islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سائڻ زينب س جو شام ۾ خطبو

    سائڻ زينب س جو شام ۾ خطبو

    Rate this post

    جڏهن امام حسين عليه السّلام جا اهلبيت رسِن ۾ جڪڙيل يزيد ملعون جي دربار ۾ داخل ٿيا ۽ مظلوم امام جو سر مبارڪ ان ملعون جي سامهون رکيو ويو ته ان وقت اهو مولا جي ڏندن مبارڪن تي چهبڪ هڻي هي شعر پڙهي رهيو هيو: لَيتَ اَشياخي بِبَدر شُهدوا،وَقعه الخَزرج مِن دمع الاسل، لَعبـت هاشم بالمـلك فلا خبر جـاء ولا وحــي نـزل. اي ڪاش منهنجا وڏا سر کڻي ڏسن ها ته اسان بني هاشم جي بزرگن کي قتل ڪيو ۽ جنگ بدر جو حساب چُڪايوسين، اڄو ڪو ڏينهن ان ڏينهن جي مقابلي ۾ ٿي ويو، بني هاشم وارن ته بادشاهي هٿ ڪرڻ لاءِ ماڻهن سان کيڏ کيڏيا، حقيقت ۾ نه ڪا رسالت هئي نه وري ڪا وحي نازل ٿيندي هئي، مان خندف جي پٽن مان نه هنجان جي احمد(نبي ڪريم ﷺ) جي پٽن کان بدلو نه وٺان .
    اتي منهنجي امير مولا جي دلير ڌيءُ هيءُ خطبو ارشاد فرمايو :

    بسم الله الرّحمن الرّحيم

    الحمد لله رب العالمين، و صلي الله علي محمد و آله اجمعين. صدق الله کذلک يقول: «ثم کان عاقبة الذين اساءا السوي ان کذبوا بآيات الله و کانوا بها يستهزؤون» (سورة روم، آية 10). اظننت يا يزيد ـ حيث اخذت علينا اقطار الارض و آفاق السماء فاصبحنا نساق کما تساق الاماء ـ ان بناء علي الله هواناً و بک عليه کرامة!! و ان ربک لعظيم خطرک عنده!! فشمغت بانفک و نظرت في عطفک، جذلا مسرورا، حين رايت الدنيا لک مستوسقة، و الامور متسقة و حين صفالک ملکنا سلطاننا، فمهلا مهلا، انيست قول الله عزوجل: «و لا يحسبن الذين کفروا انما نملي لهم خير لانفسهم انما نملي لهم ليزدادوا اثما و لهم عذاب مهين» سوره ‌آل عمران، آية 178.

    امن العدل يابن الطلقاء تخديرک اماء ک و نساءک و سوقک بنات رسول الله سبايا؟! قد هتکت ستورهن، و ابديت وجوهَهُنَّ، تحدوبهن الاعداء من بلد الي بلد، و يستشرفهن اهل المنازل و المناهل، و يتصفح وجوههن القريب و البعيد، و الدني و الشريف، ليس معهن من رجالهن ولي، و لا من هماتهن حمي، و کيف ترتجي مراقبة من لفظ فوه اکباد الاذکياء، و نبت لحمد بدماء الشهداء؟! و کيف يستظل في ظللنا اهل البيت من نظر الينا بالشنف و الشنآن و الإحن و الاضغان؟! ثم تقول غير متاثم و لامستعظم: فاهلوا استهلوا فرحا. ثم قالوا: يا يزيد لا تشل.

    منتحياً علي ثنايا ابي عبدالله ـ عليه السّلام ـ سيد شباب اهل الجنة تنکتها بمخصرتک. و کيف لا تقول ذلک، و قد نکات القرحة، و استاصلت الشافة، باداقتک دماء ذرية محمد ـ صلي الله عليه و آله ـ و نجوم الارض من ‌آل عبدالمطلب؟! و تهتفُّ باشياخک، زعمت انک تناديهم! فلترون و شيکاً موردهم، و لتودن انک شللت و بکمت و لم تکن قلت ما قلت و فعلت ما فعلت. اللهم خذ بحقناه و انتقم ممن ظلمنا، و احلل غضبک بمن سفک دماءنا و قتل حماتنا.

    فوالله مافريت الاجلدک و لا حززت الا لحمک، و لتردن علي رسول الله ـ صلي الله عليه و آله ـ بما تحملت من سفک دماء ذريتة و انتهکت من حرمته في عترته و لحمته و حيث يجمع الله شملهم ويلم شعشهم و ياخذ بحقهم «و لا تحسبن الذين قتلوا في سبيل الله امواتا بل احياء عند ربهم يرزقون» و حسبک بالله حاکماً، و بمحمد خصيماً و بجبرئيل ظهيراً، وسيعلم من سول لک و مکنک من رقاب المسلمين، بئس للظالمين بدلا و ايکم شر مکاناً و اضغف جنداً.

    و لئن جرت علي الدواهي مخاطبتک، اني لاستصغر و قدرک، و استعظم تقريعک و اسثتکثر توبيخک، لکن العيون عبري، و الصدور حري. الا فالعجب کل العجب لقتل حزب الله النجباء بحزب الشيطان الطلقاء، فهذه الايدي تنصح من دمائنا، و الافواه تتحلب من لحومنا، و تلک الجثث الطواهر الزواکي تتاهبها العواسل و تعفوها امهات الفواعل، و لئن اتخذتنا مغنماً لبقدنا و شيکا مغرما، حين لا تجد الا ما قدمت يداک، و ماربک بظلام للعبيد، فالي الله المشتکي. و عليه المعول فکذکيدک، واسع سعيک، و ناصب جهدک فوالله لا تمعون ذکرنا، و لا تميت وحينا، و لا تددک امرنا، و لا ترحض عنک عارها، و هل رايک الافندا و ايامک الاعددا، و جمعک الا بددا، يوم ينادي المناد، الا لعنة الله علي الظالمين، فالحمد لله الذي ختم لاولنا بالسعادة و المغفرة، و الاخرنا بالشهادة و الرحمة. و نسال اللدان يکمل لهم الثواب و يوجب لهم المزيد، و يحسن علينا الخلافة، انه رحيم و دود. و حسبنا الله و نعم الوکيل

    ٻنهي جهانن جي خدا جي تعريف ۽ سندس درود هجي سندس پيغمبر(ﷺ) ۽ ان جي آل تي ، الله سائينءَ سچ فرمايو آهي پوءِ انهن جو نتيجو جن گناه انجام ڏنا (ان جاءِ تي وڃي پهتو جو) الله جي نشانين کي ڪوڙو سڏيائون ۽ انهن تي مذاق ۽ ٽوڪ بازي شروع ڪري ڏنائون .

    اي يزيد! ان لاءِ ته تو اسان لاءِ زمين ۽ آسمان جي رستن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان قيدين وانگر آندا پيا وڃون اهو گمان ٿو ڪرين ته اسان جي عزّت الله وٽ گھٽجي وئي ۽ تون خدا وٽ عزت وارو ٿي وئين، (ان غلط خيال کي ذهن مان ڪڍي ڇڏ ) لڳي ٿوته تون تڪبر ۽ وڏائيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسين رهيو آهين ۽ هن وقت پنهنجي دنيا آباد،
    اشاري تي نظام کي مرتب طريقي سان هلندڙ۽ اسان جي حڪومت کان پاڻ کي آجو ڏسي خوش ٿي رهيو آهين، جيڪڏهن ائين ٿو سوچين ته ٿورو غور ۽ فڪر ڪر ڇا توکان خدا جو فرمان وسري ويو آهي؟ ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو سي اهو گمان نه ڪن ته کين اسان طرفان مليل مهلت ڀلي آهي اسان ته کين ڍرَ فقط ان لاءِ ڏني آهي ته انهن جا گناه وڌن ۽ (آخرڪار ته) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي .

    اي آزاد ٿيلن جا پٽ! ڇا هي انصاف آهي ته تون پنهنجي عورتن ۽ ڪنيزن کي پردي ۾ لڪائي ويهارين ۽ رسول الله (ﷺ) جي آل اولاد کي قيدي ڪري بيهاريو اٿئي، انهن جا پردا لٽيئي ، انهن جا چهرا ظاهرڪرايئي،کين دشمن هڪ شهر کان ٻئي شهرگھمائين، جنگل۽ بيابانن جي ماڻهن جي نظر انهن تي پوندي رهي، پنهنجا، پرايا، پست ۽ شريف سندن چهرن کي چتائي ڏسندا رهن جڏهن ته مردن مان ساڻن نه ڪو وارث، ۽ نه ئي ڪو مددگارهجي،

    ان شخص مان خدا جي خوف جي ڪهڙي اميد ڪري سگھجي ٿي، جنهن پاڪ وپاڪيزه هستين جي جگرن کي چٻاڙيو هجي ۽جنهن جو گوشت شهيدن جي رت مان ٺهيو هجي

    اهڙو ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان سان دشمني ۾گھٽتائي ڪري سگھي ٿو جنهن جي نگاه اسان (اهلبيت) ڏانهن بغض، حسد، ڪيني ۽ دشمني واري هجي.

    تون پنهنجي عمل کي بڇڙوخيال ڪرڻ ۽ شرمسار ٿيڻ بجاءِ اهو چئي رهيو آهين،

    ته( جيڪرمنهنجا ابا ڏاڏازنده هجن ها) ته هن ڪاميابيءَ تي خوش ٿين هان.۽ چون ها ته اي يزيد، تنهنجا هٿ سلامت رهن. ۽ ان حالت ۾ اهي لفظ چئي رهيو آهين جو جنّت جي جوانن جي سردار جي چپن تي چَهبُڪ هڻين رهيو آهين، ۽ تون ته ائين ئي چوندين ، ڇاڪاڻ ته تون اهو ئي آهين جنهن حضرت محمد مصطفى(ﷺ جي ٻچڙن ۽حضرت عبدالمطلب جي ذريت مان زمين جي ستارن جو پاڪ خون وهائي اسان جا سُتل زخم ڏکايا اٿئي ۽ هاڻي پنهنجي انهن اَبَن ڏاڏن کي ٿو سڏين گمان ٿو ڪرين ته اُهي تنهنجو آواز ٻڌندا هوندا، تون به جلد ئي وڃي انهن سان ئي وڃي ملندين (جتي هميشه لاءِ عذاب ئي عذاب هوندو )۽ اتي پشيماني مان حسرتون ڪندي چوندي جيڪر هٿ ڀڄي پون ها ۽ زبان گونگي ٿي وڃي پر اهڙو وڏوجرم نه ڪيان ها ۽اهڙن گناهن ۾ هٿ نه وجھان هان .

    اي منهنجا پالڻهار اسان جو حق اسان جي دشمنن کان واپس وٺ ۽ جن اسان تي ظلم ڪيا ۽ اسان جو ناحق خون وهايو۽ اسان جي محبّن کي قتل ڪيو انهن مٿان پنهنجو غضب ۽ قهر نازل فرماءِ.

    خدا جو قسم اي يزيد ! تو هِي هيڏو وڏو جرم ڪري پنهنجي جسم تان پاڻ ئي کل ڇڪي لاٿي آهي ۽ تو پاڻ ئي پنهنجي گوشت کي ٽڪڙا ٽڪڙا(ڳڀا ڳڀا) ڪيو آهي. ڏسان ٿي جلد ئي ميدان محشر ۾ جڏهن رسول الله ﷺ جي سامهون پيش ٿيندي تنهنجي ڪلهن تي لاهڻ کان وڏو بار هوندو رسول الله ﷺ جي فرزندن جا قَتُلَ، ان جي اولاد جي توهين، قيدي ڪري بازارن ۾ ڦيرائڻ جي سنگين جرمن ۾ جڪڙِيل هوندي. ۽ اهو ان ڏينهن ٿيندو جڏهن الله تعالى انهن جي ٽڙيل پکڙيلن کي جمع ڪندو( ته جيئن هر ڪو پاڻ تي ٿيل ظلمن جو حساب وٺي سگھي )

    ۽ گمان نه ڪيو ته خدا جي راه ۾ ڪُٺل، مرده آهن بلڪه اهي زنده آهن ۽ پنهنجي پروردگار وٽان روزي ماڻن ٿا. .

    (اي ملعون يزيد)! تنهنجي رسوائي لاءِ اهوئي گھڻو آهي ته فيصلي ڪرڻ وارو منهنجو الله هوندو ۽ منهنجو نانو نبي تومٿان ناراض (فرياد ڪندڙ) هوندو ۽ جنهن جو جبرائيل به ساٿي هوندو.

    جنهن توکي ان جاءِ تي آندو ۽ توکي مسلمانن جي گردنن تي سوار ڪيو اهو ڏسندو ته ظالمن جي پڇاڙي ۽ ٺڪاڻو ڪيڏو نه دردناڪ آهي. ۽ ڪنهن جو لشڪر ڪمزور آهي

    اي معاويي ڄاوا ! ڀلي جو زماني جي ستمن، ظلمن ۽ مشڪلاتن مونکي مجبور ڪيو آهي جو توسان همڪلام ٿيس نه ته آءُ توکي ان قابل نه ٿي سمجھان، بلڪه توتي ڀٽڪار ٿي ڪيان ۽ ڪيئن نه ڪيان جڏهن ته اکيون عزيزن جي فراق ۾ وسن ٿيون ۽ دليون انهن جي جدائيءَ ۾ جھرن ٿيون.

    افسوس ! ڪيئن الله وارا شيطان جي ٽولي(آزاد ٿيل غلام) هٿان شهيد ٿي ويا!
    اِهي توهان جا هٿ اسان جي رت ۾ رنڱيل ۽ توهان جا منهن اسان جي گوشت سان ڀريل آهن.

    ۽ اهي پاڪ ۽ پاڪيزه بدن ڪربلا جي زمين تي انسان نما درندن جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ بگھڙ صفت انسان کين خاڪ ۾ ملائي رهيا آهن.

    (اي ابوسفيان جا پٽ)! بيشڪ تو اسان جي قتل ۽ اسارت جي ڏينهن کي غنيمت سمجھي ان تي ناز ٿو ڪرين پر دير ناهي جو ان جو حساب چڪائڻو اٿئي ۽ اُن ڏينهن جيڪو اڳتي موڪليو اٿئي ان کي پائيندي. خدا ڪڏهن به پنهنجي ٻانهن تي ظلم نه ڪندو آهي.

    اسان تنهنجي ظلمن ۽ ستمن جي شڪايت ان کي ئي ڪيون ٿا فقط اُهو ئي آهي جيڪو اسان جي اميد، سهارو۽ پناه آهي.

    بس جيڪي حيله بهانا ٺاهڻا ٿي ٺاه، جيڪا ڪوشش ڪرڻي ٿي ڪري وٺ ۽ پنهنجي هر طاقت کي استعمال ڪر پر خدا جو قسم ڪڏهن به تون اسان جي بهترين ذڪر کي ماڻهن جي دلن۽ ذهنن مان ڪڍي نه ٿو سگھين، نه ئي اسان تي نازل ٿيل خدا جي وحيءَ کي مِٽائي ٿوسگھين ، ۽نه وري اسان جي حقيقي مقصد تائين پهچي سگھندين، ۽ ان ظلم جو داغ پنهنجي دامن تان ڪڏهن به مٽائي نه سگھندين ،

    اي يزيد! ڄاڻ ته تو ۾عقل گھٽ آهي ، تنهجي حڪومت جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا۽ تنهنجي ارد گرد گھمڻ وارا ٽولا پکڙجڻ وارا آهن ۽ اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جوپڪارڻ وارو پڪاري چوندو ته آگاه رهو ظالمن تي خدا جي لعنت آهي، بس سڀ تعريفون الله کي ئي جڳائين جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي، جنهن اسان جي گذري ويل بزرگن جي پڄاڻي خوشبختي ۽مغفرت سان ۽ اسان جي پوين بزرگن جو خاتمو شهادت ۽ رحمت سان ڪيو ۽ اسان خدا جي بارگاه ۾ سوالي آهيون ته سندن ثواب کي مڪمل ڪري ،سندن اجر ۾ واڌارو آڻي ۽ اسان مٿان سندس جانشيني کي بهتر بنائي، سندس ذات ٻاجھاري ۽ سڀني کي چاهيندڙ آهي ۽ اسان لاءِ الله جي ذات ڪافي ۽ بهترين سهارو آهي .

    منبع:http://www.shiasindh.com نویسنده:منیراحمد سهتو