islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. دنيا ۾سڀني کان پهرين مسلمان عورت

    دنيا ۾سڀني کان پهرين مسلمان عورت

    Rate this post

    هر دور ۾ هزارن جي تعداد ۾ عورتون اسلام کان مشرف ٿيون آهن. پر بيبي خديجه ڪبرى سلام الله عليها فضائل ۽ مناقب جا باب کولڻ ۾ ڪامياب ٿيون ، ۽ سڄي عالم ۾ اسلام جي لاءِ افتخار جو سبب بڻيون آهن ، انهن عورتن ۾ حضرت بيبي خديجه ڪبرى سلام الله عليها جونالو سرفهرست ، سڀني مان پهرين مسلمان عورت جي عنوان سان تاريخ جي سنهري صفحات لکيل نظر اچي ٿو. (1) نبوت پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کان پهرين حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها پنهنجي جد بزرگوار حضرت ابراهيم جي آئين جي پيروڪار هئي ، ٻين لفضن ۾ اڃي چئجي ته ”دين اسلام“ جي پيروڪار هئي . پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نبوت جي پهرين ڏينهن بيبي، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي آئين پيغمبر کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيئن ته حديثن ۾ ملي ٿو ته ، مردن ۾ سڀني کان پهرين پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ايمان آڻڻ وارو حضرت مولا علي ابن ابي طالب ۽ عورتن ۾ سڀني کان پهرين حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها هئي . (2) هڪ ڀيري هڪ يهودي عالم، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها جي گھر ڏٺو ، حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها کي عرض ڪرڻ لڳو ته هي اهو ئي پيغمبر آهي جنهن جو واعدو توريت ۾ ڪيو ويو آهي ۽ قريش جي عورتن جي سردار ان سان شادي ڪندي شايد اهو شرف توهان کي نصيب ٿيندو. (3) حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها جي سؤٽ ورقه بن نوفل چوڻ لڳو ته خدا جو قسم اهو اهڙو پيغمبر (صلي الله عليه وآله وسلم) حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها آهي ، جنهن جي نبوت جا اسان منتظر آهيون. (4) ورقه بن نوفل بت پرستن جو پيروڪار هو . (5) ۽ اهو حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها لاءِ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت جو ذريعو بڻجو. (6) پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم نبوت جي پهرين ڏينهن غار حرا مان واپس موٽي رهيو هيو ته قريش جي عورتن جي سردار حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي استقبال لاءِ اڳتي وڌي ۽ عرض ڪرڻ لڳي توهان جي جبين(نرڙ) تي ڪهڙو نور آهي پيغمبر اڪرم (صلي الله عليه وآله وسلم) فرمايو ته هي نبوت جو نور آهي.۽ پوءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها کي اسلام جا ارڪان ٻڌايا ۽ بغير ڪنهن دير جي حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها چوڻ لڳي ” آمنت و صدقت و رضيت و سلمت“ مان توهان تي ايمان آندو ۽ مان توهان جي پيغمبري جي تصديق ڪريان ٿي ۽ مان اسلام جي آئين مان راضي آهيان ۽ ان کي تسليم ڪريان ٿي. (7) ………………………………………….
    منبع:http://www.mwilayat.com