islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ستون سیپارو

    ستون سیپارو

    Rate this post

    5:83 – 83. ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار ايمان آندوسين تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک.

    5:84 – 84. ۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي به نه مڃيون جو اُميد ٿا رکون ته اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) گھيريندو.

    5:85 – 85. پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي.

    5:86 – 86. ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.

    5:87 – 87. اي ايمان وارؤ جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نه بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، بيشڪ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

    5:88 – 88. ۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي مڃيندڙ آھيو.

    5:89 – 89. الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ ان جي ڪفارت وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھون آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نه لھي ته ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو ( ۽ ڀڃو تڏھن) اِھا ڪفارت اوھان جي قسمن جي آھي، ۽ پنھنجي قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

    5:90 – 90. اي ايمان وارؤ شراب ۽ جؤا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته مانَ ڇٽو.

    5:91 – 91. شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟

    5:92 – 92. ۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو، پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته (پڪ) ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.

    5:93 – 93. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناہ نه آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.

    5:94 – 94. اي ايمان وارؤ الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو ته الله نکيڙي ته ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    5:95 – 95. اي ايمان وارؤ اوھين احرام (جي حالت) ۾ شڪار نه ڪريو، ۽ اوھان مان جنھن ڄاڻي واڻي ان کي ماريو پوءِ جيڪي ماريو اٿس تنھن جھڙو جانور جنھن لاءِ اوھان مان ٻه معتبر حُڪم ڪن سزا لازم آھي اھا قرباني ڪعبي وٽ پھچڻي آھي يا (سزا) مسڪينن جو کاڌو ڪفارت آھي يا ان جي برابر روزا رکي ھن لاءِ ته پنھنجي ڪم جي سزا چکي، جيڪي اڳي گذريو سو اَلله معاف ڪيو، ۽ جنھن موٽي ڪيو تنھن کان الله بدلو وٺندو، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.

    5:96 – 96. درياءَ جو شڪار اوھان لاءِ حلال ڪيو ويو ۽ ان جو کائڻ اوھان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ نفعي وارو آھي، ۽ جھنگ جو شڪار جيستائين اوھين احرام وارا ھجو تيستائين اوھان تي حرام ڪيو ويو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.

    5:97 – 97. الله تعظيم واري گھر ڪعبه تعظيم واري مھيني ۽ (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قرباني ۽ قلائد کي ماڻھن لاءِ بيھڪ جو سبب ڪيو، اِھو (ھن لاءِ) ته اوھين ڄاڻو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    5:98 – 98. ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي ۽ (ھيءبه ته) الله بخشڻھار مھربان آھي.

    5:99 – 99. پيغمبر تي رڳو پيغام پھچائڻ آھي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو (سو سڀ) الله ڄاڻندو آھي.

    5:100 – 100. (اي پيغمبر) چؤ ته پليت ۽ پاڪ برابر نه آھن جيتوڻيڪ پليت جي گھڻائي توکي زيادہ وڻي، پوءِ اي ڌيان وارؤ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.

    5:101 – 101. اي ايمان وارؤ انھن شين بابت سوال نه ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي ته اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو ته اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي.

    5:102 – 102. بيشڪ ھڪ قوم اوھان کان اڳ اھڙين (ڳالھين) جو سوال ڪيو ھو (پر) سمجھائڻ تي وري اُن جا ڦري مُنڪر ٿيا.

    5:103 – 103. الله نڪي بحيرہ ۽ نڪي سائبہ ۽ نڪي وصيلہ ۽ نڪي حام مُقرّر ڪيو آھي پر ڪافر الله تي ڪوڙ ٻڌندا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا نٿا سمجھن.

    5:104 – 104. ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو (تڏھن) چوندا آھن ته جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي (ھلندو) ڏٺوسون سو اسان کي بس آھي، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ نه ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي ھدايت وارا ھئا.

    5:105 – 105. اي مؤمنؤ اوھين پنھنجن نفسن جي ڪريو، جڏھن اوھين ھدايت وارا ٿيؤ تڏھن اُھو اوھان کي ضرر نه رسائيندو جيڪو ڀُلو، الله ڏانھن اوھان مڙني جو موٽڻ آھي پوءِ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

    5:106 – 106. اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان مان ڪنھن کي موت ويجھو ٿئي ته وصيّت ڪرڻ مھل ٻه معتبر وصّي ڪريو جي اوھان (مسلمانن) مان ھجن يا اوھان کانسواءِ ٻيا (يعني غيرقوم جا) ھجن (ھي تڏھن) جيڪڏھن اوھين مُلڪ ۾ مسافر ھجو پوءِ اوھان کي موت جو واقعو پُھچي، جيڪڏھن (اوھين سندن گواھي ڏيڻ ۾ ڪو) شڪ رکو ٿا ته (وچينءَ) نماز کانپوءِ اوھين ٻنھي کي جھليو پوءِ اُھي (ٻئي) الله جو قسم کڻي چون ته توڻيڪ مائٽ ھوندا ته به اسين قسم جي عوض ڪا بھا نه وٺنداسون ۽ نڪي الله جي (حڪم واري) شاھدي لڪائينداسون (جي لڪائي سون) ته اُتي جو اُتي ضرور گنھگارن مان ٿينداسون.

    5:107 – 107. پوءِ جيڪڏھن معلوم ٿئي ته اُھي ٻئي گنھگار ٿيا ته جن جي مال تي ٻئي حق رکيو آھي تن جي ويجھي مائٽي وارن مان ٻيا ٻه ڄڻا انھن جي بجاءِ کڙا ٿين پوءِ الله جو قسم کڻي چون ته ٻنھي جي شاھديءَ کان اسان جي شاھدي ڏاڍي سچي آھي ۽ حد کان نه لنگھنداسون، نه ته اتي جو اتي ضرور ظالمن مان ٿينداسون.

    5:108 – 108. اِھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي ته اُھي (وصّي ماڻھو) سچي ڳالھه جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    5:109 – 109. (ياد ڪر) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو ته اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو، چوندا ته اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نه آھي، ڇوته تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين.

    5:110 – 110. جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.

    5:111 – 111. ۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم ته مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون ته ايمان آندوسون ۽ (اي عيسى) شاھد ھج ته اسان مسلمان آھيون.

    5:112 – 112. (ياد ڪر) جڏھن حوارين چيو ته اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ (عيسى) چيو ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.

    5:113 – 113. چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا ته منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون ته اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون.

    5:114 – 114. (تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين.

    5:115 – 115. الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس.

    5:116 – 116. ۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين.

    5:117 – 117. جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين.

    5:118 – 118. جيڪڏھن کين عذاب ڪرين ته اُھي تنھنجا ٻانھا آھن، جيڪڏھن کين بخشين ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.

    5:119 – 119. الله فرمائيندو ته ھي اُھو ڏينھن آھي جو سچن کي سندين سچائي فائدو ڏيندي، اُنھن لاءِ (اُھي) بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس اصلي سداءِ رھڻ وارا آھن، الله کانئن راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن، اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    5:120 – 120. آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي منجھن آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    ——————————————————————————–
    سورة 6- الأنعَام

    6:1 – 1. سڀ ساراہ (خاص) انھيءَ الله کي جڳائي جنھن آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (به) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن.

    6:2 – 2. اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مُدّت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مُدّت وٽس مُقرّر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو.

    6:3 – 3. ۽ اھوئي الله آسمانن ۽ زمين ۾ (سڀڪنھن جو معبود) آھي، اوھان جو ڳجھ ۽ اوھان جو پڌرو ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سوبه ڄاڻندو آھي.

    6:4 – 4. سندن پالڻھار جي آيتن مان ڪا آيت وٽن نه ايندي آھي پر کانئس منھن موڙيندا آھن.

    6:5 – 5. پوءِ بيشڪ سچ (يعني قرآن) کي جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) ڪوڙ ڀانيائون، پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت چٿر ڪندا آھن تنھنجي (سزا جون) خبرون وٽن سگھو پھچنديون.

    6:6 – 6. (ڪافر) نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته کانئن اڳي ڪيترا طبقا ناس ڪياسون جن کي زمين ۾ اھڙي قدرت ڏني ھئي سون جو اوھان کي به نه ڏني اٿئون ۽ مٿن آسمانن مينھن ساندہ وساياسون، ۽ سندن ھيٺان واھيون وھندڙ ڪيون سون پوءِ انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ سندن پوئتان ٻـين قومن کي پيدا ڪيوسون.

    6:7 – 7. ۽ جيڪڏھن توتي ڪاغذن ۾ (لکيل) ڪتاب (قرآن) نازل ڪريون ھا پوءِ اُھي پنھنجا ھٿ کيس لائين ھا ته جيڪي ڪافر آھن سي ضرور چون ھا ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.

    6:8 – 8. ۽ چون ٿا ته مٿس مَلڪ ڇونه لاٿو ويو؟ ۽ جيڪڏھن اسين مَلڪ نازل ڪريون ھا ته ضرور ڪم پورو ٿي وڃي ھا (يعني مري وڃن ھا) وري کين مُھلت (مور) نه ڏجي ھا.

    6:9 – 9. ۽ جيڪڏھن کيس مَلڪ ڪريون ھا ته ضرور کيس مڙس (جي شڪل ۾) بڻايون ھا ۽ جھڙو شبہ (ھاڻي) ڪندا آھن تھڙو شبہ مٿن قائم رکون ھا.

    6:10 – 10. ۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن سان (به) چٿر ڪئي ويئي (آھي) پوءِ منجھانئن جن چٿرون ڪيون تن تي جنھن (ڳالھ) تي چٿر ڪندا ھئا تنھن (جي سزا اچي) گھيرو ڪيو.

    6:11 – 11. (اي پيغمبر کين) چؤ ته ملڪ ۾ گھمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

    6:12 – 12. (اي پيغمبر کانئن) پُڇا ڪر ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو ڪنھنجو آھي؟ چؤ ته الله جو آھي، جنھن (ٻانِھن تي) ٻاجھه (ڪرڻ) پاڻ تي لازم ڪئي آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ شڪ نه آھي ضرور اوھان کي گڏ ڪندو، جنھن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ڪڏھن ايمان نه آڻيندا.

    6:13 – 13. ۽ جيڪو رات ۽ ڏينھن ۾ رھندو آھي، سو ان جي مِلڪ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    6:14 – 14. (اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي سنڀاليندڙ ڪري ڇو وٺان؟ ۽ اُھو (سڀني کي) روزي ڏيندو آھي ۽ کيس روزي ڪونه ڏيندو آھي، چؤ ته مون کي حُڪم ڏنو ويو ته پھريون مسلمان آءٌ ھجان ۽ (فرمايو ويو ته) تون مشرڪن مان مُور نه ھج.

    6:15 – 15. چؤ ته جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو چيو نه مڃيان ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

    6:16 – 16. اُن ڏينھن جنھن (ماڻھو) کان (عذاب) ٽاريو ويندو تنھن تي بيشڪ الله ٻاجھ ڪئي، ۽ اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.

    6:17 – 17. ۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    6:18 – 18. ۽ اُھو ٻانھن تي غالب آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.

    6:19 – 19. پُڇا ڪر ته شاھديءَ ۾ ڪير وڏو آھي، چؤ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله ئي گواہ آھي، ۽ مون ڏانھن ھيءُ قرآن ھن لاءِ وحي ڪيو ويو آھي ته اُن سان اوھان کي ۽ جن جن کي (ھيءُ قرآن) پھچي (تن سڀني کي) ڊيڄاريان، (ھيءَ ڳالھ) اوھين ثابت ڪري سگھندؤ ڇا؟ ته الله ساڻ ٻيا (به) عبادت جا لائق آھن، چؤ ته آءٌ (اھڙي باطل ڪم جي) شاھدي نٿو ڏيان، (بلڪ سچي ڳالھ جي ثابتيءَ لاءِ) چؤ ته ھڪ الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق ڪونھي ۽ جنکي اوھين شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.

    6:20 – 20. جن کي ڪتاب ڏنوسين سي اُن (پيغمبر) کي اھڙيءَ طرح سڃاڻندا آھن جھڙيءَ طرح پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، جن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا.

    6:21 – 21. ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نه آھي ته ظالم نه ڇٽندا.

    6:22 – 22. ۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جنھن ڏينھن اُھي مڙئي گڏ ڪنداسين وري مشرڪن کي چونداسين ته اوھان جا اُھي شريڪ جن کي اوھين (الله جو شريڪ) ڀائيندا ھيؤ ڪٿي آھن؟

    6:23 – 23. وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نه رھندو ته پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اٿئون ته اسين شريڪ ڪندڙ نه ھئاسون.

    6:24 – 24. (اي پيغمبر) ڏس ته پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ڀڄي ويا.

    6:25 – 25. ۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو تو ڏانھن (قرآن ٻڌڻ لاءِ) ڪَن ڏيندو آھي، ۽ سندين دلين تي ان جي سمجھڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي ڪئي اٿئون، ۽ جيڪڏھن سڀ مُعجزا ڏسندا ته (به) کين نه مڃيندا، تان جو جنھن مھل توسان جھڳڙو ڪندڙ ٿي تو وٽ ايندا (تنھن مھل) ڪافر چوندا ته ھيءُ اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي.

    6:26 – 26. ۽ اُھي اُن (جي ٻڌڻ) کان (ٻـين کي) جھليندا آھن ۽ (پاڻ به) کانئن پري ڀڄندا آھن، ۽ پاڻ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کي) ھلاڪ نه ٿا ڪن ۽ نه ڄاڻندا آھن.

    6:27 – 27. ۽ جڏھن (اُھي) باہ تي بيھاربا تڏھن جيڪر کين ڏسين (ته عجب ڪرين) پوءِ چوندا اسان کي ارمان آھي (جيڪر دنيا ۾) موٽايا وڃون ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڀانيون ۽ مؤمنن مان ٿيون.

    6:28 – 28. (نه!) بلڪ ھن کان اڳ جيڪي (ڪفر ۽ گناہ) لڪائيندا ھئا سي (اڄ) کين پڌرا نظر آيا، ۽ جيڪڏھن (دُنيا ڏانھن) موٽايا وڃن ته جنھن (ڪم) کان جھليا ويا سوئي وري ڪرڻ لڳندا ۽ بيشڪ اُھي ضرور ڪوڙا آھن.

    6:29 – 29. ۽ چون ٿا ته ھن دُنيا جي حياتي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه آھي ۽ اسين (مرڻ کانپوءِ وري) اُٿڻ وارا نه آھيون.

    6:30 – 30. ۽ جنھن مھل پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھاربا (تنھن مھل) جيڪڏھن کين ڏسين (ته عجب ڪرين،الله) چوندو ته ھي (وري جيئرو ٿيڻ) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو اسانکي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي (ته سچ آھي، الله) چوندو ته جيڪي اوھين ڪفر ڪندا ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.

    6:31 – 31. جن الله جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، ايتري قدر جڏھن اوچتو انھن تي قيامت ايندي (تڏھن) چوڻ لڳندا ته اسان اُن (قيامت) بابت جيڪا ڪوتاھي ڪئي تنھن تي اسان کي افسوس آھي ۽ اُھي پنھنجو بار پنھنجي پٺين تي کڻندا، خبردار جيڪي کڻندا سو بڇڙو آھي.

    6:32 – 32. ۽ دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ چرچو آھي، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن تن لاءِ آخرت جي جاءِ ڀلي آھي، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟

    6:33 – 33. بيشڪ ڄاڻون ٿا ته جيڪي (اُھي) چوندا آھن سو توکي ضرور غمگين ڪندو پوءِ اُھي نه (رڳو) توکي ڪوڙو چوندا آھن پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آھن.

    6:34 – 34. ۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻا) پيغمبر ڪوڙا سمجھيا ويا ھئا پوءِ پنھنجي ڪوڙي ڀائنجڻ ۽ پنھنجي ڏکوئجڻ تي ايسين صبر ڪندا رھيا جيسين کين اسان جي مدد پُھتي، ۽ الله جي ڳالھين (يعني انجامن) کي (ڪوبه) ڦيريندو نه آھي، ۽ بيشڪ تو وٽ پيغمبرن جي ڪُجھ خبر آئي آھي.

    6:35 – 35. ۽ جيڪڏھن سندن منھن موڙڻ توکي ڏکيو لڳي ٿو ته جيڪڏھن زمين ۾ ڪا سُرنگ ھڻي سگھين يا آسمان تي ڪا ڏاڪڻ ٺاھي سگھين يا وٽن ڪو معجزو آڻين ته آڻي انھن کي ڏيکار، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته مڙني کي ھدايت تي گڏ ڪري ھا پوءِ اڻ ڄاڻن مان نه ھُج.

    6:36 – 36. جيڪي (حق طلبيندڙ ٿي حق ڳالھ کي) ٻڌندا آھن سي ئي (اسلام جي دعوت) قبول ڪندا آھن (اُنھن کي الله ھدايت ڪندو آھي)، ۽ مئلن (يعني ڪافرن) کي الله قيامت جي ڏينھن کڙو ڪندو وري ڏانھس موٽايا ويندا.

    6:37 – 37. ۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار وٽان اُن (پيغمبر) تي ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي؟ (اي پيغمبر) کين چؤ ته الله نشاني جي لاھڻ تي وس وارو آھي پر منجھانئن گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.

    6:38 – 38. ۽ نڪو زمين ۾ ڪوئي چرندڙ آھي ۽ نڪو پکي آھي جو پنھنجين کنڀڙاٽين سان اُڏامي ٿو پر اوھان جھڙيون ئي ٽوليون آھن، (سڀ) ڪا شيء ڪتاب (يعني لَوح مَحفُوظ) ۾ لکڻ کانسواءِ نه ڇڏي سون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن گڏ ڪيون وينديون.

    6:39 – 39. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي.

    6:40 – 40. (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) ڏسو جيڪڏھن الله جو عذاب اوھان کي پُھچي يا قيامت اوھان وٽ اچي ته جيڪڏھن اوھان سچا آھيو ته الله کانسواءِ ڪنھن کي سڏيندؤ؟

    6:41 – 41. (نه!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا پوءِ جيڪڏھن گھري ته جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو.

    6:42 – 42. ۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻين) اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ (اُنھن جي بي فرمانيءَ سبب) کين اسان سختي ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مانَ اُھي زاري ڪن.

    6:43 – 43. پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب وٽن پُھتو ٿي (تنھن مھل) ڇونه ٿي زاري ڪيائون؟ پر سندن دليون سخت ٿي ويون ھيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا ھئا سي شيطان انھن لاءِ سينگاريا.

    6:44 – 44. پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شيء جا دروازا کولياسون، ايتريقدر جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (ته) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نا اُميد ٿيا.

    6:45 – 45. پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي، ۽ سڀ ساراہ الله جھانن جي پالڻھار کي جڳائي.

    6:46 – 46. (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏسو ته جيڪڏھن الله اوھان جا ڪن ۽ اوھان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوھان جي دلين تي مُھر ھڻي ته انھيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خُدا اوھان کي اُھو ڏيندو؟ ڏس ته ڪھڙا دليل بيان ڪريون ٿا وري به اُھي پاسو ڪندا آھن.

    6:47 – 47. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين خبر ڏيو ته جيڪڏھن الله جو عذاب اوچتو يا پڌرو اوھان کي پُھچي ته ظالم قوم کانسواءِ (ٻيو ڪو) ھلاڪ ٿيندو ڇا؟

    6:48 – 48. ۽ پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ئي ڪري موڪليوسون، پوءِ جن مڃيو ۽ پاڻ سڌاريو تن کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    6:49 – 49. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي انھيءَ سببان جو بدڪاري ڪندا ھئا عذاب پھچندو.

    6:50 – 50. (اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو.

    6:51 – 51. ۽ (اي پيغمبر) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ انھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.

    6:52 – 52. ۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نه تَڙ، توتي سندن ڪجھ به حساب نه آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ به حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (جي کين تڙيندين) ته نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿيندين.

    6:53 – 53. ۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون ته چون ته ھيءَ ٽولي اُھا آھي ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي، الله شڪر ڪندڙن کي نه ڄاڻندو آھي ڇا؟

    6:54 – 54. ۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن ته (انھن کي) چؤ ته اَلسَّلاَمُ عَلَيۡڪُمۡ اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي ته اوھان مان جيڪو بي علمي سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ سُڌريو ته اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي.

    6:55 – 55. ۽ اھڙي طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (ته عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) ته گنھگارن جو رستو (ماڻھن کي) پڌرو ٿئي.

    6:56 – 56. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چؤ ته آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) بيشڪ اُنھي مھل گمراہ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نه ھوندس.

    6:57 – 57. چؤ ته آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حُجّت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شيء جي اٻھر ڪندا آھيو سا مون وٽ نه آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نه آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آھي.

    6:58 – 58. چؤ ته جنھن جي اٻھر ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا ته منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    6:59 – 59. ۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪوبه) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (به اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نه ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شيء پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي.

    6:60 – 60. ۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

    6:61 – 61. ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، ته جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت اچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) ان کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نه ڪندا آھن.

    6:62 – 62. وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي.

    6:63 – 63. (اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ ( ۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.

    6:64 – 64. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي ان کان ۽ سڀڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري به اوھين (ان سان) شرڪ ڪندا آھيو.

    6:65 – 65. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وس وارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائي (جو مزو) چکائي، ڏس ته اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون ته مانَ اُھي سمجھن.

    6:66 – 66. ۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.

    6:67 – 67. ( ۽ ) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.

    6:68 – 68. ۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين ته کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻيءَ ڪنھن ڳالھه ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان توکي وسارائي ته ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نه ويھ.

    6:69 – 69. ۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ به (ڇڪ تاڻ) نه آھي پر (انھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي مانَ اُھي ڊڄن.

    6:70 – 70. ۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.

    6:71 – 71. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ ( ۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.

    6:72 – 72. ۽ (ھيءُ به حڪم ڏنو ويو آھي) ته نماز پڙھو ۽ کانئس ڊڄو، ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڏانھن اُٿاريا ويندؤ.

    6:73 – 73. ۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو ته ٿيءُ ته ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي.

    6:74 – 74. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته بُتن کي خدا ڪري ڇوٿا وٺو؟ بيشڪ آءٌ توکي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراھيءَ ۾ ڏسان ٿو.

    6:75 – 75. ۽ اھڙي طرح ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون ٿي (ھِن لاءِ) ته (اُھو) يقين ڪندڙن مان ٿيئي.

    6:76 – 76. پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (ته آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته لھندڙن کي پيارو نه ٿو رکان.

    6:77 – 77. پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نه ڪندو ته آءٌ ضرور گمراہ قوم مان ٿيندس.

    6:78 – 78. پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (ته) چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھي وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين اي منھنجي قوم جن کي اوھين خُدا سان شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.

    6:79 – 79. مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي انھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نه آھيان.

    6:80 – 80. ۽ سندس قوم ساڻس تڪرار ڪيو، چيائين ته اوھين الله بابت مون سان ھن حالت ۾ ڇوٿا تڪرار ڪيو جو بيشڪ مونکي سڌي رستي لاتو اٿس جنھن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪين ڊڄندس پر منھنجي پالڻھار جو ڪجھ (ڪرڻ) گھريو (سو ٿيڻو آھي)، سڀڪا شيء منھنجي پالڻھار جي عِلم ۾ سمائي آھي، پوءِ اوھين ڇونه نصيحت مڃيندا آھيو.

    6:81 – 81. ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪئن ڊڄندس ۽ (اوھين) ھن کان نه ٿا ڊڄو اوھين الله ساڻ اھو شريڪ ڪندا آھيو جنھن جي اوھان وٽ ڪا حُجّت لاٿل نه آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو (ته ٻڌايو ته) ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي امن جي وڌيڪ حقدار آھي؟

    6:82 – 82. جن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ڪفر سان نه وچڙايو اُنھن لاءِ امن آھي ۽ اُھي ھدايت وارا آھن.

    6:83 – 83. ۽ ھي اسان جو دليل آھي جو ابراھيم کي سندس قوم تي (مقابلي لاءِ) ڏنوسون، جنھن کي گھرندا آھيون تنھنکي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

    6:84 – 84. ۽ ابراھيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسون، سڀني کي ھدايت ڪئي سون، ۽ اُن کان اڳ نُوح کي ھدايت ڪئي سون ۽ سندس اولاد مان داؤد کي ۽ سُلَيمان ۽ اَيُّوب ۽ يُوسف ۽ مُوسىٰ ۽ ھارُون کي (ھدايت ڪئي سون)، ۽ اھڙي طرح اسين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.

    6:85 – 85. ۽ ذڪريّا ۽ يَحۡيىٰ ۽ عيسىٰ ۽ الياس کي به، جو ھر ھڪ ڀلارن مان ھو.

    6:86 – 86. ۽ اسماعيل ۽ يَسَعَ ۽ يُونس ۽ لُوط کي به، ۽ سڀني کي جڳ (جي رھندڙن) کان ڀلائي ڏني سون.

    6:87 – 87. ۽ سندن پين ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به، ۽ کين چونڊيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون.

    6:88 – 88. اھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي ان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا ته جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا.

    6:89 – 89. اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.

    6:90 – 90. اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر، چؤ ته اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھانن لاءِ نصيحت آھي.

    6:91 – 91. ۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.

    6:92 – 92. ۽ ھي ڪتاب آھي جو ان کي برڪت وارو جيڪي اُن کان اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ لاٿوسون ھن لاءِ ته (تون) مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين، ۽ جيڪي آخرت کي مڃيندا آھن سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن ۽ اُھي پنھنجي نمازن جي سنڀال ڪندا آھن.

    6:93 – 93. ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، ( ۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.

    6:94 – 94. ۽ بيشڪ اسان وٽ (ائين) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوءِ تان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نه ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا.

    6:95 – 95. الله ٻج ۽ ڪڪڙيءَ کي ڦٽائيندڙ آھي، مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مُئو ڪڍندڙ آھي، اُھو (ئي) الله آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڀلايا ويندا آھيو.

    6:96 – 96. پرھ کي ڦٽائيندڙ آھي، ۽ رات کي آرام ۽ سج ۽ چنڊ کي (وقتن جي) حساب لاءِ (پيدا) ڪيائين، اھو اندازو (الله) غالب ڄاڻندڙ ٺاھيو آھي.

    6:97 – 97. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن تارن کي اوھان لاءِ ھن ڪري (پيدا) ڪيو ته پٽن ۽ دريائن جي اونداھين ۾ واٽون لھو، بيشڪ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.

    6:98 – 98. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھِڪ جِيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (اوھان لاءِ) ٽڪڻ جو ھنڌ ۽ سانڀڻ جي جاءِ ڪيائين، بيشڪ سمجھندڙ ٽولي لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.

    6:99 – 99. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ھر شي جا اوڀڙ ڄماياسون پوءِ اُن مان ساوڪ کي ڪڍيوسون پوءِ منجھانئس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا، ۽ کجيءَ جي چپڙن مان گوشا لڙڪيل ۽ ڊاکن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ ٻئي جھڙا ۽ ڌار ڌار (پيدا ڪياسون)، جڏھن ڦرجن ته سندن ڦر ۽ ان جي پچڻ ڏانھن نھاريو، ڇوته اُن ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضروري نشانيون آھن.

    6:100 – 100. ۽ (ڪافرن) جنن کي الله سان شريڪ بڻايو آھي ھن ھوندي جو کين (الله) خلقيو آھي ۽ اُن لاءِ بي علميءَ سان پُٽ ۽ ڌيئرون ٺاھيون اٿن، اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.

    6:101 – 101. آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، انھيءَ کي اولاد جو احتياج ڪئن ٿيندو؟ ۽ اُن کي زال (جو احتياج) نه آھي، ۽ سڀڪا شي (پاڻ) خلقيائين، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي ڄاڻندڙ آھي.

    6:102 – 102. اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سڀڪنھن شي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي سنڀاليندڙ آھي.

    6:103 – 103. (دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.

    6:104 – 104. بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفع) ڪمايو، ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي ان جو نقصان آھي، ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.

    6:105 – 105. ۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان چون ته تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ ته ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا.

    6:106 – 106. (اي پيغمبر) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪيو ويو آھي تنھنجي تابعداري ڪر، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.

    6:107 – 107. ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته شرڪ نه ڪن ھا، ۽ توکي مٿن نگھبان نه ڪيو اٿئون، ۽ نڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين.

    6:108 – 108. (اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.

    6:109 – 109. ۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟

    6:110 – 110. ۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جئن ان کي پھرين ڀيري نه مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھي ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون.