islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جو مقام

    حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جو مقام

    Rate this post

    حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي عظمت ۽ مقام تي مرجع عاليقدر حضرت آيت الله العظمى وحيد خراساني مد ظله العالي جو ڏنل درس
    حضرت صديقه ڪبرى فاطمه زهرا (سلام الله عليها ) جي تمام وڏي فضيلت آهي ، ۽ مسلمانن مٿان سندن تمام وڏو حق آهي ، پر افسوس جو جيترو سندن حق آهي سو ادا نه ڪري سگھيا آهيون ، ان ڳالهه جو خوف اٿم ته هن دنيا ۾ عدالت گهر قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ فيصلو ڪرڻ وارو حضرت صاحب الزمان ارواحنا له الفداء هجي
    يا وري آخرت ۾ اهڙو ئي عدالت گهر ڪوٺايو وڃي ،جنهن ۾ فيصلو ڪرڻ وارو الله تعالى هجي ، ۽ اسان کان اهو سوال ڪيو وڃي ته ڇا حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي حوالي سان پنهنجي حق کي پورو ڪيو اٿَوَ ؟ ايستائين جو هڪ سني عالم به ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ڊڄان ٿو ته ان سوال جو جواب ئي نه ڏئي سگھون.
    صحيح بخاري ۾ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جن جا جيڪي حق ٻڌايا ويا آهن ، تن تي هڪ نظر ڪيون ، اهلسنت جا تمام تنقيدي نظر رکندڙ فقيه ۽ مجتهد به بخاري کي صحيح ۽ معتبر ٿا سمجھن. هن ڪتاب ۾ ابووليد ، ابن عينيه کان ، ان ( ابن عينيه ) عمرو بن دينار کان ان ( عمرو بن دينار ) ابن ابي مليڪه کان ، ان (ابن ابي مليڪه ) مور بن مخرمه کان هي روايت آندي آهي ته حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو : فاطمة بضعة منّي، من اغضبها فقد أغضبني

    يعني : فاطمه (سلام الله عليها) منهنجي جان جو حصو آهي ، جنهن ان کي ناراض ڪيو ،تنهن مون کي ناراض ڪيو .
    چاهيون ٿا ته هن حديث جي باري ۾بحث ۽ تحقيق ڪيون ، جنهن کي هڪ سني مجتهد روايت ڪيو آهي ۽ اهلسنت جي فقهاء (مجتهدن) وٽ هي حديث صحيح شمار ڪئي ٿي وڃي ، ڇاڪاڻ ته بخاري ان کي امام جعفر صادق عليه السلام جن کان نقل ڪيو آهي ، جڏهن ته بخاري حديثن جي صحت واري معاملي ۾تمام گهڻواحتياط ڪندڙ هو، ۽ ٻئي طرف هن حديث کي صحيح ۽ معتبر ڄاڻايواٿس جڏهن ته ذهبي حديثن جي حوالي سان تنقيدي نظررکڻ وارو شخص آهي ذهبي هي حديث ٻئي طريقي سان روايت ٿو ڪري إنّ الرّب يرضي لرضا فاطمة و يغضب لغضب فاطمة . بيشڪ الله تعالى فاطمه (سلام الله عليها) جي رضامندي سان راضي ۽ سندن ناراضگي سان ناراض ٿئي ٿو.
    بس اهلسنت جي نزديڪ هيءَ حديث سند جي لحاظ سان قطعي الصدور آهي ، يعني يقيني طور تي هي روايت پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن ئي فرمائي آهي ، اسان جي نظر ۾ بخاري جي حديث ذهبي جي حديث جي تفسير ۽ تائيد (تصديق) ڪندڙ آهي .
    باقي هي حديث ڪهڙي ڳالهه تي دلالت ڪري ٿي ( ڪهڙي حقيقت کي سمجھائي ٿي ) ؟ ان جي وضاحت هن ريت ڪري سگھجي ٿي، ته انسان جي رضامندي ۽ ناراضگي جو سرچشمو ڇا آهي ؟ نباتات (وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن وغيرهه) جي زندگي جو دارومدار ٻن شين تي آهي ، 1_ قوت جاذبه ، پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي طاقت .2_ قوت دافعه ، پاڻ کان پري ڪرڻ جي طاقت ، ۽ حيوان ۾ هي ٻه طاقتون خوشي ۽ غمگيني جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ٻئي انهن جي خواهشن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. پرانساني زندگي جو مطلب اهو آهي ته اسان مان هر هڪ انسانيت جي ان درجي تي پهچي جنهن جي پٺيان عقل جي رهنمائي هجي«دعامة الإنسان عقله» انسان جو سردار ان جو عقل آهي. هي اهو مقام آهي جتي عقل انسان جي وجود ۾ موجود تمام رضامندين ۽ ناراضگين جو سرچشمو ٿئي ٿو، پر ان کان پهرين ( حيوانيت واري مرحلي ۾ ) انهن شين (رضامندين ۽ ناراضگين ) جو سرچشمو خواهشات هئي .
    ان مقام تي آئون پنهنجي ضمير کان سوال ڪيان ته ڇا آئون انسانيت جي ان مرحلي تي پهچي چڪو آهيان جتي تمام رضامندين ۽ ناراضگين جو سرچشمو عقل آهي؟ تنهن جو جواب آهي ته ڪڏهن به نه ، جيڪڏهن ڪو به عقلمند انسان سڀ کان پهرئين مرحلي ۾ اهو سمجھي وٺي ته هو ان مقام تي پهچي چڪو آهي ته اهو تمام وڏو اهم اقرار آهي.
    اسان اڃا تائين اهو نه سمجھي سگهيا آهيون ته اسان جي انسانيت جو معيار ۽ اندازو ڪيترو آهي ؟ ڇا اسان جو خوشحال ۽ ناراض ٿيڻ اسان جي جسماني چاهتن جي ڪري ته نه آهي ؟ اسان مان هرڪوئي پنهنجي اندر ۾ جانچي ڏسي ته جيڪو شخص ان تي اعتقاد ۽ اطمينان رکي ٿو جيڪڏهن کيس ڇڏي ڏئي ته ڇا ان سان ناراض ٿئي ٿو يا نه ؟ ۽ جيڪڏهن ناراض ٿئي ٿو ته اها ناراضگي پڻ هڪ گناهه آهي ، (۽ اهو سمجھي ته ) هو انسانيت جي درجي تي نه پهتو آهي، اسان مان ڪوئي به انسانيت جي درجي تي تيستائين نه ٿو پهچي سگھي جيستائين ان جي خوشين ۽ ناراضگين جو سرچشمو خواهشات نه پر عقل هجي. بس جڏهن اسان پنهنجي زندگي ۾ هڪ دفعو به اسان جي خوشحالين ۽ ناراضگين جو سرچشمو عقل کي محسوس ڪيوسين ته ان هڪ لحظي لاءِ اسان انسان ٿي وينداسين ، پر جيڪڏهن اسان جي خوشحالين ۽ ناراضگين جو سبب ۽ سرچشمو اسان جو پيٽ ۽ جنسي خواهش رهي ته اسان يقيني طور تي انساني شڪل ۾ حيوان ئي هونداسين، پر عقل جو پيروڪار انسان اهو آهي جيڪو هميشه جي لاءِ عقل جي خوشحال ٿيڻ سان خوش ٿئي ٿو ۽ عقل جي غمگين ۽ ناراض ٿيڻ سان غمگين ٿئي ٿو، جيڪڏهن پوري زمين تي ڪو اهڙو انسان ڏسڻ ۾ اچي وڃي ته مون کي ٻڌائجو ته آئون ان وٽ وڃي سندس هٿ ته ڇا پر سندس پيرن جي خاڪ کي به چُمندس.
    اڃان ان کان به وڌيڪ هڪ مقام آهي جتي ٿي سگھي ٿو انسان پهچي سگھي، اهو مقام آهي جتي انسان جو ارادو الله تعالى جي ارادي ۾ فنا ٿي وڃي، جتي ان انسان جو ڪو ارادو ئي نه هجي، جتي رڳو الله سائين جو ئي ارادو هجي . ۽ هي اهو ئي مقام آهي جتي سندس سڀ ڪم الله سائين جي مرضي مطابق ٿي ٿا وڃن، معنى ته جيڪڏهن سندس پٽ کي ماريو وڃي ته سندس ناراضگي پالڻهار جي ناراضگي ڪري هجي، سندس نفس جي ناراضگي جي پٺيان نه هجي، ۽ جيڪڏهن سندس پٽ کي زندهه ڇڏيو وڃي ته به سندس خوشي پالڻهار جي خوشي سان ٻڌل هجي، سندس نفس سان نه ، ان جو ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پران جو تصور ڪرڻ ئي ڏکيو آهي .
    ياد رکڻ گهرجي ته هي مقام حضرت خاتم الانبياء محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن جي عصمت جو آهي ، اهڙي مخلوق جي عصمت جنهن جو مثال پوري مخلوق ۾ نه ٿو ملي . جنهن سان محبت ۽ دشمني خدا جي ذات سان محبت ۽ دشمني رکڻ ۾ فنا ٿي چڪي هجي ته هو ان شي کي چاهيندو جيڪا خدا چاهيندو ۽ ان کي نه چاهيندو جيڪا خدا کي پسند نه آهي، هي اهو انسان آهي جيڪو هن مقام تي پهچي چڪو آهي ، جيڪو هن آيت ۾ ذڪر ٿيو آهي « و ماينطق عن الهوي إن هو إلاّ وحي يوحي» پنهنجي دلي خواهش سان ڳالهائي ئي نه ٿو جيڪو ڪجھه ڳالهائي ٿو سو خدا جي طرفان وحي ئي هوندي آهي جيڪا ان تي نازل ٿيندي آهي.
    هي اها ئي عصمت آهي جنهن کي “عصمت خاتميه” جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي ، اها عصمت “عصمت ابراهيميه” کان علاوهه آهي ، ۽ “عصمت ابراهيميه” وري “عصمت يونسيه ” کان مختلف آهي . .الله تعالى قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو وذا النّون إذ ذهب مغاضباً فظنّ أن لن نقدر عليه فنادي في الظّلمات أن لا إله إلا أنت سبحانك إنّي كنت من الظّالمين ۽ ياد ڪر يونس جي ان حال کي جڏهن سندس قوم مان ناراض ٿي نڪتو ۽ اهو سوچيائين ته اسان کيس ڪڏهن به سختي ۾ نه وجھنداسين ، تنهن وقت انڌيرين ۾ پڪار ڪيائين ( اي منهنجا الله ) تنهنجي ذات کان سواءِ ڪوبه بندگي جوڳونه آهي ، تو شرڪ ۽ شريڪ کان پاڪ آهين ، يقينا آئون پنهنجي نفس تي ظلم ڪرڻ وارن مان هوس .حضرت يونس به الله سائين جو نبي ۽ معصوم آهي پر وڏي مقام تي پهچڻ لاءِ پاڻ کي محتاج ٿو سمجھي، “سبحانك إنّي كنت من الظّالمين” ڇاڪاڻ ته حضرت يونس مڇي جي پيٽ ۾ وڃڻ کان پهرين ان مقام تي نه پهتو هو. اهڙي طرح حضرت يوسف به الله سائين جو نبي ۽ معصوم آهي، ۽ الله سائين به ان لاءِ جيڪا دليل ڏني آهي سا به سندس عصمت کي ئي ٻڌائي ٿي، و لقد همّت به وهمّ بها لولا أن رأي برهان ربّه كذلك لنصرف عنه السّوء و الفحشاء إنّه من عبادنا المخلصين
    ان عورت (زليخا) به اصرار ڪيو ۽ الله سائين سندس خاص لطف ۽ واضح رهنمائي سان کيس نجات ڏني. پر سندس عصمت به هڪ حد تائين هئي ، جنهن لاءِ الله تعالى فرمائي ٿو: و قال للّذي ظنّ أنّه ناج منهما اذكرني عند ربّك فأنساه الشّيطان ذكر ربّه فلبث في السّجن بضع سنين. ۽ جڏهن يوسف ( قيد ۾) سندس ساٿيءَ کي اها درخواست ڪئي ته تون مون کي بادشاهه وٽ ياد ڪجانءِ ته ان وقت شيطان کائنس الله جي ياد وساري ڇڏي، تنهن ڪري ڪجھ سال زندان ۾ قيد ٿي رهيو.
    پر الله سائينءَ جي دوستي ،دشمني ، خوشحالي ۽ ناراضگي جي آڏو هر وقت پنهنجو ڪنڌ جھڪائي رکڻ هڪ اهڙو مقام آهي ، جيڪو رڳو ڪائنات ۾ الله سائين جي بهترين مخلوق ، آخري نبي ، ۽ رسولن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن سان مخصوص آهي ، هي اهو مقام آهي جتي چئي سگھجي ٿو ته پاڻ الله سائين جي رضامندي تي خوشحال ۽ سندس ناراضگي تي ناراض ٿين ٿا ، ۽ ٻئي طرفان وري الله سائين به سندس خوشحالي سان راضي ۽ سندس ناراضگي سان ناراض ٿئي ٿو.
    ان مقام تي بخاري ۽ ذهبي کان سوال آهي ته ڇا کين سمجهه ۾ آيو ته هي روايت جيڪا نقل ڪئي اٿن ان جو ڇا مطلب آهي. ڇا کين اهو سمجھه ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جيڪو فرمايو آهي ته بيشڪ فاطمه (سلام الله عليها ) الله جي رضا سان خوشحال ۽ سندس ناراضگي سان ناراض ٿين ٿيون، ان جو مطلب هي آهي ته حضرت فاطمه سلام الله عليها جي راضي ۽ ناراض ٿيڻ جو سرچشمو سندن نفس نه آهي ، بلڪه ان جو سرچشمو الله سائين جي ذات آهي ، هي اهو ئي عصمت وارو درجو آهي ، جيڪو پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم کي حاصل آهي. ان کان به مٿي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي إنّ الرّب يرضي لرضا فاطمة و يغضب لغضب فاطمة . بيشڪ الله سائين فاطمه (سلام الله عليها ) جي خوشحالي سان راضي ۽ سندن ناراضگي سان ناراض ٿئي ٿو.
    ان جو ڇا مطلب آهي ته الله تعالى حضرت فاطمه سلام الله عليها جي خوشحالي سان راضي ٿئي ٿو ، ۽ هي مقام ان مقام کان تمام گھڻو بلند آهي جتي حضرت فاطمه سلام الله عليها الله تعالى جي رضامندي سان راضي ٿئي، هي اهو مقام آهي جتي هن سوال جو مقصد سمجھه ۾ اچي ٿو ته فاطمه (سلام الله عليها) کي ڪيرسڃاڻي سگھي ٿو؟ هي فاطمه (سلام الله عليها) ڪير آهي؟
    ان مقام تي امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: إنّما سمّيت فاطمة فاطمة لإنّ النّاس فطموا عن معرفتها. يعني فاطمه (سلام الله عليها) کي فاطمه ان ڪري سڏيو ويو آهي جو ماڻهو سندن معرفت کان بي وس آهن .
    بس دليل سان ثابت ٿي ويو ته اسان حضرت فاطمه سلام الله عليها جي معرفت ۽ سندن مقام ۽ مرتبي جي سمجھڻ کان بي وس آهيون . اسان سندن ان معرفت جي حاصل ڪرڻ کان بلڪل بي وس آهيون ، جنهن ۾ الله سائين سندس رضامندي ۽ ناراضگي کي حضرت زهرا (س) جي رضامندي ۽ ناراضگي ۾ رکيو آهي ، الله سائين جي ان مخلوق ۽ انساني شڪل واري حور جي معرفت کان بلڪل بي وس آهيون ، حضرت علي عليه السلام جن حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها کي دفن ڪرڻ واري رات هن ريت فرمايو هو : أمّا حزني فسرمد و أمّا ليلي فمسهّد. منهنجو ڏک هميشه لاءِ ٿي ويو ۽ مون مٿان ننڊ حرام ٿي وئي .
    سمجھڻ گھرجي ته هي جملو اها هستي چئي رهي آهي جنهن دنيا ۽ آخرت کي سڃاتو آهي ۽ ٻئي جهان هن جي پيرن هيٺيان آهن ! ڇاڪاڻ ته هو ئي آهي جيڪو فاطمه سلام الله عليها جي معرفت رکي ٿو . غور ڪيو ته جڏهن پاڻ سائڻ جي جنازي مٿان نماز ٿا پڙهن ته ڇا ٿا فرمائن ، جيڪو سندن مٿان ۽ سندن شريڪ حيات جي جنازي وٽ گذريو سو دنيا ۾ ڪنهن جي مٿان به نه گذريو هو ، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجھه به نه ٿا چئي سگھون ، بحاراالانوار ۾ مصباح الانوار جي حوالي سان حضرت امام حسين عليه السلام جن کان هڪ روايت ذڪر ٿي آهي ، ته پاڻ فرمايائون :
    إنّ أميرالمؤمنين(ع) غسل فاطمة(س) ثلاثاً و خمساً، و جعل في الغسلة الخامسة الآخرة شيئاً من الكافور، و أشعرها مئزراً سابغا دون الكفن، و كان هو الذي يلي ذلك منها، و هو يقول: أللّهمّ إنّها أمتك، و بنت رسولك، أمّا حزني فسرمد و أمّا ليلي فمسهّد11 وصفيّك و خيرتك من خلقك، أللهّمّ لقنها حجتّها، و أعظم برهانها، و أعل درجتها، و اجمع بينها و بين أبيها محمد(ص). فلمّا جنّ الليل غسّلها عليّ، ووضعها علي السرير، و قال للحسن: أدع لي أباذر فدعاه، فحملا إلي المصلّي، فصلّي عليها ثم صلّي ركعتين، و رفع يديه إلي السماء فنادي: هذه بنت نبيك فاطمة ، أخرجتها من الظّلمات إلي النور، فأضاءت الارض ميلا في ميل
    اميرالمومنين علي عليه السلام جن حضرت فاطمه (سلام الله عليها) جن کي ٽي دفعه ۽ پنج دفعه غسل ڏنائون ، ۽ پنجين غسل جي آخر ۾ ٿورو ڪافور به استعمال ڪيائون ، ۽ سندن بدن مٿان هڪ ڪپڙو پارايائون، ۽ پوءِ فرمايائون : اي منهنجا الله ، فاطمه (سلام الله عليها) تنهنجي ڪنيز ، ۽ تنهنجي رسول جي نياڻي آهي ۽ تنهنجي چونڊيل مخلوق آهي ، سندس حجت کيس ڏيکارينس ، سندس مقام کي بلند ڪر، ۽کيس سندس بابي سان ملائي ، ۽ جڏهن رات ٿي ته علي (عليه السلام ) کين غسل ڏنو ۽ هڪ تخت تي سمهاريائونس ، ۽ پوءِ امام حسن (عليه السلام) سان مخاطب ٿي فرمايائون ته ابوذر کي مون وٽ وٺي اچو، ابوذر آيو ۽ پوءِ سائڻ جو جنازو کڻي محراب ڏانهن ويا ۽ وري ٻيهر ٻه رڪعتون نماز پڙهيائون ، ۽ پوءِ آسمان ڏانهن هٿ بلند ڪري ( الله سائين جي بارگاهه ۾) عرض ڪيائون : ( اي منهجا الله ) هي تنهجي نبي جي نياڻي آهي، کيس انڌيري مان نور ڏانهن وٺي وڃينس ته ان وقت زمين جو ڪجھه علائقو نوراني ٿي ويو.
    سندن آخري جملي جو ڇا مطلب آهي؟ غور ڪريوته هي جملو غير واضح آهي جيڪو الله سائين کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ چئي نه ٿو سگھجي ، پاڻ فرمائن ٿا : اي خدا فاطمه (سلام الله عليها) کي هن انڌير دنيا مان ڪڍي آسمانن ۽ زمينن جي نور ڏانهن وٺي وڃينس ، غور ڪيو ته الله تعالى حضرت امير المومنين جي دعا کي قبول ڪيو جهڙوڪ الله تعالى کين اهو فرمايو ته ها جهڙي ريت سندس روح کي پنهنجي نور مان پيدا ڪيو اٿم ائين ئي کيس نور ڏانهن موڪليو اٿم . اڃان سندن جملا پورا ئي نه ٿيا هئا جو الله سائين سندن تصديق ڪئي ۽ سندن پاڪيزهه جسم مان نور جي هڪ لاٽ زمين جي هڪ حصي کي نوراني ڪري ڇڏيو . ان جو مقصد ڇا آهي ؟ ان جو مقصد هي آهي ته ” إنّالله و إنّا إليه راجعون ” سڀني لاءِ آهي ، پر فاطمه (سلام الله عليها) خدا جي نور سان وڃي مليون ، اهو نور جنهن مان پيدا ٿيون هيون، هي حضرت فاطمه سلام الله عليها جن جو مقام آهي ، سندن روح الله تعالى جي نور سان وڃي مليو ، ۽ ان ريت اڳئين جهان هن انڌير دنيا مان هن روحاني دنيا ۾ پهچڻ واري سندن پاڪيزهه بدن جو استقبال ڪيو، هي اها فاطمه سلام الله عليها آهي جيڪا ان مقام تي وڃي پهتي جو «إنّ الربّ ليغضب لغضب فاطمة و يرضي لرضاها.»
    بهتر آهي ته هتي هڪ مناسبت ڏانهن اشارو ڪيون جيڪا بخاري هڪ صحيح روايت ۾ آندي آهي جنهن کي عايشه روايت ڪيو آهي هوءَ چوي ٿي ته : فاطمه (سلام الله عليها) رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جي نياڻي ناراض ٿيون ، ۽ (هڪ صحابي کان ) منهن موڙي ڇڏيائون ،۽ ٿوڙي عرصي کان پوءِ پاڻ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويون
    ۽ هڪ ٻئي راوي کان روايت ڪئي اٿس ته : حضرت فاطمه (سلام الله عليها) حضرت علي (عليه السلام) جن کي اها وصيت ڪئي هيائون ته کين لڪ ۾ دفن ڪن ۽ انهن کي دفن جي جڳهه کان آگاهه نه ڪن
    منبع:http://www.syedah.com:نویسنده:نائب علی کمیلی