شِيعتِي مِثلُک (9)

    ”اي ابان! جڏهن مديني اچين ته مسجد پيغمبر ۾ ويهي ڪري ماڻهن کي فتويٰ ڏي (يعني احڪام دين ٻڌا) ڇو جو آئون پسند ٿو ڪيان ته ماڻهو منهنجي شيعن منجهان تو جهڙي صحابي کي ڏسن“
    ابان جيڪو مجتهد ۽ صاحب فتويٰ هيو امام ان کي فتويٰ ڏيڻ جو حڪم فرمايو تاڪه ماڻهو ٻڌن ۽ ان تي عمل ڪن، ۽ امام جي نظر ۾ سڀئي مجتهد ۽ صاحب فتويٰ ابان وانگر آهن، يعني حڪمِ امام جي مطابق هر شخص جي لاءِ جيڪو پاڻ مجتهد نه آهي، ضروري آهي ته پنهنجي روزانه پيش ايندڙ مسئلن ۾ ڪنهن مجتهد جي تقليد ۽ ان جي فتويٰ تي عمل ڪري.
    ٻئين روايت:
    ڪتاب وسائل الشيعه جي باب القضاء ۾ حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت ڪئي وئي آهي ته امام ”معاذ“ نالي شخص کي فرمايو:
    بَلَغَنِي انک تَقعُد في الجَامِع تَفتِي فيه قُلتُ نَعَم يَجِي الرجُل اعرفه بِمَوَدتکُم و حُبکم فاخبره بما جاءَ عَنکُم فَقَالَ اِصنَع کَذَا (10)
    ”اي معاذ! مون ٻڌو آهي ته تون مسجد ۾ ويهي ڪري ماڻهن کي فتويٰ ڏيندو آهين؟ مون عرض ڪيو جي مولا ائين ئي آهي، جيڪو ڪجهه مون توهان کان حاصل ڪيو آهي توهان جي محبن ۽ دوستن جي لاءِ بيان ڪندو آهيان، امام فرمايو ائين ئي ڪر“
    معاذ روايات معصومين عليهم السلام منجهان حڪمِ الهي کي حاصل ڪري فتويٰ جي صورت ۾ ماڻهن جي لاءِ بيان ڪندو هو امام صادق عليه السلام جن به معاذ جي هن عمل جي تائيد فرمائي، امام جي نظر ۾ معاذ ۽ ٻيا مجتهدين هڪ جهڙا آهن، يعني مجتهدين جو فتويٰ ماڻهن جي لاءِ حجت آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
    ٽئين روايت:
    وسائل الشيعه ۾ آهي ته عبدالعزيز نالي هڪ شخص امام رضا عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو:

    لا اَکاد اصل اِلَيک اَساَلک عن کُل مَا احتَاج اليه مِن معالم ديني، افيونس بن عبدالرحمان ثقۃ آخذ عنه ما احتاج اليه من معالم ديني؟ فقال: نَعَم(11)

    ”يا مولا منهنجو گهر تمام پري آهي آئون پنهنجا مسئلا پڇڻ جي لاءِ توهان جي خدمت ۾ حاضر نٿو ٿي سگهان، ڇا توهان يونس بن عبد الرحمان جي تائيد فرمايو ٿا ته آئون ان کان پنهنجا ديني مسئلا معلوم ڪري سگهان؟ فقال نعم امام فرمايو: جي ها“
    معلوم ٿيو ته تقليد جو لازم ۽ واجب هجڻ عقل کان علاوه قرآن ۽ حديثن مان به ثابت آهي، ليڪن افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته انهن واضح ۽ روشن دليلن جي باوجود به ڪجهه ماڻهو تقليد کي بدعت قرار ڏين ٿا، بلڪه باطل ۽ حرام سمجهن ٿا، ائين ڇو آهي؟ اهو ان ڪري آهي جو يا انهن ماڻهن جو قول معصوم تي يقين نه آهي يا قرآن جي مطابق سندن دلين تي تالا لڳل آهن جو هو حق جي ڳالهه کي ٻڌن ٿا ليڪن قبول نٿا ڪن، خدا ئي آهي جيڪو اهڙن ماڻهن جي هدايت ڪري انهيءَ کان سواء مشڪل آهي.
    جيڪي ماڻهو تقليد جا منڪر آهن يا تقليد جي حرام هجڻ جي فتويٰ ڏين ٿا اهي يقينا تقليد جي معنيٰ ۽ مفهوم کان غافل آهن ۽ ان باري ۾ علماء جي مراد نه سمجهي سگهيا آهن، ڇو جو اگر تقليد جو مطلب اهو هجي ته ڪنهن مجتهد ۽ سندس گفتار کي پيغمبر ۽ امام جي مد مقابل قرار ڏنو وڃي مثال طور ائين چوي ته پيغمبر ۽ امام جو فرمان هي آهي ۽ انهن جي مقابلي ۾ منهنجي فتويٰ هي آهي، يعني سندس فتويٰ جي نسبت آيات ۽ روايات جي طرف نه هجي ته اهڙي مجتهد جي تقليد بدعت ۽ حرام آهي، ڇو جو احڪام الهي ۽ دستورات شرعي جي حصول ۾ ڪتاب خدا (قرآن مجيد) ۽ روايات معصومين (جيڪي فقط چوڏهنن هستيون آهن) کان علاوه ڪنهن جي ڳالهه قابل قبول نه آهي، ليڪن اگر فرض ڪريون ته هڪڙي شخص سالن جا سال زحمت ۽ تڪليف جي بعد آيات قرآني ۽ روايات معصومين عليهم السلام منجهان احڪام ۽ قوانين الهي کي حاصل ڪيو آهي، يعني جيڪو ڪجهه هن وٽ آهي قرآن ۽ روايات معصومين منجهان آهي ته هن صورت ۾ جيڪو شخص خود ڪلام خدا ۽ ائمه جي روايات منجهان احڪام خدا ۽ دستورات ديني کي سمجهڻ جي قدرت نٿو رکي اهو پنهنجي ديني مسئلن جي باري ۾ اهڙي عالم جي تقليد ڪري ته يقينا اهڙي تقليد عقلا به صحيح آهي ۽ دستورات ائمه جي مطابق لازم ۽ واجب آهي، بس واضح ٿي ويو ته مجتهد جي فتويٰ اُن مطلب جو بيان هوندي آهي جيڪو هو خدا، رسول ۽ ائمه جي روايات منهجان حاصل ڪندو آهي.
    منبع: http://www.sindhi.shiadost.com ن: سجاد حیدر حیدری