islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سائڻ فاطمه زهرا (س)جي فضيلت تي هڪ نظر

    سائڻ فاطمه زهرا (س)جي فضيلت تي هڪ نظر

    Rate this post

    آچر, 04 سيپٽيمبر 2011 21:37
    مقدمو: سڀ تعريفون مخصوص آهن ان پاڪ پروردگار جي لاءِ جنهن انسان ذات جي هدايت جي لاءِ اهڙين محبوب هستين جو انتخاب ڪيو جيڪي خدا جي نزديڪ سڀ کان با فضيلت هستيون آهن ۽ انهن محبوب هستين جي صدقي خداوند متعال هن ڪائنات کي خلق ڪيو ۽ تمام مخلوقات تي انهن محبوب هستين ( حضرت محمد (ص) ۽ سندس پاڪ خاندان) جي محبت کي فرض قرار ڏنو ۽ انسان جي لاءِ وڏو مان، اعزاز ۽ خوش نصيبي هيءَ آهي ته انسان هر اهو ڪم انجام ڏئي جنهن ڪم جي انجام ڏيڻ سان الله سائين راضي ٿئي ۽ هر ان ڪم کان پرهيز ڪري جنهن جي انجام ڏيڻ سان خدا ناراض ٿئي. جيڪڏهن سولن لفظن ۾ بيان ڪجي ته انسان جي رضا، خدا جي رضا ۽ انسان جي ناراضگي خدا جي ناراضگي جي تابع هجي ۽ انسان خدا جي امر ۽ نهي تي عمل ڪري پنهنجو پاڻ کي عبديت جي مقام ۽ منزل تائين پهچائي سگھي ٿو ۽ ان اعتبار سان فخر به ڪري سگھي ٿو ته خدا پنهنجي بندن جي لاءِ جنت ۽ ان جون نعمتون بڻايون آهن پر انهيءَ مقام ۽ منزلت کان وڌيڪ هڪ مقام ۽ منزلت اسان کي نظر اچي رهي آهي جنهن مقام ۽ منزلت تي هڪ اهڙي با ڪمال ذات هستي نظر اچي رهي آهي جنهن جي رضا ۽ غضب خدا جي رضا ۽ غضب جو باعث بڻجي ٿو ۽ اها ذات با ڪمال جناب سيده فاطمه زهرا (س) جن آهن جن جي شان ۽ مقام جي باري ۾ ] وَمَا يَنطِقُ عَنِ الْهَوَى إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْيٌ يُوحَى ( (1) جي مصداق حضرت محمد (ص) جن فرمائن ٿا ته “إن الله يغضب لغضب فاطمة و يرضى برضاها” بيشڪ فاطمه جو راضپو، الله جو راضپو ۽ سندس ڪاوڙ، الله جي ڪاوڙ آهي. (2)
    نالي جي حقيقت
    اسم يا نالو حقيقت ۾ ڪنهن به شي جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي نالي کان سواءِ ڪنهن به شيءِ کي سڃاڻڻ ناممڪن آهي ۽ اسلام جو هڪ حڪم هي آهي ته پيءُ جي ذميواري آهي ته پنهنجي اولاد جو نالو ڀلو رکي ته جيئن ٻار دنيا ۽ آخرت ۾ ان ڀلي نالي سان پڪاريو وڃي. ان ڪري اميرالمومنين حضرت علي (س) فرمايو آهي “ حق الولد على الوالد أن يحسن إسمه و يحسن أدبه و يعلمه القرآن ” اولاد جو حق پيءُ تي اهو آهي جو سندس ڀلو نالو رکي، کيس ادب سيکاري ۽ ان کي قرآن جي تعليم ڏياري. (3)
    سائڻ فاطمه (س)جي هڪ وڏي فضيلت اها به آهي جو سندس هر نالو ۽ لقب سائڻ جي شخصيت ۽ عظمت جي هڪ رخ تان پردو هٽائي ٿو، سائڻ جا لقب ۽ نالا عام لقبن ۽ نالن وانگر ڪونه آهن جو جنهن جو جئين وڻئين تئين نالو ۽ لقب رکيو وڃي. بلڪه سائڻ جا سمورا لقب ۽ نالا ان ڪري رکيا ويا جو انهن لقبن ۽ نالن جو گوهر بيبي (س)جي وجود ۾ پاتو پئي ويو جهڙوڪ سائڻ جو هڪ لقب “معظمه” آهي اهو لقب شهزادي تي ان ڪري پيو جو بيبي وڏي مان ۽ شان واري آهي. يا سائڻ جو ٻيو لقب “زڪيه” آهي اهو لقب ان ڪري آهي جو بيبي هر طرح جي اوڻائين ۽ عيبن کان اعلى ۽ اتم آهي. اسان هن شهزادي جا ڪي نالا ۽ لقب ذڪر ڪندي بيبي جي معرفت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
    1_ فاطمة ان نالي جي پٽاندڙ طرحين طرحين وضاحتون ۽ تفسيرون بيان ڪيون ويون آهن.
    الف_ ] قال النبي (ص) لفاطمة شق (الله) لکٍ يا فاطمة إسما من أسمائه فهو فاطر و انتٍ فاطمة[ (4)
    ترجمو حضرت رسول ڪريم (ص) جناب سيده زهرا(س)سان مخاطب ٿي فرمايو خدا تنهنجو نالو پنهنجي نالن منجھان هڪ نالي مان رکيو آهي بس خدا “فاطر” ( پيدا ڪندڙ ) آهي ۽ تون فاطمه، جيتوڻيڪ حضرت علي (س) سان مخاطب ٿيندي فرمايو: يا علي ڇا توهان ڄاڻيو ٿا ته فاطمه جو نالو فاطمه ڇو رکيو ويو آهي؟ مولا فرمايو: الله جو رسول ئي بهتر ڄاڻي ٿو تنهن تي رسول الله(ص) فرمايو “ لأنها فطمت هي وشيعتها من النار ” ان ڪري جو خدا فاطمه (س)۽ ان جي شيعن کي جهنم جي باھ کان امان ۾ رکيو آهي.
    ب_ فاطمه جي برتري ٻين عورتن تي: حضرت امام محمد باقر (س) فرمائن ٿا جڏهن سيده جي ولادت ٿي ته الله سائين هڪ فرشتي وسيلي حضرت محمد (ص) ڏانهن وحي موڪلي اي محمد! الله سائين فرمايو آهي ته هن جو نالو فاطمه رکو ان ڪري جو مان الله هن کي جهالت کان دور ۽ علم سان مالا مال ڪري خلقيو آهي ( ۽ ماهواري جي عادت کان به پاڪ رکيو آهي) مولا فرمايو آهي خدا جو قسم ! الله سائين عالم ميثاق (واعدي وٺڻ وارو جهان) ۾ فاطمه بابت فرمايو آهي “والله لقد فطمها الله تبارک وتعالى بالعلم و عن الطمث” خدا جو قسم ! الله سائين جناب فاطمه (س)کي کير ۽ ماهواري کان جدا ڪري علم سان مالا مال ڪري خلقيو آهي (5)
    ج _ ظبيان يونس کان روايت ڪري ٿو ته امام صادق (س) فرمايو ته الله تعالى جي نزديڪ جناب سيده جا نو نالا آهن: فاطمه ، صديقه ، مبارڪه، طاهره، زڪيه، راضيه، مرضيه، محدثه ۽ زهرا. انهيءَ کان پوءِ امام فرمايو: اي يونس توکي خبر آهي ته فاطمه جي معنا ڇا آهي؟ ته مون عرض ڪيو ته امام ئي بهتر ڄاڻي ٿو. ان مهل مولا فرمايو “ فطمت من الشر”ان ڪري جو سيده کي برائين کان جدا ڪيو آهي۔ مولا وڌيڪ فرمايو “ لولا أن أمير المومنين تزوجها لما کان لها کفوا إلى يوم القيامة على وجه الأرض آدم فمن دونه” جيڪڏهن امير المومنين (س) حضرت فاطمه سان شادي نه ڪن ها ته زمين تي حضرت آدم کان وٺي قيامت تائين سندس ڪو به مٽ ۽ همسر (ڪفو) نه هجي ها. ان حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت علي (س) خاتم الانبياءکان سواءِ سڀني انسانن کان بافضيلت ۽ برتر آهي ۽ جناب سيده جي مٽ ڪابه عورت ناهي. (6)
    د _ عبدالله بن حسن روايت ڪري ٿو ته امام موسى ڪاظم (س) مون سان مخاطب ٿيندي فرمايو: اي عبد الله! توکي خبر آهي ته فاطمه کي فاطمه ڇو چيو ويندو آهي ؟ ته مون عرض ڪيو ان ڪري جو فاطمه ٻين نالن کان مختلف آهي امام فرمايو فاطمه به نالن ۾ شمار ٿئي ٿي پر فاطمه جو نالو، فاطمه ان ڪري آهي جو الله سائين هر شي جي وجود ۾ اچڻ کان پهريان ان جي حقيقت کان آگاھ آهي ۽ خد اهو به ڄاڻي پيو ته جڏهن پيغمبر اسلام (ص) قبيلي جي عورتن سان شادي ڪندو ته اهي خلافت جي لالچ ڪنديون ان ڪري جڏهن سيده جي ولادت ٿي ته خداوند سبحان انهيءَ جو نالو فاطمه رکيو ۽ امامت کي ان جي ذريت سان مخصوص ڪري ڇڏيو ان نموني خداوند متعال انهن کي مايوس ڪيو جيڪي خلافت جا اميد وار هيا (7)
    ھ _ فاطمه(س)پنهنجي مڃڻ وارن کي جهنم جي باھ کان بچائيندي.
    محمد بن مسلم ثقفي روايت ڪري ٿو ته امام محمد باقر (س) فرمايو: حضرت بيبي فاطمه(س)قيامت جي ڏينهن جهنم جي دروازي تي بيهندي جڏهن ته قيامت جي ڏينهن هر مومن جي پيشاني تي لکيل هوندو هي اهو محب آهي جنهن کي گناهن جي سبب جهنم ۾ اڇلائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي انهيءَ مهل سيده فاطمه (س)انهن مومنن جي پيشاني تي لکيل تحرير پڙهنديون ته هي محب اهلبيت G آهي تڏهن سيده الله جي درٻار ۾ دعا ڪندي ۽ فرمائيندي“ إلهي و سيدي سميتني فاطمة و فطمت بي من تولاني و تولى ذريتي من النار ووعدک ٍالحق وانت لا تخلف الميعادفيقول الله عزوجل صدقت يا فاطمه إني سمعتکٍ فاطمة و فطمت بکٍ من أحبکٍ و تولاکٍ و ذريتکٍ وتولاهم من النار ووعدي الحق وإنا لا اخلف الميعاد إانما أمرت بعبدي هذا إلى النار لتشفعي فيه فاشفعک ولتبين ملائکته وانبيائه ورسله و اهل الموقوف مني مکانک عندي فمن قرأت بين عينيه مومنا فخذي بيده وادخليه الجنة” (8)
    ترجمو اي منهنجا معبود ! اي منهنجا سردار ! تو منهنجو نالو فاطمه رکيو آهي ۽ منهنجي وسيلي هر اهو انسان جيڪو مون سان ۽ منهنجي اولاد سان محبت رکي ته تون ان کي جهنم جي باھ کان جدا ڪندين جڏهن ته تنهنجو واعدو حق آهي ۽ بيشڪ تون واعدي خلافي نه ڪندو آهين. انهي مهل خداوند متعال فرمائيندو اي فاطمه تون سچ فرمايو آهي ته مان تنهنجو نالو فاطمه رکيو آهي ۽ تنهجي سببان هر ان انسان کي جهنم جي باھ کان جدا ڪندس جيڪو توسان ۽ تنهجي اولاد سان محبت ڪندو ۽ منهنجو واعدو حق آهي ۽ مان واعدي خلافي ناهيان ڪندو مان پنهنجي هن ٻانهي کي جهنم جي طرف وڃڻ جو حڪم ان ڪري ڏنو آهي تاڪه تون ان جي شفاعت ڪرين مان تنهنجي شفاعت کي قبول ڪريان ۽ تمام ملائڪه، انبياءَ، رسول ۽ اهل محشر تنهجي مقام ۽ منزلت کي ڏسي سگھن ته پوءِ جنهن جنهن جي پيشاني تي محب لکيل هجي انهيءَ کي جنت ۾ داخل ڪر.
    2_ صديقه ڪبرى جيڪا قول ۽ ڪردار ۾ عملي نمونو هجي انهيءَ وصف جو اشارو حقيقت ۾ عصمت جي طرف آهي ۽ هي خاتون تمام عيبن کان پاڪ ۽ معصوم آهي ۽ جڏهن ته پروردگار جي هڪ وصف ۽ نبين جي وصفن مان هڪ وصف آهي. ۽ صديق جي عظمت جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته الله سائين ايمان ۽ تقوى کان بعد ۾ صادقين سان گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي خدا سوره توبه جي 119 آيت ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته “کونوا مع الصادقين ” (9) جڏهن ته هي جامع ۽ ڪامل وصف سيده فاطمه (س)۾ پاتي وڃي ٿي ۽ جناب عائشه کان روايت نقل ڪئي وئي آهي ته “ما رايت احدا قط اصدق من فاطمه غير ابيها ” (10) مان فاطمه کان وڌيڪ ڪنهن کي به سچار ناهي ڏٺو سواءِ سندس بابي جي. جڏهن بيبي عائشه ۽ جناب سيده جي درميان اڻ چاڪائي ٿي ان مهل عائشه چيو اي الله جا رسول زهرا(س)کان پڇو اها ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهائيندي.
    3_ مبارڪه لفظ مبارڪه جون چار معنائون آهن الف_ برڪت ڀري جاءِ ب_ برڪت ڀريو زمانو ج_ برڪت ڀريو هئڻ د_ برڪت عطا ڪرڻ ۽ هي سڀ معنائون جناب سيده ۾ بطور ڪامل پاتيون وڃن ٿيون ڇا ڪاڻ ته جڏهن به ۽ جتي به سندس يا سندس اولاد، بابي ۽ شوهر جو نالو ورتو وڃي اتي برڪتون نازل ٿينديون آهن. ۽ هر اهو مقام جٿي ان جي اولاد کي دفن ڪيو وڃي اهو مقام ماڻهنجي لاءِ برڪت ۽ امن جو مقام آهي ان ڪري جناب سيده (س)جو وجود مقدس، فيض ۽نيڪي جو سر چشمو آهي (11)
    4_ طاهره طاهره لفظ، ڌاتو “طهر” مان ورتل آهي جنهن جي معنا آهي تمام شين کان پاڪ ۽ پاڪيزه ۽ هي معظمه بيبي به هر ناپاڪي ۽ پليدي کان پاڪ آهي. امام صادق (س) فرمايو آهي “حرم الله النساءَ على علي مادامت فاطمة حية لأنها طاهرة لاتحيض” (12) جيسيتائين جناب سيده(س)حال حيات هيون، الله سائين حضرت علي (س) لاءِ ٻين عورتن کي حرام قرار ڏنو هيو. ان ڪري جو هي بيبي هميشه کان پاڪ هئي ۽ ڪڏهن به ماهواري نه ڏٺائون.
    5_ زڪيه يعني بري صفتن ۽ بري اخلاق کان پاڪ مثلا وڏائي ۽ ساڙ دنيا جي محبت کان پاڪ آهي ۽ ان جي ٻئي معنا وڌيڪ زڪات ڏيندڙ نقل ٿي آهي ان ڪري جو سيده وٽ جيڪو ڪجھ هوندو هيو سو واٽ الله جي خرچ ڪري ڇڏيندي هئي (13)
    6 _ راضيه يعني پنهنجي رب کان خوش ٿيڻ واري ۽ لکئي ۽ مصيبتن تي به راضي رهڻ واري هئي. جڏهن ته ڪنهن به مخلوق جناب سيد ه(س)جيتريون مصيبتون ۽ مشڪلون ناهن ڏٺيون ۽ ڪو به خاندان سيده جي خاندان وانگر مصيبتن ۾ گرفتار ناهي ٿيو انهيءَ جي باوجود به سيده بلائن ۽ مصيبتن تي راضي رهيون ۽ رضا جي اعلى ترين مقام ۽ قرب خدا جي انتها تي پهتل هيون . (14)
    7 _ مرضيه جنهن کان راضي رهجي يا وري جنهن کي پسند ڪيو وڃي قيامت جي ڏينهن پروردگار جي طرفان ايتري ته شفاعت ڪنديون جو دنيا ۾ ماڻهن جي هٿان تمام مصيبتون سهڻ جي باوجود راضي ۽ خوش ٿي وينديون (15)
    8 _ محدثه ( ڳالهائڻ واري) امام صادق (س) جن فرمايو آهي “ انما سميت فاطمه محدثه لان الملائکه تهبط من السماءِفتناديها کما تنادي مريم بنت عمران فتقول يا فاطمه ان الله اصطفاک و طهرک واصطفاک على نساءِ العالمين يا فاطمه اقنتي لربک واسجدي وارکعي مع الراکعين فتحدثهم و يحدثونها فقالت لهم ذات ليله اليست مريم المفضله على نساءِ العلمين قالت مريم کانت سيده نساءِ عالمها و ان الله عز وجل جعلک سيده نساءِ علمک و سيده نساءِ الاولين والآخرين ” (16)
    ترجمو امام صادق (س) فرمايو جناب سيده جو محدثه لقب ان ڪري پيو جو فرشتا آسمان تان زمين تي ايندا هيا ۽ جناب سيده سان ڳالهائيندا هئا جيئن جناب مريم بنت عمران سان ڳالهايئندا هئا ۽ فرشتا جناب سيده سان مخاطب ٿيندي چوندا هئا اي فاطمه ! بيشڪ خداوند متعال توهان کي چونڊيو ۽ پاڪيزه قرار ڏنو آهي ۽ توهان کي تمام جهانن جي عورتن تي فضيلت عطا ڪئي آهي اي فاطمه! پنهنجي پروردگار جي بندگي اختيار ڪر ۽ رڪوع ۽ سجدو ادا ڪندڙن سان گڏ سجدو ادا ڪر ۽ بعد ۾ سيده فرشتن سان مخاطب ٿيندي فرمايو ته ڇا مريم بنت عمران دنيا جي عورتن تي فضيلت نٿي رکي ؟ انهيءَ وقت فرشتن جواب ڏنو ته بيشڪ مريم پنهنجي زماني جي عورتن جي سردار هئي ۽ بيشڪ الله سائين توهان کي پنهنجي زماني ۽ پهرين ۽ پوين عورتن جو سردار بڻايو آهي.
    9 _ بتول ( يعني جدا ۽ الڳ ٿيڻ واري) سيده (س)خدا جي طرفان دنيا کان جدا ۽ الڳ ٿيل آهي ۽ سيده زهرا(س)معرفت ، گفتار ۽ رفتار ۾ ٻين عورتن کان جدا ۽ ممتاز آهي ۽ سيده کي بري صفتن ۽ هر قسم جي برائي کان الڳ ڪيو ويو آهي. روايت ۾ آهي ته رسول خدا (ص) کان سوال ڪيو ويو ته يا رسول الله اسان توهان کان ڪيترائي دفعا ٻڌو آهي ته مريم(س)به بتول آهي ۽ فاطمه (س) به بتول آهي سو ان جي معنا ڇا آهي؟ ته پاڻ فرمايائون “ التي لم تر حمرة قط ” يعني اهڙي عورت جنهن ڪڏهن به ماهواري نه ڏٺي هجي ۽ اهڙي روايت جناب عائشه کان به نقل ڪئي وئي آهي . (17)
    10 _ خيرة الله (الله جي چونڊيل) پيغمبر (ص) حضرت علي (س) سان مخاطب ٿي فرمايو ته بيشڪ خداوند متعال دنيا جو حاڪم ۽ نگهبان آهي. ان ڪري نبين ۾ سڀني کان پهريان مون کي چونڊيائين ٻئي مرحلي ۾ اوصياءَ منجھان توکي چونڊيائين ۽ پوءِ تنهنجي اولاد منجهان امام چونڊيائين چوٿين مرحلي ۾جناب سيده فاطمه (س)کي تمام جهانن جي عورتن منجھان چونڊيو ويو
    “ثم اطلع رابعه فاختار فاطمه على نساءِ العالمين ” (18)
    امام صادق (س) کان سوال ڪيو ويو دنيا جي عورتن مان مراد ڇا آهي؟ ڇا ان زماني جون عورتون مراد آهن يا تمام جهانن جون عورتون مراد آهن؟ امام (س) فرمايو ته مريم پنهنجي زماني جي عورتن جي سردار هئي پر سيده فاطمه (س)پهرين ۽ پوين عورتن جي سردار آهي . رسول الله (ص) کان نقل ڪيو ويو آهي ته “ لما خلق الله تعالى آدم وعطس فاستوى جالسا قالت الملائکة يرحمکم الله يا ابا محمد فرفع راسه فاذا هو مکتوب على ساق العرش لا اله الا الله محمد رسول الله علي حبيب الله الحن والحسين صفوة الله فاطمة خيرة الله”
    ترجمو: جڏهن الله سائين جناب آدم کي خلق ڪيو ان مهل ملائڪن چيو اي آدم! الله سائين توتي رحم ڪري انهيءَ مهل حضرت آدم (س) پنهنجو منهن عرش جي طرف ڪيو ته اتي هيءَ تحرير ڏٺائين الله کان سوءِ ٻيو ڪو به معبود ناهي، محمد (ص)الله جو رسول آهي، ۽ علي(س) الله جو ولي آهي حسن، حسين(س) ۽ جناب فاطمه (س) الله جا چونڊيل آهن .
    ابن عباس رسول خدا(ص) کان روايت نقل ڪئي آهي ته معراج جي رات مان جڏهن آسمانن جو سير پئي ڪيو ته جنت جي دروازي تي هيءَ جملا لکيل ڏٺم “ لااله الا الله محمد رسول الله علي حبيب الله الحسن والحسين صفوة الله فاطمة خيرة الله على مبغضيهم لعنة الله ” (19) ترجمو خدا کان سواءِ ڪو به معبود ناهي محمد الله جو رسول آهي علي الله جو ولي آهي حسن، حسين ۽ فاطمه، الله جا چونڊيل آهن انهن سان وير وجهندڙن تي الله جي ڦٽڪار آهي .
    11 _ حجة الله حضرت فاطمه جو نالو حجة الله آهي جنهن جي معنا آهي الله جي طرفان تمام دنيا تي حجت ۽ دليل. حضرت امام حسن عسڪري (س) فرمايو “نحن حجج الله على خلقه وجدتنا فاطمة حجة الله علينا ” (20) اسان خداجي طرفان مخلوق لاءِ حجت آهيون ۽ اسان جي ڏاڏي فاطمه (س)الله جي طرفان اسان لاءِ حجت آهي. سيده جي اها عظمت آهي جو الله جي چونڊيل بندن تي به حجت آهي .
    12 _ زهرا يعني جيڪا نور جو مرڪز هجي “نورها اشتق من نور عظمة الله ” امام صادق (س) کان سوال ڪيو ويو ته مولا فاطمه زهرا کي زهرا ڇو چوندا آهن ته امام فرمايو
    “ان الله عز وجل خلقها من نور عظمته فلما اضائت السماوات والارض بنورها وغشيت ابصارالملائکة وخرت الملائکة لله ساجدين و قالوا الهنا وسيدنا ما هذاالنور؟ فاوحى الله اليهم هذا نور من نوري واسکنته في سمائي خلقته من عظمتي” (21) زهرا کي زهرا ان ڪري چيو ويندو آهي جو الله تعالى زهرا کي پنهنجي عظمت جي نور مان پيدا ڪيو آهي ۽ جڏهن زهرا جي نور سان زمين ۽ آسمان منور ٿي ويا ته ملائڪن پنهنجي رب کي سجدو ڪيو ۽ چيو اي اسان جا مالڪ ۽ پالڻهار! هي ڪهڙي قسم جونور آهي؟ ان مهل الله سائين ملائڪن ڏانهن وحي نازل ڪئي ته هي نور منهنجي نور مان ئي آهي ۽ مان انهيءَ نور کي آسمان ۾ رکيو آهي ۽ مان ان کي پنهنجي عظمت سان خلق ڪيو آهي. ٻئي روايت ۾ بيان ٿيل آهي
    “قال ابن عباس بينا اهل الجنة في الجنة اذ راو ضوءَ کفوءالشمس وقد اشرقت الجنان بها فيقول اهل الجنة يا رضوان ! قال ربنا عزوجل ( لا يرون فيها شمسا و لا زمهريرا ) فيقول لهم الرضوان ليست هذه بشمس و لا قمر لکن هذه فاطمه و علي زهقا زهقا اشرقت الجنان من نور زهقهما” (22)
    ابن عباس روايت ڪري ٿو ته جنت وارا جنت ۾ هڪ اهڙي نور جو مشاهدو ڪندا جيڪو سج جي نور وانگر هوندو جيڪو نور اهل جنت کي پنهنجي نور سان نوراني ڪندو. انهيءَ وقت جنت وارا رضوان جنت کي چوندا اسان جي رب جنت جي تعريف قرآن ڪريم ۾ هن نموني ڪئي آهي جنت ۾ نه سج هوندو ۽ نه وري چنڊ ته پوءِ وري هي نور ڇا جو آهي؟ انهي مهل جنت جو رضوان جنت ۾ رهندڙن سان مخاطب ٿي چوندو ته هي نور نه سج جو آهي نه وري چنڊ جو بلڪه فاطمه(س)۽ علي (س) جي مسڪراهٽ جو نور آهي جن جي مسڪراهٽ جنت کي نوراني ڪيو آهي.
    آخر ۾ الله سائين کان دعا آهي ته اسان کي سيده جي سيرت سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي
    منبع:http://www.syedah.com نویسنده:شوکت علی امینی