islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. حضرت امام جعفرصادق عليه السلام جن جي زندگي جا مختصر حالات

    حضرت امام جعفرصادق عليه السلام جن جي زندگي جا مختصر حالات

    Rate this post

    ڇهين امام جو نالو مبارڪ ”جعفر“ ڪنيت ”ابوعبدالله“ ۽ لقب ” صادق“ آهي توهان جو والد محترم امام محمد باقر عليه السلام ۽ والده محترمه
    جناب اُم فروه آهن .

    توهان 17 ربيع الااول سن 83 هه مديني ۾ پيدا ٿيا ۽ سن 148 هه ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، ۽ مشهور قبرستان ”بقيع” ۾ توهان کي پنهنجي والد گرامي جي قبر مبارڪ سان گڏ دفنايو ويو.
    امام عليه السلام جي دور جا خليفا
    امام جعفر صادق عليه السلام جي امامت جي شروعات سن 114 ھ ۾ ٿي.اهو،اُهو زماني هو جڏهن اموين جي حڪومت ختم ٿيڻ تي هئي ۽ ان حڪومت جو خاتمو سن 132 ھ ۾ ٿيو ۽ پوءِ عباسي حڪومت وجود ۾ آئي.
    امام عليه السلام جي علمي عظمت
    امام صادق عليه السلام جي علمي عظمت جي باري ۾ تمام گھڻا شواهد ۽ دليلون موجود آهن ۽ هن حقيقت کي شيعه ۽ سُني عالمن قبول ڪيو آهي۽وڏا وڏا عالم ۽ فقيه توهان جي علمي عظمت سامهون پنهنجو سر جھڪائيندي نظر اڇن ٿا ۽ توهان جي علمي صلاحيتن جي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا،حنفي مذهب جي مشهور عالم ابو حنفيه جو چوڻ آهي ته ؛ مان جعفر صادق عليه السلام کان وڏو عالم۽ڄاڻو ڪنهن شخص کي به نه پاتوآهي[1].
    مالڪي مذهب جي پيشوا ”مالڪ“ ڇيو آهي ته : مان هڪ عرصي تائين جعفر بن محمد عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هيس ، مان هميشه انهن کي ٽن حالتن ۾ ڏٺو: پاڻ يا ته نماز جي حالت ۾ هوندا هئا يا روزي سان يا وري قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا هئا.
    ۽ مان امام جن کي ڪڏهن به بغير وضو جي حديث نقل ڪندي ڪونه ڏٺم[2].
    اهل سنت جو بزرگ عالم دين حجر ميثمي لکي ٿو: توهان کان ايترا علوم نقل ٿيا آهن جيڪي تمام ماڻهن جي زبانن تي ۽ هر جڳھ تي پکڙجي ويا آهن، فقه ۽ حديث جي وڏن عالمن جھڙوڪ؛ يحيى بن سعيد ، ابن جريح، مالڪ سفيان ثوري سفيان بن عيننه ، ابو حنفيه“ شعبه ۽ ايوب سجناني جن توهان کان روايتون نقل ڪيون آهن[3] .
    امام عليه السلام جن جي زماني جا اجتمائي ، ثقافتي ۽ سياسي حالات
    آئمه معصومين عليهم السلام منجھان فقط امام جعفر صادق عليه السلام جو زمانو اهڙو هيو جڏهن اجتماعي ۽ ثقافتي حالات ٻين تمام امامن جي زماني کان مختلف هيا، ان ڪري جواُهوزمانوسياسي اعتبار کان بني اميه جي زوال (ضعف) ۽ تزلزل جو زمانو هيو۽ ان سان گڏوگڏ بني عباس جي اقتدار ۾ اضافي جو دور هيو اهي ٻئي قبيله هڪ عرصي کان پاڻ ۾ جنگ ۽ ڪشمڪش جي حالت ۾ هيا ، هشام بن عبدالملڪ جي دور کان عباسين جي تبليغات ۽اموين سان سياسي جهيڙا شروع ٿيا ۽ سن 129 ھ ۾ جنگ ۽ فوج جو ڪاھ شروع ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ سن 132 ھ ۾ انهن کي ڪاميابي ملي.
    ان ڪري جو ان دور ۾ بني اميه کي گھڻين سياسي مشڪلاتن جو سامهون ڪرڻو پيو.انهي ڪري انهن وٽ امام ۽ شيعن تي ظلم (امام سجاد عليه السلام جي دور وانگر) ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو ۽ عباسين طرفان به ڪو ظلم نه هيو ڇو جو اقتدار حاصل ڪرڻ کان پهرين اهي پيغمبر اڪرم ﷺ جي خاندان جي حمايت ۽ ان جي خون جي انتقام جو نعرو هڻي رهيا هئا، ان لحاظ کان هي دور امام جعفر صادق عليه السلام ۽ شيعن جي لاءِ آزاديءَ ۽ سڪون جو دور هيو ۽ امام جي علمي ۽ ثقافتي ڪاوشن لاءِ بهترين موقعو سمجھيو ويندو هيو.
    خاص ثقافتي حالات
    هڪ فڪري ۽ سماجي (فرهنگي) لحاظ کان امام جعفر صادق عليه السلام جو دور هڪ فڪري،سماجي ۽ ثقافتي دور هيو هن دور ۾ بي مثال طريقي سان اسلامي معاشري ۾ علم حاصل ڪرڻ جو شوق زور۽ شور سان پيدا ٿيو ۽ گھڻائي اسلامي ۽ غير اسلامي علوم مثلا : علم قرات ، قرآن ، علم تفسير، علم حديث، علم فقه، علم ڪلام، يا علوم انساني مثلا؛ طب، فلسفو، نجوم ۽ رياضي وغيره ظاهر ٿيا. جنهن وٽ به جيتري سگھ هئي ان هنن علوم کي ياد ڪرڻ ۾ پنهنجي سگھ صرف ڪري ڇڏي. ان بنياد تي ماڻهن ۾ هڪ عجيب علمي چاهت پيدا ٿي جنهن جو جواب ڏيڻ امام عليه السلام تي ضروري ٿي ويو .
    هن علمي تحريڪ ۽ بيداري جي اسبابن کي هيٺ ڏنل امور ۾ خلاصو ڪري سگھون ٿا.
    1_ اسلام ۾ فڪر ۽ عقيدي جي آزادي.
    2_ پيغمبر اڪرم ﷺ جو علم حاصل ڪرڻ ڏانهن تشويق ڪرڻ.
    3_ قومن ۽ ملتن ۾ علمي ۽ فڪري مسابقي(مقابلي) جو هجڻ .
    4_ غير مسلمانن سان گڏ صلح واري زندگي گذارڻ [4].
    فڪري، نظرين جو ٽڪراءُ
    امام جعفر صادق عليه السلام جو دور فڪرن جي ٽڪراءُ ۽ مختلف فرقن ۽ مذهبن جي وجود ۾ اچڻ جو دور هيو ، مسلمانن کي اهل ڪتاب جي نظرين ۽ عقيدن کان پڻ يونان جي دانشمندن کان ٽڪرائڻ جي بنياد تي ڪيترن ئي مختلف قسمن جون مشڪلاتون ظاهر ٿيون ان شيءَ کان منهن موڙيندي هر اسلامي علم ۾ ان علم جي عالمن ۾ نظرياتي اختلاف پيدا ٿي ويندو هيو مثلا: علم قرات قرآن ، تفسير،حديث،فقه ۽ علم ڪلام (علم ڪلام کان علاوه اصول عقائد جي علم) ۾ بحثون ۽ اعتراضات ٿيندا هيا۽ هر عالم پنهنجو،پنهنجو نظريو پيش ڪندو هيو ۽ پنهنجي عقيدي جي حمايت ڪندو هيو.
    امام جعفر صادق عليه السلام جن جي درسگاهه جي وسعت
    امام جعفر صادق عليه السلام هن دور ۾ پيش اچڻ وارن تمام فڪري ۽ عقيدتي واقعن جو مقابلو ڪيو ۽ هن جي مقابلي ۾ اسلام ۽ شيعت جي اهميت۽ حيثيت کي اجاڳرڪيو ۽ پڻ اسلامي فڪر جي بهترهجڻ کي ثابت ڪيو.
    امام جعفر صادق عليه السلام جي يونيورسٽي جا شاگرد فقط شيعه ڪونه هيا بلڪه اهل سنت والجماعت جا افراد به امام جن جي مڪتب کان مستفيض ٿيندا هيا ، اهل سنت جا مشهور پيشوا بغير واسطي يا واسطي سان امام جن جا شاگرد هيا جن منجھان سڀ کان پهريون ابو حنيفه هيو جيڪو ٻن سالن تائين امام جو شاگرد ٿي رهيو.
    ۽ ان ٻن سالن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ جي بنياد سڏرائيندو هو ۽ چوندو هيو ته : (( لولا السنتان لهلک النعمان)) اگر اهي ٻه سال نه هجن ها ته نعمان هلاڪ ٿي وڃي ها. (ابو حنيفه جواصلي نالو نعمان بن ثابت هو)
    امام جعفر صادق عليه السلام جا شاگرد مختلف علائقن مثال جي طورتي: ڪوفه، بصره، واسط ۽ حجاز وغيره ۽ مختلف قبيلن مثال جي طور تي : بني اسد، اشارق، طي ، مسلم ، غطفان اَزدُ، خُزاعه، خشعم، مخزوم، بني خبه ، قريش بالخصوص بني حارث بن عبدالمطلب ۽ بني الحسن مان هيا ، جيڪي توهان جي مڪتب مان تعليم حاصل ڪندا هئا [5].
    امام جعفر صادق عليه السلام جي يونيورسٽي جي وسعت کي بيان ڪرڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو ”حسين بن زياد“ جيڪو امام جعفر صادق عليه السلام جي وڏن شاگردن ۽ رازدانن منجھان هيو اهو چوي ٿو ته ” مسجد ڪوفي ۾ امام جن جي حديث کي نقل ڪرڻ وارا تقريبا 900 افراد هوندا هئا [6].
    امامت جي تبليغ جي غرض(مقصد) سان نمائندن کي موڪلڻ.
    امام عليه السلام امامت جي غرض کان نمائندن کي مختلف علائقن ڏانهن موڪليندا هئا انهن منجھان هڪ مرتبو ڪوفي جي رهڻ وارو هڪ شخص امام جي نمائندگي ۾ خراسان ويو ۽ ماڻهن کي امام جي ولايت جي دعوت ڏني ڪجھ ماڻهن دعوت قبول ڪئي ۽ ڪجھ وري انڪار ڪيو ۽ هڪ گروھ احتياط ۽ پرهيز جي عنوان سان ڪوبه جواب نه ڏنو.
    ان کانپوءِ هن ٽن گروهن مان هڪ هڪ شخص امام جعفر صادق عليه السلام سان ملاقات لاءِ آيو، ان سفر جي دوران ٽئين گروه جي نمائيندي(جن احتياط ڪيو) پنهنجي هڪ همسفر جي ڪنيز سان بدڪاري ڪئي. ( ۽ ڪنهن کي به هن شي جو علم نه هيو)
    جڏهن اهي ڪجھ افراد امام جي خدمت ۾ پهتا ته ان شخص ڪلام جي ابتداء ڪئي ۽ چيائين : اهل ڪوفه مان هڪ شخص اسانجي علائقي ۾ آيو هيو ۽ ماڻهن کي توهان جي اطاعت ۽ ولايت جي دعوت ڏني، ڪجھ ماڻهن دعوت قبول ڪئي ۽ ڪجھ ماڻهن مخالفت ڪئي ۽ ڪجھ ٻين ماڻهن پرهيز ۽ احتياط جي طور تي ڪو به جواب نه ڏنو.
    امام جن فرمايو ته : تون ڪهڙي گروهه منجھان آهين؟ ان شخص جواب ڏنو: مان احتياط ڪرڻ واري گروهه منجھان آهيان امام فرمايو: تون جيڪڏهن پرهيز گاري ۽ احتياط ڪرڻ وارو شخص آهين ته پوءِ ڇو تو فلان رات احتياط نه ڪيو ۽ خيانت وارو ڪم انجام ڏنو؟
    امام عليه السلام ڏانهن عباسي تحريڪ جي اڳواڻن جا خط
    بني اميه جي خلفين(خلافت) جي سلسلي جو خاتمو ۽ عباسين جو اقتدار تي اچڻ امام جعفر صادق عليه السلام جي دور ۾ ٿيو اموين جي حڪومت جي خاتمي جو سبب ماڻهن تي انهن جو ظلم ۽ ستم ڪرڻ،بدعتن کي ايجاد ڪرڻ ۽ پڻ حڪومت ۽ ملڪ جي امورن ۾ اسلامي تعليمات کان واضح طور تي منهن موڙڻ انهن ڪمن تمام ماڻهن جي نفرت ۽ غصي کي ڀڙڪايو ۽ اهوئي مسلمانن جي قيام ۽ انقلاب جو سبب بڻيو.
    بني عباس جي وڏن،وڏن ماڻهن جي هن غصي ۽ نفرت مان فائدووٺندي هن انقلاب جي قيادت کي هٿ ۾ ورتو، بني اميه جي خلاف ماڻهن جو قيام ۽ بغاوت جي اسباب منجھان ٻه سبب گھڻائي اثر رکن ٿا.
    پهريون سبب: بني اميه جي وجھ سان پيغمبر اڪرم ﷺ جي خاندان جي مظلومي انهن تي ظلم ڪرڻ.
    ٻيوسبب : بني اميه جي وجهه سان ڪجھ غير عرب مسلمانن(ايرانين) جي تحقير ڪرڻ ۽ انهن کي اجتماعي حقن کان محروم رکڻ هو
    انهي بنياد تي بني عباس هڪ پاسي پيغمبر ﷺ جي خاندان جي حمايت ڪندو هو ۽ ٻئي پاسي غير عرب مسلمانن(ايرانين) جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهي ڪري انهن ابو مسلم کي خراسان جي لاءِ روانو ڪيو ڇا ڪاڻ ته ان علائقي جي ماڻهن کي جيڪي گھڻي عرصي کان انقلاب ۽ قيام جي لاءِ تيار هئا انهن کي جنگ (قيام)ڪرڻ جي لاءِ گڏ ڪري .
    بني عباس جي امام ابراهيم جي وفات کانپوءِ ابو مسلم، امام جعفر صادق عليه السلام کي انهن جي لاءِ بيعت وٺڻ جي دعوت پيش ڪئي ۽ هڪ خط ۾ اهڙي طريقي سان لکيو ”مان ماڻهن کي اهلبيت سان محبت ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو ، اگر توهان پسند ڪيو ٿا ته خلافت جي لاءِ توهان کان بهتر ڪو به نه آهي“
    امام عليه السلام ان جي جواب ۾ لکيو : ((ما انت من رجالي ولا الزمان زماني)) نه تون منهنجي دوستن منجھان آهين ۽ نه ئي زمانو منهنجو زمانو آهي[7] .
    بني عباس جي اڳواڻن جي دعوت کي امام ڇو قبول نه ڪيو؟
    بني اميه جي اڳواڻن جي مشورن جي مقابلي ۾ امام جي اچڻ جو تجويز ڪرڻ مشڪل نظر اچي ٿو، ان ڪري جو بظاهر هن تحريڪ ۾ مذهبي عواملن جو وڏو اثر هيو ڇوجو انهن جيڪي نعرا پنهنجي لاءِ انتخاب ڪيا هيا اهي سڀ جا سڀ اسلامي هيا، جيڪي عبارتون(لفظ) انهن جي پرچمن (جھنڊن) تي لکيل هئا اهي سڀ قرآن جو آيتون هيون ۽ انهن پاڻ کي اهڙي نموني سان ظاهر ڪيو ڄڻ اهي اهلبيت جي مڃڻ وارا۽ ان جي فائدي لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جو ارادو اهو آهي ته پيغمبرﷺ جي اهلبيت جي ناحق خون جوانتقام بني اميه ۽ بني مروان کان وٺن.
    اهي پنهنجي انقلاب کي اهلبيت سان نسبت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هيا اگر چه انهن ابتداء ۾ ان خليفي جو نالو مشخص نه ڪيوهيوجنهن جي طرف اهي ماڻهن جو ڌيان ڏيارڻ چاهين پيا ليڪن انهن جو نعرو هي هيو “الرضا من آل محمد“ يعني ال محمد جي خوشنودي لاءِ ڪم ڪيون پيا ۽ آل محمد ﷺ جي خاندان مان انتخاب ٿيل شخص جي بيعت حاصل ڪرڻ جي غرض کان قيام ڪيو آهي انهن تمام ڳالهين کان معلوم ٿئي ٿو ته عباسين جو قيام اسلامي مقصدن لاءِ هيو ليڪن اگر انهن واقعن ۾ ٿورو غور ڪجي ته امام جي انڪار ۽ خلافت کي قبول نه ڪرڻ جي اصل علت سمجھ ۾ اچي ويندي. امام جعفر صادق عليه السلام جي علم ۾ هيو ته قيام جي اڳواڻن جو مقصد فقط اقتدار حاصل ڪرڻ آهي ۽ اگر اهي اهلبيت سان گڏ هجڻ جو نعرو هڻن ٿا ته فقط محبان اهلبيت جي حمايت حاصل ڪرڻ جي غرض هئي نه اهلبيت کي انهن جو حق ڏيارڻ .
    [1] _ تزڪرة الحفاظ ج1 ص 166
    [2] _ تهذيب التهذيب “ابن حجر اسقلاني“ ج 18 ص 118
    [3] _ مختصر تاريخ عرب ” عفيف بعلبڪي “ ص 193
    [4] _ سيري در سيرة آئمه (ع) ”شهيد مطهري“ ج 1 ص 142، 160
    [5] _ امام الصادق والمذهب الاربعه ”اسد هيدري“ ج 1 ص 38
    [6] _ فهرست مصنفي الشيعه ، نجاشي، تحقيق سيد موسى شبيري زنجاني ص 29 ، 40
    [7] _ ملل و نحل
    آخري ڀيرو اپ ڊيٽ ٿيو اڱارو, 28 فيبروري 2012 17:30
    منبع:http://www.syedah.com