islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سانئڻ زهراء سلام الله عليها جي امڙ

    سانئڻ زهراء سلام الله عليها جي امڙ

    Rate this post

    آچر, 19 جُون 2011 16:56
    بيبي خديجة الڪبرى سانئڻ زهراء سلام الله عيلها جي امڙ ۽ رسول  جون همدرد ۽ مددگار هيون پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو جاهليت جي زماني ۾ گزاريائون ليڪن سانئڻ جو اخلاق ۽ ڪردار ان زماني جي ماڻهن کان بالڪل مختلف هيو

    ۽ انهن ڳڻيل عورتن مان ليکيون ويندين هيون جن اسلام جي اعلان کان پهريان پنهنجي حقيقي شخصيت جي حفاظت ڪئي هجي تاريخدانن به سانئڻ کي خير ۽ نيڪيءَ کانسواءِ ياد ناهي ڪيو سانئڻ جي گهر جو دروازو هميشا فقيرن لاءِ کليل هيو جيستائين بيبي خديجة الڪبرى زندهه هئي حضرت محمد ص) جن ٻي شادي نه ڪئي پاڻ سانئڻ فاطمة سلام الله عليها کي ڄڻڻ ۽ کير پيارڻ جوشرف حاصل ڪيائون

    سندس نالو بڻ ۽ بڻياد
    اڪيلو ۽ تنها نالو جيڪو حضرت زهراء سلام الله عليها جي والدهه محترمه جي لاءِ ذڪر ڪيو اٿن خديجة الڪبرى آهي سندن والد خويلد بن اسد بن عبدالعزي بن قصى بن ڪلاب بن مره بن ڪعب بن لوى بن غالب بن فهر بن مالڪ بن نصر بن ڪنانه آهي بيبي خديجة الڪبرى جي امڙ فاطمة بنت زائد بن احمر بن هرم بن رواحه بن حجر بن مغز بن عامر بن لوي بن غالب بن فهر بن مالڪ آهي نسب لکڻ وارن جي نظريئي مطابق بيبي خديجة الڪبرى جا ماءُ پيءُ جزيرة العرب جي بنيادي خاندانن مان هئا
    پيغمبر اڪرم سان شادي
    پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم سان شادي کان پهريان بيبي خديجه جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪو دقيق اطلاع موجود نه آهي بيبي خديجة جاهليت جي زماني ۾ پنهنجي قوم ۾ معزز عورت ۽ طاهره جي لقب سان مشهور هيون مئورخن ڪيترا ئي ڀيرا بيبي خديجة کي سياڻي ۽ گهري سوچ رکڻ واري عورت (ڏاهي ۽ سٻاجهي عورت) جي عنوان سان ياد ڪيو آهي.
    سانئڻ جي گهري سوچ ۽ عقلمندي ۽ تقوى جو بهترين دليل اهو آهي ته پاڻ جهالت جي زماني ۾ ظاهري حسن ۽ مالدار هجڻ جي باوجود ڪڏهن پاڻ کي گناهن ۾ مبتلا نه ڪيائون ۽ ڪمال ۽ پاڪدامنيءَ جي ان درجي تي پهتيون جو (طاهره) جو لقب حاصل ڪيائون کانت خديجة تُدعى في الجاهلية الطاهرة پاڻ فقيرن کي عطا ڪنديون هيون ۽ حاجتمندن جي پناهگاهه هونديون هيون سانئڻ جاهليت جي زماني ۾ پاڪدامن ۽ احترام جي قابل ۽ لائق هيون انهيءَ زماني ۾ سانئڻ کي (سيدة النساء القريش) چوندا هئا
    بيبي خديجة جي دولت مرتبو ۽ نيڪ صفتون سبب بڻيون ته قريش جا سردار ۽ امير ماڻهو سانئڻ سان شادي ڪرڻ جي ارادي سان اميد جو هٿ سانئڻ ڏانهن ڦيلايائون جن ۾ عقبه بن ابي معيط ، صلت بن شهاب، ابو جهل ، ابو سفيان شامل هئا . بيبي اهو چئي انهن جي درخواستن کي رد ڪيو ته مون کي شادي جو شوق نه آهي
    ليڪن پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل سان ڳالهه ٻولهه ۾ شادي نه ڪرڻ جو سبب مناسب رشتو نه ملڻ بيان ڪيائون
    بيبي خديجه دولتمند عورت هئي ۽ ماڻهن کي واپار لاءِ مزدور بڻائيند هئي هو تجارتي ڪمن کي انجام ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن سان معاهدو ڪري انهن کي واپار لاءِ موڪليندي هئي
    حضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم جي سچائي، امانتداري، ۽ سٺو اخلاق سبب
    ته بيبي خديجه شام ڏانهن تجارت لاءِ وڃڻ جو معاهدو ڪيو .
    معاهدي جي مطابق بيبي خديجه پاڻ سڳورن کي ٻين کان وڌيڪ اجورو ڏنو بيبي خديجه بنهنجو هڪ غلام ميسره به پاڻ سڳورن جي حوالي ڪيو ته جيئن پاڻ سان گڏ وٺي وڃن . رسول اڪرم بيبي جي آڇ کي قبول ڪيو ۽ شام ويا هڪڙي جڳهه تي هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺا راهب ميسره کان پڇيو وڻ جي هيٺان ويٺل ماڻهو ڪير آهي ؟
    ميسره جواب ڏنو اهو مرد مڪي جي قريش خاندان منجهان آهي راهب چيو انهيءَ وڻ جي هيٺان پيغمبر کانسواءِ ڪو ٻيو ناهي ويهندو .
    رسو اڪرم  بيبي خديجج جي طرفان آنل مال شام ۾ وڪڻي ڪجهه جنسون خرد ڪيون ۽ قريش جي قافلي سان مڪي واپس ٿيو
    بيبي خديجه پاڻ سڳورن جي آندل مال کي ٻيڻي ، ٽيڻي اگهه تي کپايو ۽ حد کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو . خديجه ميسره کان پڇيو انهيءَ سفر حضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم کان ڇا ڏٺئي ؟ هن سفر دوران رسول خدا کان ڏٺل معجزا ، سچائي امانتداري ۽ ايثآر بيبي خديجه کي ٻڌايو بيبي خديجه ميسره کان جيئن ئي پاڻ سڳرون جي تعريف ٻڌي ته ان جي نگاهه پاڻ سڳورن جو نوراني ۽ ملڪوتي چهرو ڦرڻ لڳو . ايتري تائين جو هاڻي ميسره جي ڳالهين ٻڌڻ جو حوصلو ختم ڪري ويٺي الله سائين جو ارادو هيو ته انهيءَ پاڪدامن بيبيءَ کي اڃان وڌيڪ عزت عطا ڪري .
    بيبي خديجه رات جو خواب جي عالم ۾ ڏٺو ته هڪ چمڪندڙ ستارو مڪي شهر جي چوڌاري گردش ڪرڻ کانپوءِ سانئڻ جي گهر تي نازل ٿيو آهي . هن پنهنجو خواب سوٽ ورقه بن نوفل سان بيان ڪيو ورقه سانئڻ کي چيو ته هڪ عظيم انسان سان شادي ڪندئين جيڪو عالمي شهرت جو مالڪ ٿيندو.
    بيبي خديجه پنهنجي چمڪندڙ ستاري کي فقط مڪي جي امين عبدالله جي فرزند جي خوبصورت ملڪوتي چهيو ۾ مشاهدو ڪيو. بيبي خديجه جي دل رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جي محبت سان ڀرجي چڪي هئي ۽ انتظار ۾ هئي ته موقعو ملندي ئي پيغمبر اڪرم سان پنهنجي محبت جو اظهارڪري .
    سانئڻ خديجه جي پيغمبر اڪرم جي باري ۾ مختلف روايتون موجود آهن ،ليڪن مشهور اهو آهي ته بيبي خديجه حَضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم کي شادي جي آڇ ڪئي.
    ۽ بيبي چيوـاي سوٽ آءُ اوهان جي شرافت،امانت ۽ سچائي ۽ سٺي اخلاق سبب اوهان سان محبت ٿي ڪريان ۽ اوهان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيان .
    حضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم بيبي خديجه جي آڇ کي قبول ڪري پنهنجن چاچن وٽ ويو ۽ انهن کي بيبي خديجه جي آڇ ۽ پنهنجي جواب کان آگاهه ڪيائين ان کان پوءِ حضرت ابوطالب بني هاشم جي ٽولي سان گڏجي بيبي خديجه جي گهر ويا ۽ ورقه بن نوفل جي سامهون نڪاح جي رسمن کي هن طرح شروع ڪيائون
    ان الله جو شڪر آهي جنهن اسان کي ابراهيم جي نسل ۽ اسماعيل جي اولاد مان قرار ڏنو ۽ اسان کي حج ادا ڪرڻ ۽ امن لاءِ گهر عطا ڪيائين جنهن ڏانهن هر شيءِ جو نتيجي پلٽي ٿو ۽ اسان کي ماڻهن جو حڪمران بڻايائين ۽ اسان جي زندگي گذارڻ واري جڳهه کي برڪت وارو بڻايائين
    بيشڪ منهنجي ڀائٽي محمد  جي ڪو به عرب برابري نٿو ڪري سگهي ڇو ته هو سڀني کان وڌيڪ فڪر ڪرڻ وارو پاڪ ۽ معصوم آهي هو بيبي خديجه کي چاهي ٿو ۽ بيبي خديجه ان کا چاهي ٿي . وليمي جي دعوت ۾ حضرت ابو طالب اُٺ نحر ڪيو.
    مشهور اهو آهي ته شادي جي وقت پيغمبر اڪرم جي عمر 25 سال ۽ بيبي خديجه جي عمر 40 سال هئي.
    بيبي خديجه پيغمبر اڪرم سان شادي ڪرڻ کان پهريان هڪ عظيم عورت ۽ وڏي شان ۽ مان جي مالڪ هئي بيبي جو گهر فقيرن جي اچ وڃ جو مرڪز هئو . قوم ۽ پاڙي جون عورتون بيبي تان قربان ٿينديون هيون ليڪن پيغمبر اڪرم شادي کانپوءِ انهن عورتن بيبي خديجه کي طعنا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ بيبي سان اچ وڃ ختم ڪري بيبي کي ڏک ۾ مبتلا ڪيو ( ان خديجة لما تزوجَ بها رسول ) هجرتها نسوة مکة فکن لايدخلن عليها ولا يترکن امرئة تدخل عليها ) رسول خدا (ص) جي بيبي خديجه سان شادي کانپوءِ مڪي جي عورتن بيبي سڳوريءَ سان اچ وڃ ختم ڪري ڇڏي ليڪن بي بي ڄاتو پئي ته عورتن جي اڻروا سلوڪ سان سندن جو معنوي مقام بلند ٿيندو.
    بيبي سڳوري عورتن کي جمع ڪيو ۽ انه کي فرمايو: مون ٻڌو آهي مون ته ٽوڪون ٿين پيون ته ڇالاءِ محمد(ص) سان شادي ڪئي اٿم ؟ گاڻ توهان کان هڪ سوال ٿي پڇان ڀلا هو ٻڌايو ته توهان کي مڪي ۾ منهنجي محمد(ص) جهڙو سهڻو با اخلاق سلڇڻو ۽ خانداني فضيلت جو مالڪ ٻيو ڪو شخص سجهي ٿو
    بيبي خديجه مناسب اجتماعي حيثيت رکڻ سبب ڪيترا ئي ڀيرا رسو خدا(ص) کي جاهلن جي شر کان نجات ڏني .
    حج جي ڏينهن ۾ رسول خدا() صفا جبل تي ويا ۽ بلند اواز سان فرمايائون : اي انسانو! آءُ پالڻهار طرفان موڪليل آهيان پوءِ مروه جبل تي ويا ۽ ساڳيو جملو ٽي دفعا دهرايائون . جاهل ۽ ساڙوٽ عرب پٿر هٿن ۾ کڻي رسول خدا(ص) ڏانهن وڌيا . ابو جهل جو اڇلايل پٿر پاڻ سڳورن جي پيشانيء ۾ لڳو ۽ سنادن پيشانيءَ مان خون وهڻ لڳو .
    پاڻ سڳورا ابو قبيس جبل ڏانهن ويا مشرڪن به پاڻ سڳورن جو پيڇو ڪيو مولا علي عليه السلام سانئڻ خديجه کي پورو واقعو ٻڌايو . سانئڻ جي اکين مان نير وهڻ لڳا پاڻ سڳورن لاءِ کاڌو کڻي مولا علي عليه السلام سان گڏ جبل جو رخ ڪيائين پاڻ سڳورن کي سڏيائين پي اي الله جا رسول ڪٿي آهيو
    انهيءَ وقت جبرائيل رسول خدا (ص) تي نازل ٿيو ۽ عرض ڪيائين بيبي خديجه روئيندڙ اکين سان توهان کي ڳولهي رهي آهي ان وٽ کاڌو ۽ پاڻي آهي اهو کاڌو ڪائو ۽ بيبي کي چئو ته الله سائين ان تي سلام ٿو موڪل ۽ بيبي کي نور سان سينگاريل جنت جي گهر جي خوشخبري ڏيو بيبي خديجه ۽ مولا علي عليه السلام ساپاڻ سڳورن کي گهر وٺي آيا . ماڻهن بيبي خديجه جي گهر تي حملو ڪيو ۽ پٿر هڻڻ شروع ڪيائون. بيبي خديجه ٻاهر آيون ۽ پنهنجو پاڻ کي پٿرن لڳڻ کان پاڻ سڳورنجي ڍال قرار ڏنائون ۽ فرمايائون: توهان کي شرم نٿو اچي جو پنهنجي قوم جي شريف ۽ پاڪدامن عورت جي گهر تي پٿر ٿا هڻو؟ ماڻهو سنس ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ڇڙ وڇڙ ٿي ويا ۽ پاڻ موٽي اچي پاڻ سڳورن جي خدمت ڪيائون پاڻ سڳورن بيبي کي الله جو سلام پهچايو بيبي چيو ان الله هو السلام و منه السلام و على جبرائيل السلام . اي الله جا رسول تو تي سلام ۽ الله جي رحمتون ۽ برڪتون هجن
    جزيرة العرب جي مالدار عورت هوندي به ڪڏهن مال سان دل نه لڳايائين بلڪي بيبي جو مقصد معنويت جو اعلى درجو حاصل ڪرڻ هيو پاڻ سڳورن سان شادي ڪرڻ وقت عرض ڪيائين : انا وا مالي وجواري وجميع ما املک بين يديک وفي حکمک لا امنعک شيعا. آءُ منهنجي ملڪيت ۽ مون سان تعلق رڪندڙ هر شيءِ توهان جي خدمت ۽ اختيار ۾ آهي
    پاڻ سڳورن اسلام جي ترقي لاءِ بيبي خديجه جي دولت کان فائدو ورتو جڏهن مسلمانن جو اقتصادي بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ مسلمان ٽي سال شعب ابو طالب تائين محدود ٿي ويا بيبي خديجه پنهنجي سڄي ملڪيت مسلمانن جي اختيار ۾ ڏني جيڪا مسلمانن لاءِ نجات جو ذريعو بڻي .
    سانئڻ خديجه سلام الله عليها اڄوڪي عورتن لاءِ نمونو آهي ته اهي گهڻي دولت طلب نه هجن ڇو ته هڪ خاندان جي سعادت سچائي، شرافت،فداڪاري ۽محرومن جي مدد ڪرڻ ۾ آهي
    بيبي خديجه پاڻ سڳورن سان گڏ شروع ٿيل زندگيءَ جو هن جملي سان آغاز ڪيو (اشهدوا يا ايها الناس اني وما املک لمحمد(ص)) اي انسانو: گواهه رهجو ته مان ۽ جنهن جي مان مالڪ آهيان محمد(ص) لاءِ آهي ۽ ان کانپوءِ پنهنجي ملڪيت پاڻ سڳورن (ص) جي حوالي ڪيائين ۽ پاڻ سڳورن (ص) انهيءَ مال کي اسلام جي ترقيءَ ۽ غريبن جي مدد ۾ خرچ ڪري ڇڏيو
    مددي ڪتاب
    1. اسد الغابه ج 5
    2. سير اعلام النبلاء ج2
    3. البدايه والنهايه ج3
    4. کشف الغمه ج1
    5. بحارالانوارج16
    6. اعلمو اني فاطمة ج2
    7. نهاية العرب ج18
    8. الطبقات الڪبرى ج1
    9. اعلام النساء ج1
    10. الاستيعاب ج4
    السيرة النبويه ص122
    آخري ڀيرو اپ ڊيٽ ٿيو اڱارو, 28 فيبروري 2012 17:38
    منبع:http://www.syedah.com