islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سحري جي اذان

    سحري جي اذان

    Rate this post

    روزائتن کي هر رات اٿارڻ ۽ پنهنجي ننڊ ڦٽائڻ عظيم ۽ سٺو عمل آهي. حرمين شريفين يعني مڪه مڪرمه ۽ مدينو منوره ۾ ته سحري کائڻ ۽ ماڻهن کي اٿارڻ لاءِ هڪ خاص اذان ڏيندا آهن. پر اسان جي معاشري ۾ ڪٿي پڙهو يا اعلان ڪندا آهن ته مومنو اٿو روزا رکو، ڪٿي دهل شرنائيون ۽ توتڙيون وڄن ٿيون، ڪٿي مسجدن ۽ سرڪاري ادارن يا ڪارخانن مان سائرن وڄي ٿو. ته ڪٿي مولود ۽ نظم پڙهيا وڃن ٿا شهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو ان ڪم لاءِ گهٽين ۾ ڦرندا دهل وڄائيندا ۽ اعلان ڪندا رهن ٿا پر شرعي طريقو اهو آهي ته سحري جي لاءِ جاڳائڻ لاءِ اذان ڏني وڃي جيئن هيٺ ڏنل حديثن مان ثابت آهي.
    1- وَعَنْ اِبْنِ عُمَرَ رضي اللّٰه عنهماانَّ رَسُولُ اَللَّهِ – صلى اللّٰه عليه وسلم – – إِنَّ بِلَالاً يُؤَذِّنُ بِلَيْلٍ, فَكُلُوا وَاشْرَبُوا حَتَّى يُنَادِيَ اِبْنُ أُمِّ مَكْتُومٍ”, وَكَانَ رَجُلاً أَعْمَى لَا يُنَادِي، حَتَّى يُقَالَ لَهُ: أَصْبَحْتَ, أَصْبَحْتَ .
    (صحيح بخاري: ڪتاب الاذان باب اذان الاعميٰ اذا کان له من يخبره ح 617 باب الاذان بعد الفجر ح 622 ۽ ح 623 صحيح مسلم ڪتاب الصيام باب بيان ان الدخول في الصوم يحصل بطلوع الفجر… ح 2536، 2537.)
    سيدنا ابن عمر رضي الله عنها کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو: بيشڪ بلال رات جو اذان ڏيندو آهي پوءِ کائو ۽ پيئو ايستائين جو ابن ام مڪتوم اذان چوي (۽ هو هڪ نابين ماڻهو هوجڏهن کيس چيو ويندو هو ته فجر ٿي ويئي فجر ٿي ويئي تڏهن اٿي اذان ڏيندو هو.)
    هي حديث تمام صاف آهي ته بلال جي اذان تهجد ۽ سحري لاءِ هئي تڏهن موطا مالک جي ڪن نسخن ۾ انهي حديث جي هيٺان آهي ته
    ”قال محمد كان بلال ينادي في شهر رمضان لسحور الناس و كان ابن مکتوم ينا دي للصلاة فلذٰلك قال رسول اللّٰه ﷺحتّٰي ينادي ابن ام مکتوم“
    امام محمد بن حسن امام ابو حنيفه ﷥ جو شاگرد چوي ٿو ته ماه رمضان ۾ بلال ﷦ اذان ڏيندو هو رات جو ته ماڻهو پنهنجي سحري يعني روزي رکڻ جي ماني کائين ۽ ابن مڪتوم اذان ڏيندو هو فجر جي نماز لاءِ، تڏهن رسول ڪريم ﷺ جن اهو فرمايو ته کائو ۽ پيئو تان جو ابن ام مڪتوم اذان چوي.
    امام نووي ﷥ لکي ٿو ته
    ومعناه انه انما يؤذن بليل ليعلمکم بان الفجر ليس ببعيد“ (شرح مسلم للنووي جلد 7 ص 204)
    انهي جومطلب اهو آهي ته بلال رات جو اذان ڏيندو آهي جيئن اوهان کي معلوم ٿئي ته هاڻي فجر پري ناهي.
    علامه ابن حجر ﷥ لکي ٿو ته
    فيه اشعار بان ذالک من عادته المستمره وقال والذي يظهر لي ان مراد المصنف من الترجمتين ان يبين ان المعني الذي كان يؤ‍ذن لاجله قبل الفجر غير المعني الذي كان يؤذن لاجله بعد الفجر“ (فتح الباري ج 2 ص 101)
    بلال رات جو اذان ڏيندو آهي. انهي فرمان مان لڳي ٿو ته بلال هميشه جي لاءِ ايئن ڪندو هو. ۽ چيائين امام بخاري جو اهي ٻئي باب (فجر کان اڳ اذان ڏيڻ، فجر کان بعد اذان ڏيڻ) قائم ڪرڻ مان مون کي سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته هو بيان ڪرڻ چاهي ٿو ته جنهن مطلب لاءِ فجر کان اڳ اذان ايندي هئي اهو ٻيو آهي ۽ جنهن مطلب جي لاءِ اذان فجر ٿيڻ کان پوءِ ايندي هئي ته اهو ٻيو آهي. فرق ظاهر آهي ته پهرين اذان سحري کائڻ لاءِ ٻي اذان فجر ٿيڻ جي لاءِ ايندي هئي.
    علماءَ احناف جو مسلڪ هن اذان بابت هڪڙو نه آهي. عام طور هو چون ٿا ته اذان جائز نه آهي، جيئن علامه ابن حجر لکي ٿو ته:
    ”وادعيٰ بعض الحنفية كما حکاه السروجي منهم ”ان النداء قل الفجر لم يکن بالفاظ الاذان وانما كان تذكيرًا و تسحيرًا كما يقع الناس اليوم“ وهذامردود لکن الذي يصنعھ الناس اليوم محدث قطعًا وقد تضافرت الطرق علي التعبير بلفظ الاذان فحله علي معناه الشرعي مقدم، ولان الا ذان الاول لو كان بالفاظ مخصوصة لما التبس علي السامعين وسياق الخبر يقتضي انه خشي عليهم الالتباس “ (فتح الباري ج 2 ص 104)
    ڪن حنفين دعويٰ ڪئي جيئن انهن جي امام سروجي بيان ڪيو ته فجر کان اڳ جيڪا اذان ايندي هئي ته اها اذاني لفظن سان نه هئي بلڪه هڪ اعلان هوندو هو يادگيري ڪرڻ ۽ سحري کائڻ جي لاءِ. جيئن اڄ ڪالهه جا ماڻهو ڪندا آهن پر سندن اها ڳالهه بلڪل مردود آهي ۽ جو ڪجهه اڄ ڪالهه ماڻهو ڪندا آهن سراسر بدعت آهي، سڀ حديثون ۽ روايتون اذان جي لفظن تي ئي متفق آهن تنهن ڪري ان مان شرعي اذان سمجهڻ ئي مقدم آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته سحري ۽ تهجد جي اذان ۾ الصلاة خير من النوم جا الفاظ نه آهن جڏهن ته فجر جي اذان ۾ آهن. ڪجهه حنفين جو الزام آهي ته بلال به فجر جي اذان ڏيندو هو پر کيس فجر جي خبر نه پوندي هئي تنهن ڪري هو اذان وقت کان اڳ ڏيندو هو.
    مولانا علي محمد حقاني لکي ٿو ته حضرت بلال جڏهن جو غلطي ڪندو آهي ان ڪري سحري ختم ڪرڻ جو دارومدار ان جي ٻانگ تي نه رکو ڄڻ ان جي ٻانگ قابل اعتماد جي نه آهي. (مسند امام اعظم ص 252) جڏهن ته ان جا ڪي اڪابر ان کي تسليم ڪري ويا آهن.
    ملا علي قاري لکي ٿو ته
    ”وقال ابن الملك يؤذن بليل يعني للتهجد او للسحور“. (مرعاة المفاتيح شرح مشکاة المصابيح ص 174 جلد1)
    ابن الملڪ چوي ٿو ته بلال رات جو اذان ڏيندو هو تهجد يا سحري جي لاءِ. اهڙي طرح محمد زڪريا ڪانڌلوي صاحب لکي ٿو ته
    نداء بلال المسالک المعنيٰ السحور ونداءة الآخرة اللصبح (او جز المسال الي موطا مالک جلد 2 ص 35)
    بلال جي اذان سحري کائڻ لاءِ هئي ۽ ٻي اذان صبح ٿيڻ جي لاءِ هوندي هئي. اڳتي هلي امام محمد جو قول نقل ڪري ٿو.
    وما قاله الامام محمدًاانه كان في شهر رمضان لسحور الناس. امام محمد ٿو چوي ته اها اذان صرف رمضان جي مهيني ۾ سحري کائڻ لاءِ هوندي هئي.
    2- عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مَسْعُودٍ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ لَا يَمْنَعَنَّ أَحَدَكُمْ أَوْ أَحَدًا مِنْكُمْ أَذَانُ بِلَالٍ مِنْ سَحُورِهِ فَإِنَّهُ يُؤَذِّنُ أَوْ يُنَادِي بِلَيْلٍ لِيَرْجِعَ قَائِمَكُمْ وَلِيُنَبِّهَ نَائِمَكُمْ وَلَيْسَ أَنْ يَقُولَ الْفَجْرُ أَوْ الصُّبْحُ…)
    (بخاري ڪتاب الاذان باب الاذان قبل الفجر ح 621، ڪتاب الطلاق باب الاشارة في الطلاق ح 5298)
    اوهان کي يا اوهان مان ڪنهن کي بلال جي اذان پنهنجي سحري کائڻ کان نه روڪي ڇو جو هو اذان رات جو ڏيندو آهي ته جيئن تهجد ۾ بيٺل موٽي اچي ۽ ستل جاڳي ۽ هو صبح يا فجر ٿيڻ جو نه ٿو چوي…..
    هن حديث جا الفاظ تمام صاف آهن ته بلال ﷦ غلطي نه پر نبوي حڪم جي مطابق اذان چوندو هو ته ستل کي جاڳائي ۽ تهجد ۾ بيٺل کي موٽائي يعني سحري کارائي. الحمدلله امام طحاوي حنفي به ان اذان جو قائل آهي. امام طحاوي ابن مسعود واري حديث کي دليل بنائي ان تي پنهنجو مذهب بنايو ۽ ٻڌائي ڇڏيائين ته اها اذان يعني پهرين اذان هڪ خاص مقصد لاءِ هئي نه ڪه نماز لاءِ.
    3- عَنْ عَائِشَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهَا أَنَّ بِلَالًا كَانَ يُؤَذِّنُ بِلَيْلٍ فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ ﷺ كُلُوا وَاشْرَبُوا حَتَّى يُؤَذِّنَ ابْنُ أُمِّ مَكْتُومٍ فَإِنَّهُ لَا يُؤَذِّنُ حَتَّى يَطْلُعَ الْفَجْرُ، وَلَمْ يَكُنْ بَيْنَ أَذَانِهِمَا إِلَّا أَنْ يَرْقَى ذَا وَيَنْزِلَ هٰذَا.(صحيح البخاري ڪتاب الصوم باب قول اللنبيﷺ لا يمنعنکم من سحوركم اذان بلال ح 1918، 1919)
    سيده عائشه رضي الله عنها ۽ سيدنا ابن عمر ﷦ بيان ڪن ٿا ته بلال ﷦ رات جو اذان ڏيندو هيو پوءِ رسول پاڪ ﷺ جن فرمايو ابن ام مڪتوم جي اذان تائين کائيندا پيئندا رهو ڇو جو هو پرهه ڦٽڻ کان اڳ ۾ اذان نه ڏيندو آهي. ۽ ٻنهي جي اذان جي وچ ۾ ايترو فرق هوندو هو جو هي لهندو هو ته هو چڙهندو هو.
    امام نووي ﷥ لکي ٿو ته : ”قال العلماء معناه أن بلالا كان يؤذن قبل الفجر ويتربص بعد أذانه للدعاء ونحوه ثم يرقب الفجر فاذا قارب طلوعه نزل فأخبر بن أم مكتوم فيتأهب بن أم مكتوم بالطهارة وغيرها ثم يرقى ويشرع في الأذان مع أول طلوع الفجر والله أعلم “ (شرح صحيح مسلم للنووي ص 203)
    انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته سيدنا بلال﷦ فجر کان اڳ ۾ اذان ڏيندو هو ان کان پوءِ دعاء وغيره لاءِ وقفو ڪندو هو پوءِ باک ڦٽڻ جو انتظار ڪندو هو، پوءِ جڏهن فجر ويجهو ٿيندو هو ته پاڻ لهي ايندو هو ۽ ابن ام مڪتوم کي ٻڌائيندو هو، پوءِ ابن ام مڪتوم طهارت وضوء وغيره سان تياري ڪندو هو پوءِ مٿي چڙهي پره ٿيڻ سان اذان ڏيندو هو وڌيڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو.
    امام نووي جو اهو قول ڪافي عالمن نقل ڪيو آهي ڄڻ ته اهي نووي سان موافقت ڪن ٿا، جيئن ملا علي قاري مرقاة المفاتيح جلد 1، ص: 174 ۾ ۽ علامه شوڪاني نيل الاوطار جلد 2 ص: 51 ۾.
    4- عَنْ سَمُرَةَ بْنَ جُنْدُبٍ رَضِي اللّٰهُ عَنْهَا. سَمِعْتُ مُحَمَّدًا صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ لَا يَغُرَّنَّ أَحَدَكُمْ نِدَاءُ بِلَالٍ مِنْ السَّحُورِ وَلَا هَذَا الْبَيَاضُ حَتَّى يَبْدُوَ الْفَجْرُ أَوْ قَالَ حَتَّى يَنْفَجِرَ الْفَجْرُ. (صحيح مسلم ڪتاب الصيام باب گذريل ح 2544-2545-2546-2547-2548.)
    اوهان کي پنهنجي سحري کائڻ کان بلال جي اذان دوکي ۾ نه وجهي ۽ نه اوهان کي اڇاڻ ڀُلائي ڇڏي تان جو فجر ٿي وڃي يا فرمايائين پرهه ڦٽي.
    هن حديث به تسلي ڏئي ڇڏي ته پهرين اذان خاص سحري جي لاءِ هئي ۽ ماڻهو ان کي فجر جي اذان سمجهي ڌوڪو کائيندا هئا، پوءِ ماڻهن جي ڀلجڻ يا نه سمجهڻ جو اهو علاج نه آهي ته اسان سنت کي ڇڏي ڏيون، بلڪ صحيح طريقو اهو آهي جو اسان ان تي عمل ڪريون ۽ ٻين کي سيکاريون ۽ سمجهايون.
    (5) عَنْ أُنَيْسَةَ قَالَتْ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا أَذَّنَ ابْنُ أُمِّ مَكْتُومٍ فَكُلُوا وَاشْرَبُوا وَإِذَا أَذَّنَ بِلَالٌ فَلَا تَأْكُلُوا وَلَا تَشْرَبُوا“ فان كانت المراة منا ليبقيٰ عليها شيء من سحورها فتقول للبلال: امهل حتيٰ افرغ من سحوري)
    (نسائي ڪتاب الاذان باب هل يؤذنا جميعًا او فرادي ح 641، صحيح ابن خزيمھ ۽ زياده لفظ به ان جا آهن ح 404 بحواله جامع الاحاديث والآثار احمد آل عبداللطيف ح 3161 جلد 2 ص 260، مسند احمد، صحيح ابن حبان (بحواله صحيح الجامع الصغير ح 296 شيخ الباني حديث کي صحيح النسائي ح 639 ۽ صحيح ابن خزيمه ح 404 ۾ صحيح چوي ٿو.
    اُنيسه رضي الله عنهما بيان ڪري ٿي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جڏهن ابن ام مڪتوم اذان چوي ته پوءِ کائو ۽ پيئو، ۽ جڏهن بلال اذا چوي ته پوءِ نه کائجو ۽ نه پيئجو. پوءِ اسان مان ڪنهن عورت کي سحري کائيندي دير ٿي ويندي هئي ته بلال کي چوندي هئي ته ٿورو ترس ته آءٌ سحري کائي وٺان“
    عام حديثن ۾ آهي ته سحري جي اذان بلال﷦ ۽ فجر جي اذان ابن ام مڪتوم﷦ چوندو هو پر هن حديث ۾ ڳالهه ابتڙ آهي تنهن ڪري علامه ابن عبدالبر، ابن الجوزي ۽ ڪجهه ٻيا هن حديث کي مقلوب قرار ڏين ٿا يعني هو چونٿا ته حديث رواين کان ابتي ٿي وئي مگر انهي احتمال کي حافظ ابن حجر رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪن جو خيال آهي ته هو پاڻ ۾ وارا ڪندا هئا. ڪڏهن سحري جي وقت اذان بلال ڏيندو هو ته ڪڏهن ابن ام مڪتوم، اهو قول ابن خزيمه، ابن حبان ۽ الضبعي جو آهي ۽ ڪن ٻيان اقوال به ذڪر ڪيا آهن. تفصيل لاءِ ڏسو (فتح الباري ص 103 جلد2)
    ابن خزيمه جي وڌيڪ لفظن ۾ آهي ته عورتون بلال کي چونديون هيون ته ٿورو ترس ته اسان سحري کائي وٺون مگر حديث ۾ اهو نه آهي ته بلال انهن جو چوڻ ڪندو هو، تنهن جي ڪري اذان پنهنجي مقرر وقت ۾ ڏيڻ فرض آهي، ڪافي بانگا اذان وقت کان گهڻي دير سان ڏيندا آهن، اهو جائز نه آهي وڏو گناهه آهي، ۽ روزائتن جي روزن جا ذميدار آهن، پهرئين ۽ ٻئين اذان جي وچ ۾ ڪيترو وقت رکيو وڃي؟ انهيءَ مسئلي جو دارو مدار هر علائقي جي ماڻهن تي آهي ته انهن کي گهڻو ٽائيم کپي ٿو سحري تيار ڪرڻ ۽ کائڻ جي لاءِ عام طور ڪلاڪ ڏيڍ ڪافي آهي، وڌيڪ جي لاءِ الله بهتر ڄاڻي ٿو.
    سيدنا ابن عمر ﷦ جي حديث جي هيٺان امام ترمذي ﷥ لکي ٿو ته:
    وفي الباب عن ابن مسعود و عائشة، واُنيسھ، وانس، وابي ذر وسمرة. (جامع الترمذي ط دار السلام ص 56)
    ”هن موضوع ۾ عبدالله بن عمر کان علاوه، عبدالله بن مسعود، عائشة، اُنيسھ، انس، ابوذر ۽ سمرة رضي الله عنهم کان به روايتون آهن.
    آخر ۾ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته رب العالمين اسان کي قرآن ۽ حديث جي سمجهه عطا فرمائي ۽ ان جي مطابق عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب ڪري
    منبع:http://www.sindhislam.com