islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. رسول اڪرم(ص) قرآن پاڪ جي نظر م

    رسول اڪرم(ص) قرآن پاڪ جي نظر م

    3 (60%) 2 votes

    اسلام کان اڳ جزيرة العرب ۾ جنهن سال جو نالو عام الفيل رکيو ويو هو ان سال جڳ ۾ اهڙي هستيءَ جو ظهور ٿيو جنهن جي اچڻ سان ڪفر جا ڪوٽ ڊهي ڀور ڀور ٿي ويا ، ان هستيءَ سچائي ۽ ايمانداري جي اهڙي چٽي تصوير دنيا آڏو پيش ڪئي جو نه مڃڻ وارا به صادق ۽ امين جا لقب ڏيڻ لڳا ۽ الله جي هيڪڙائيءَ کي اهڙي نموني بيان ڪيو جو هر دل جيڪا حق جي کوجنا ۾ هئي ان ۾ وحدت جو پڙاڏو گونجڻ لڳو . ان هستيءَ پنهنجو ننڍپڻ ۽ جواني جزيرة العرب جي بيابانن ۾ گذاري ، انسانيت کي جهالت جي ڌٻڻ مان ڪڍي پالڻهار ڏي ويندڙ واٽ جو پانڌيئڙو بڻايو.
    اهو عرب جيڪو قتل ۽ غارت جو شوقين هو ۽ ايتري تائين جو پنهنجي ان شوق کي بيان ڪرڻ لاءِ شعر ۽ بيت جوڙيندو هو ، جيئن ان زماني جي هڪ عرب شاعر جو شعر آهي ته

    واحياناعلي بکر اخينا
    اذاما لم نجد الّا اخانا
    اسان(عربن) جو ڪم غارت ۽ ڦر آهي جيڪڏهن پنهنجي ڀاءُ کان سواءِ ٻيو نه ملي ته ان (ڀاءُ) کي ئي ڦرينداسين .(فجر الاسلام ، احمد امين، ص 9)
    اهڙي شوق رکندڙ عرب کي امن ۽ سلامتيءَ جو علمبردار بڻائي ڇڏيو. اهو زمانو جنهن ۾ جاهل ماڻهو نياڻين کي بار ۽ ننگ سمجھندي جيئرو مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڇڏيندا هئا ، انهن کي اهو سمجھايو ته نياڻي نپائڻهار وٽان مليل امانت ۽ رحمت آهي . هن لکڻيءَ ۾ ڪوشش ڪنداسين ته قرآن جيڪو رب پاڪ جو لاريب ڪتاب آهي ان جي آيتن جي روشنيءَ ۾ ان عظيم هستيءَ جي ڪجھ معرفت کي مختصر طور بيان ڪريون .
    (الف) قرآن ۾ ذڪر ٿيل پاڻ سڳورن(ص) جن جا اسمَ مبارڪ
    پاڻ سڳورن(ص) جي نالن بابت امام باقرA کان روايت آهي ته:
    لرسول اللَّه صلّى اللَّه عليه و آله و سلّم عشرة اسماء، خمسة في‏ القرآن‏، و خمسة ليست في القرآن، فأمّا الّتى في القرآن: مُحَمَّدٌ و أَحْمَدُ و عَبْدُ اللَّهِ‏ و يس‏ و ن‏. (منهاج النجاح في ترجمة مفتاح الفلاح، مقدمه‏2، ص: 22)
    رسول پاڪ (ص) جا ڏھ اسم مبارڪ آهن انهن مان پنج قرآن ۾ ذڪر ٿيل آهن ۽ پنج قرآن ۾ نه آهن ۽ جيڪي قرآن ۾ آهن اهي هي آهن، محمد، احمد عبدالله، يٰس ۽ ن .
    اسان هتي قرآن جي آيتن ساڻ انهن اسمن کي ذڪر ڪريون ٿا .
    1. محمد(ص)
    رب پاڪ هن نالي سان پوري سورت قرآن پاڪ ۾ نازل ڪئي آهي ۽ ان سورت ۾ ارشاد آهي ته: وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَآمَنُوا بِمَا نُزِّلَ عَلَى مُحَمَّدٍ وَهُوَ الْحَقُّ مِن رَّبِّهِمْ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَأَصْلَحَ بَالَهُمْ (سورت محمد آيت2 )
    جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي مُحمّدؑ تي نازل ڪيو ويو ۽ اُھو سندن پالڻھار وٽان سچ آھي، تنھن کي مڃيائون تن جون مدايون کائن ميساريائين ۽ سندن حال کي سُڌاريائين .
    ان سورت کان علاوه ان اسم مبارڪ کي پالڻهار هنن سورتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، سورت آل عمران آيت144، سورت احزاب آيت 40، سورت فتح آيت 29.
    2. احمد(ص)
    نپائڻهار هن اسم مبارڪ کي ان آيت ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ حضرت عيسى ، پاڻ سڳورن(ص) جي اچڻ بابت اَڳَ ڪَٿِي ڪئي آهي . رب پاڪ فرمايو :
    وَإِذْ قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ إِنِّي رَسُولُ اللَّهِ إِلَيْكُم مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرَاةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسُولٍ يَأْتِي مِن بَعْدِي اسْمُهُ أَحْمَدُ فَلَمَّا جَاءهُم بِالْبَيِّنَاتِ قَالُوا هَذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ سورت الصف آيت 6
    جڏھن عيسى پُٽ مريم جي چيو ته اي بني اسرائيل بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل آھيان جيڪو توريت منھنجي سامهون آھي تنھن جي تصديق ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جيڪو مُون کانپوءِ ايندو جنھن جو نالو احمد (ص) ھوندو، پوءِ جنھن مھل اُھو چِٽن مُعجزن سان وٽن آيو، چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي .
    3. عبدالله
    هن نالي بابت قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ته :
    وَأَنَّهُ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللَّهِ يَدْعُوهُ… سورت الجنّ آيت 19
    ۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (محمد (ص)) بيٺو ته سندس عبادت ڪري…
    4. يٰس
    هن مبارڪ نالي سان قرآن شريف ۾ پوري سورت موجود آهي ۽ جنهن کي روايتن ۾ قرآن جي دل ڪوٺيو ويو آهي . ان سورت جي شروع ۾ رب پاڪ جو ارشاد آهي :
    يس وَالْقُرْآنِ الْحَكِيمِ إِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ . سورت يٰس آيت 1_2
    اي پيغمبر حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي ته بيشڪ تون رسولن مان آھين.
    5. نٓ (نون)
    ان نالي مبارڪ بابت قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ته : ن وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ سورت القلم آيت 1
    نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن .
    (ب) پاڻ سڳورن(ص) جون قرآن ۾ ذڪر ٿيل صفتون
    جيئن ته قرآن ۾ رسول اڪرم(ص) جون کوڙ ساريون صفتون ذڪر ٿيل آهن اسان اختصار کي نظر ۾ رکندي ڪجھ صفتن کي آيتن ساڻ ذڪر ڪريون ٿا . رب جو فرمان آهي ته:
    يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ إِنَّا أَرْسَلْنَاكَ شَاهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذِيرًا وَدَاعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذْنِهِ وَسِرَاجًا مُّنِيرًا سورت احزاب آيت 45_46
    اي پيغمبر بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ، خوشخبري ڏيندڙ ، ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليوسون .
    ان آيت ۾ نبي پاڪ جي ڪجھ صفتن کي ذڪر ڪيو ويو آهي جهڙوڪ: شاهد ، مبشر ، نذير، الله ڏانهن سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو .
    ٻي جاءِ تي رئوف ۽ رحيم جيڪي ٻه اهم الاهي ۽ اخلاقي صفتون آهن، انهن کي بيان ڪندي رب پاڪ جو ارشاد آهي ته:
    لَقَدْ جَاءكُمْ رَسُولٌ مِّنْ أَنفُسِكُمْ عَزِيزٌ عَلَيْهِ مَا عَنِتُّمْ حَرِيصٌ عَلَيْكُم بِالْمُؤْمِنِينَ رَؤُوفٌ رَّحِيمٌ سورت توبه آيت 128
    بيشڪ اوھان منجھان توھان وٽ پيغمبر آيو آھي اوھان جو ڏُک مٿس اوکو آھي اوھان (جي ھدايت) تي حَرِيص آھي مومنن تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي .
    کوڙ سارين آيتن ۾ رب پاڪ جنهن صفت جي پاڻ ڏانهن نسبت ڏني آهي ان صفت جي نسبت پنهنجي حبيب ڏانهن پڻ ڏني آهي اسان هتي ڪجھ نمونن کي ذڪر ڪريون ٿا .
    1. قرآن جي تلاوت جي نسبت
    ان بابت پالڻهار جو ارشاد آهي :
    تِلْكَ آيَاتُ اللّهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِالْحَقِّ وَمَا اللّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِّلْعَالَمِينَ سورت آل عمران آيت 108
    اِھي الله جون آيتون آھن جيڪي (اسين) توتي حق سان تلاوت ڪريون ٿا، ۽ الله جھانن تي ظُلم ڪرڻ جو ارادو نه ڪندو آھي .
    هن آيت سڳوريءَ ۾ رب پاڪ قرآني آيتن جي تلاوت جي صفت کي پاڻ ڏانهن نسبت ڏني آهي ، جڏهن ته ڪجھ آيتن ۾ ان صفت جي نسبت پنهنجي رسول(ص) ڏانهن ڏني آهي جهڙوڪ ارشاد ٿئي ٿو ته
    يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِهِ وَيُزَكِّيهِمْ سورت الجمعة آيت 2
    وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي
    هڪ ٻي آيت ۾ ذڪر ٿيو آهي ته وَاتْلُ مَا أُوحِيَ إِلَيْكَ مِن كِتَابِ رَبِّكَ سورت کهف آيت 27
    تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي تو ڏانھن وحي ڪيو ويو اهو تلاوت ڪر.
    2. قرآن کي ترتيل يعني ٺاهي ٺاهي پڙهڻ
    ان صفت کي پالڻهار پاڻ ڏانهن نسبت ڏيندي ارشاد فرمايو آهي ته وَرَتَّلْنَاهُ تَرْتِيلًا سورت فرقان آيت 32
    ۽ ان (قرآن) کي ترتيل(يعني ٺاهي ٺاهي) پڙهيوسين.
    ان ساڳي صفت جي نسبت نبي پاڪ (ص) ڏانهن ڏيندي نپائڻهار جو فرمان آهي ته
    وَرَتِّلِ الْقُرْآنَ تَرْتِيلًا سورت مزمل آيت 4 ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ
    3. قرآن جو معلّم ( تعليم ڏيندڙ)
    هن وصف جي نسبت الله پاڪ پاڻ ڏانهن ڏيندي فرمائي ٿو ته
    الرَّحْمَنُ عَلَّمَ الْقُرْآنَ سورت رحمن آيت 1 ٻاجھاري (الله( قرآن جي تعليم ڏني .
    جڏهن ان صفت جي نسبت پنهنجي حبيب ڏانهن ڏني ته ارشاد فرمايو :
    وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ سورت الجمعة آيت 2 ۽ کين ڪتاب ۽ دانائيءَ جي تعليم ڏئي ٿو .
    انهن آيتن کان سواءِ ٻين آيتن ۾ پڻ رب پاڪ پنهنجي ڪجھ صفتن جي نسبت پنهنجي پياري نبي(ص) ڏانهن ڏني آهي پر اسان ان تي اڪتفا ڪريون ٿا ۽ اهو نڪتو ٻڌائيندا هلون ته اهي صفتون خدا جون ذاتي ۽ پاڻ سڳورن(ص) جو انهن صفتن جو مالڪ هجڻ رب پاڪ جي ڏنل قوت ۽ سگھ سان آهي .
    نپائڻهار قرآن پاڪ ۾ پاڻ سڳورن(ص) جي مقامن ۽ مرتبن کي ڪيترن ئي آيتن ۾ ڪٿي چٽي نموني ۽ ڪٿي اشاري سان بيان ڪيو آهي اسان هتي ڪجھ کي مختصر طور بيان ڪريون ٿا .
    (ج) قرآن ۾ پاڻ سڳورن(ص) جا مقام
    1. ختم نبوت جو مقام
    پاڻ سڳورا(ص) الله پاڪ جا موڪليل آخري پيغمبر ۽ رسول آهن، پاڻ سڳورن(ص) کان پوءِ نه ڪو نبي آيو آهي ۽ نه ئي قيامت تائين ايندو. ان ڳالھ مان به چِٽو ظاهر ٿئي ٿو ته نبي پاڪ(ص) کان وڌيڪ ڪوبه ڪامل انسان نه آهي ، جيڪڏهن هجي ها ته پالڻهار ان کي آخري پيغمبر ۽ رسول ڪري موڪلي ها . ختم نبوت بابت قرآن ۾ رب پاڪ فرمايو آهي :
    مَّا كَانَ مُحَمَّدٌ أَبَا أَحَدٍ مِّن رِّجَالِكُمْ وَلَكِن رَّسُولَ اللَّهِ وَخَاتَمَ النَّبِيِّينَ وَكَانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا سورت احزاب آيت 40
    محمد (ص)اوھان جي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نه آھي پر الله جو پيغمبر ۽ سڀني پيغمبرن کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آھي، ۽ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
    2. “اوّل المسلمين” جو مقام
    هتي مسلمان مان مراد الله جي درٻار ۾ تسليم هجڻ آهي اول مان مراد زماني يا مڪاني نه آهي بلڪه اول رتبي ۽ مقام کي بيان ڪرڻ لاءِ ذڪر ٿيو آهي ، جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته سڀ نبي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ تسليم هئا پر پاڻ سڳورا(ص) تسليم جي ان مقام تي پهتل هئا جنهن مقام تي ڪو به نبي فائز نه هو ، اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري “اوّل المسلمين” جو مقام فقط نبي پاڪ(ص) لاءِ قرآن ۾ ذڪر ٿيو آهي . سورت انعام پالڻهار جو ارشاد آهي ته:
    لاَ شَرِيكَ لَهُ وَبِذَلِكَ أُمِرْتُ وَأَنَاْ أَوَّلُ الْمُسْلِمِينَ سورت انعام آيت 163
    سندس ڪو شريڪ نه آھي، ۽ مون کي اهو ئي حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان
    3. “اسوة حسنه” جو مقام
    قرآن پاڪ پاڻ سڳورن(ص) جي وجود کي “اسوة حسنه” جي طور بيان ڪيو آهي . نپائڻهار پنهنجي لاريب ڪلام ۾ ارشاد فرمايو آهي ته :
    لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ سورت احزاب آيت 21
    بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر(ص) (جي وجود) ۾ سهڻو نموني عمل آهي .
    هاڻ سهڻو نموني عمل هجڻ فقط هن دنيا لاءِ نه بلڪه روحاني منزلن ماڻڻ ۾ پڻ نبي پاڪ(ص) نموني عمل آهن .
    4. “خُلق عظيم” جو مقام
    جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته الله پاڪ پاڻ عظيم آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شي کي عظيم سڏي ٿو ته ان مان خبر پوي ٿي ته اها شي تمام گھڻي عظمت واري آهي ڇو جو الله سائين هر شي کي عظيم نه سڏيو آهي ايتري تائين جو دنيا جي مال۽ متاع کي به قليل ۽ ٿورڙو ڪوٺيو اٿس ، جيئن رب پاڪ جو ارشاد آهي ته : مَتَاعُ الدَّنْيَا قَلِيلٌ سورت نساء آيت 77 دنيا جو مال ۽ متاع ٿورڙو آهي .
    ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي انسان سمجھي سگھي ٿو ته جيڪڏهن پالڻهار ڪنهن کي عظيم چوي ته اهو ڪيڏي عظمت ۽ مقام جو مالڪ آهي . رب پاڪ پنهنجي حبيب لاءِ ارشاد فرمايو آهي
    وَإِنَّكَ لَعَلى خُلُقٍ عَظِيمٍ سورت القلم آيت 4
    ۽ بيشڪ تون(نبي(ص)) اخلاق عظيم تي آھين.
    5. “رحمة للعالمين” جو مقام
    جيئن الله سائين ربّ العالمين آهي ائين پنهنجي حبيب کي عالمين لاءِ رحمةالعالمين بڻائي موڪليو ۽ پنهنجي لاريب ڪتاب ۾ ارشاد فرمايو:
    وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا رَحْمَةً لِّلْعَالَمِينَ سورت انبياء آيت 107
    (اي پيغمبر) توکي جھانن جي لاءِ فقط رحمت بڻائي موڪليوسين.
    6. عصمت جو مقام
    جيئن ته عصمت کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي هڪ عصمت علمي ۽ ٻي عصمت عملي . انهن ٻنهي عصمتن کي رب پاڪ قرآن ۾ بيان ڪيو آهي . جيئن علمي عصمت کي بيان ڪندي رب پاڪ جو فرمان آهي ته وَمَا يَنطِقُ عَنِ الْهَوَى إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْيٌ يُوحَى ( سورت النجم آيت 3_4)
    (رسول(ص)) نفساني خواهش سان نه ڳالهائيندو آهي بلڪه سندس گفتار فقط اها وحي آهي جيڪا (الله وٽان) نازل ٿيل آهي .
    عملي عصمت تڏهن انسان کي حاصل ٿيندي آهي جڏهن اخلاص جي بلند مقام تي پهتل هجي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته نبي پاڪ(ص) اخلاص جي جنهن مقام تي پهتل هئا ان مقام تي ڪنهن جي به رسائي نه آهي ۽ جڏهن اهڙي مقام جا مالڪ آهن ته پوءِ شيطان ملعون ڪڏهن به کين عمل ۾ گمراھ نه ٿو ڪري سگھي اهوئي سبب آهي جو جڏهن شيطان انسانن کي گمراھ ڪرڻ جو چيو آهي ته اتي اقرار ڪيو اٿس ته الله جي مخلص بندن کي گمراھ نه ڪري سگھندو ، ان باري ۾ پالڻهار فرمايو آهي ته:
    وَلأُغْوِيَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ إِلاَّ عِبَادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِينَ (سورت الحجر آيت 39_40)
    ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جيڪي مخلص آھن .
    آخر ۾ اهو ٻڌائيندا هلون ته اسان هن مختصر لکڻيءَ ۾ جن موضوعن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪڏهن انهن تي تفصيل سان لکيو وڃي ته ڪيترن ئي ڪتابن جا ورق ڪارا ٿي وڃن پر اسان انهن موضوعن کي فهرست وار ذڪر ڪيو آهي ته جيئن مختصر لکت ۾ پاڻ سڳورن(ص) جي مختصر معرفت پڙهڻ وارن تائين پهچائي سگھون . آخر ۾ دعا آهي ته پالڻهار اسان جي هن مختصر ڪاوش کي پنهنجي حبيب جي مهابي قبول فرمائي ۽ اسان سڀني کي پاڻ سڳورن(ص) جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري آمين يا ربّ العالمين
    منبع:http://www.qsindh.com/