islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. رمضان سڃاڻڻ جو مهینو

    رمضان سڃاڻڻ جو مهینو

    2.9 (58.57%) 14 votes

    اڄ بشرطرحين طرحين جي مشڪلاتن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي، ڪا واٽ نٿي سُجھيس، ڪاڏي وڃي؟ پنهنجي مشڪلاتن ۽ مونجهارن جو حل ڪٿان ڳولهي.؟ ڇا ڪو اهڙو علاج آهي، جيڪو ان ويچاري انسان کي انهن مشڪلاتن کان مُڪتي ڏيئي؟ ان علاج کي بيان ڪرڻ کان اڳ، بشر جي مشڪلاتن ۽ مونجهارن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ کپي. اسان جي نظر ۾ بشر جي سڀني مشڪلاتن ۽ مونجهارن جو مک ڪارڻ پاڻ وسارڻ آهي.

    مٿئين ڳالهه جي وضاحت هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته:

    هن وشال ڪائنات ۾ بشر جڏهن اک کولي ته هرپاسي، ڀانت ڀانت منظر ڏسي، هزارين خواهشن، لکين اڀائن، سندس اندر ۾ جنم ورتو، بشر جيڪو فطرت ۽ طبيعت جي ٻن عنصرن جو مجموعو هو، انهن خواهشن ۽ اڇائن جي حاصلات ۾ لڳي ويو، هاڻي جنهن پنهنجي حقيقت ۽ ذات جو ادراڪ ۽ فهم حاصل نه ڪيو، سو انهن خواهشن ۽ اڇائن جي سمنڊ ۾ لڙهي ويو، ڇاڪاڻ جو خواهشون ۽ اڇائون، هڪ نهايت اونهو سمنڊ آهن، جيڪو به ان سمنڊ جي ويجھو ٿيندو ويندو سو در حقيقت پنهنجي بربادي ۽ تباهي جي ويجهوٿيندو ويندو، اهوئي سبب آهي جو، اگر بشر پنهنجي ذات وساري ڇڏي ته، ڪيڏي مهل دولت تي پاڻ وڪڻيو ڇڏي؟ ڪنهن مهل شهوت جو اسير بڻجي نفس جي آزاري بڻجي نفس جي آزاديءَ واري نعمت وڃايو ڇڏي؟ ڪنهن مهل غضب ۽ غصي جي آڏو سر تسليم ٿئي، هزارين جانين کي اَجل جو لقمو بڻايو ڇڏي.؟

    سو چئي سگهجي ٿو ٿو ته بشر جو وڏي کان وڏو مسئلو پاڻ سڃاڻڻ آهي ۽ وڏي کان وڏي بيماري پاڻ وسارڻ آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو بشر جڏهن پنهنجي حقيقي مالڪ کي وساري ٿو، جڏهن پنهنجي خلقڻهار کي وساري ٿو، جڏهن پنهنجي تاتڻهار کي وساري ٿو، ته بدلي ۾ خدا به کيس پاڻ وسارڻ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿو ڪري (نَسوَ الله فانساهم انفسهم ”حشر آيت 19“) جڏهن الله کي وساري ڇڏيائون ته الله به پاڻ وسارائي ڇڏين.

    ڳالهه جو ڳر ته بشر کي پنهنجي سڃاڻ ڪرڻي آهي پنهنجي معرفت حاصل ڪرڻي آهي.

    سوال: پنهنجي ڪئين حاصل ڪري سگهجي ٿي ؟

    جواب: پنهنجي سڃاڻ معرفت، لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجي خواهشن ۽ اڇائن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي، ڇوته جيستائين پنهنجي خواهش جي حجاب ۽ پردي ۾ ڦاٿل هوندو، تيستائين ان پردي ۽ حجاب جي پويان لڪيل پنهنجي ذات کي نه ڏسي سگهندو، تيستائين انجي معرفت ۽ سڃاڻ نه پرائي سگهندو انجي، مشاهدي کان وانجهايل رهندو.

    ربّ پاڪ خواهش جي ڄار ۾ ڦاٿل انسان کي، پنهنجي خواهش تي، ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ، رمضان جو ڀلارو مهينو عطا ڪيو ته جئين هڪ پورو مهينو خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي مشق ڪري، پنهنجي خواهشن جي حجاب ۽ پردي کي هٽائي، جڏهن خواهشن جو حجاب هٽي ويندو ته پنهنجي نوراني ذات جو مشاهدو ڪندو، جڏهن پنهنجي ذات جو مشاهدو ڪيائين. ته فوراً ان لامحدود نور سان واڳجي ويندو جنهن ان جي ذات واري نور جو ڏيئو ٻاريو آهي، تڏهن ئي سالڪ حقيقي فرمايو:

    ”من عرف نفسه عرف ربه“

    جنهن پنهنجي ذات جو ديدار ڪيو، تنهن کي ضرور پنهنجي پالڻهار جو ديدار نصيب ٿيندو
    منبع:http://www.qsindh.com/ نویسنده وسیم رضا سبحانی