islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سائڻ زينب س جو ڪوفي ۾ خطبو:

    سائڻ زينب س جو ڪوفي ۾ خطبو:

    Rate this post

    سائڻ زينب سلام الله عليها

    ڪير زينب………………………….؟

    عليءَ جي وڏي ڌيءُ زينب،

    نبيءَ جو دين بچائڻ واري زينب،

    امامت جي محافظ زينب،

    ڪربلا جي محنت کي رنگ لائڻ واري زينب،

    پنهنجي بتول ماءُ جي چادرتطهير جي وارث زينب،

    خبر ناهي اها زينب ڪيئن آهي ۽ ان جو اکين جي پاڻيءَ سان ڪيڏو نه ڪو گَھَرو رشتو آهي جو نالو کڻي اکيون وسي پونديون آهن.

    سائڻ زينب سلام الله عليها (سواءِ وڏيءَ سائڻ جي) بني هاشم عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ با فضيلت ۽ اهڙين صفتن جي مالڪه هئي جنهن جو ڪو مَٽُ ناهي ڪنهن به بني هاشم خاتون جو درجو هن بيبيءَ جيترو نه آهي حجاب ۽ پردي لاءِ ايترو مشهور هيو ته ڪربلا جي واقعي کان پهريان تائين ڪنهن به نا محرم سائڻ کي نه ڏٺو هيو ان جو صبر تقوى جو ته ڪو مثال ئي ناهي خبر ناهي ان جي سيني ۾ ڪيتري ايمان سان ڀريل دل ڌڙڪندي هئي جو انبياءَ جي وارث حسين عليه السلام جي بي ڪفن لاش مٿان به اچي چوي ٿي اي منهنجا الله منهنجي هن هديه کي قبول فرماءِ اها زينب ڪڏهن يتيم سڪينه جو سهارو آ ته ڪڏهن امام سجاد کي آٿت ٿي ڏيئي ڪڏهن ظلم سهي به سجدا ٿي ڪري اها زينب عليءَ جي ڌيءُ آهي ان جي هر ڪم ۾ ڪا مصلحت آهي سائڻ هر جڳه تي رني ناهي هر جڳه تي واويلا نه ڪئي آهي شينهن دل انسان وانگر ظلم جو اکيون اکين ۾ ملائي مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪيئن نه ڪري هان آخر عليءَ ۽ بتول جو خون هئي آخر فخر انبياءَ جي نياڻي هئي آخر حسين جي شريڪ هئي

    مئل ضمير ماڻهن جي ضمير کي ڪير جڳائي؟ ۽ ان وقت ڇا پيئي توقع رکي سگھجي سائڻ ظاهرا ايتريون قربانيون ڏيئي ايترا ظلم ڏسي ۽ سهي به اها ئي امام حسين واري ذمينداريءَ کي نڀائڻ لاءِ بي چين آهي هر موقعي ۽ مناسبت سان پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ بي چين آهي. ۽ سائڻ جتي به پنهنجي زبان مبارڪ مان لفظ چيا ائين نه هيو ته بس چئي ڇڏيا انهن ۾ اثر ڪيترو هيو هيٺ پڙهندا ۽ اسان وٽ مشهور اهو آهي سادات کي يزيد ٻه سال قيد رکيو اها اهڙي شهرت آهي جنهن لاءِ ڪو به دليل نه آهي سائڻ جي هڪ خطبي ڪفر جون جڙون کوکليون ڪري ڇڏيون ۽ ٽن کان چئن ڏينهن تائين قافلو شام ۾ هيو ۽ ان کان بعد به جيئن ۽ جن شرطن تي سادات راضي ٿيا انهن سان ائين ئي الوداع ڪري شام کان رخصت ڪيو ويو

    اسان هن کان پهريان سائڻ جو شام ۾خطبو سنڌي ترجمو پيش ڪري چڪا آهيون هي ڪوفي جو خطبو آهي جنهن جو ترجمو توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا

    سائڻ زينب (سلام الله عليها) جو ڪوفي ۾ خطبو:

    جنهن وقت امام سجاد عليه السلام کي، بيبن ۽ سيّدزادن سان گڏ ڪربلا کان قيدي بڻائي ڪوفي وٺي آيا، ان وقت ڪوفي جون عورتون قيدين جي حالت ڏسي زار و قطار روئڻ لڳيون، پنهنجو مُنهن مٿو پٽي رهيون هيون عورتن سان گڏ مرد به روئي رهيا هيا، اهو ڏسي امام زين العابدين عليه السّلام فرمايو ڇا هي اسان تي ٿا روئن؟ بس انهن کانسواءِ اسان کي ماريو ڪنهن آهي؟!

    ان وقت سائڻ حڪم فرمايو چپ ٿي وڃو ___

    ماڻهو ته ماڻهو هيا پر تاريخ لکيوآهي ته اٺن جو ٽليون به خاموش ٿي ويون!!!

    اتي منهنجي سائڻ هي خطبوارشاد فرمايو:

    «الحمدلله و الصلاه على ابى محمد و آله الطيبين الاخيار، اما بعد يا اهل الكوفه يا اهل الختل و الغدر و الخذل الا فلارقات الدمعه و لاهدات الزفره انما مثلكم كمثل التى نقضت غزلها من بعد قوه انكاثا تتخذون ايمانكم دخلا بينكم هل فيكم الا الصلف و العجب و الشنف و الكذب و ملق الا ماء و غمز الاعداء، او كمرعى على دمنه او كفضه على ملحوده، الا بئس ما قدمت لكم انفسكم ان سخط الله عليكم و فى العذاب انتم خالدون.

    اتبكون؟ اجل و الله فابكوا فانكم احريا بالبكاء فابكوا كثيرا واضحكوا قليلا، فقد ابليتم بعارها و منيتم بشنارها، و لن ترحضوها ابدا و انى ترحضون؟ قتل سليل خاتم النبوه و معدن الرساله و سيد شباب اهل الجنه، و ملاذ حربكم و معاذ حزبكم و مقر سلمكم، و آسى كلمكم و مفزع نازلتكم، و المرجع اليه عند مقاتلتكم، و مدر حججكم و منار محجتكم، بل ساء ما قدمتم لانفسكم و ساء ماتزرون ليوم بعثكم.

    فتعسا تعسا و نكسا لقد خاب السعى و تبت الايدى و خسرت الصفقه و بوتم بغضب من الله، و ضربت عليكم الذله و المسكنه.

    اتدرون و يلكم اى كبد لمحمد صلى الله عليه و آله فرثتم؟ و اى عهد له نكثتم؟ و اى كريمه له ابرزتم؟ و اى حرمه له هتكتم؟ و اى دم له سفكتم؟ لقد جئتم شيئا ادا تكاد السماوات يتفطرن منه و تنشق الارض و تخر الجبال هدا، لقد جئتم بها صلعاء عنقاء سوئاء فقما شوهاء خرقاء كطلاع الارض و ملاء السماء.

    افعجبتم ان تمطر السماء دما و لعذاب الاخره اخزى و هم لا ينصرون، فلا يستخفنكم المهل فانه عزوجل لا يخفره البدار و لا يخشى على فوت الثار، كلا ان ربك لنا و لهم لبالمرصاد»

    الله تعالى ئي تعريف ۽ شڪر جي لائق آهي ۽ صلوات ۽ سلام هجي منهنجي نبي والد حضرت محمدﷺ ۽ ان جي پاڪ ۽ پاڪيزه آل تي _____

    شابس اي ڪوفي وارو! اي فريبڪارو، بهاني بازو، مڪارو

    روئو ٿا ؟!!!

    ڪڏهن توهان جا اهي ڳوڙها خشڪ نه ٿين _ سدائين سُڏڪندا رهو!

    توهان جو مثال ان پوڙهيءَ جيان آهي جيڪا محنت سان اُنَ اُوڻين وري ان کي پاڻ ئي اُکيلي ڇڏيندي هئي[1]

    پنهنجي قَسمن تان ڦري وڃڻ وارو!

    توهان وٽ آهي ئي ڇا؟

    سواءِ دوکي بازي، دشمني، ڪوڙ ۽ عيبجوئيءَ جي!

    توهان ته ڪنيزن وانگر چاپلوس ۽ دشمنن وانگر چغل خور آهيو!

    توهان جو مثال ان سبز۽ سهڻي گاه جيان آهي جيڪو (بدبودار)ڇيڻن تي ڦُٽو هجي!

    يا توهان جو مثال ان قبر جيان آهي جنهن کي سهڻيءَ چانديءَ سان سجايو ويو هجي جنهن جي نتيجي ۾ ان جو ظاهر ته سهڻو پر اندر ڌپ ۽ بدبو هجي.

    ڪيڏو نه بري طريقي سان پنهنجي آخرت کي خراب ڪيَوَ!

    هاڻي الله جي عذاب لاءِ تيار رهو ___

    ۽ هميشه عذاب ۾ئي هوندئو!

    هاڻي ڳوڙهن سان منهن ٿا ڌوئو! جيءُ !

    روئو، روئو ۽ روئندا ئي رهو ___ توهان کي روئڻ ئي گھرجي !

    کِلڻ کان گھڻو روئو !

    اُهو چُٽو توهان لاءِ لکجي ويو جنهن کي ڌوئي ڌوئي به صاف ڪري نه ٿا سگھو!

    ۽ صاف به ڪيئن ٿا ڪري سگھو؟ آخر خاتم النبيّين جي اولاد ۽ جنت جي جوانن جي سردار کي ڪهڻ ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي !

    توهان ان کي مٽيءَ ۽ رت ۾ ملايو جيڪو توهان لاءِ امن جو ڪعبو، بي سهارن جو سهارو، ڏکيي سکيي وقت ۾ توهان جي دلين جو آرام ۽ جنگ ۾ توهان جي زخمن جي مرهم هيو توهان جو هادي ۽ رهبر هيو.

    غور ته ڪري ڏسو ______

    ڪيڏو نه وڏو گناه اڳتي لاءِ موڪلِيو اٿوَ ۽ ڪيڏو نه وڏو بار ڪلهن تي کنيون اٿوَ!

    هاڻي جي هر ڪوشش ناڪام ۽ پشتائڻ بي فائدا ٿَوَ __________

    برباد ۽ جھڪيل هجو هميشه !

    توهان جي ڪوشش جي انتها نا اميديءَ تي پوري ٿي، توهان جا هٿ ڪٽجي ويا ۽ توهان کي سوديبازيءَ نقصان ڏنو

    الله تعالى جو غضب واپس موٽايوَ، ذلت ۽ خواري کي پنهنجي لاءِ پڪو ڪيوَ.

    ڀٽڪار توهان تي!

    خبر اٿوَ ته رسول اللهﷺ کان ڪهڙو جگر ڇِڳو اٿوَ؟

    ۽ ڪهڙي عهد کي ٽوڙِيو اٿو؟

    ۽ ڪهڙو رت وهايو اٿو؟

    وڏو خوفناڪ ڪم ڪيو اٿو!

    ويجھو آهي ته آسمان ان مصيبت تي ٽٽي پيئي ___ زمين اندر هلي وڃي____ ۽ جبلَ ريزا ريزا ٿي وڃن.

    وڏي ڏکيءَ مصيبت، بدبختيءَ ۽ انحراف ۾ هٿ وڌوَ ___ جنهن لاءِ ڪو به عذر پيش نه ٿا ڪري سگھو ___

    ايڏيءَ وڏيءَ مصيبت تي ته جيڪر آسمان به رت روئي!!!

    (اهي سڀ ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي)

    پر سچ ته اهو آهي ته آخرت جو عذاب انهن سڀني (ٻڌايل ڳالھن)کان وڏو اٿوَ جتي ڪو مددگار به نه هوندوَ جيڪو توهان جي مدد ڪري

    اها مهلت توهان کي پنهنجي ڪيل گناه کان غافل نه ڪري

    ڇوته خدا انتقام ۾ جلدي نه ڪندو آهي نه وري الله کي اهو خوف هوندو آهي انتقام جو وقت ان جي هٿن مان نڪري ويندو آهي الله تعالى هميشه توهان تي نظر رکي ٿو

    اتي سائڻ ڪجھ شعر پڙهيا

    اتي سائڻ هي شعر پڙهيو:
    ماذا تقولون اذ قال النبى لكم ماذا صنعتم و انتم آخر الامم
    باهل بيتى و اولادى و تكرمتى منهم اسارى و منهم ضر جوا بدم
    ڇا جواب ڏيندئو جڏهن پيغمبرﷺ توهان کان پڇي (ته منهنجي آل اولاد کي شهيد ڪري) هي ڪهڙو ظلم ڪيوَ؟
    جڏهن ته توهان منهنجي امت هُيَئو!
    منهنجي اهلبيت مان ڪِن کي قيدي بڻائي ۽ ڪِن جو ناحق خون وهايو اٿوَ؟
    راوي چوي ٿو خدا جو قسم ماڻهن ۾ مات پئجي ويئي ماڻهو حيرانيءِ ۽ پريشانيءَ مان هنجون هاري رهيا هيا پشيماني جون آنڱريون ڏندي هُين هڪ پوڙهو شخص منهنجي ڀر ۾ بيٺل هيو، مون ڏٺو ان جون اکيون سانوڻ جي بادل جيان وسن پيون ۽ان جي زبان مان هي لفظ نڪري رهيا هيا:
    منهنجا پيءُ ماءُ توتان صدقو :
    توهان جي وڏڙن لاءِ ڇا چوان انهن جو ته ڪو مٽ ئي ناهي، توهان جي جوانن لاءِ ڪهڙا لفظ چوان انهن جهڙو ته ڪو زمين جي زينت ئي نه بڻيو آهي ۽ توهان جي عورتن جو مثال ڪنهن سان ڏيان انهن جو ته ڪو ثاني ئي نه آهي ، هان ۽ توهان جي خاندان لاءِ لفظ نه ٿا ملن جن ۾ بيان ڪيان ته انهن لاءِ ذلت ۽ خواري ته مقدر ۾ ئي نه آهي نه انهن وٽ وري هارَ معنى ۽ مفهوم ٿي رکي.
    منبع:http://www.shiasindh.com نویسنده:منیراحمد سهتو