islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. حق ۽ باطل جو معيار نهج البلاغه جي روشني ۾

    حق ۽ باطل جو معيار نهج البلاغه جي روشني ۾

    Rate this post

    مقدمو

    جڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ ۽ خلقت ڏانهن نهاريندا آهيون ، معلوم ٿيندو آهي ته ڪائنات جو هر مفهوم ۽ معني ٻن شين ۾ تقسيم ٿيل آهي : چڱائي ۽ برائي، نيڪي ۽ بدي، ڪوڙ ۽ سچ، حق ۽ باطل.

    هتي ڪجھ بنيادي سوال اڀرندا ٿا ته؛ اهي ڪهڙا معيار ۽ ضابطا آهن جِنهن سان صحيح ۽ غلط کي پرکي سگهجي ٿو؟ حقيقت کي ڪيئن ۽ ڪٿي ڳولي سگهجي ٿو ؟

    اهڙا سوال مجبور ڪري رهيا آهن جو اهڙي قسم جا معيار تلاش ڪيا وڃن. اڄ جي زماني ۾ جتي هر مفهوم پنهنجي معني گم ڪري ويٺو آهي ۽ انسان جي عظمت ۽ اهميت خود خواه ماڻهن جي هٿان پائمال ٿي رهي آهي. جتي اسلام جي دشمنن حق ۽ باطل جي اهڙي طريقي سان ملاوٽ ڪري ڇڏي آهي جو حقيقتن تي شڪ شبهن جي مير اچي پئي آهي، ۽ باطل پاڻ کي اهڙي طرح نمايان ڪري ٿو جو انسان کي شڪ ۽ ترديد ۾ وجهي ٿو ڇڏي، نتيجي ۾ انسان کيس حق سمجهڻ لڳندو آهي، انهيءَ خاطر اميرالمومنين علي عليه السلام فرمائن ٿا: “

    بس معلوم ٿئي ٿو ته حق ۽ باطل جي سڃاڻ انسان جي فڪر ۽ عمل جي صحيح هجڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته جيئن ڪنهن به مغالطي کان پاڻ کي بچائي سگهي. ۽ هر شخص پنهنجي فڪر سان حق ۽ باطل جو معيار قائم نٿو ڪري سگهي، لهذا اسين اگر حق ۽ باطل جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪيون ته پهرين قرآن ۽ پوءِ اهلبيت اطهار عليهم السلام جي ڳالهين تي عمل ڪنداسين ۽ نهج البلاغه قرآن کانپوءِ مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه السلام جو اهڙو پاڪ ڪلام آهي جنهن کي “ تحت کلام الخالق فوق کلام المخلوق” جو لقب ڏنو ويو آهي ۽ اسان لاءِ حق ۽ باطل جي پرک جو هڪ بهترين مثال آهي.

    آءُ هن مضمون (مقالي) ۾ حق ۽ باطل جي معيار کي نهج البلاغه جهڙي عظيم نور جي روشني ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن پنهنجي خلقت جي ان ڪمال تائين پهچي سگهون جيڪو الله سائين اسان کان چاهيو آهي.

    حق جي معني

    حق جون مختلف معنائون بيان ڪيون ويون آهن:

    راغب اصفهاني سندس ڪتاب مفردات ۾ لکي ٿو : حق جي معني “مطابقت” ۽ “موافقت ” آهي. (2)

    تاج العروس ۾لکيل آهي؛حق، “باطل” جو ضد آهي جنهن جي معني آهي “سچائي” ۽ “هڪ پائدار ۽ محڪم وجود” .(3)

    مرحوم طبرسي، مجمع البيان ۾ سوره انفال جي ستين نمبر آيت جي هيٺان لکي ٿو: حق يعني هڪ شي جو پنهجي جاءِ تي هجڻ. (4)

    باطل جي معني

    عام طور تي “حق” جي معني کان ان جو ضد يعني “باطل” سمجھ ۾ اچي ويندو آهي. جيئن “اقرب الموارد” جو مصنف لکي ٿو: باطل حق جي مقابلي ۾ آهي، جيڪو حق کي ضائع ۽ بي اثر ڪرڻ چاهندو آهي. (5)

    حق ۽ باطل جي معني اميرالمومنين ع جي نظر ۾

    امام علي عليه السلام فرمائن ٿا :

    “ فالحق اوسع الاشياء في التواصف و اضيقها في التناصف ” يعني حق، وصف ۽ ثناء جي اعتبار سان ته وڏي وسعت رکندو آهي ليڪن انصاف جي اعتبار سان تمام سوڙهو آهي. (6)

    يعني امام عليه السلام سمجهائي رهيا آهن ته جڏهن به ڪير حق جي تعريف، لفظن سان ڪرڻ لڳندو آهي ته ڏاڍي سهڻن لفظن ۾ ان جي تعريف ۽ وصف بيان ڪندو آهي، ليڪن حقيقت اها آهي ته اها فقط لفظن ۾ بند هڪ تعريف ئي آهي ، اصل ۾ “حق” تڏهن معني ۽ مفهوم پيدا ڪندو جڏهن انصاف ۽ عدل ذريعي ڏانهس نهاريو وڃي.

    هڪ ٻئي مقام تي نهج البلاغه ۾ امام (ع) ڏاڍي سهڻي انداز ۾ حق جي معني بيان ڪندي فرمائن ٿا :

    “ ان الحق ثقيل سريء و ان الباطل خفيف وبيء ” يعني حق هميشه ڳرو، پر خوشگوار هوندو آهي ۽ باطل هميشه هلڪو، پر هلاڪ ڪندڙ هوندو آهي.(7)

    حق ۽ باطل جو معيار

    ڪيئن ۽ ڪهڙي معيار سان حق کي سڃاڻجي؟ اهڙن سوالن جو جواب لهڻ تمام ضروري آهي؛ ڇو ته هر شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ واٽ ۽ طور طريقي کي اپنائيندو آهي ليڪن مهم اهو آهي ته هو ڪهڙي واٽ ۽ روش اپنائي جيڪا ”حق” جي مطابق هجي، جنهن جي هر منزل تي سعادت ۽ ڪاميابي هجي، جنهن خاطر دنيا ۽ آخرت ۾ اهل حق جو همنشين ٿئي. ڇا حق جي ڪا نشاني آهي؟ مولاءِ کائنات ان سلسلي ۾ فرمائن ٿا :

    “ و لَيستۡ علي الحقّ سَمات تُعرفُ بِها ضُروب الصِدق من الکذب” (8)

    ۽ نه حق جي (پيشاني) تي اهڙا نشان هوندا آهن جن جي ذريعي سچائي جي قسمن کي ڪوڙ کان جدا ڪري سگهجي.

    جڏهن حق جي ڪا نشاني نه آهي ته کيس عقل ۽ معرفت جي روشني، ايمان ۽ تقوا جي معيار سان سڃاڻي سگهجي ٿو. مهم هي آهي ته حق کي حق جي ذريعي ئي پرکجي؛ جيئن ته انبياء ڪرام (ع) جي سيرت مان چٽو معلوم ٿئي ٿو ته حق جي حاڪميت لاءِ هر وسيلو نه اپنايو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت باطل جي نابودي لاءِ پڻ هر وسيلي کان مدد نه وٺبي آهي، بلڪه حق کي حق ذريعي ئي حاڪميت ڏئي سگهجي ٿي؛ جيئن ته مولاءِ ڪائنات(ع)، نبي ڪريم(ص) لاءِ فرمائن ٿا :

    “ والمُلعِن الحق بالحق والدافع جَيشات الاباطيل ” (9)

    حق جي ذريعي حق جو اعلان ڪرڻ وارو، ۽ باطل جي سرڪشين کي دفع ڪرڻ وارو.

    علامه ذيشان حيدر جوادي، امام عليه السلام جي ان جملي جي شرح ڪندي لکي ٿو :

    “ هي اسلام جو مخصوص فلسفو آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن ٻئي نظام ۾ ناهي پاتو ويندو. دنيا داري جو مشهور ۽ معروف قانون هي آهي ته مقصد ۽ هدف هر ذريعي کي جائز بڻائي ڇڏيندو آهي، انسان کي فقط اهو ڏسڻ گهرجي ته سندس مقصد صحيح ۽ بلند هجي ان کانپوءِ ان مقصد لاءِ ڪهڙو به وسيلو اپنائي ڪابه مشڪل ۽ مسئلو نه آهي ، ليڪن اسلام جو نظام ان کان بلڪل مختلف آهي جيڪو دنيا ۾ مقصد ۽ مذهب (واٽ) ٻنهي جو پيغام کڻي آيو آهي…. لهذا نه غلط مقصد کي مقصد قرار ڏيڻ جي اجازت ڏيندو آهي ۽ نه ئي غلط واٽ کي واٽ. جهڙي ريت مولاءِ ڪائنات(ع) نبي سائين(ص) جي ان فضيلت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته نبي ڪريم(ص) جن جاهليت جي دور ۾ جڏهن توحيد جو آواز اٿاريو ليڪن ان آواز بلند ڪرڻ جو طريقو به صحيح اختيار ڪيو ورنه جاهليت جي زماني ۾ آواز اٿارڻ جو هڪ ٻيو به طريقو هو ته ايترو شور مچايو وڃي جو ٻئي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي، اسلام اهڙي احمقانه، پست ۽ خسيس فڪر جي حمايت نه ڪندو آهي، بلڪه پنهنجي سورمن کان به اهو مطالبو ڪندو آهي ته حق جو پيغام حق ذريعي پهچايو، خونريزي ۽ لٽ مار سان نه.”

    بس جڏهن حق کي حق ذريعي ئي سڃاڻي سگهجي ٿو ته پوءِ ان جو معيار، اميرالمومنين علي عليه السلام جيڪو عينِ حق آهي، جي ڪلام جي روشني ۾ بيان ڪيون ٿا :

    1. صراط مستقيم(سڌي واٽ)

    الله سائين جيڪا واٽ انسان لاءِ معين ڪري، سا واٽ ئي حق ۽ ان کانسواءِ ٻيو سڀ باطل آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ته جڏهن قبول ڪيو سين ته الله تعالي انسان کي فضول ۽ بغير مقصد جي خلق نه ڪيو آهي، بلڪه ان لاءِ مڪمل هڪ ضابطه حيات درست ڪيو آهي، ته پوءِ حق کي معين ڪرڻ وارو به اهوئي آهي. جيئن حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا :

    “ اليَمين و الشِمال مَضلة والطريق الوُسطى هي الجارة عليها باقي الکتاب و آثار للنبوة ” (10)

    سڄي، کٻي گمراهين جون منزلون آهن ۽ سڌي واٽ(راه مستقيم) فقط وچين واٽ آهي، انهيءَ واٽ تي باقي رهيل، الله جي ڪتاب(قرآن) ۽ نبوت جا آثار آهن.

    يعني اِها ئي اها سڌي واٽ ۽ صراط مستقيم آهي جنهن ڏانهن الله سائين پنهنجي ڪتاب ۽ انبياء ذريعي هدايت ۽ رهنمائي ڪئي آهي.

    2. اسلام

    اسلام اهڙو آئين ۽ قانون آهي جيڪو حق جي رستي کي معين ڪندو آهي ۽ الله سائين ان آئين کي اسان لاءِ مقرر ڪري، حق جو معيار قرار ڏنو آهي، جنهن جي پيروي حق جي واٽ تي هلڻ جي نشاني آهي. جيئن امام علي عليه السلام فرمائن ٿا :

    “ اِنّ هذا الاسلامَ دينُ اللهِ الذي اصطَفاه لنفسِه…..فهو دَعائمُ……فِجاجُها ” (11)

    اسلام اهو دين آهي جنهن کي الله پنهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي….جنهن جا ٿنڀا حق جي زمين ۾ نصب ڪيا ويا آهن ۽ پوءِ ان جي بنياد کي مضبوط ٺاهيو ويو آهي. ان جي چشمن مان پاڻي گهٽ نٿو ٿي سگهي ۽ ان جي ڏيئن جي روشني گهٽجي نٿي سگهي، ان جي مينارن ذريعي رستي وارا هدايت پائيندا آهن ۽ ان جي نشانن کي رستي ۾ نشانِ منزل ٺاهيندا آهن.

    3 . پيغمبر اڪرم(صلى الله عليه وآله وسلم)

    علي عليه السلام جي نظر ۾ پيغمبر اڪرم (ص) جو بابرڪت وجود ۽ سندس سيرت، سراپا حق، ۽ حق کي ظاهر ڪرڻ واري آهي، جنهن جي پيروي حق کي باطل کان ڌار ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين معيار آهي؛ جيئن امام علي عليه السلام فرمائن ٿا :

    “ وَ اَشۡهَدُ اَنّ مُحَمّدا……فَصَدع بالحقّ ” (12) آءُ گواهي ڏيان ٿو ته محمد (ص) ان جو بندو ۽ رسول آهي. ان (الله) پاڻ سڳورن(ص) کي ان وقت موڪليو جڏهن هدايت جا نشان مٽجي چڪا هئا ۽ دين جا رستا بي نشان ٿي چڪا هئا، پاڻ سڳورن(ص) چٽي طرح حق کي ظاهر ڪيو” .

    نهج البلاغه ۾ ڪيترين ئي جاين تي امام عليه السلام ، نبي سائين(ص) جي ساراه ڪندي فرمائن ٿا:

    “ ثُمَّ اِنّ الله سُبحٰانه بَعث مُحمَّدا بِالحقّ ”(13) پوءِ الله تعالي نبي اڪرم(ص) کي حق سان مبعوث ڪيو”

    ۽ پاڻ سڳورا(ص) ئي هئا جنهن جاهليت جي دور ۾ حق کي حق جي ذريعي ثابت ڪيو. جيئن مولا علي(ع) فرمائن ٿا : “ و المُعلِنُ الحق بالحقّ و الدافِعُ جَيشٰات الاباطيل” (14) حق جي ذريعي حق جو اعلان ڪرڻ وارا ۽ باطل جي سرڪشن کي مٽائڻ وارا آهن.

    4 . قرآن مجيد

    امام علي عليه السلام فرمائن ٿا :

    “ ثُمَّ اَنزل عَليهِ الکِتٰاب …. و فُرقاناً لايَخمِد بُرهانه ” (15) پوءِ ان تي اهڙو ڪتاب نازل ڪيو جنهن جو ڏيئو وسامي نٿو سگهي. اهو اهڙو سمنڊ آهي جنهن جي تھ تائين پهچڻ ممڪن ناهي ، اهو اهڙو رستو آهي جنهن تي هلڻ وارو ڀٽڪجي نٿو سگهي، اهڙو شعاع آهي جنهن جي روشني، انڌيري ۾ تبديل نٿي ٿي سگهي، حق ۽ باطل جو اهڙو امتياز جنهن جو دليل ڪمزور نٿو ٿي سگهي.

    امام عليه السلام ، قرآن مجيد کي ڪتابِ نور ، فرقان ۽ تبيان جهڙن لفظن سان ياد ڪري رهيا آهن ۽ هي ڪتاب زندگيءَ جو اهڙو عظيم درس آهي اگر انسان ان تي عمل پيرا ٿئي ته ڪڏهن به باطل جي ڄار ۾ ڦاسي ڪو نه سگهندو بلڪه هميشه حق جي واٽ تي روان دوان هوندو. جيئن ته قرآن ۾ ارشاد ٿئي ٿو :

    “ کِتاب اَنزلناهُ اِليک لِتُخرجَ الناسَ من الظُلُماتِ الي النُّورِ” (16) هي ڪتاب آهي جنهن کي اسان توهان ڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن توهان کي اونداهين (باطلن) مان ڪڍي، نور(حق) جي طرف وٺي اچي.

    هي قرآن ڪنهن خاص زماني جي لاءِ نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن خاص قوم ۽ قبيلي لاءِ، بلڪه هر انسان لاءِ قيامت تائين هدايت جو ڏيئو آهي. جيئن امام علي رضا عليه السلام فرمائن ٿا :

    “ ما بٰالَ القُرآن لايَزدادُ….. لَم يَجعله لِزمان دُون زمان و لاالنّاسِ دُون النّاسِ….” (17) يعني قرآن نه ئي پُراڻو ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪا شيءَ درس و بحث جي وقت ان ۾ اضافو ٿئي ٿي. هي هميشه تازو آهي ؛ ڇو ته خداوند متعال قرآن کي هڪ خاص وقت ۽ ڪنهن خاص قوم لاءِ نازل نه ڪيو آهي لهذا تا ڏهاڙي قيامت، هر وقت ۽ هر قوم لاءِ تازو آهي

    قرآن انهن تمام صفتن سان اهو واحد ۽ اڪيلي ڪتاب آهي جيڪا حق ۽ باطل جي درميان ڳاڙهي لڪير بڻيل آهي . انهيءَ ڪري امام علي عليه السلام فرمائن ٿا :

    “وَ عليٰ کِتابِ اللهِ تُعرَضُ الاَمثال” (18) ۽ تمام مشتبه شين کي خدا جي ڪتاب تي سان ڀيٽا ڏيڻ گهرجي. ”

    5. اهلبيت اطهار (عليهم السلام)

    پيغمبر اڪرم(ص) کان پوءِ، اهلبيت اطهار (عليهم السلام) قرآن جي مفسّر ۽ معلّم جي حيثيت سان امت جي راهنمائي جو بار سندن ڪلهن تي کنيو ۽ پرچم جيان حق جا محور ۽ مرڪز آهن. ٻين کي گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي ان محور ۽ مرڪز سان ڀيٽ ڪرائن ته جيئن کين معلوم ٿئي ته ڪيترو حق جي نزديڪ آهن. جيئن ته امام علي (ع) فرمائن ٿا :

    “ و خلف فينا راية الحق …..” (19) ۽ (پاڻ سڳوراص) اسان (اهلبيت) ۾ هڪ اهڙو حق جو پرچم (نشان) ڇڏي ويا جيڪو ان کان اڳتي وڌي وڃي، سو دين کان نڪري ويندو ۽ جيڪو پوئتي رهجي وڃي، سو هلاڪ ٿي ويندو، ۽ جيڪو ان سان گڏ رهيو، سو حق سان گڏ رهيو.

    اهلبيت(عليهم السلام) ڪڏهن به حق کان ذري برابر به هٽيا ناهن، سندن واٽ ، پيغمبر(ص) جي واٽ آهي ۽ حق، جڏهن به پنهنجي واٽ کان هٽيو آهي، انهن جي ذريعي پنهنجي جڳه تي موٽيو آهي. جيئن امام علي (ع) فرمائن ٿا ته :

    فَاَينَ تَذهبُونَ؟ وَ اَنّيٰ…..وهُم اَزمَةُ الحقّ…..” (20) توهان ڪيڏاهن وڃي رهيا آهيو؟ توهان کي ڪهڙي پاسي موڙيو وڃي ٿو ؟ جڏهن ته نشانيون قائم آهن ۽علامتون واضح آهن ، منارا جوڙجي چڪا آهن ، توهان کي ڀٽڪايو وڃي ٿو ۽ توهان ڀٽڪيا وڃو ٿا . ڏسو ته توهان جي درميان نبي ڪريم(ص) جي عترت (آل محمد(ص)) موجود آهي اهي حق جي واڳ، دين جاعلمبردار ۽ صداقت، سچائي جا ترجمان آهن، کين قرآن جي بهترين جاءِ تي جڳه ڏيو ۽ انهن وٽ اهڙي طرح اچو جيئن پياسا اٺ ڪنهن پاڻي جي تلاوَ تي ايندا آهن.

    هڪ ٻئي جاءِ تي امام(ع) فرمائن ٿا ته:

    “ لايُخٰالِفُونَ الحقَّ…. بِهمۡ عادَ اليٰ نِصابِه” (21) اهي( آل محمد(ص)) نه حق جي مخالفت ڪندا آهن ۽ نه ئي حق جي باري ۾ اختلاف ڪندا آهن، اهي اسلام جا ٿنڀَ ۽ حفاظت جا مرڪز آهن، انهن جي ذريعي حق پنهنجي مرڪز ۽ محور ڏانهن واپس آيو ۽ باطل پنهنجي جڳه کان اکڙي ويو ۽ ان جي زبان ۽ پاڙَون پٽجي ويون.

    زيارت جامعه ڪبيره ۾ اهلبيت اطهار عليهم السلام جي هن ريت وصف بيان ٿي رهي آهي :

    “ والحَقُّ مَعکُمۡ و فِيکُم و اِلَيکُم و اَنتُم اَهلُه و مَعدِنُه” (22) حق توهان (اهلبيت(ع)) سان گڏ آهي توهان جي درميان آهي ۽ توهان جي طرف کان آهي ۽ توهان جي طرف ئي موٽندو ۽ توهان حق جا اهل ۽ حق جا معدن آهيو.

    اميرالمومنين(ع) حق جا بهترين محور

    حضرت علي عليه السلام، انسانن ۾ ڪاملترين شخص آهي، اهڙو وجود جيڪو هر عيب و نقص کان پاڪ هڪ ترازو آهي جنهن جي ذريعي حقيقتن کي توري سگهجي ٿو. حقيقت ته اها آهي جو حق پنهنجي وجود ۾ علي عليه السلام جو محتاج آهي ۽ علي (ع) هميشه حق سان ظاهر ٿيندو آهي، جيئن ته رسول اڪرم(ص) فرمائن ٿا :

    “ الحَقّ مع عَلي و عَلي مَع الحَقّ ” (23) حق علي سان گڏ آهي ۽ علي حق سان گڏ.

    ڪير به علي عليه السلام جي حقانيت کي بيان نٿو ڪري سگهي مگر نهج البلاغه جيڪو علي (ع) جي ڪلام جو هڪ گوهر آهي ڪيترين ئي جاين تي علي (ع) جي حق هجڻ کي بيان ڪري ٿو، جتي علي (ع) مڪمل يقين ۽ وضاحت سان چئي رهيا آهن:

    “ فَوالَّذِي لااِلٰه اِلّا هُو اِنّي لَعليٰ جادَّةِ الحقّ و انَّهم لَعليٰ مَنزِلَةِ الباطِل ” (24)

    قسم آهي ان پالڻهار جي جنهن کانسواءِ ڪو خدا ناهي، آءُ حق جي رستي تي آهيان ۽ اهي باطل جي دڳن تي آهن.

    لهذا علي(ع) بهترين حق ۽ باطل جو معيار آهي ، ۽ جيڪو به پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ سچائي ۽ محبت سان علي جي تابع هوندو سو حق جي گهڻو ويجهو هوندو. علي(ع) جو حق سان ايترو ته گهرو ربط آهي جو جڏهن به زمانو علي(ع) جي سامهون ٿيو ته باطل ۾ ظاهر ٿيڻ ۽ مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه رهي .

    ان مطلب جي طرف اشارو ڪندي امام فرمائن ٿا:

    “ فنَهضَت فِي تِلکَ الاَحداث حَتّى زاحَ الباطلُ و زَهقَ و اطمَاَنَّ الدِينُ و تَنهنه” (25)

    پوءِ آءُ ان حالات ۾ قيام ڪيو ايستائين جو باطل مٽجي ويو ۽ دين مطمئن ٿي پنهنجي جڳه تي مضبوط ٿيو.

    هي جملو امام (ع) ان وقت فرمايو جڏهن ڪافي تعداد ۾ ماڻهن جو هڪ هجوم سندن وٽ گڏ ٿيو ته جيئن بيعت ڪن، انهيءَ وقت مولاءِ ڪائنات (ع) فرمائن ٿا :

    “ فَخَشِيتُ ان لَم اَنصره……..” (26)

    مونکي اهو خوف ٿيو ته اگر فتني ۽ بربادي جي ڏسڻ باوجود آءُ اسلام ۽ مسلمانن جي مدد نه ڪئي ته ان جي مصيبت قيامت جي ڏينهن ان کان به وڌيڪ هوندي جيڪا اڄ حڪومت کي نه سنڀالڻ ڪري سامهون اچي رهي آهي.

    ۽ جڏهن امام (ع) حڪومت سنڀالي ته فرمايائون:

    “ الآنَ اِذ رَجعَ الحَقُّ اليٰ اَهلِه و نَقلَ الي مُنتقله ” (27) اڄ حق پنهنجي اهل ڏانهن واپس موٽي آيو ۽ پنهنجي جاءِ ڏاهن منتقل ٿي ويو.

    امام (ع) هميشه پنهنجي ان حال ۾ ثابت قدم رهيا ۽ ڪڏهن به سستي جو احساس نه ڪيائون، ۽ جيستائين خلافت جي مسند تي هئا ته پنهنجي قول ۽ عمل سان حق لاءِ قيام ۽ باطل کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.

    عبد الله ابن عباس چوي ٿو ته هڪ ڏينهن جڏهن علي (ع) پنهنجي جُتين جي مرمت ڪري رهيا هئا ته مونکي چيائون :

    “ ما قِيمَةُ هذا النَعلِ؟…الّا اَن اُقيمَ حقا او ادفع باطِلاً ” (28) ان جتين جي قيمت ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو : ڪجه به نه! ته فرمايائون : خدا جي قسم هي (جتيون) حڪومت کان وڌيڪ مونکي پسند آهن مگر ان جي جو، حڪومت ذريعي آءُ ڪنهن حق کي قائم ڪري سگهان يا باطل کي مٽائي سگهان.

    ان خطبه ۾ امام (ع) حق جي اثبات ۽ باطل جي نابودي لاءِ پنهنجي پائداري ۽ ثابت قدمي کي هن ريت بيان ڪن ٿا ته:

    “ الله جو قسم آءُ ان حالات جي تبديل ڪرڻ وارن منجهان هوس ايستائين جو حالات مڪمل تبديل ٿي ويا ۽ آءُ نه ڪمزور ٿيس ۽ نه ئي خوفزده . اڄ به منهنجو هي سفر اهڙن ئي مقصدن لاءِ آهي ، آءُ باطل جو پيٽ چيري ان جي پهلو کان حق ڪڍيندس جنهن کي ان انڌيرن جي تھن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي ” (29)

    مولاءِ ڪائنات (ع) پنهنجي زندگي جي آخري لمحن ۾ پڻ پنهنجي ٻن پٽن (امام حسن ع ۽ حسين ع)کي اهڙي طرح وصيت ڪندا وڃن ٿا :

    “ آءُ توهان ٻنهن کي اها وصيت ڪيان ٿو ته تقوا اختيار ڪجو، ۽ هوشيار رهجو دنيا لک ڀيرا توهان کي چاهي توهان ان سا دل نه لڳائجو ۽ نه ئي ان جي ڪنهن شيءَ جي محروم ٿيڻ تي افسوس ڪجو ” (30)

    امام عليه السلام اهڙي حال ۾ دنيا کان موڪلايو جو ان وانگر ڪو به سچائي ۽ محبت سان حق جي ظاهر ڪرڻ ۾ قدم نه رکي سگهيو. علي (ع) ئي سراپا حق آهي جنهن حق جي پياسن کي سيراب ڪرايو ۽ شبهن جي انڌيرن کي حق جي نور سان روشن ڪيو.

    حق جي راه ۾ ثابت قدمي ۽ استقامت

    حق جي سڄاڻ ۽ ان ڏانهن هدايت پائڻ کان پوءِ استقامت ۽ ثابت قدمي تمام ضروري آهي، لهذا انسان کي ظاهري ۽ مادي نقصان خاطر حق جو ميدان ڇڏڻ نه گهرجي، ٻئي طرف کان باطل ڀلي مادي فائدن سان پر هجي. جيئن اميرالمومنين (ع) فرمائن ٿا :

    فَانَّ الجَهادَ بابُ مِن اَبوابِ الجنة… و اُدِيل الحقّ مِنه….” (31)

    “ جهاد جنت جي دروازن منجهان هڪ دروازو آهي…. جنهن منهن موڙيندي ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، الله کيس ذلت جو لباس پارائيندو، ان مٿان مصيبت اچي ويندي، کيس ذلت ۽ خواري جي ڪري ٺڪرايو ويندو، ان جي دل تي غفلت جا پردا اوڙهيا ويندا، جهاد کان منهن موڙڻ جي ڪري حق ان جي هٿان نڪري ويندو ۽ کيس ذلت سهڻي پوندي”

    تاريخ گواه آهي ته حق جا غاصب ڪڏهن به حق کي سندس اهل جي حوالي ناهي ڪيو، لهذا اسان کي انهن جي مقابلي ۾ هڪ قلعي وانگر مضبوط ٿيڻو پوندو. جيئن امام علي (ع) فرمائن ٿا :

    “ لَنا حقّ فَاِن اَعطَيناهُ و الّا رَکِبنٰا اعجٰاز الِابل و اِن طالَ السَرى ” (32)

    “ اسان لاءِ هڪ حق آهي جي ملي ويو ته ٺيڪ ورنه اسين اُٺ جي پٺيءَ تي به ويهڻ گوارا ڪنداسين چاهي سفر ڪيترو به ڊگهو ڇو نه هجي ”

    يعني اسين حق کان هٿ کڻڻ وارا ناهيون ۽ جيسيتائين غاصبن جي زور جو مقابلو ڪرڻو پوندو ڪندا رهنداسين، لهذا اسان کي حق لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ سڀني مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي پڻ سهڻ گهرجي.جيئن مولاءِ ڪائنات (ع) فرمائن ٿا :

    “ و خُض الغَمَراتِ للحَقّ حُيثُ کانَ…” (33) حق جي خاطر سختين ۽ مشڪلاتن ۾ لهي پئجو ۽ دين جي ڄاڻ حاصل ڪجو ، پنهنجي نفس کي بري حالات ۾ صبر جو عادي بڻائجو ۽ ياد کجو ! بهترين اخلاق ، حق جي راه ۾ صبر ڪرڻ آهي.

    حق کان انحراف جا سبب

    حق جي واٽ ۾ ڪيترائي مانع ۽ رڪاوٽون پيش اينديون آهن لهذ انسان کي گهرجي ته انهن کي چڱي طرح سڃاڻي ته جيئن جڏهن به اهي حق جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجن ته انهن جو مقابلو ڪري سگهي ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن هو حق جي معيار کي سڃاڻي ان تي چڱي نموني عمل پيرا هجي، جيئن هڪ پهاڪو آهي ته “ تُعرَفُ الاَشياءُ بِاَضدادِها ” هر شيءَ کي ان جي ضد جي ذريعي سڃاتو ويندو آهي” ۽ باطل، حق جو ضد آهي . جڏهن حق جي سڃاڻ ٿي وئي ته باطل جي سڃاڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي، لهذا ضروري آهي ته باطل جي مصداقن کي سڃاڻجي. نهج البلاغه جي نظر ۾ حق کان منحرف ٿيڻ جا سبب ۽ باطل جا مصداق هي آهن :

    1_نفساني خواهشات ۽ ڊگهيون تمنائون

    نفساني خواهشون ۽ ڊگهيون تمنائون باطل جو مصداق ۽ حيواني غريزن جي سمنڊ جون اهي موجون آهن جيڪي انسان جو اندر انڌير ڪري ڇڏينديون آهن ۽ انهن تمام وسيلن کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون، جنهن سان حق ۽ حقيقت کي سڃاڻي ۽ سمجهي سگهجي ٿو ڇو جو انسان جي عقل ۽ وجدان جي اڳيان پردو آڻي ڇڏين ٿيون جنهن ڪري انسان حقيقت کان ڪوهين ڏور نڪري وڃي ٿو . مولاءِ ڪائنات (ع) فرمائن ٿا :

    “ فَما اتّباع الهَوا فَيصد عن الحَقّ و اما طُولُ الاَمل فينسيٰ الآخِرة ” (34)

    نفساني خواهشون ، انسان کي حق جي رستي کان روڪي ڇڏين ٿيون ۽ ڊگهيون تمنائون آخرت کان ڀلائي وجهن ٿيون”

    لهذا جيسيتائين اهي خواهشون ۽ تمنائون انسان جي دل ۾ هونديون، حق ان جي ويجهو نه اچي سگهندو. جيئن قرآن ۾ ارشاد ٿئي ٿو :

    “ قَد اَفلَحَ مَن زکّٰها ” (35)

    بيشڪ اهو ڪامياب ٿي ويو جنهن پنهنجي نفس کي پاڪيزه بڻايو .

    2_جهاد کي اهميت نه ڏيڻ

    جيتوڻيڪ الله سائين جي ڪنهن به هڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ سان انسان حق کان دور ٿي وڃي ٿو، پر الله سائين جي دشمنن، (جيڪي اسلام ۽ مسلمانن تي حملو ڪندا آهن) ،سان جنگ نه ڪرڻ ، حق کان منحرف ٿيڻ جو خطرناڪ ترين سبب آهي ، يعني باطل جي نشاني ۽ مصداق آهي. جيئن مولاءِ ڪائنات (ع) فرمائن ٿا :

    “ و اُدِيلَ الحَقُّ مِنه بِتَضيِيع الجِهادِ وَسِيمَ الخَسفَ و مُنِعَ النَّصَفَ ” (36)

    جهاد کان منهن موڙڻ جي صورت ۾ حق ان کان نڪري ويندو، ۽ ان کي ذلت سهڻي پوندي ۽ هو انصاف کان محروم ٿي ويندو.

    جنهن، امام علي (ع) سان گڏ دشمنن سان جهاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ باطل جو ساٿ به نه ڏنائون، انهن جي باري ۾ امام (ع) فرمائن ٿا:

    “ خَذلُوا الحَقّ و لَم ينصروا الباطِلَ ” (37)

    انهن حق کي به ڇڏي ڏنو ۽ باطل جي به مدد نه ڪئي.

    حقيقت ۾ اهي هن شعر جا مصداق بڻجي ويا :

    نہ خدا ہی ملا نہ وصال صنم نہ ادهر کے ہوئيے، نہ ادهر کے ہم

    3_قيامت کي وساري ڇڏڻ

    اڪثر گناهن جو سبب قيامت کي ڀلائي ڇڏڻ آهي، لهذا اگر انسان هميشه ان جي ياد ۾ رهي ته ڪڏهن به باطل جي وادي ۾ قدم نه رکندو. جيئن امام علي (ع) فرمائن ٿا : “ و اِنَّه لَيَمنعُهُ مِن قَولِ الحقّ نسيانُ الآخِرةِ ”

    “ آخرت جو ڀلائي ڇڏڻ، ان (عمر عاص) کي حق چوڻ کان روڪي ڇڏيو آهي (38)

    امام (ع) جي ان فرمان مان واضح آهي ته آخرت کي ڀلائڻ، انسان جي حق تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿو ۽ اگر جي ڪنهن طريقي سان حق کي سڃاڻي، پوءِ به عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.

    4_شيطان جو فريب

    جڏهن باطل جي حق سان ملاوٽ ٿيندي آهي ته حق کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آهي جنهن جي سبب حقيقتون ماڻهن کان لڪي وينديون آهن، ۽ ماڻهون باطل کي حق سمجهڻ لڳندا آهن، ۽ اهوئي اهو موڙ آهي جتي شيطان انسان کي دوکي ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي. جيئن مولاءِ ڪائنات (ع) فرمائن ٿا :

    “ فَلَو انَّ الباطِلَ خَلَصَ مِن مِزاجِ الحقّ….فهنالِک يَستَولِي الشيطانُ…” (39)

    “ اگر باطل حق جي ملاوٽ کان جدا رهي ته حق مخفي نه رهندو ۽ اگر حق باطل جي ملاوٽ کان محفوظ رهي ته دشمن جون زبانون کلي نه سگهن ، ليڪن هڪ حصو ان (حق) مان ورتو ويندو آهي ۽ هڪ حصو ان (باطل) منجهان، ۽ پوءِ ٻنهن کي ملايو ويندو آهي، اهڙن موقعن تي شيطان سندس ساٿين تي غالب ٿي ويندو آهي ۽ فقط اهي ماڻهون نجات پائيندا آهن جِنهن جي پالڻهاروٽ اڳ ۾ نيڪي پهچي ويندي آهي .

    لهذا هڪ قوم ۽ قبيلي جي اندر بري ۾ برو فساد شين جو مشتبه ٿيڻ آهي جيڪو حق کان مانع ۽ رڪاوٽ، ۽ باطل جو بدترين مصداق آهي ڇو جو انسان کان حق ۽ باطل ۾ فرق وجهڻ جي قوت کي ختم ڪري ٿو ڇڏي. جيئن امام (ع) فرمائن ٿا:

    “ و يَلبِس اُمُورُها عَليها….” (40)

    سڀ ڪم مشتبه ٿي ويندا، فتنه فساد ڦهلجي ويندا، ماڻهو حق ۽ باطل ۾ فرق نه ڪري سگهندا ۽ ان ۾ چڪر کائندا ۽ هيٺ مٿي ٿيندا رهندا.

    اهل حق و اهل باطل جي عاقبت

    1_اهل حق جي عاقبت ۽ انجام

    حق جي واٽ تي هلڻ وارا الله سائين جي مرضي خريد ڪندا آهن، انهن جو شمار خدا جي محبوب ترين بندن ۾ ٿيندو آهي، اهي حق جي راه ۾ سندن جان جي پرواه نه ڪندي، ثابت قدم رهي، پاڻ کي فدا ڪندا آهن، امام علي (ع) جي نظر ۾ اهڙا ماڻهون شهيد آهن ڀلي پوءِ پنهنجي بستر تي ئي ڇو نه جان ڏين. جيئن امام(ع) فرمائن ٿا:

    “ فانَّه مَن ماتَ مِنکُم عَليٰ فِراشِه و هُو عَليٰ مَعرِفَة حقّ رَبّه وَ حقّ رَسُولِه و اَهلِ بَيتِه ماتَ شَهيداً و وَقعَ اَجرُهُ عَليٰ اللهِ ” (41)

    اگر ڪوبه شخص خدا ، رسول ۽ اهلبيت جي حق جي معرفت رکندي پنهنجي بستري تي جان ڏئي تڏهن به شهيد ٿي مرندو آهي ۽ ان جو اجر پڻ الله جي ئي ذمي آهي ”

    ۽ اهڙي شخص جي عاقبت، جنت ئي آهي جيئن امام (ع) فرمائن ٿا: “ الّا مَن اکَلَهُ الحَقّ فَاليٰ الجَنّة و مَن اکلَهُ الباطِلُ فاليٰ النّارِ” (42)

    ياد رکجو! جنهن جو خاتمو حق تي ٿيو آهي ان جي عاقبت ۽ انجام جنت آهي ۽ جنهن کي باطل کائي وڃي ان جو انجام جهنم آهي.

    4_اهل باطل جي عاقبت ۽ انجام

    اهي ماڻهون جِنهن سندن پوري زندگي باطل جي راه ۾ گذاري ڇڏي، ۽ انبياء (ع) جي حق ڏانهن دعوت ۽ هدايت جي باوجود حق کان مونھ موڙيائون، سي گمراه ٿي ويا. ۽ انهن حق سان جنگ ڪئي نتيجي ۾ حق انهن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. جيئن امام علي (ع) فرمائن ٿا :

    “ من صٰارَع الحَقَ صَرعَه” (43) جيڪو حق سان وڙهندو حق کيس مٽائي ڇڏيندو.

    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪو باطل کي انتخاب ڪندو ۽ حق کان مونھ موڙيندو، خود باطل ان کي نقصان رسائيندو ، ۽ اهل باطل جيڪي حق کي پٺ ڪن ٿا ، خدا ۽ سندس اولياء ٻنهن جي لعنت جا مستحق آهن. جيئن علي (ع) فرمائن ٿا: “ اللّهُم فَانّ رَدّوا الحَقّ فَافضِض جَماعَتَهم و شَتّت کلِمَتهُم و اَبسِلهمُ بِخَطاياهُم ” (44)

    خدايا ! ظالم اگر حق کي ٺڪرائي ڇڏي ته ان جي ٽولي کي ڇڙ وڃڙ ڪر، ان جي ڳالھ کي متحد نه ڪر، ان کي ان جي غلطين جي سزا ڏئي.

    اهل باطل جي انجام ۽ عاقبت بابت امام علي (ع) فرمائن ٿا :

    “ مَن اکلَه الباطِلُ فاِليٰ النّارِ ”(46) جنهن کي باطل کائي وڃي(يعني پنهنجو ڪري وڃي) ان جو انجام جهنّم آهي.

    آخر ۾ اسين بارگاه الهي ۾ دعا لاءِ هٿ بلند ڪيون ٿا جيئن حضرت علي (ع) دعا ڪري رهيا آهن:

    “ اللّهم اِن اَظهرتَنا عَليٰ عَدُوّنا فَجنبنا البغيٰ و سَدّدنا للحَقّ و اِن اَظهرتَهم علينٰا فارزقنٰا الشّهادَة و اعصمنٰا مِن الفِتنَةِ ” (46)

    “ خدايا! اگر تو دشمن جي مقابلي ۾ اسان کي غلبو عنايت ڪيو ته پوءِ اسان کي ظلم ڪرڻ کان محفوظ رکجان، ۽ حق جي سڌي واٽ تي قائم رکجانءِ، ۽ اگر دشمن کي اسان جي مقابلي ۾ غلبو حاصل ٿئي ته اسان کي شهادت جو شرف عطا ڪجانءِ ۽ فتني، فساد کان محفوظ رکجانءِ.

    “ اَخذَ الله قُلُوبَنا وَ قُلوبَکُم اليٰ الحَقّ وَ اَلهِمنٰا وَ اٰيّاکُم الصَبر ” (47)

    انما سُميت الشُبهة شُبهة لانّها تَشبه الحَقّ” “يقينا شبهي کي شبهو ان لاءِ چيو ويندو آهي جو حق جي مشابه هوندو آهي” (1) لهذا باطل اگر حق جو لباس اوڙهي ته حق پسند ماڻهو دوکو کائي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو باطل هميشه ڪوشش ڪندو آهي ته سندس اصلي چهري سان ظاهر نٿي.
    منبع: http://www.sindhi.shiadost.com ن: نوید حسین