islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. جنت البقيع ۾ دفن شخصيتون (ڀاڱون ٻيون)

    جنت البقيع ۾ دفن شخصيتون (ڀاڱون ٻيون)

    Rate this post

    (9) جناب امّ البنين
    جناب امّ البنين امام علي عليه السلام جن جي گھر واري آهي ۽ حضرت ابوالفضل عباس عليه السلام جي والده محترمه آهي. صاحب معالم مڪي ۽ مديني جي مطابق جناب امّ البنين جو نالو فاطمه آهي. جناب امّ البنين پنهنجي نالي کي ان جي ڪري تبديل ڪيو تاڪي امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام جن کي پنهنجي ماءُ بيبي زهراء عليها السلام ياد نه اچي. جناب امّ البنين امام حسن ۽ امام حسين عليها السلام جن سان گھڻي محبت ۽ پيار ڪنديون هيون. ڪربلا جي ميدان ۾ بيبي جا چار فرزند امام حسين عليه السلام تان قربان ٿيا
    . بيبي جي وفات کان پوءِ بيبيءَکي جنت البقيع ۾ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جن جي ڦڦي جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو آهي. جناب بيبي امّ البنين جي قبر مبارڪ جنت البقيع جي کاٻي پاسي واري ڀت سان مليل آهي، جتي زيارت ڪرڻ جي لاءِ گھڻي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. افسوس، جو اها قبر به اڄ ويران ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
    (10) جناب صفيه بنت عبد المطلب؛
    جناب صفيه نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جن جي ڦڦي آهي ۽ عوام بن خولد جي گھر واري آهي. جناب صفيه هڪ دلير عورت هئي. هن بيبي جو هڪ واقعو مشهور آهي ته جڏهن هڪ جنگ ۾ بني قريظه جو هڪ يهودي سپاهي مسلمان عورتن جي خيمي ۾ آيو ته جناب صفيه حسان بن ثابت کي چيو ان کي قتل ڪر ته هن ان کي قتل ڪرڻ جي همٿ نه ڪئي. ته جناب صفيه پاڻ ان تي حملو ڪري ان کي جهنم جي حوالي ڪيو. بيبي سڳوريءَ جي وفات 20 هجري ۾ ٿي ۽ ان کي جنت البقيع ۾ مغيره بن شعبه جي گھر جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. اها جڳهه پهريان بقيع العمات جي نالي سان مشهور هئي. مورخين جي مطابق پهريان قبر هئي. پر اڄ فقط قبر جي نشاني موجود آهي .
    (11) جناب عاتڪه بنت عبد المطلب؛
    جناب عاتڪه به نبي سائين جن جي ڦڦي آهي جناب عاتڪه جي وفات مدينه منوره ۾ ٿي ۽ کيس پنهنجي ڀيڻ جناب صفيه جي پاسي م دفن ڪيو ويو آهي. جناب عاتڪه جي قبر مبارڪ جو ذڪر رفعت پاشا پنهنجي سفر نامي ۾ ڪيو آهي. مگر افسوس جو اها قبر پڻ ويران ڏسڻ ۾ اڇي ٿي. فقط نشاني باقي رهجي وئي آهي.
    (12) جناب حليمه سعديه؛
    جناب حليمه جو تعلق قبيله سعد بن بڪر سان آهي ، بيبي پڻ مدينه ۾ وفات ڪئي۽ بيبيءَ کي جنت البقيع جي اوڀر جي اتر واري پاسي شروع ۾ دفن ڪيو ويو آهي . جناب حليمه جي قبر مبارڪ تي هڪ عظيم قبو، اڏيل هيو، حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه و آله وسلم جناب حليمه جي قبر جي زيارت لاءِ تمام گهڻو ايندا هئا.(21) پر الله جي نبيءَ جي رضائي ماءُ جي قبر به اڄ ويران آهي ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ته الله جي پيار رسول محمد مصطفى صلى الله عليه و آله وسلم جن جي زيارت واري جڳهه به اڄ سنسان آهي جنهن جي ڪا به نشاني ڏسڻ ۾ نٿي اچي.
    (13) جناب ابراهيم بن رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم ؛
    جناب ابراهيم نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جن جا پٽ آهن. جن جي ولادت 7 هجري مدينه منوره ۾ ٿي آهي. پر سورهن يا ارڙهن مهينن کان پوءِ وفات ٿي. جناب ابراهيم ابن رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم جن جي وفات جي وقت نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم فرمايو: ادفنوه في البقيع فان له مرضا في الجنه تتم رضاعه.(22) هن کي بقيع ۾ دفن ڪيو بيشڪ هن کي کير پيارڻ واري جنت ۾ موجود آهي، جيڪا هن جي رضايت (کير پيارڻ جو مقرر عرصي)کي پورو ڪندي. جناب ابراهيم عليه السلام جي دفن کان بعد ۾ جنت البقيع ۾ بيٺل وڻن کي ڪٽيو ويو. جنهن کان پوءِ هر قبيلي وارن پنهنجين جڳهن کي مخصوص ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ باغن واري جنت البقيع هڪ سنسان قبرستان ۾ تبديل ٿي وئي. ابن بطوطه جي چوڻ مطابق جناب ابراهيم ابن رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم جي قبر مبارڪ جي مٿان هڪ سفيد رنگ جو قبو هيو. اهڙي نموني سان رفعت پاشا به اڇي قبر جو ذڪر ڪيو آهي. پر افسوس جو رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم جن جي فرزند جي قبر مبارڪ به ويرانيءَ واري جڳهه ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
    (14) جناب عثمان بن مظعون؛
    جناب عثمان بن مظعون نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جن جا وفادار ۽ عظيم صحابي هئا. جناب عثمان بن مظعون ان وقت اسلام قبول ڪيو جڏهن فقط 13 مسلمان هئا ۽ چوڏهون مسلمان جناب عثمان بن مظعون هيو. جناب عثمان پهرين هجرت ۾ پنهنجي ڀائيٽي سان گڏ هئا. ان کان پوءِ مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري آيا ۽ جنگ بدر ۾ به پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم گڏ هئا. عبادت ۾ بي مثال هوندا هئا. جناب عثمان بن مظعون جي وفات 2 هجري قمري ۾ ٿي پاڻ هجرت ڪرڻ وارن مان پهريون آهي جنهن جي وفات مدينه منوره ۾ ٿي. حضرت عائشه جي نقل ٿيل روايت جي مطابق رسول خدا 3 پنهجي ان صحابي جي ميت کي چمي ڏني ۽ پاڻ سڳورا 3 زور سان رنا. ۽ نبي اڪرم 3 پنهنجن مبارڪ هٿن سان جناب عثمان بن مظعون جي قبر مبارڪ تي نشاني طور تي پٿر رکيائون. پر مروان بن حڪم ظالم بادشاه مديني ۾ پنهنجي حڪومت جي زماني ۾ اهو پٿر ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. جنهن تي بني اميه ان جي وڏي مذمت ڪئي .(23)
    (15) جناب اسماعيل ابن امام جعفر صادق عليه السلام ؛
    جناب اسماعيل امام جعفر صادق عليه السلام جن جا وڏا فرزند آهن ۽ ان جي وفات مولا جن جي زندگي مبارڪ ۾ئي ٿي. سمهودي لکيو آهي ته جناب اسماعيل جن جي قبر زمين کان مٿي هئي. اهڙي طرح مطري به ذڪر ڪيو آهي ته جناب اسماعيل جي قبر ۽ ان جو اتر واري حصي ۾ امام سجاد عليه السلام جو گھر هيو جنهن جي ڪجھ حصي ۾ مسجد ٺاهي وئي هئي. جنهن مسجد جو نالو (مسجد زين العابدين) هيو.(24)

    ”مراءة الحرمين“ جي مؤلف جناب اسماعيل جي قبر مٿان قبي جو ذڪر ڪيو آهي. 1395هجري قمري ۾ جڏهن سعودي جي حڪومت مدينه جي روڊن کي وڏو ڪرڻ شروع ڪيو ته جناب اسماعيل جي قبر کوٽي وئي ته جناب اسماعيل جو جسم سالم هيو پوءِ ان کي جنت البقيع جي قبرستان ۾ جنگ احد ۾ شهيد ٿيڻ وارن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
    (16) جناب ابو سعيد خدري؛
    جناب ابو سعيد خدري نبي اڪرم3 جو وفادار ۽ امام علي عليه السلام جو عاشق ۽ پيروڪار صحابي هيو، جنهن جي وفات مدينه منوره ۾ ٿي سندس ڪيل وصيت مطابق کيس بقيع ۾ دفن ڪيو ويو. رفعت پاشا پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته جناب ابوسعيد خدري جي قبر معروف قبرن مان هڪ آهي.(21)امام رضا عليه السلام جن جڏهن مامون رشيد کي اسلام جي حقيقت متعلق خط لکيو ان ۾ جناب ابو سعيد خدري کي ثابت قدم ۽ مؤمن قرار ڏيندي ابو سعيد خدري جي لاءِ رضي الله و رضوان الله عليهم جا لفظ استعمال ڪيائون.(25)
    (17) جناب عبد الله بن مسعود؛
    جناب عبد الله بن مسعود رسول الله 3 جن جي صحابين مان آهي ۽ امام علي عليه السلام جي وفادار ساٿين مان آهي. ۽ قرآن مجيد جو مشهورقاري هوندو هيو. جناب عبد الله بن مسعود کي خلافت جي ٻئي دور ۾ نبي اڪرم 3 جي حديثن کي نقل ڪرڻ جي سزا ۾ زندان ۾ رکيو ويو. گھڻو عرصو زندان ۾ رهيو.(26)جناب عبد الله بن مسعود جي وفات 33 هجري قمري ۾ ٿي. جناب عبد الله وصيت ڪئي هئي ته مونکي جناب عثمان بن مظعون جي قبر جي پاسي ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ جناب عثمان بن مظعون جي باري ۾ فرمائي ٿو:
    فانه کان فقيها
    يقيناً عثمان بن مظعون فقيهه هيو. رفعت پاشا پنهنجي سفر نامي ۾ جناب عبد الله بن مسعود جي قبر جو ذڪر ڪيو آهي.(27)
    نبي اڪرم 3 جون گھر واريون؛
    جنت البقيع ۾ نبي اڪرم 3 جن جي گھروارين منجھان تقريبا 10 گھرواريون جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهن، جنجا نالا هيٺ بيان ڪجن ٿا:
    (1) جناب زينب بنت خزيمه، وفات 4 هجري ۾
    (2) جناب ريحانه بنت زيد ،وفات 8 هجري ۾
    (3) جناب ماريه قبطيه ،وفات 16 هجري ۾
    (4) جناب زينب بنت جحش، وفات 20 هجري ۾
    (5) ام حبيبه،وفات 42 هجري يا 43 هجري ۾
    (6) حفصه بنت عمر، وفات 45 هجري ۾
    (7) سوده بنت زمعه، وفات 50 هجري ۾
    (8) صفيه بنت حي، وفات 50 هجري ۾
    (9) جويديه بنت حارث، وفات 50 هجري ۾
    (10) ام سلمه، وفات 61 هجري ۾
    هي قبرون جناب عقيل جي قبر جي ويجھو آهن جن کي ابن بطوطه پنهنجي سفر نامي ۾ ۽انهن تي اڏيل قبن جو به ذڪر ڪيو آهي.(28) پر آل سعود جي ظلمن جي ڪري نه قبرون آهن ۽ نه ئي انهن جي مٿان اڏيل قبا آهن.
    (28کان30) جناب رقيه .جناب ام کلثوم، جناب زينب هنن جي پرورش رسول خدا 3 ۽ حضرت خديجه ڪئي. ان جي ڪري انهن جي قبرن کي مورخين(قبور بنات الرسول الله )
    جي نالي سان ياد ڪيو آهي. رفعت پاشا به انهن کي رسول خدا 3 جن جي اولاد مڃيو آهي ۽ هو لکي ٿو ته گھڻن ماڻهن جي قبرن کي سڃاڻڻ ڏکيو آهي البته ڪجھ بزرگن جي قبرن مٿان قبا اڏيل آهن انهن قبن وارين قبرن ۾ جناب ابراهيم بن رسول الله 3
    ام کلثوم، رقيه، زينب وغيره جون به قبرون آهن. جيڪي رسول الله 3 جي اولاد آهن.
    (31) جنگ احد جا شهيد؛
    ائين ته جنگ احد جي ميدان ۾ شهيد ٿيڻ وارن جي تعداد فقط ستر آهي، مگر ڪجھ گھڻي زخمي هجڻ ڪري مديني منوره ۾ شهيد ٿيا انهن کي جنت البقيع ۾ هڪ جڳهه تي دفنايو ويو جيڪي جناب ابراهيم عليه السلام جي قبر جي تقريبن 20 ميٽر جي فاصلي تي آهن هينئر فقط انهن شهيدن جي قبرن جي نشاني باقي آهي.
    (32) واقعه حرا جا شهيد؛
    ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي شهادت کان بعد ۾ مديني منوره ۾ هڪ اهڙي بغاوت جو طوفان هليو جنهن ۾ اهو محسوس پئي ٿيو ته بني اميه جي خلاف تمام عالم اسلام قيام ڪندو ۽ خلافت تبديل ٿي ويندي. پر مديني وارن کي چپ ڪرائڻ لاءِ يزيد مسلم بن عقبه جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اهڙي لشڪر کي موڪليو جنهن مديني ۾ داخل ٿي اهڙو ظلم ڪيو جنهن کي قلم به لکڻ کان شرمائي ٿو. ان واقعي ۾ شهيد ٿيڻ وارن کي به بقيع ۾ دفن ڪيو ويو. اها جڳهه هڪ ڀت ۽ ڇت سان هوندي هئي. پر اڄ ان ڀت کي ڊاهي فقط قبرن جي مٿان نشاني طور تي ننڍن ننڍن ڀتن کي بيهاريو ويو آهي.
    (33) جناب محمد بن حنفيه:
    جناب محمد بن حنفيه مولاءِ ڪائنات جن جو دلير فرزند هيو. جناب محمد بن حنفيه کي پنهنجي ماءُ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. امام حسين عليه السلام جو اهو مشهور خط جنهن ۾ مولا جن ڪربلا جي طرف سفر ڪرڻ جو سبب لکيو آهي. اهو خط به محمد بن حنفيه جي نالي لکيائون.(29)
    محمد بن حنفيه جي وفات 83 هجري ۾ ٿي ۽ ان کي بقيع ۾ دفن ڪيو ويو.
    (34) جناب جابر بن عبد الله انصاري؛
    جناب جابر بن عبد الله انصاري پيغمبر اسلام 3 ۽ امير المؤمنين علي عليه السلام جا پيارا صحابي هئا. جابر بن عبد الله انصاري پاڻ سڳورن 3 جي هجرت ڪرڻ کان 15 سال پهريان هن دنيا ۾ آيا ۽ رسول الله 3 جن جي مديني اچڻ کان پهريان اسلام قبول ڪيو. رسول الله 3 پنهنجا سلام جيڪي امام محمد باقر عليه السلام ڏانهن موڪليا انهن جي ذميواري جابر بن عبد الله انصاري تي رکي. پاڻ پنهنجي سڄي زندگي رسول الله 3 جي خاندان جي خدمت ۾گذاري ۽ امام حسين عليه السلام جن جي شهادت کان پوءِ ڪربلا جو پهريون زائر (زيارت ڪرڻ وارو) آهي. مگر حجاج بن يوسف ثقفي محمد وآل محمد F جن جي محبت خاطر جابر بن عبد الله انصاري جي جسم کي ساڙايو ۽ سندن شهادت 77 هجري ۾ ٿي ۽ کين بقيع ۾ دفنايو ويو.
    (35) جناب مقداد بن اسود؛
    پاڻ رسول الله 3 ۽ امام علي عليه السلام جن جا معتبر ۽ وفادار صحابي هئا. ۽ پنهنجي سڄي زندگي امام علي عليه السلام جي امامت ۽ خدمت ۾ گذاري ڇڏيائين. ۽ مولا جن جو دفاع ڪندا رهيا. امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا جناب مقداد جو شمار رسول الله 3 جي انهن بزرگ صحابين مان ٿئي ٿو. جيڪي صحابي رسول 3 جي رحلت کان پوءِ به ثابت قدم ۽ ايماندار رهيا.(30)
    هي اسان مختصر طور انهن جو ذڪر ڪيو جيڪي جنت البقيع جي سنسان قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن ۽ انهن بزرگن جو ذڪر ڪيو جنهن جي ذڪر ڪرڻ کان سعودي حڪومت بيزار آهي. سعودي حڪومت انهن بزرگن جي نشانن کي ڊاهي ڪري انهن جو نالو نشان ختم ڪرڻ چاهي ٿي. اهو سڀ ان جي ڪري جو انهن مان ڪجھ اهڙا فرد هئا جن پنهنجي سڄي زندگي محمد وآل محمد F جي محبت ۾ گذاري. ۽ آخرت جي سعادت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيا.
    آخر ۾ اسان جي خداوند متعال جي بارگاه ۾ اها ئي دعا آهي ته الله سائين اسان کي محمد و آل محمد F جي صدقي ۾ انهن بزرگن جي ڏنل سبق تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسلام جي حقيقت کي سدائين ظاهر ڪرڻ وارن جي قدم تي ثابت قدم فرماء.
    منبع:http://www.mwilayat.com