islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ثقة الاسلام محمد بن يعقوب ڪليني

    ثقة الاسلام محمد بن يعقوب ڪليني

    Rate this post

    چوٿين صدي هجريءَ جي برک دانشمندن جي احوالن جي شرح جي شروعات ۽ مشهور دانشمند، فقيهه ۽ شِيعن جي نامور مُحدّث جو تعارف ان صديءَ جي اڌ ۾، يعني ثقة الاسلام محمد بن يعقوب بن اسحاق ڪُليني رازي، جيڪو ” ڪليني“ يا ” شيخ ڪُليني“سان مشهور آهي شيخ ڪُليني اصل ايران جو رهاڪو آهي ۽ ” ڪُلين “ ڳوٺ جو آهي. ڪُلين حُسين جي وزن تي آهي ڪُلين 38 ڪلو ميٽر رَي شهر ۽ ڏاکڻي اولهندي طرف ۾ قم کان تهران ويندڙ رستي ۾، ۽ هاڻوڪي حسن آباد ۾ واقع آهي. انهيءَ ڪري شيخ ڪُليني کي ” رازي“ جي لقب سان سڏيو ويندو هو جيڪو ”رَي“ شهر جي طرف منسوب آهي.

    مشهور جغرافيدان ياقوت حموي سال 626 هه، ۾ وفات پائيندڙ لکي ٿو: ” استخري (سال 340هه، ۾ حال حيات) چيو آهي ته ري اصفهان کان وڏو آهي، ۽ مشرق ۾ بغداد کان پوءِ ان کان وڌيڪ آباد ڪوئي شهر ناهي توڻي جو نيشاپور وُسعت ۽ ايراضيءَ جي لحاظ سان ان کان وڏو آهي، ري ڊيگھ ۽ ويڪر ۾ ڏيڍ فرسخ آهي ۽ ان ۾ اهڙا ڳو ٺ موجود آهن جن مان هر هڪ شهر کان وڏو آهي“. ري بالخصوص ري جا ڳوٺ پهرين زماني کان ئي شيعن جي رهائش جي مرڪزن مان شمار ڪيا وڃن ٿا، جيتوڻيڪ اتان جا وڌيڪ ماڻهو سُني حنفي ۽ شافعي رهيا آهن. شيخ ڪُليني جي والد صاحب جي يعني يعقوب بن اسحاق جي آرامگاهه جيڪي ان زماني جي شيعا بزرگن مان هئا

    هينئر ڪُلين ڳوٺ ۾ موجود آهي ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ زيارت جي جاءِ بڻيل آهي علّان رازي ڪُليني جو مامون ۽ ٻيا فقهاء ۽ شيعا محدّث جيئن محمد بن محمد بن عصام شيخ ڪُليني جو شاگرد پڻ ان ڳوٺ جا رهاڪو آهن.

    جهانِ اسلام ۾ شيخ ڪُلينيءَ جو مقام

    ثقة الاسلام ڪُليني امام حسن عسڪري عليه السلام جي زماني ۾ پيدا ٿيو ۽ امام زمانه (عج) جي چئن سفيرن ۽ خاص نُوّاب جو همعصر هو جيڪي غيبتِ صغريٰ جي زماني ۾ امام زمانه(عج) ۽ سندس شيعن جي درميان رابطو برقرار ڪندڙ هئا.

    ان جي با وجود جو اُهي نوّاب خاص ۽ شيعن جي وڏن فقهاء ۽ محدثِن منجھان هئا ۽ شيعا انهن جي قدر ۽ منزلت کي ڄاڻندا هئا، تنهن هوندي به ڪليني مشهورترين بلند مرتبي واري شخصيت هئي جو ان زماني ۾ شيعن ۽ سُنين جي درميان احترام سان زندگي گذاري رهيا هئا.

    ۽ کلم کلا شيعه اماميه مذهب جي ترويج ۽ اهلبيت عليهم السلام جي معارف ۽ فضائل کي نشر ۽ ڦهلائڻ ۾ همت ڪري رهيا هئا. عام طبقن جي ڪچهري ۽ گفتگوءَ ۾ سندس سچي هجڻ ۽ ڪردار جي صحيح هجڻ ۽ مڪمل طور تي احاديث تي عبور ۽ تسلط رکڻ ڪري کين ساراهيندا هئا. اهڙي نموني جو لکيو اٿائون:شيعا ـ۽ سُني فتويٰ وٺڻ لاءِ شيخ ڪليني جي طرف رُخ ڪندا هئا ۽ ان باري ۾ ٻنهي فرقن لاءِ اعتماد جوڳو هو انهيءَ ڪري “ ثقة الاسلام ” جي لقب سان ملقب ٿيو ۽ شيخ ڪُليني پهريون اسلامي دانشمند ۽ عالم هو جنهن کي ان لقب سان سڏيو ويو، سچ پچ ۾ ان لقب جي لائق پڻ هو. امانت، عدالت، تقويٰ، فضِيلت، ۽ احاديث جي حفظ ۽ ضبط ڪرڻ ۾ جيڪي هڪ موثق جامع الشرائط محدث جي شرطن مان آهن، ڪوئي شيخ ڪُليني جهڙو نه هو، علامه ملا محمد تقي مجلسي جي قول مطابق: “ ڪُليني اسان جي سڀني دانشمندن جي درميان ۽ اهي جن اُنَ کان روايت ڪئي آهي اهڙي نموني سندس ڪتاب “ ڪافي” جي نظم ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ بينظير رهيو آهي ۽ اهي خصوصيتون رکڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته خداوند متعال جي طرفان کيس خاص تائيدون آهن.

    ڪُليني رحمة الله عليه شيعه دانشمندن جي نظر ۾

    شيخ الطائفه محمد بن حسن طوسي شيعا فقهاء جو راهنما جيڪو 560ه ۾ رحلت ڪري ويو پنهنجي جي عاليشان ڪتاب “ رجال” “ جن آئمه کان روايت ناهي ڪئي” جي باب ۾ لکي ٿو:

    ” ابو جعفر محمد بن يعقوب ڪليني“ جليل القدر عالم ۽ احاديث جو ڄاڻو هو. رجالي دانشمند ابو العباس احمد بن علي بن عباس ” نجاشي“ جيڪو 450هه ۾ وفات ڪري ويو، جنهن کي ڪيترن ئي شيعا رجالي دانشمندن مان شمار ڪيو آهي. جنهن پنهنجي رجال کي فهرست ۽ رجال شيخ طوسي کان پوءِ لکيو آهي. نجاشي شيخ ڪليني کي هنن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي ” ابو جعفر محمد بن يعقوب بن اسحاق ڪليني“ جنهن جو عَلان ڪليني مامو آهي. محمد بن يعقوب ڪليني پنهنجي زماني ۾ شيعا علماء جو پيشوا ۽ انهن جو چمڪندڙ چهرو ري شهر ۾۽ انهن منجھان سڀ کان وڌيڪ حديث ۽ ان جي ضبط ڪرڻ ۾ موثق هو. پنهنجي وڏي ڪتاب ” ڪافي“ کي جيڪو ڪليني جي نالي سان مشهور هو ويهن سالن جي عرصي ۾ تصنيف ڪيو….” پوءِ ڪافي جي ڪتابن ۽ ڪُليني جي تاليفن جو ذڪر ڪري ٿو…“.

    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتابِ ڪافي نجاشيءَ جي زماني تائين پنهنجي مؤلف “ ڪليني” جي نالي سان مشهور هو.

    شيخ ۽ نجاشي کان پوءِ جيڪي علماء رجال ۽ تراجم جي اڳواڻن مان آهن، اسان جي سمورن داشمندن جتي به ڪُليني جي نالي سان يا سندس وڏي ۽ نالي واري ڪتاب ” ڪافي“ جو نالو کنيو آهي انَ کيس شيعن جي موثق دانشمندن جي عنوان سان ۽ حديث جي سمجھڻ نقل ۽ ضبط ڪرڻ ۾ ۽ سندس ڪتاب ڪافي جي بهترين ترتيب ۽ تنظيم سان ياد ڪيو آهي. ابن شهر آشوب مازندراني ۽ علامه حلي ۽ ابن داوود پنهنجي معمول مطابق ڪليني جي ساراهه ۾ ساڳيون ئي تعبيرون استعمال ڪيون آهن.

    سيد ابن طاووس جيڪو 664هه ۾ وفات ڪري ويو لکي ٿو: ڪليني امانت ، وثاقت ۽ حديث جي نقل ۾ اسانجي دانشمندن جي عموم ۾ موردِ اتفاق آهي. علاّمه مجلسي جيڪو سال 1110 ۾ وفات ڪري ويو “ مرآت العقول” اصول ڪافي جي شرح ۾ لکيو آهي: “ ماڻهن جي گروهه ۾ موردِ قبول ۽ عام خاص ان جي مدح ڪندا هئا”.)علي دواني، مفاخرِ اسلام، ج3، تهران ناشر مرڪز اسناد انقلاب اسلامي، ڇاپو ٻيو ڇپائي سال 1378ش، صفحو 27_30. ( اختصار کي مدِ نظر رکندي ڪجھ مطلبَ گھٽائيندي(.

    شيخ ڪليني سني علماء جي نظر ۾

    ڪليني سني عالمن جي نظر ۾ خصوصاً انهن عالمن جي نظر ۾ جيڪي ان کان پوءِ آيا تمام گهڻو وڏو ۽ عظيم شمار ڪيو وڃي ٿو.

    سڀني ساڻس کي ٻڌائيدي ، ساراهيندي سندس فقاهت ۽ عظمت ۽ بزرگي جو اعتراف ڪيو آهي .

    ابن اثير جَزَري پنهنجي مشهور ڪتاب ” جامع الاصول “ ۾ لکي ٿو . ابو جعفر بن محمد بن يعقوب رازي ، مذهب اهلبيت عليهم السلام جو اڳواڻ ، هڪ وڏو دانشمند ۽ نامور فاضل آهي . پوءِ ڪتاب ”نبّوت“ جي حرف ”ن“ ۾ ڪليني کي شيعه مذهب جو وري تجديد ڪندر ٽئين صدي هجري ۾ ڄاتو آهي .

    ابن اثير امام صادق عليه السلام کان روايت نقل ڪري ٿو ته امام فرمايو : ”خدا هر صديءَ ۾ هڪ شخص کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو سندس دين کي زندھ ۽ نامدار نالي وارو (نامور) بڻائي “ .وڏي مهل ان حديث جي باري ۾ گفتگو ڪندي چوي ٿو : شيعه مذهب کي تجديد ۽ زندھ ڪرڻ وارن مان پهرين صديءَ جي شروعات ۾ امام محمد بن علي عليه السلام (پنجون امام) ۽ ٻئيءَ صدي جي شروعات ۾ امام علي بن موسى رضا عليه السلام ، ۽ ٽئين صدي جي مُنڊ ۾ ابو جعفر محمد بن يعقوب ڪليني رازي رهي آهن “ .

    ابن اثير جي لکڻيءَ مان ڀلي نموني ڪليني جو مقام ظاهر ٿئي ٿو ۽ اها پروڙ پوي ٿي ته هر تئين صديءَ جي پڄاڻيءَ ۾ ۽ چوٿين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ شيعن جي برک دانشمندن مان هو . جنهن جي ڪري ان کي ٻن امامن کانپوءِ مذهب شيعه جو مجدد (يعني : ٻيهر زندھ ڪندڙ ، ٻيهر احياء ڪندڙ) ڄاتو آهي .

    ابن اثير جو ننڍو ڀاءُ ، يعني عزالدين علي بن اثير جزري پڻ سال 328 هجري جي واقعات جي شروعات ۾ پنهنجي تاريخ ۾ ڪلينيءَ کي پهريون دانشمند ڄاتو آهي . جيڪو ان سال هن فاني دنيا کان اکيون ٻوٽي ويو .

    ۽ لکي ٿو : ” هن سال محمد بن يعقوب ابو جعفر ڪليني جيڪو شيعن جو اڳواڻ ۽ انهن جو دانشمند هو وفات ڪري ويو “

    فيروز آبادي : وڏو لغت دان دانشمند ، سال 818 ۾ وفات پائيندڙ ” قاموس“ ۾ لفظ ”ڪُلين“ ۾ شيخ ڪلينيءَ کي ياد ڪندي ان کي شيعن جي فقهاء مان شمار ڪيو آهي .

    ابن حجر عسقلاني سال 852 ۾ لاڏاڻو ڪندڙ پنهنجي مشهور ڪتاب ” لسان الميزان“ ۾ جيڪو سني عالمن جي احوال جي شرح ۽ تفصيلاً لکيو آهي .

    اسان جي بزرگ دانشمند جي باري ۾ لکي ٿو، محمد بن اسحاق ابو جعفر ڪليني رازي بغداد جو رهڪو هو ۽ اتي محمد بن احمد جبار ۽ علي بن ابراهيم بن عاصم ۽ ٻين کان روايت ڪندو هو . ڪليني شيعن جي فقهاء منجهان آهي انهن منجهان آهي جنهن شيعن جي مذهب مطابق ڪتاب لکيا آهن . (مفاخر الاسلام ، ج3 ،31،32 _علي دواني )

    ۽ ابن حجر عسقلاني پنهنجي ٻئي ڪتاب ” التبصير“ پڻ چيو آهي ” ابو جعفر محمد بن يعقوب ڪليني ، شيعه دانشمند جي رؤسا منجهان آهي جيڪو مقتدر(عباسي خليفي) جي زماني ۾ زندهي گذري رهيو هو“.

    انهن کانسواءِ ٻيا سمورا عالم پڻ جڏهن به ڪليني جي نالي تي رسيا آهن . ان کي هڪ وڏي دانشمند ۽ نامور فقيه ۽ شيعن جي اڳواڻن سان ياد ڪيو آهي . (مفاخرالاسلام ، ج3 ، ص31_33 )
    منبع:http://www.mwilayat.com