islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. جيڪڏهن ماڻهن کي خبر هجي ها؟

    جيڪڏهن ماڻهن کي خبر هجي ها؟

    Rate this post

    امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته ” اگر ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته امام حسين عليه السلام جن جي زيارت ڪرڻ ۾ ڪيترا فائدا آهن ته ان کي حآصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان جنگ ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا ۽ پنهنجو سڄو ڌن دولت ان راه ۾ ختم ڪري فقط ۽ فقط امام حسين عليه السلام جن جي زيارت لاءِ نڪري پون ها هڪ ٻئي مقام تي امام جن فرمايو ” خدا جي قسم اگرامام حسين عليه السلام جن جي زيارت جي فضليت لاءِ مان اوهان جي آڏو حديثون بيان ڪريان ته توهان حج ڪرڻ ڇڏي ڏيو امام موسي ڪاظم عليه السلام جن فرمائن ٿا
    ” جيڪو به شخص معرفت سان امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪري ٿو ان جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ثواب هي آهي ته خدا ان جا سڀ گذريل گناه معاف ڪري ڇڏيندوحضرت سيد الشهداء جن جي زيارت جي ثواب لاءِ تمام گھڻيون حديثون بيان ٿيل آهن انهن حديثن جو تعداد به تمام گھڻو آهي هن مختصر مضمون ۾انهن سڀني کي بيان نه ٿو ڪري سگھجي هتي فقط انهن فائدن کي بيان ڪجي ٿو جيڪي ائمه معصومين امام حسين عليه السلام جن جي زيارت لاءِ ذڪر ڪيا آهن هي سڀ جا سڀ فائدا اسان جي معتبر ۽ مشهور ڪتاب ( وسائل الشيعه )۾ ذڪر ٿيل آهن

    1. رزق ۾ واڌارو

    2 . ٿيندوزندگي ڊگھي ٿيندي

    3. مشڪلاتون پري ۽ حل ٿي وينديون

    4. امام حسين عليه السلام جن جو زوار(50) پنجاه ماڻهن جي شفاعت(بخشش) ڪري سگھي ٿو.

    5. امام جن جي قبر وٽ تمام حاجتون پوريون ٿي وينديون.

    6. امام حسين عليه السلام جن جي زوار لاءِ ملائڪ دعا ڪن ٿا

    7. امام حسين عليه السلام جي زوار جو نالو اعلي عليين ۾ لکيو ويندو

    8. امام حسين عليه السلام جو زوار جنهن وقت امام جي زيارت جي ارادي سان گھران ٻاهر.

    نڪري ٿو ته ان وقت خدا وند عالم ان جا سڀ گناه معاف ڪري ٿو ڇڏي .

    9. هڪ هزار قبول ٿيل حج جو ثواب ان کي ملندو.

    10. زيارت کان واپسي تي ان جي جان۽ مال جي حفاظت خدا جا ملائڪ ڪن ٿا.

    11. قيامت جي ڏينهن امام حسين عليه السلام جو زوار عذاب الاهي کان محفوظ هوندو .

    12. زيارت لاءِ اٿندڙ پهريون قدم ان جي بخشش جو سبب بڻجندو ۽ ٻيا قدم ان جي عزت جو سبب بڻجندا .

    13. زيارت لاءِ خرچ ڪيل پئسن جي عيوض ان کي 10 برابر دنيا ۽ آخرت ۾اجر ملندو

    14. امام حسين عليه السلام جي زوار کي ڏسي ڪري قيامت جي ڏينهن ٻيا ماڻهون تمنا ڪندا ته ڪاش اسان به امام حسين جي زيارت لاءِ وڃون ها .

    15. امام حسين عليه السلام جا زوار قيامت جي ڏينهن نوراني دستر خوان تي غذا کائيندا .

    16. امام حسين عليه السلام جو زوار بهشت (جنت) ۾ رسول خدا ۽ حضرت هاشم جو پاڙيسري هوندو .

    17. امام حسين عليه السلام جن جا زوار ٻين ماڻهن کان چاليھ (40) سال پهريان جنت ۾ ويندا .

    18. امام حسين جي زوار جي هر حاجت خدا پوري ڪندو.

    19. امام حسين عليه السلام جي زوار جي موت شهادت جي موت جي برابر آهي

    20 . امام حسين عليه السلام جي زوار کي مسجد الحرام ۾ ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻ ۽ اعتڪاف ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو

    21 . هر مهيني امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ هزار شهيدن جي ثواب جي برابر آهي

    22 . امام حسين عليه السلام جي زوار جي هر قدم جو ثواب هزار جيڪيون ۽ هزار گناهن جي بخشش آهي

    23 . سندن زيارت جي لاءِ هر قدم کڻڻ جو ثواب حضرت اسماعيل عليه السلام جي نسل مان غلام آزاد ڪرائڻ جيترو آهي

    24 .سندن زيارت جو هر ڏينهن هزار مهينن جي برابر آهي

    25 . سندن زيارت لاءِ اٿندڙ هر هڪ قدم جو ثواب عمره ۽ حج جي برابر آهي

    26 . امام حسين عليه السلام جي زيات جو ثواب جنگ بدر جي هزار شهيدن جي برابر آهي

    27 . سندن زيارت جو ثواب هزار قبول ٿيل صدقن جي برابر آهي

    28 . زيارت جو ثواب هزار روزيدارن جي ثواب برابر آهي 29 . هزار غلامن کي آزاد ڪرائڻ جي برابر آهي

    30 . زوار اگر الله جو خاص ٻانهون هجي ته ان جو نالو ڀلارن ماڻهن ۾ لکيو وڃي ٿو

    31 . امام حسين عليه السلام جن جي زيارت ڪرڻ جو ثواب جهاد لاءِ هزار گھوڙن کي سينگارڻ جي برابر آهي

    32 . امام حسين عليه السلام جي زيارت خدا جي زيارت جي برابر آهي

    33 . نبي يا امام سان گڏجي هزار جنگ وڙهڻ جي برابر ثواب آهي

    34 . عرفه جي ڏينهن امام حسين عليه السلام جي زيارت ڏه لک حج ۽ ڏه لک عمري جي ثواب جي برابر آهي

    35 . امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ واري تي خدا ناز(فخر) ڪري ٿو

    36۔ رسول اڪرم ۽ آئمه معصومين امام حسين عليه السلام جي زوار لاءِ دعا ڪن ٿا

    37 . امام حسين عليه السلام جو زوار قيامت جي ڏينهن امام حسين عليه السلام سان گڏ هوندو

    38 . امام حسين عليه السلام جي زيارت سٺن ڪمن مان تمام بهترين ڪم آهي

    39 . امام حسين عليه السلام جي زيارت جو ثواب تمام گھڻو آهي جنهن جو ڪو به اندازو نٿو لڳائي سگھجي

    40 . امام حسين عليه السلام جو زوار قيامت جي ڏينهن تمام نبين ۽ ملائڪن سان (مصافحو) ڪندو(هٿ ملائيندو)

    آخر۾ دعا آهي ته خدا اسان سڀني کي امام حسين عليه السلام جن جي زيارت وري وري نصيب ڪري ۽ ان جي سيرت تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن حقيقي پيغام سندن محبن تائين پهچائڻ جي سگھ عطا فرمائي.

    منبع:http://www.mwilayat.com نویسده:ایاز علی شاه