islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. دهون سیپارو

    دهون سیپارو

    1 (20%) 1 vote

    8:41 – 41. ۽ (ھيءَ ڳالھ) ڄاڻو ته جيڪو مال (ڪافرن تي فتح لھڻ کانپوءِ) اوھان جي ھٿ ۾ آيو تنھنجو پنجون حصّو الله ۽ پيغمبر ۽ (پيغمبر جي) عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي جيڪڏھن اوھان الله کي مڃيو آھي ۽ (پڻ) جيڪو پنھنجي ٻانھي (ﷴ) تي فيصلي جي ڏينھن جنھن ڏينھن ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ مقابل ٿيون نازل ڪيوسون (تنھن تي يقين رکندا آھيو ته اُن حُڪم تي عمل ڪريو)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.

    8:42 – 42. (اِھو اُھو وقت ھو) جنھن مھل اوھين اورين ڀر ۽ ھو پرينءَ ڀر ھوا ۽ قافلو اوھان کان ھيٺين ڀَر (ھليو ويو)، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ انجام ڪريو ھا ته ضرور انجام ۾ برخلاف ٿيو ھا پر ھِن لاءِ ته جيڪو ڪم الله کي ڪرڻو ھو سو پورو ڪري (ته حق پڌرو ٿئي، ۽) ھن لاءِ ته جيڪو ھلاڪ (گمراہ) ٿئي سو چٽائي کانپوءِ مرته ھلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو ٿئي (يعني حق کي پروڙي) سو چٽائي کانپوءِ مرته جيئرو رھي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    8:43 – 43. (ياد ڪر) جنھن مھل الله تنھنجي خواب ۾ توکي اُھي (ڪافر) ٿورا ڏيکاريا، ۽ جيڪڏھن توکي اُھي گھڻا ڏيکاري ھا ته ضرور بي ھمّت ٿيو ھا ۽ ضرور (اُن) ڪم ۾ ھڪٻئي سان تڪرار ڪريو ھا پر الله (اُن تڪرار کان اوھان کي) بچايو، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.

    8:44 – 44. ۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھين ھڪٻئي جي سامھون ٿيؤ تڏھن (الله) اوھان جي اکين ۾ اُھي ٿورڙا ڪري ڏيکاريا ٿي ۽ انھن (ڪافرن) جي نگاھن ۾ اوھانکي ٿورڙا ڪري ڏيکاريائين ٿي ھن لاءِ ته الله اھو پورو ڪري جيڪو ڪرڻو ھو، ۽ الله ڏانھن (سڀ) ڪم موٽايا ويندا.

    8:45 – 45. اي ايمان وارؤ! جڏھن ڪنھن (ڪافر) ٽوليءَ سان (جنگ ۾) مقابلو ڪريو تڏھن ثابت قدم رھو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

    8:46 – 46. ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو نه ته سست ٿيندؤ ۽ اوھان جي((اتفاق جي) بوءِ ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صابرن سان آھي.

    8:47 – 47. ۽ اوھين اُنھن (بدر وارن ڪافرن) وانگر نه ٿيو جيڪي پنھنجي ديس مان تڪبر سان ۽ ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ نڪتا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ لڳا، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيروڪندڙ آھي.

    8:48 – 48. ۽ جڏھن شيطان سندن ڪرتوت اُنھن لاءِ سينگاريا ۽ (ڪافرن کي) کي چيائين ته اڄ ماڻھن مان ڪوبه اوھان تي غالب (ٿيڻو) نه آھي ۽ بيشڪ آءٌ اوھان جو واھرو آھيان، پوءِ جڏھن ٻئي لشڪر آمھون سامھون ٿيا ته (شيطان) پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڳو ۽ چيائين ته آءٌ اوھان کان بيزار آھيان تحقيق جيڪي مان ڏسان ٿو سو اوھين نٿا ڏسو تحقيق آءٌ الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

    8:49 – 49. (اُھو وقت ياد ڪريو) جنھن مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري ھئي تن چيو ته ھنن (مسلمانن) کي سندن دين ٺڳيو آھي، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو آھي ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    8:50 – 50. (اي ڏسندڙ) جيڪڏھن (اُنھي مھل) ڏسين جنھن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساہ ڪڍندا آھن (۽) سندن مُنھن ۽ پٺين کي سٽيندا ڪٽيندا آھن (ته عجب ڪرين) ۽ (چوندا اٿن ته ھاڻي) ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.

    8:51 – 51. اِھو ھن سببان آھي جو جيڪي اوھان جي ھٿن اڳي موڪليو آھي ۽ بيشڪ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.

    8:52 – 52. (انھن جو حال) فرعونين ۽ انھن جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ھوا، (جو) الله جي آيتن کي نه مڃيائون پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، بيشڪ الله سگھارو سخت سزا ڏيندڙ آھي.

    8:53 – 53. اھو ھن سببان آھي جو الله جا نعمت ڪنھن قوم کي عطا ڪندو آھي تنھن کي (اُھو) ايستائين ڪڏھن نه مٽائيندو آھي جيسين جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو (پاڻ نه) مٽائيندا آھن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    8:54 – 54. (انھن جو حال) فرعونين ۽ پڻ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جھڙو آھي، (جو) پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتائون تنھنڪري انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون، مڙئي ظالم ھوا.

    8:55 – 55. جاندارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن پوءِ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.

    8:56 – 56. انھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي پوءِ وري ھر ڀيري پنھنجو انجام ڀڃيندا آھن ۽ اُھي نه ڊڄندا آھن.

    8:57 – 57. پوءِ جيڪڏھن لڙائيءَ ۾ کين لھين ته (انھن کي اھڙي سزا ڏي جنھن جي ڪري) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄاءِ ته مانَ اھي ياد ڪن.

    8:58 – 58. ۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (انجام ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين ته اُنھن ڏانھن (سندن انجام) پوري ٿيڻ مھل بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇوته الله خيانت ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

    8:59 – 59. ۽ ڪافر (ايئن) نه ڀائين ته (ڪو) اڳرائي ڪيائون، بيشڪ اُھي نه ٿڪائيندا.

    8:60 – 60. ۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو.

    8:61 – 61. ۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    8:62 – 62. ۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني.

    8:63 – 63. ۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين ۾ ميلاپ ڏنائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين ۾ ميلاپ ڏئي نه سگھين ھا پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنون، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.

    8:64 – 64. اي پيغمبر توکي ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي الله ڪافي آھي.

    8:65 – 65. اي پيغمبر مؤمنن کي لڙائيءَ تي ھمتاءِ، جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا وِيھ آھن ته ٻن سَون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان سَو آھن ته ھڪ ھزار ڪافرن تي غالب ٿيندا ھن ڪري جو اُھا اھڙي قوم آھي جا نه سمجھندي آھي.

    8:66 – 66. ھاڻي الله اوھان تان بار ھلڪو ڪيو ۽ اوھان ۾ ھيڻائي معلوم ڪيائين، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا سَو ھوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھزار ھوندا ته ٻن ھزارن تي الله جي حڪم سان غالب ٿيندا، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.

    8:67 – 67. پيغمبر کي نه جڳائيندو آھي جو وٽس قيدي ھجن (بلڪ ڪُٺا وڃن) جيستائين مُلڪ ۾ (ڪافرن جي عام) خونريزي نه ڪري، (اوھين) دنيا جو سامان گھرندا آھيو، ۽ الله آخرت (جو ثواب ڏيڻ) گھرندو آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.

    8:68 – 68. جيڪڏھن خدا جي تقدير ۾ اڳي لکيل نه ھجي ھا ته اوھان جيڪي (فديو) ورتو تنھن ۾ اوھان کي ضرور وڏو عذاب پھچي ھا.

    8:69 – 69. پوءِ جيڪي اوھان مال غنيمت ورتو سو پاڪ حلال (ڀانيو ۽) کائو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    8:70 – 70. اي پيغمبر، قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چؤ ته جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    8:71 – 71. ۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا ته بيشڪ الله سان (به) اڳ خيانت ڪئي ھوائون پوءِ (اوھان کي) انھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    8:72 – 72. جن ايمان آندو ۽ حجرت ڪئي ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اھي ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت نه ڪئي اوھان تي انھن جي دوستيءَ جو ڪو حق نه آھي جيسين ھجرت ڪن، ۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن ته اوھان کي انھيءَ قوم کانسواءِ ٻي قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھانجي ۽ ھنن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

    8:73 – 73. ۽ جيڪي ڪافر آھن تن مان ھڪڙا ٻين جا سنگتي آھن، پر (اي مسلمانؤ) جيڪڏھن اوھين (ائين) نه ڪندؤ ته مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو.

    8:74 – 74. ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ئي سچا مؤمن آھن، اُنھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

    8:75 – 75. ۽ جن (انھن کان) پوءِ ايمان آندو ۽ ھِجرت ڪئي ۽ اوھان سان گڏ جھاد ڪيو سي به اوھان مان آھن، ۽ مائٽيءَ وارا الله جي حُڪم موجب (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آھن، ڇوته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    ——————————————————————————–
    سورة 9- التّوبَة

    9:1 – 1. جن مشرڪن سان اوھان انجام ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پاران (انجام کان) بيزاري آھي.

    9:2 – 2. (اي مشرڪؤ) مُلڪ ۾ چار مھينا سير ڪريو ۽ ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو ۽ (ڄاڻو) ته الله ڪافرن کي خراب ڪرڻ وارو آھي.

    9:3 – 3. ۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

    9:4 – 4. پر مشرڪن مان جن انجام ڪيو ھيوَ وري (انھن) اوھان سان (انجام ۾) ڪُجھ قُصور نه ڪيو ۽ نڪي اوھان جي خلاف ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو انجام سندين مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، ڇوته الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

    9:5 – 5. پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين ته (عرب جي) مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    9:6 – 6. ۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.

    9:7 – 7. الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ اَنجام ڪئن ٿيندو سواءِ انھن جي جن سان تعظيم واريءَ مسجد وٽ انجام ڪيو ھُيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي انجام تي بيھڪ ڪن ته اوھين انھن لاءِ بيھڪ وٺو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

    9:8 – 8. ڪئن (سندن انجام رھندو) ۽ جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين ته اوھان بابت نڪي مائٽي جو ۽ نڪي انجام جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.

    9:9 – 9. الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

    9:10 – 10. ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽي ۽ نڪي انجام جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن.

    9:11 – 11. پوءِ جيڪڏھن (ڪفر کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته اوھان جا دين ۾ ڀائر آھن، ۽ جيڪي ماڻھو ڄاڻندا آھن تن لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا.

    9:12 – 12. ۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعنو ھڻن ته ڪفر جي سرڪردن سان جنگ ڪريو ڇو ته اُنھن جو قسم (اعتبار جوڳو) نه آھي مان اُھي جھلجن.

    9:13 – 13. اھڙي قوم سان ڇونه ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ جي پيغمبر جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) اوّل ۾ ڪرڻ لڳا؟ کائن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي ته کانئس ڊڄو.

    9:14 – 14. انھن سان وڙھو ته الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (ٺاريندو).

    9:15 – 15. ۽ سندين دلين جي ڪاوڙ وڃائيندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.

    9:16 – 16. ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    9:17 – 17. پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي مشرڪن کي الله جي مسجدين جو آباد ڪرڻ روا نه آھي، اِھي اُھي آھن جن جا عمل چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

    9:18 – 18. الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو انھي کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نه ڊنو، پوءِ اُميد آھي ته اُھي ھدايت وارن مان آھن.

    9:19 – 19. اوھان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ تعظيم واري مسجد کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو ڪيو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو، الله وٽ (ھي ۽ اُھو) برابر نه آھن، الله ظالم قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    9:20 – 20. جن مڃيو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجين جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اُھي مُراد ماڻڻ وارا آھن.

    9:21 – 21. انھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ انھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ انھن لاءِ سدائين نعمتون آھن.

    9:22 – 22. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ڇوته الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.

    9:23 – 23. اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن.

    9:24 – 24. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    9:25 – 25. بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان اوھان جي گھڻائي ڪجھ به ٽاري نه سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (به) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ.

    9:26 – 26. موٽي الله پنھنجي پار کان آرام پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نه ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي.

    9:27 – 27. موٽي اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    9:28 – 28. اي مؤمنؤ مشرڪ رڳو پليت آھن تنھنڪري ھن ورہ پڄاڻا تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو نه وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو ته جيڪڏھن الله گھريو ته پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    9:29 – 29. جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.

    9:30 – 30. ۽ يَھُودين چيو ته عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو ته عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن.

    9:31 – 31. ( ۽ ) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.

    9:32 – 32. ( ۽ ) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.

    9:33 – 33. اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين.

    9:34 – 34. اي ايمان وارؤ ڪتاب وارن عالمن ۽ فقيرن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ رپي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

    9:35 – 35. جنھن ڏينھن (سندن مال) دوزخ جي باھ ۾ تپائبو (جڏھن تپندو ته) پوءِ اُن سان سندن پيشانيون ۽ سندن پاسريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀبيون، (چئبن ته) ھيءُ اُھو (خزانو) آھي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو ھيوَ (ان جو) مزو چکو.

    9:36 – 36. بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

    9:37 – 37. تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    9:38 – 38. اي ايمان وارؤ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي ته الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو ته زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آھيو، دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ نه آھي.

    9:39 – 39. جيڪڏھن نه نڪرندؤ ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو، ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نه رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    9:40 – 40. جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نه ڏيندؤ ته بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو جڏھن اُھي غار ۾ ھوا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين ته اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو آرام لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشه) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    9:41 – 41. (ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.

    9:42 – 42. جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا ته ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ الله جو قسم سگھوئي کڻندا (چوندا ته) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا ته اوھان سان گڏ نڪرون ھا، پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

    9:43 – 43. الله توکي معاف ڪيو، کين تو ڇالاءِ موڪل ڏني جيسين توکي سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا.

    9:44 – 44. جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.

    9:45 – 45. انھن کان سواءِ ٻيو ڪو توکان موڪل نه گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندا آھن ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن.

    9:46 – 46. ۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا ته ان لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نه ڪيو تنھنڪري کين توفيق نه ڏنائين ۽ چيو ويونِ ته وھندڙن سان گڏجي وِھو.

    9:47 – 47. جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا ته اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نه وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو ٻگيٿرو گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا، ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

    9:48 – 48. اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھوا ۽ تولاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا ايتري تائين جو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھوا.

    9:49 – 49. ۽ منجھائن ڪو آھي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجھ، خبردار (اُھي پاڻ) فتني ۾ پيل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.

    9:50 – 50. (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪو سھنج پھچندو آھي ته کين ڏکيو لڳندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو توکي اھنج پھچندو آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ پنھنجو ڪم اڳيئي سنڀالي ورتو اٿؤن ۽ اُھي سرھا ٿي ڦرندا آھن.

    9:51 – 51. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آھي تنھن کانسواءِ ٻيو ڪي اسانکي ڪڏھن نه پھچندو، اُھو اسانجو سنڀاليندڙ آھي، ۽ مؤمنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ جڳائي.

    9:52 – 52. (اي پيغمبر منافقن کي) چؤ ته اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙي کانسواءِ انتظار نه ڪڍندا آھيو، ۽ اسين (به) اوھان لاءِ انتظار ڪڍندا آھيون ته الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪڍو اسين (به) اوھان سان گڏ منتظر آھيون.

    9:53 – 53. چؤ (اي منافقو) سَرھا ٿي توڻي ارھا ٿي خرچ ڪريو ته اوھان کان ڪڏھن قبول نه ڪبو، ڇوته اوھين بي دين ٽولي آھيو.

    9:54 – 54. ۽ کانئن سندن خرچ جو قبول ڪرڻ ھن کانسواءِ نه جھليو ويو ته اُھي الله ۽ سندس پيغمبر جا مُنڪر آھن ۽ نڪي آرس ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙھندا آھن ۽ نڪي (الله جي واٽ ۾) رنج کانسواءِ خرچيندا آھن.

    9:55 – 55. پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجھي، الله رڳو گھرندو آھي ته دنيا جي حياتي ۾ اُن سان کين عذاب ڪري ۽ سندن ساہ ڪُفر جي ئي حالت ۾ نڪرن.

    9:56 – 56. ۽ الله جو قسم کڻندا آھن ته اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نه آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي.

    9:57 – 57. جي ڪا پناھ جي جاءِ يا ڪي چُرون يا ڪو گھڙڻ جو ھنڌ لھن ھا ته اُن ڏانھن اُھي ڊوڙندا ئي ڦِرن ھا.

    9:58 – 58. ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي صدقن (جي وراھڻ) ۾ طعنو ھڻندا آھن، پوءِ جيڪڏھن منجھانئس ڏجين ته سَرھا ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن منجھانئس نه ڏجين ته انھي ئي مھل ڪاوڙبا آھن.

    9:59 – 59. ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا ته اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (به ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (ته اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا).

    9:60 – 60. صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جون دليون (اسلام ڏانھن) ميلاپ ڪرايل آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آجي ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    9:61 – 61. ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته پر ٻڌڙيو آھي، چؤ ته اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (به) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    9:62 – 62. اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن ته اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن.

    9:63 – 63. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھ؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي.

    9:64 – 64. منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا ته جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇوته جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.

    9:65 – 65. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن کائن پڇين ته ضرور چوندا ته بيشڪ کِل ۽ راند ٿي ڪئي سون، (کين) چؤ ته الله ۽ سندس آيتن ۽ سندس پيغمبر سان مسخري ڪيوَ ٿي ڇا؟

    9:66 – 66. بھانو نه ڪريو بيشڪ ايمان کانپوءِ ڪُفر اٿوَ، جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کان ٽرنداسون ته ٻيءَ ٽوليءَ کي ھن سببان سزا ڏينداسون جو اُھي ڏوھي ھوا.

    9:67 – 67. منافق ۽ منافقياڻيون ھڪ ٻئي جھڙا آھن، (اُھي) مَدن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ چڱن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ پنھنجا ھٿ (خيرات ڏيڻ کان) بند ڪندا آھن، الله کي وساريائون تنھنڪري الله (به) کين وساريو، بيشڪ منافق بي دين آھن.

    9:68 – 68. الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باھ جو انجام ڏنو آھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا کين بس آھي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آھي، ۽ انھيءَ لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

    9:69 – 69. اوھين (به) اھڙا ٿيا آھيو جيڪي اوھان کان اڳ ھوا (اُھي) اوھان کان سگھ ۽ مال ۽ اولاد ۾ گھڻو وڌيڪ ھوا، پوءِ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتائون پوءِ اوھان به پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو جھڙي طرح اوھان کان اڳين پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو ۽ (اوھين به) اُنھن وانگر اجاين بحثن ۾ پئجي ويا آھيو جئن اُھي اجاين بحثن ۾ پيا، انھن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي، ۽ اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.

    9:70 – 70. کانئن اڳين جي خبر نه پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھوا، جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (ته نه مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي.

    9:71 – 71. ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اُنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، تحقيق الله غالب حڪمت وارو آھي.

    9:72 – 72. الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان واھيون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (انجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    9:73 – 73. اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.

    9:74 – 74. الله جو قسم کڻندا آھن ته (پاڻ) نه چيو اٿن، ۽ بيشڪ ڪفر جو ڪلمو چيو اٿن ۽ پنھنجي اسلام (آڻڻ) کانپوءِ ڪُفر ڪيائون ۽ جنھن کي پھچي نه سگھيا تنھن لاءِ زور لاتائون، ۽ اِھو اُنھن رڳو ھن ڳالھ جو بدلو ڏنو جو الله پنھنجي فضل سان ۽ سندس رَسُول کين شاھوڪار ڪيو، ۽ پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ته انھن لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته الله دُنيا ۽ آخرت ۾ کين ڏکوئيندڙ عذاب سان سزا ڏيندو، ۽ مُلڪ ۾ انھن لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي.

    9:75 – 75. ۽ منجھائن ڪي آھن جن الله سان انجام ڪيو آھي ته جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين ته ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن مان ٿينداسون.

    9:76 – 76. پوءِ جنھن مھل پنھنجي فضل سان کين مال ڏنائين ته اُن جي ڪنجوسائي ڪيائون ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦريا.

    9:77 – 77. پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نه پاريائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اُنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا.

    9:78 – 78. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.

    9:79 – 79. اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏئڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ انھن کي (به طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) اوکائي کانسواءِ ڪي نه لھندا آھن ۽ انھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (به) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    9:80 – 80. انھن لاءِ بخشش گھُرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھُرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھُرين ته به الله انھن کي ڪڏھن نه بخشيندو، اھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    9:81 – 81. الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) وھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جِندن سان الله جي واٽ ۾ جِھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نه نڪرو، (اي پيغمبرکين) چؤ ته دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (ته ايئن نه ڪن ھا).

    9:82 – 82. پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن.

    9:83 – 83. پوءِ جيڪڏھن الله توکي منجھائن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي ته نڪرڻ لاءِ توکان موڪلائيندا پوءِ چؤ ته مون سان ڪڏھن نه نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن نه وڙھندؤ، بيشڪ اوھين پھريون ڀيرو وھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي به) پوئتي وھندڙن سان گڏجي ويھو.

    9:84 – 84. ۽ منجھائن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نه پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ، بيشڪ انھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا.

    9:85 – 85. ۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نه ڪر، الله گھرندو آھي ته ان جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن.

    9:86 – 86. ۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي ته الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو ته منجھائن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان کي ڇڏ ته ويٺلن سان گڏ رھون.

    9:87 – 87. ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن.

    9:88 – 88. پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن.

    9:89 – 89. انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    9:90 – 90. ۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو.

    9:91 – 91. نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    9:92 – 92. ۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،

    9:93 – 93. ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن.