islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سترنهون سیپارو

    سترنهون سیپارو

    Rate this post

    21:1 – 1. ماڻھن لاءِ سندن حساب ويجھو ٿيو آھي ۽ اُھي غفلت ۾ (رھي کانئس) منھن موڙيندڙ آھن.

    21:2 – 2. سندن پالڻھار وٽان ڪا نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي پر اُن کي (ٺـٺوليءَ وانگر راند) کيڏندي ٻڌندا آھن.

    21:3 – 3. سندن دليون وائڙيون آھن، ۽ ظالم ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ته ھي (پيغمبر) اوھان جھڙو ئي ماڻھو آھي، ۽ اوھين ڏسي وائسي جادوءَ کي ڇو ويجھا ويندا آھيو؟

    21:4 – 4. (پيغمبر) چيو ته منھنجو پالڻھار سڀ ڳالھ ڄاڻندڙ آھي (جا) آسمان ۽ زمين ۾ (جتي ھُجي)، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    21:5 – 5. بلڪ چيائون ته (اھو قرآن) اجايا خيالات آھن بلڪ اُن کي ٺاھ ٺاھيو اٿس بلڪ اُھو شاعر آھي، پوءِ جڳائي ته اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جھڙي طرح پھريان (پيغمبر) موڪليا ويا ھوا.

    21:6 – 6. (ھائو) ڪوبه ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نه آندو ھو، پوءِ ھيءَ ايمان آڻيندا آھن ڇا؟

    21:7 – 7. ۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ رڳا مرد موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چ‍ؤ ته) جيڪڏھن نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.

    21:8 – 8. ۽ اُنھن (پيغمبرن) جو جُسو اھڙو نه بڻايوسون جو طعام نه کائين ۽ نه سدائين رھڻ وارا ھوا.

    21:9 – 9. وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون.

    21:10 – 10. بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟

    21:11 – 11. ۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھوا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيو قومون پيدا ڪيون سون.

    21:12 – 12. پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب سھي ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُٿي ڀڳا ٿي.

    21:13 – 13. (چيوسون ته) نه ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ آسودا ھُيؤ اُنھن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو ته مانَ اوھان کان پڇيو وڃي.

    21:14 – 14. چوندا رھيا ته اسان لاءِ خرابي آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون.

    21:15 – 15. پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون.

    21:16 – 16. ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سا ڪا اسان راند نه بڻائي آھي.

    21:17 – 17. جيڪڏھن اسان کي راند بڻائڻ (يعني ٻارن ٻچن) جو ڪو ارادو ھجي ھا ته ضرور اُنکي پاڻ وٽان وٺون ھا (يعني پاڻ جھڙا ڪريون ھا)، جيڪڏھن اسين ڪندڙ ھجون ھا (پر اسين ائين ڪندڙ نه آھيون).

    21:18 – 18. بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو سندن مٿو ڀڃندو آھي پوءِ اُنھيءَ مھل اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي ۽ جيڪي (الله جون) وصفون اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن سببان اوھان لاءِ خرابي آھي.

    21:19 – 19. ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي وٽس آھن سي سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي ٿڪبا آھن.

    21:20 – 20. (اُھي) رات جو ۽ ڏينھن جو پاڪائي بيان ڪندا آھن سُست نه ٿيندا آھن.

    21:21 – 21. زمين (جي شين) مان اھڙا معبود ورتا اٿن ڇا جو اُھي (مئي کانپوءِ کين) کڙو ڪندا؟

    21:22 – 22. جيڪڏھن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ (گھڻا) معبود ھجن ھا ته (آسمان ۽ زمين) ٻئي اُجڙن ھا، پوءِ ڪافر جيڪو بيان ڪندا آھن تنھن (ڳالھ) کان عرش جو پالڻھار پاڪ آھي.

    21:23 – 23. (الله) جيڪي ڪندو آھي تنھن بابت (اُھو) نه پڇبو ۽ اُنھن کان پڇا ڪبي.

    21:24 – 24. اُن کانسواءِ (ٻيا) معبود ڇا ورتائون؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي (يعني توريت ۽ انجيل انھن مان دليل ڏيو) بلڪ انھن مان گھڻا حق کي نه ڄاڻندا آھن اُن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن.

    21:25 – 25. ۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.

    21:26 – 26. ۽ چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، بلڪ (ملائڪ الله جا) سڳورا ٻانھا آھن.

    21:27 – 27. ڳالھائڻ ۾ اُن کان آڳاٽائي نه ڪندا آھن ۽ سندس حُڪم موجب ڪم ڪندا آھن.

    21:28 – 28. جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (الله) جنھن کان راضي ٿئي تنھن کان سواءِ ٻئي لاءِ سفارش نه ڪندا آھن ۽ اُھي سندس ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.

    21:29 – 29. ۽ منجھائن جيڪو چوي ته آءٌ الله کان سواءِ معبود آھيان تنھن کي دوزخ جي سزا ڏينداسون، ظالمن کي اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون.

    21:30 – 30. ڪافرن نه ڏٺو آھي ڇا ته آسمان ۽ زمين بند ٿيل ھوا؟ پوءِ انھن کي کوليوسون، ۽ سڀڪنھن جيئري شيء کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون، پوءِ ڇونه ايمان آڻيندا آھن؟

    21:31 – 31. ۽ زمين ۾ جبل پيدا ڪياسون ته متان کين ڌوڏي ۽ منجھس ويڪريون واٽون بڻايوسون ته مانَ اُھي واٽ لھن.

    21:32 – 32. ۽ آسمان کي مُحڪم ڇت بڻائي سون، ۽ اُھي اُن جي نشانين کان مُنھن موڙيندڙ آھن.

    21:33 – 33. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ بڻايو، سڀڪو (تارو پنھنجي) آسمان ۾ ترندو آھي.

    21:34 – 34. ۽ توکان اڳ ڪنھن ماڻھوءَ کي سدائين رھڻ وارو نه ڪيوسون، جيڪڏھن تون مُئين ته اُھي سدائين رھڻ وارا آھن.

    21:35 – 35. سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکڻ وارو آھي، ۽ اوھان کي مدائي ۽ چڱائي سان جاچڻ طرح پرکيندا آھيون، ۽ اسان ڏانھن موٽائبؤ.

    21:36 – 36. ۽ جڏھن ڪافر توکي ڏسندا آھن تڏھن توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته ھيءُ اُھو آھي ڇا جيڪو اوھان جي معبودن (جي عيبن) جو ذڪر ڪندو آھي، ۽ اُھي الله ياد ڪرڻ کان انڪار ڪندا آھن.

    21:37 – 37. ماڻھو اُٻھر مان بڻايو ويو آھي، سگھو پنھنجون نشانيون اوھان کي ڏيکاريندس پوءِ مون کان عذاب جلد نه گھرو.

    21:38 – 38. ۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟

    21:39 – 39. جيڪڏھن ڪافر اُن وقت کي ڄاڻن ھا جنھن مھل نڪي پنھنجن منھن ۽ نڪي پنھنجين پٺين کان باھ کي جھلي سگھندا ۽ نڪي کين مدد ڏبي (ته ائين نه چون ھا).

    21:40 – 40. بلڪ (اھا گھڙي) وٽن اوچتو ايندي پوءِ کين حيران ڪندي پوءِ نڪي اُھا ٽاري سگھندا ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.

    21:41 – 41. ۽ بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن سان ٺـٺوليون ڪيون ويون پوءِ منجھائن جن ٺـٺوليون ڪيون تن تي اُھو عذاب اُلٽيو جنھن سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا.

    21:42 – 42. (اي پيغمبر کين) چؤ ته رات ۽ ڏينھن ۾ ٻاجھاري (الله جي عذاب) کان ڪير اوھان جي نگھباني ڪندو آھي، بلڪ اُھي، پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندا آھن.

    21:43 – 43. اسان کانسواءِ (بچائڻ وارا) ڪي معبود آھن ڇا جو انھن کي بچائيندا؟ اُھي پاڻ کي به مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي اُھي (ھڪ ٻئي جي مدد سان) اسان (جي عذاب) کان بچندا.

    21:44 – 44. بلڪ کين ۽ پيءُ ڏاڏن کي آسودو ڪيوسون تان جو سندن ڄمار ڊگھي ٿي، پوءِ نه ٿا ڏسن ڇا ته (ڪافرن جي) مُلڪ کي اُن جي چوڌاريون (مسلمانن جي غلبي سان) گھٽائيندا آھيون؟ پوءِ اُھي غالب ٿيندا ڇا؟

    21:45 – 45. (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کي وحي سان ئي ڊيڄاريندو آھيان، ۽ جڏھن (ماڻھو) ڊيڄاريا ويندا آھن تڏھن ٻوڙو (ڊيڄارڻ جو) سڏ نه ٻڌندو آھي.

    21:46 – 46. ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ٿوروئي کين پھچي ته ضرور چون ته ھيء ارمان اسين ظالم ھواسون.

    21:47 – 47. ۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکندسون پوءِ ڪنھن جيءُ تي ڪجھ ظلم نه ڪبو، ۽ جيڪڏھن عمل اَھر جي داڻي جي تور ھوندو ته به اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون.

    21:48 – 48. ۽ بيشڪ مُوسىٰ ۽ ھارون کي نبيريندڙ ڪتاب ۽ انھن پرھيزگارن لاءِ سوجھرو ۽ نصيحت ڏني سون.

    21:49 – 49. جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن ۽ اُھي قيامت کان (پڻ) ڊڄندڙ آھن.

    21:50 – 50. ۽ ھي (قرآن) ھڪ برڪت واري نصيحت آھي جنھن کي نازل ڪيوسون، پوءِ به اوھين ان جا منڪر ٿيندا آھيو ڇا؟

    21:51 – 51. ۽ بيشڪ ابراھيم کي اڳي سندس ھدايت ڏني سون ۽ کيس ڄاڻندڙ ھواسين.

    21:52 – 52. جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو.

    21:53 – 53. چيائين ته پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون.

    21:54 – 54. (ابراھيم) چيو ته بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو.

    21:55 – 55. چيائون اسان وٽ سچ آندو اٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟

    21:56 – 56. (ابراھيم) چيو ته بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان.

    21:57 – 57. ۽ الله جو قسم آھي ته اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن جو ضرور ڪو حيلو ڪندس.

    21:58 – 58. پوءِ اُنھن کي سندن وڏي کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين ته مانَ اھي ڏانھس موٽن.

    21:59 – 59. چيائون ته اسان جي بُتن سان ڪنھن ھھڙو حال ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي.

    21:60 – 60. چيائون ته ھڪ جوان کان ٻڌوسون ته سندين گلا ٿي ڪيائين اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن.

    21:61 – 61. چيائون ته کيس ماڻھن جي اکين اڳيان آڻيو ته مانَ اُھي گواھي ڏين.

    21:62 – 62. (جڏھن آندائون تڏھن) چيائون ته اي ابراھيم تو اسان جي بُتن جو ھي حال ڪيو آھي ڇا؟

    21:63 – 63. (ابراھيم) چيو ته (نه) ! بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا ته کانئن پڇو.

    21:64 – 64. پوءِ پاڻ ڏانھن (سوچيندڙ ٿي) موٽيا پوءِ (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته بيشڪ اوھين پاڻ بي انصاف آھيو.

    21:65 – 65. پوءِ پنھنجا ڪنڌ اُونڌا ڪيائون، (چيائون) ته بيشڪ ڄاڻندو آھين ته ھي نه ڳالھائيندا آھن.

    21:66 – 66. (ابراھيم) چيو ته الله کانسواءِ انھن کي پوڄيندا آھيو ڇا جيڪي اوھان کي نڪي نفعو پھچائيندا آھن ۽ نڪي اوھان کي نقصان پھچائيندا آھن.

    21:67 – 67. اوھان کي ۽ جنھن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تنھن کي ڌِڪار ھُجي، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟

    21:68 – 68. چيائون ته اُن کي ساڙيو ۽ جيڪڏھن اوھين ڪي ڪرڻ گھرو ٿا ته پنھنجن بُتن جو ڀَلو وٺو.

    21:69 – 69. (پوءِ باھ ۾ وڌائونس) چيوسون ته اي باھ ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ.

    21:70 – 70. ۽ کيس ايذائڻ گھريائون تنھنڪري کين بلڪل ڇيئي وارو ڪيوسون.

    21:71 – 71. ۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون.

    21:72 – 72. ۽ ابراھيم کي اسحاق بخشيوسون، ۽ يعقوب (جو سندس پوٽو ھو) وڌيڪ (بخشيوسون)، ۽ سڀني کي صالح ڪيوسون.

    21:73 – 73. ۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا ۽ انھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھوا.

    21:74 – 74. ۽ لُوط کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون ۽ کيس اھڙي ڳوٺ وارن کان بچايوسون جو مدا ڪم ڪندا ھوا، ڇوته اُھي بڇڙي نافرمان قوم ھوا.

    21:75 – 75. ۽ کيس پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھو صالحن مان ھو.

    21:76 – 76. ۽ (اي پيغمبر) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي اوکائيءَ کان بچايو سون.

    21:77 – 77. ۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون.

    21:78 – 78. ۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون.

    21:79 – 79. تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون.

    21:80 – 80. ۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟

    21:81 – 81. ۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون.

    21:82 – 82. ۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھوا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (به) ڪندا ھوا، ۽ سندن نگھبان ھواسون.

    21:83 – 83. ۽ (اي پيغمبر) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته مون کي ڏُک پھتو آھي ۽ تون (سڀني) کان تمام ٻاجھارو آھين.

    21:84 – 84. پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اُنھن جھڙا ساڻن گڏ پنھنجي ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (ته) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي.

    21:85 – 85. ۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو.

    21:86 – 86. ۽ کين پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھي صالحن مان ھوا.

    21:87 – 87. ۽ مڇي واري (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن ھو (پنھنجي قوم) تي ڪاوڙجي ويو پوءِ (ذوالنون ائين) ڀانيو ته اسان جي مٿس ڪڏھن پڪڙ نه ھلندي پوءِ اونداھين ۾ دانھون ڪيائين ته توکان سواءِ ڪو معبود نه آھي تون پاڪ آھين، آءٌ گنھگارن مان آھيان.

    21:88 – 88. پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس غم کان بچايوسون، ۽ اھڙي طرح مؤمنن کي بچائيندا آھيون.

    21:89 – 89. ۽ زڪريا (جو قصّو ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي ھيڪلو نه ڇڏ ۽ تون چڱو وارث آھين.

    21:90 – 90. پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس يحيىٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ چڱو ڪيوسون، اُھي چڱاين ۾ آڳاٽائي ڪندا ھوا ۽ اسان کي اُميد ۽ ڀؤ ڪري سڏيندا ھوا، ۽ اسان کان ڊڄندڙ ھوا.

    21:91 – 91. ۽ (انھيءَ زال جوقصّو ياد ڪر) جنھن پنھنجي اُگھڙ بچائي پوءِ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيوسون ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني ڪئي سون.

    21:92 – 92. بيشڪ اِھو اوھان جو دين ھڪ دين آھي، ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.

    21:93 – 93. ۽ پنھنجي (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائون، سڀئي مون ڏانھن موٽندڙ آھن.

    21:94 – 94. پوءِ جيڪو چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن به ھوندو تنھنجي ڪوشش جي بي قدري نه ڪبي، ۽ اسين اُن لاءِ لکندڙ آھيون.

    21:95 – 95. ۽ جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي حرام ٿيل آھي ته وري موٽي ايندا اُھي.

    21:96 – 96. تان جو جڏھن يَاجُوج ۽ مَاجُوج کي کولبو ۽ اُھي سڀڪنھن دڙي کان ڊوڙندا.

    21:97 – 97. ۽ (جڏھن) سچو وعدو پھچندو تڏھن اوچتو ئي ڪافرن جو اکيون ٽڙي وينديون، (چوندا ته) ھَيءِ اَرمان بيشڪ ھن (حال) کان بي خبريءَ ۾ ھواسون بلڪ اسين ئي ظالم ھواسون.

    21:98 – 98. اوھين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو سي دوزخ جو ٻارڻ آھيو، اُن ۾ اوھين گھڙندڙ آھيو.

    21:99 – 99. جيڪڏھن اُھي (بُت) معبود ھجن ھا ته اُن (دوزخ) ۾ نه گھڙن ھا، ۽ مڙيئي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    21:100 – 100. منجھس انھن کي رڙيون ھونديون ۽ اُھي منجھس (ڪي) نه ٻڌندا.

    21:101 – 101. جن لاءِ اڳي ئي اسان وٽ چڱائي (لکيل) آھي اُھي اُن (دوزخ) کان پري ڪبا.

    21:102 – 102. (اُھي) اُن جي ڀڻڪ نه ٻڌندا، ۽ جنھن (عيش) ۾ سندن جيءُ (رھڻ) گھرندو تنھن ۾ اُھي سدائين رھندا.

    21:103 – 103. کين تمام وڏو خوف ملول نه ڪندو ۽ کين مَلائڪ گڏبا، (۽ چوندن ته) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.

    21:104 – 104. جنھن ڏينھن آسمان کي ڪاغذ جي ويڙھيءَ وانگي ويڙھينداسون، جئن پھريون بڻايوسون (تئن) ان کي وري بڻائينداسون، اھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون.

    21:105 – 105. ۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون ته منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا.

    21:106 – 106. ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي.

    21:107 – 107. ۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.

    21:108 – 108. چ‍ؤ ته مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نه ٿيندو آھي ته ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ اوھين ڇونه حُڪم مڃيندڙ آھيو؟

    21:109 – 109. پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجھو آھي يا پري آھي.

    21:110 – 110. بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (به) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.

    21:111 – 111. ۽ آءٌ نه ڄاڻندو آھيان ته متان اُھا ٺھرايل (دير) اوھان لاءِ پرک ھجي ۽ ھڪ وقت تائين (اوھان لاءِ) نفعو ھُجي.

    21:112 – 112. (پيغمبر) چيو ته اي منھنجا پالڻھار سچو فيصلو ڪر، ۽ اسان جو پالڻھار ٻاجھارو آھي جيڪي اوھين بيان ڪندو آھي تنھن تي کانئس مدد گھري ويندي آھي.

    ——————————————————————————–
    سورة 22- الحَجّ

    22:1 – 1. اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، ڇوته قيامت وارو ڌڪاءُ وڏي شيء آھي.

    22:2 – 2. جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندؤ (تنھن ڏينھن) سڀڪا کير پياريندڙ جنھن کي کير پياريندي ھوندي تنھن کي (دھشت کان) وساريندي ۽ سڀڪا ڳڀ واري پنھنجي ڳڀ کي ڪيريندي ۽ ماڻھن کي بيھوش ڏسندين حالانڪ اُھي بيھوش نه ھوندا پر الله جو عذاب سخت آھي.

    22:3 – 3. ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۾ بي سمجھيءَ سان تڪرار ڪندو آھي ۽ سڀڪنھن شيطان تڙيل جي پٺيان لڳندو آھي.

    22:4 – 4. اُن (شيطان) تي لازم ڪيو ويو آھي ته جيڪو کيس دوست رکندو تنھن کي بيشڪ اُھو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانھن سڌو رستو ڏيکاريندو.

    22:5 – 5. اي ماڻھؤ جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل ھن لاءِ ته اوھان کي کولي ٻڌايون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳڀيرڻين ۾ ٺھرائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري نپائيندا آھيون ته اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو اڳي مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪميءَ ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي ته ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نه ڄاڻي، ۽ زمين کي غير آباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن تازي ٿيندي ۽ اُڀامندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا اوڀڙ ڄمائيندي آھي.

    22:6 – 6. اِھو (بيان) ھن لاءِ آھي جو الله (جو ئي ھجڻ) حق آھي جو اُھو مُئن کي جياريندو آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    22:7 – 7. ۽ ته قيامت اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي ۽ ته جيڪي قبرن ۾ ھوندا تن کي الله اُٿاريندو.

    22:8 – 8. ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۽ ڄاڻپ ۽ ھدايت ۽ پڌري ڪتاب ڌاران تڪرار ڪندو آھي.

    22:9 – 9. (وڏائيءَ کان) ڪنڌ موڙيندڙ ٿي ھن لاءِ ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان گمراھ ڪري، ان لاءِ دنيا ۾ خواري آھي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس سڙڻ جو عذاب چکائينداسون.

    22:10 – 10. (چئبس ته) اھا سزا انھن ڪمن جي ڪري آھي جو تنھنجي ھٿن اڳي موڪليا آھن ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.

    22:11 – 11. ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي عبادت آسيري پاسيري ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن کيس ڪو نفعو پھچندو آھي ته اُن (عبادت) سان آرامي ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس ڪو ڏک پھچندو آھي ته پنھنجي مُنھن ڀر ڦرندو آھي، دُنيا ۽ آخرت گنوايائين، اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.

    22:12 – 12. (اُھو) الله کانسواءِ اُنھي کي سڏيندو آھي جيڪو کيس نڪي نقصان لائيندو آھي ۽ نڪي کيس نفعو ڏيندو آھي، اِھا ئي وڏي گمراھي آھي.

    22:13 – 13. انھيءَ کي سڏيندو آھي جنھن جو نقصان سندس نفعي کان وڌيڪ ويجھو آھي، بيشڪ (اھڙو) سائين بڇڙو آھي ۽ (اھڙو) ھمراھ (به) بڇڙو آھي.

    22:14 – 14. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

    22:15 – 15. جيڪو ڀائيندو آھي ته الله پيغمبر کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏھن مدد نه ڪندو تنھن کي گھرجي ته آسمان ڏانھن رسيءَ سان چڙھي وري گھرجيس ته ڇني پوءِ نھاري ته اُنھي جي حيلي اُن کي وڃايو (يا نه) جنھن اُن کي ڪاوڙايو.

    22:16 – 16. ۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري نازل ڪيوسون ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي.

    22:17 – 17. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ ۽ مجوسي ۽ مشرڪ آھن تن (سڀني) جي وچ ۾ الله قيامت جي ڏينھن نبيرو ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي.

    22:18 – 18. (اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ ڍور ۽ ماڻھن مان گھڻا الله کي سجدو ڪندا آھن، ۽ گھڻا (ماڻھو) آھن جن تي عذاب لازم ٿيو آھي، ۽ جنھن کي الله خوار ڪري تنھن کي ڪو مانُ ڏيڻ وارو ڪونھي، ڇو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

    22:19 – 19. اِھي ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ ويري آھن پنھنجي پالڻھار بابت تڪرار ڪندڙ آھن، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا ورڇيا ويندا، (۽) سندن مٿن جي مٿان ٽھڪندڙ پاڻي ھاربو.

    22:20 – 20. جيڪي سندن پيٽن ۾ ھوندو سو ۽ کَلون اُن سان ڳاربيون.

    22:21 – 21. ۽ اُنھن جي ڪُٽڻ لاءِ لوھ جا وڏاڻ ھوندا.

    22:22 – 22. جڏھن ڪڏھن منجھانئس ڏک جي ڪري نڪرڻ گھُرندا تڏھن منجھس ورائبا، ۽ (چيو ويندن ته) سڙڻ جو عذاب چکو.

    22:23 – 23. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھنديون منجھن سون جا زيور ۽ موتي پارائبا، ۽ منجھن سندين پوشاڪ پَٽَ جي ھوندي.

    22:24 – 24. ۽ (دُنيا ۾) کين چڱي ڳالھ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويو ھو، ۽ الله ساراھيل جي واٽ ڏانھن رستي لاتا ويا ھوا.

    22:25 – 25. بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ ۽ اُنھي تعظيم واريءَ مسجد کان جھليندا آھن جا ماڻھن لاءِ بڻائي سون جنھن ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا ھڪ جھڙا آھن، ۽ جيڪو منجھس ظلم سان زيادتيءَ جو ارادو ڪندو تنھن کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون.

    22:26 – 26. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم لاءِ بَيۡتُ الله جو ھنڌ مقرّر ڪيوسون، (۽ سمجھايوسون) ته مون سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪر ۽ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ بيھندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک.

    22:27 – 27. ۽ ماڻھن ۾ حج جو پڙھو ڏي ته توڏانھن پيادا ۽ ڏٻرن اُٺن تي چڙھي ايندا جو ڏورين واٽن کان (ھِن لاءِ) ايندا.

    22:28 – 28. ته پنھنجي فائدي جي ھنڌ تي پھچن ۽ ڍورن مان جيڪا روزي کين الله ڏني تنھن تي ڄاڻايلن ڏينھن ۾ (ذبح مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ انھن منجھان (پاڻ به) کائو ۽ عاجز فقير کي به کارايو.

    22:29 – 29. وري ڀلي ته پنھنجي (جسي جي) مَرُّ لاھين ۽ پنھنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ ھن قديم گھر جو طواف ڪن.

    22:30 – 30. اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي عبادت جي رڪنن جو ادب ڪندو تنھن لاءِ اُھو سندن پالڻھار وٽ ڀلو آھي، ۽ جيڪي اوھان کي پڙھي ٻڌائبو تنھن کانسواءِ ٻيا ڍور اوھان تي حلال ڪيا ويا تنھنڪري بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو.

    22:31 – 31. الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ مُقرّر ڪندڙ نه ٿي (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرّر ڪندو سو آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو.

    22:32 – 32. اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي (عبادت جي) نشانين جو اَدب ڪري (۽ بُتن ۽ ڪوڙ کان پاڻ پَلي سو پرھيزگار آھي) ڇوته اِھو (ڪم) دلين جي پرھيزگاريءَ سان آھي.

    22:33 – 33. اوھان لاءِ انھن (ڍورن) ۾ گھڻا نفعا مقرّر مُدت تائين آھن وري قديم گھر ڏانھن (ڪسڻ لاءِ) پھچڻ جو ھنڌ اٿن.

    22:34 – 34. ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جي طرح ھن لاءِ مقرر ڪئي سون ته کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوھان جو معبود ھڪ خُدا آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ انھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.

    22:35 – 35. جن جون دليون جڏھن الله کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) ٿَڙڪنديون آھن ۽ (پڻ انھن ماڻھن کي جو) جيڪي مٿانِ آيو تنھن تي صبر ڪندڙ آھن ۽ نماز پڙھندڙ آھن ۽ کين جيڪا روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.

    22:36 – 36. ۽ قربانيءَ وارن اُٺن کي اوھان لاءِ الله جي عبادت جي نشانين مان ڪيوسون منجھس اوھان لاءِ ڀلائي آھي، پوءِ قطاري مٿن الله جو نالو ياد ڪريو (يعني ذبح ڪريو)، پوءِ جڏھن اُھي پاسي ڀر ليٽن تڏھن منجھائن کائو ۽ (فقيرن) نه سوال ڪندڙ ۽ سوال ڪندڙ کي کارايو، اھڙي طرح اوھان کي اُھي تابع ڪري ڏناسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

    22:37 – 37. نڪي اُنھن (قربانين) جو گوشت ۽ نڪي اُنھن جو رتُ الله کي پھچندو آھي پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي، اھڙي طرح ھو اوھان کي تابع ڪري ڏنائين ته اوھين الله جي وڏائي (ھن شڪراني سببان) بيان ڪريو جو اوھان کي ھدايت ڪيائين، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏي.

    22:38 – 38. بيشڪ الله مؤمنن کان (سندن ويري) ٽاريندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن خيانت ڪندڙ بي شڪر کي دوست نه رکندو آھي.

    22:39 – 39. جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.

    22:40 – 40. جن کي پنھنجن ديسن مان ناحق لوڌيو ويو تن (ھن) چوڻ کانسواءِ (ٻيو) نه چيو ته اسانجو پالڻھار الله آھي، ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نه ٽاري ھا ته (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪليسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو ته الله ضرور ڏاڍو ۽ غالب آھي.

    22:41 – 41. انھن ماڻھن کي جو جيڪڏھن کين زمين ۾ غلبو ڏينداسون ته نماز پڙھندا ۽ زڪوٰة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ مدن ڪمن کان منع ڪندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله لاءِ آھي.

    22:42 – 42. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ٿا ته بيشڪ کائن اڳ نوح جي قوم ۽ عادين ثمودين (پيغمبرن کي) ڪوڙ ڄاتو ھو.

    22:43 – 43. ۽ ابراھيم جي قوم ۽ لُوط جي قوم (به).

    22:44 – 44. ۽ مَدۡيَن وارن (به پنھنجي پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو)، ۽ مُوسىٰ کي (به) ڪوڙو ڄاتو ويو پوءِ انھن ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي (نه سخت) ھُئي.

    22:45 – 45. پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي ناس ڪيوسون ۽ اُھي ظالم ھوا پوءِ اُھي پنھنجي ڇتن سميت ڊٺل آھن، ۽ گھڻا کُوھ اُجڙيل ۽ گھڻيون بلند ماڙيون سُڃيون پيون آھن.

    22:46 – 46. پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن.

    22:47 – 47. ۽ (اي پيغمبر) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نه ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھ جي برابر آھي.

    22:48 – 48. ۽ گھڻا ڳوٺ آھن جن کي مُھلت ڏنم ۽ اُھي ظالم ھوا وري کين پڪڙيم، ۽ مون ڏانھن موٽڻ آھي.

    22:49 – 49. (اي پيغمبر) چؤ ته اي ماڻھؤ آءٌ اوھان کي رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    22:50 – 50. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

    22:51 – 51. ۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن.

    22:52 – 52. ۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ نه ڪوئي پيغمبر ۽ نه ڪوئي نبي موڪليوسون پر جڏھن ڪا (انساني) آرزو ڪيائين تڏھن شيطان سندن آرزوءِ ۾ (حرڪت) وجھڻ لڳو، پوءِ جيڪو شيطان وڌو سو الله مٽائيندو رھيو وري الله پنھنجين آيتن کي مُحڪم ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    22:53 – 53. ھن لاءِ ته شيطان جيڪا حرڪت وڌي تنھن سان انھن کي ڌار ڪري پرکي جن جي دلين ۾ بيماري آھي ۽ سندين دليون سخت آھن، ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽي ۾ آھن.

    22:54 – 54. ۽ ته جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ته اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي پوءِ اُن تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون الله لاءِ عاجزي ڪن، ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سڌي واٽ ڏانھن ضرور سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

    22:55 – 55. ۽ ڪافر اُنھيءَ (وحي) کان (ايسين) سدائين شڪ ۾ ھوندا جيسين اوچتو وٽن قيامت پھچي يا ندوري ڏينھن جو عذاب وٽن پھچي.

    22:56 – 56. اُنھيءَ ڏينھن الله جي بادشاھي آھي، (اُھو) سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.

    22:57 – 57. ۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو سي اُھي آھن جن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آھي.

    22:58 – 58. ۽ جن الله جي واٽ ۾ ديس ڇڏيو وري ڪُسجي ويا يا مُئا تن کي الله چڱو رِزق ڏيندو، ۽ الله چڱو روزي ڏيندڙ آھي.

    22:59 – 59. جو ھنڌ ھنن کي وڻندو تنھن ۾ ضرور کين داخل ڪندو، ۽ بيشڪ الله ضرور ڄاڻندڙ بُردبار آھي.

    22:60 – 60. اِھو (حڪم) آھي، ۽ جيڪو جيترو ايذايو ويو اوترو ايذائي وري مٿس زيادتي ڪئي وڃي ته اُن (ايذايل) کي الله مدد ڏيندو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

    22:61 – 61. اِھا (مدد) ھن سببان آھي ته الله رات کي ڏينھن ۾ وجھندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ وجھندو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

    22:62 – 62. اِھا (مدد) ھن ڪري آھي ته الله پاڻ برحق آھي ۽ الله کانسواءِ جنھن کي سڏيندا آھن سو ڪوڙو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ئي مٿاھون وڏو آھي.

    22:63 – 63. (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن مان (مينھن جو) پاڻي وسايو، پوءِ زمين ساول واري ٿيندي آھي، ڇوته الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.

    22:64 – 64. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ضروربي پرواھ ساراھيل آھي.

    22:65 – 65. (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نوايو آھي ۽ ٻيڙيون درياءَ ۾ سندس حُڪم سان تَرنديون آھن، ۽ آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جھليندو آھي پر (جي ڪيرائيس ته) سندس اختيار آھي، بيشڪ الله ماڻھن تي بخشڻھار مھربان آھي.

    22:66 – 66. ۽ اُھوئي آھي جنھن اوھان کي جياريو، وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، بيشڪ ماڻھو بي شڪر آھي.

    22:67 – 67. سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ جڳائين ته ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.

    22:68 – 68. ۽ جيڪڏھن توسان جھڳڙو ڪن ته چؤ جيڪي ڪندا آھيو تنھنکي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.

    22:69 – 69. جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھن بابت قيامت جي ڏينھن الله اوھان جي وچ ۾ نبيرو ڪندو.

    22:70 – 70. (اي پيغمبر) معلوم نه اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي؟ بيشڪ اِھا (ڳالھ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آھي، بيشڪ اُھو الله کي سولو آھي.

    22:71 – 71. ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ اُنھيءَ کي پوڄيندا آھن جنھن لاءِ ڪا سند نه لاٿي اٿس ۽ (پڻ) انھيءَ کي (پوڄيندا آھن) جنھن جي کين ڪا خبر نه آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونه آھي.

    22:72 – 72. ۽ جڏھن اسان جيون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن ڪافرن جي منھن ۾ ناراضپو معلوم ڪندو آھين، جيڪي مٿن اسان جون آيتون پڙھندا آھن تن تي ڪاھي پوڻ لاءِ ويجھا ٿيندا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته ھن کان وڌيڪ بڇڙي ڳالھ جي سُڌ اوھان کي ڏيان ڇا؟ (اُھا) باھ آھي جنھن جو الله ڪافرن کي انجام ڏنو آھي، اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.

    22:73 – 73. اي ماڻھؤ ھڪ مثال بيان ڪجي ٿو اُھو اوھين ٻڌو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي ڪا مَک پيدا نه ڪندا آھن توڻيڪ اُن (جي بڻائڻ) لاءِ گھڻا گڏ ٿين، ۽ جيڪڏھن مَک کانئن ڪا شيء وٺي ته اُھا کانئس ڇڏائي نه سگھندا، طالب ۽ مطلوب (پوڄارا ۽ بت ٻئي) ھيڻا آھن.

    22:74 – 74. جھڙو الله جو قدر آھي (تھڙو) سندس قدر بجاءِ نه آندائون، بيشڪ الله ڏاڍو غالب آھي.

    22:75 – 75. الله ملائڪن ۽ ماڻھن مان پيغام پھچائڻ وارا چونڊيندو آھي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

    22:76 – 76. جيڪي سندن اڳيان ۽ سندن پويان آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.

    22:77 – 77. اي ايمان وارؤ رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

    22:78 – 78. ۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي پسند ڪيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم جو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي ته پيغمبر (ﷴ رسُول ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي.

    ———–