islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سورنهون سیپارو

    سورنهون سیپارو

    Rate this post

    18:75 – 75. (خضرؑ) چيو ته توکي نه ھوم ڇا ته تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نه صبر ڪري سگھندين؟

    18:76 – 76. (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن ھِن کانپوءِ ڪنھن ڳالھ بابت توکان پڇان ته منھنجي سنگت نه ڪج، بيشڪ منھنجي پاران عذر (جي حد) کي پھتين.

    18:77 – 77. پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) ان جي رھاڪن کان طعام گھريائون ته (انھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضرؑ) سڌي ڪئي، (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن گھرين ھا ته اُن (جي سڌي ڪرڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا.

    18:78 – 78. (خضرؑ) چيو ته ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پئي، ھاڻي توکي انھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نه ڪري سگھين.

    18:79 – 79. پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھوا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي.

    18:80 – 80. ۽ نينگر (جو ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھوا تنھنڪري ڊناسون ته نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھي کي عاجز ڪندو.

    18:81 – 81. پوءِ گھُريوسون ته سندن پالڻھار کين اُن کان به چڱو بدلو سُٺائي جي ڪري ۽ ٻاجھ جي ڪري تمام ويجھو ڏئي.

    18:82 – 82. ۽ جا ڀِت (ٺاھي وئي) سا شھر ۾ ٻن ڇورن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھوا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو ته ٻئي پنھنجي جوانيءَ کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اُھو پنھنجي راءِ سان نه ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تون صبر نه ٿي ڪري سگھئين.

    18:83 – 83. ۽ (اي پيغمبر) توکان ذُوالۡقَرۡنَيۡن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اوھان کي ان جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو.

    18:84 – 84. بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ ھٿ پھچ ڏني ۽ سڀڪنھن شيء جو سان کيس ڏنوسون.

    18:85 – 85. پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو.

    18:86 – 86. ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون ته اي ذوالقرنين انھن کي سزا ڏئين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (ته توکي اختيار آھي).

    18:87 – 87. (ذوالقرنين) چيو ته جيڪو (ماڻھو) ظلم ڪندو تنھن کي سزا ڏينداسون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورايو ويندو پوءِ اُھو کيس سخت عذاب جي سزا ڏيندو.

    18:88 – 88. ۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي چڱو بدلو ملندو، ۽ پنھنجي معاملي مان اُن کي سولائي (جھڙو ڪم) چونداسون.

    18:89 – 89. وري سامان (جي مدد) سان ھليو.

    18:90 – 90. ايترو (سير ڪيائين) جو جڏھن سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو ته اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جنھن لاءِ سج کانسواءِ ڪا اوٽ نه بڻائي ھئي سون.

    18:91 – 91. اھڙي طرح (سندس قِصّوآھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ ان جي ساري خبر آھي.

    18:92 – 92. وري سامان (جي مدد) سان ھليو.

    18:93 – 93. ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته انھن جي ھُن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابه ڳالھ سمجھي نه ٿي سگھي.

    18:94 – 94. چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ.

    18:95 – 95. (ذوالقرنين) چيو ته منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو ته اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان.

    18:96 – 96. لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جنھن دم ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تنھن دم) چيائين ته ڌنئون، تان جو جڏھن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين ته مون وٽ آڻيو ته مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان.

    18:97 – 97. پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي ان تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا.

    18:98 – 98. چيائين ته ھي منھنجي پالڻھار جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي پالڻھار جو انجام ايندو (تنھن مھل) ان کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو انجام سچو آھي.

    18:99 – 99. ۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون ته ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ انھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون.

    18:100 – 100. ۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جئن آڏو ڪجي.

    18:101 – 101. جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نه سگھندا ھوا.

    18:102 – 102. ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نه ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي.

    18:103 – 103. (اي پيغمبر) چؤ ته ڪرتوتن جي ڪري ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟

    18:104 – 104. جن پنھنجي ڪوشش دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن ته اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن.

    18:105 – 105. اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندن ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ سندن ڪئي ڪمائي چٽ ٿي پوءِ اُنھن لاءِ قيامت جي ڏينھن ڪا تور کڙي نه ڪنداسون.

    18:106 – 106. اِھا سندين سزا دوزخ انھي سببان آھي جو ڪفر ڪيائون ۽ منھنجي آيتن ۽ منھنجي پيغمبرن کي ٺـٺولي ڪري ورتائون.

    18:107 – 107. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ فردوس جا باغ مھماني (جي جاءِ) آھن.

    18:108 – 108. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن کانئس وري اٿلڻ نه گھرندا.

    18:109 – 109. چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي سُخنن (لکڻ) لاءِ درياء مسُ ٿئي ته منھنجي پالڻھار جي سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ درياء کَپي ويندو توڻيڪ جھڙس (ٻيا) مدد لاءِ آڻيون.

    18:110 – 110. چؤ ته آءٌ اوھان جي جھڙوئي ماڻھو آھيان مون ڏانھن وحي موڪليو ويندو آھي ته اوھان جو معبود رڳو ھڪ الله آھي، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اميد رکي تنھنکي جڳائي ته چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ نه ڪري.

    ——————————————————————————–
    سورة 19- مَریَم

    19:1 – 1. ڪٓھٰيٰعٓصٓ.

    19:2 – 2. تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي.

    19:3 – 3. جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين.

    19:4 – 4. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان.

    19:5 – 5. ۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش.

    19:6 – 6. جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر.

    19:7 – 7. (چيوسون ته) اي زڪريا اسان توکي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيىٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونه ڪيوسون.

    19:8 – 8. چيائين اي منھنجا پالڻھار مون کي ھن حالت ۾ پٽ ڪئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کان پھتو آھيان.

    19:9 – 9. (جبرئيل) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي ته اِھو مون کي آسان آھي ۽ بيشڪ توکي ھن کان اڳ پيدا ڪيو اٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نه ھُئين.

    19:10 – 10. زڪريا چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ ڪا نشاني ٺھراءِ، فرمايائين ته تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) ته ماڻھن سان ساندہ ٽي ڏينھن راتيون ڳالھائي نه سگھندين.

    19:11 – 11. پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ انھن اشارو ڏنائين ته صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو.

    19:12 – 12. (۽ يحيىٰ ڄمي ڏھن ورھن جو ٿيو ته) چيوسون ته اي يحيىٰ ڪتاب کي مُحڪم وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون.

    19:13 – 13. ۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ سُٺائي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو.

    19:14 – 14. ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نه ھو.

    19:15 – 15. ۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي.

    19:16 – 16. ۽ مريم جو قِصّو ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجي گھر وارن کان اوڀرندي ھنڌ پاس ڀري ٿي.

    19:17 – 17. پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ڏسجڻ ۾ اُن لاءِ پورو ماڻھو بڻجي بيٺو.

    19:18 – 18. (مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (ته مون کان پري ٿيءُ).

    19:19 – 19. (ملائڪ) چيو ته آءٌ ته تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان ته توکي چڱو نينگر بخشيان.

    19:20 – 20. (مريم) چيو ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نه ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان.

    19:21 – 21. (ملائڪ) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو ته اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) ته ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم ٺھرايل آھي.

    19:22 – 22. پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پرڀري ھنڌ الڳ ٿي.

    19:23 – 23. پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين ته جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا (ته چڱو ھو).

    19:24 – 24. پوءِ کيس ملائڪ ھيٺين طرف کان سڏ ڪيو ته ڏک نه ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي.

    19:25 – 25. ۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي.

    19:26 – 26. پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين ته چؤ ته مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري اڄ ڪنھن ماڻھوءَ سان پٽيءَ نه ڳالھائيندس.

    19:27 – 27. پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون ته اي مريم بيشڪ بڇڙي شيء آندي اٿيئي.

    19:28 – 28. اي ھارون جي ڀيڻ نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي.

    19:29 – 29. پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون ته جيڪو پينگھي ۾ ڇوڪر آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون.

    19:30 – 30. (عيسى) چيو ته آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس.

    19:31 – 31. ۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين.

    19:32 – 32. ۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نه ڪيائين.

    19:33 – 33. ۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي.

    19:34 – 34. اِھو (قِصّو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن.

    19:35 – 35. الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نه جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.

    19:36 – 36. ۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي.

    19:37 – 37. پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان خرابي آھي.

    19:38 – 38. جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نه چڱو ٻڌندا ۽ ڪھڙو نه چڱو ڏسندا پر ظالم اڄ پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.

    19:39 – 39. ۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.

    19:40 – 40. بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھنجا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا.

    19:41 – 41. ۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.

    19:42 – 42. جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين ته اي ابا جيڪو نڪي ڏسي ۽ نڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھنجي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟

    19:43 – 43. اي ابا بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ سمجھ آئي آھي جا تو وٽ نه آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان.

    19:44 – 44. اي ابا شيطان کي نه پوڄ، ڇوته شيطان الله جو نافرمان آھي.

    19:45 – 45. اي ابا آءٌ توتي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو متان شيطان جي سنگتي ٿئين.

    19:46 – 46. (پڻس) چيو ته اي ابراھيم تون منھنجي معبودن کان ڦرڻ وارو آھين ڇا؟ جيڪڏھن نه روڪبين ته توکي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ.

    19:47 – 47. (ابراھيم) چيو ته توتي سلام ھجي، آءٌ تولاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇوته اُھو مون تي مھربان آھي.

    19:48 – 48. ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس.

    19:49 – 49. پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون.

    19:50 – 50. ۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون.

    19:51 – 51. ۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو.

    19:52 – 52. ۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون.

    19:53 – 53. ۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھوارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون.

    19:54 – 54. ۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو.

    19:55 – 55. ۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو.

    19:56 – 56. ۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.

    19:57 – 57. ۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون.

    19:58 – 58. جن تي الله فضل ڪيو سي آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان آھن، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون تن مان آھن، جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھوا.

    19:59 – 59. پوءِ سندن پوئتان ڪيترا (ندورا) پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءَ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا.

    19:60 – 60. پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نه ڪبو.

    19:61 – 61. ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي.

    19:62 – 62. اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي.

    19:63 – 63. اِھو بھشت اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻبو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون.

    19:64 – 64. ۽ (ملائڪن چيو ته) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نه لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نه آھي.

    19:65 – 65. آسمانن ۽ زمين ۾ جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مُحڪم رھ)، تون اُن نالي ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟

    19:66 – 66. ۽ ماڻھو چوندو آھي ته جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟

    19:67 – 67. ماڻھو ياد نه ڪندو آھي ڇا ته کيس اڳ پيدا ڪيوسون ڪجھ به نه ھو؟

    19:68 – 68. پوءِ پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن کي ۽ شيطانن کي کڙو ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون.

    19:69 – 69. وري سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان اھڙن ماڻھن کي ڌار ڪنداسون جن انھن مان ٻاجھاري (الله) جي ڏاڍي نافرماني ڪئي.

    19:70 – 70. وري جيڪي انھن ۾ گھڙڻ جوڳا آھن تن کي اسين چڱو ڄاڻندا آھيون.

    19:71 – 71. ۽ اوھان مان ڪو اھڙو ڪونھي جو اُن تي پھچڻ وارو نه آھي، تنھنجي پروردگار تي اھو انجام لازم مُقرّر آھي.

    19:72 – 72. وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس گوڏن ڀر ڪرندڙ ڇڏينداسون.

    19:73 – 73. ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي (ٽولي) مانَ جي ڪري ڀلي ۽ صحبت جي ڪري ڏاڍي چڱي آھي.

    19:74 – 74. ۽ کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جو اُھي سامان ۽ ڏيک جي ڪري ڏاڍا چڱا ھئا.

    19:75 – 75. چؤ ته جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا ته عذاب جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا ته بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري ڏاڍو ھيڻو ڪير آھي.

    19:76 – 76. ۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت وڌيڪ ڪندو آھي، ۽ سدا رھندڙ چڱايون ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽڻ ڪري چڱيون تنھنجي پالڻھار وٽ آھن.

    19:77 – 77. (اي پيغمبر) اُنھي کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نه مڃيو ۽ چيائين ته مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟

    19:78 – 78. (اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس.

    19:79 – 79. ائين نه آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون.

    19:80 – 80. ۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ ھيڪلو ايندو.

    19:81 – 81. ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن ته اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين.

    19:82 – 82. ائين نه آھي، سندين پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا.

    19:83 – 83. (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون ته (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟

    19:84 – 84. پوءِ مٿن تڪڙ نه ڪر، انھن لاءِ پوري ڳڻ ڳڻيندا آھيون.

    19:85 – 85. اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ کڙو ڪنداسون.

    19:86 – 86. ۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون.

    19:87 – 87. جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نه سگھندا.

    19:88 – 88. ۽ چوندا آھن ته الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي.

    19:89 – 89. (چئبن ته) بيشڪ اوھان بڇڙي شيء آندي.

    19:90 – 90. اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ڦاٽندا ۽ زمين ڦاٽندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا.

    19:91 – 91. اُنھي سببان جو (انھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا.

    19:92 – 92. ۽ الله کي اولاد وٺڻ نه جڳائيندو آھي.

    19:93 – 93. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا.

    19:94 – 94. بيشڪ الله کين ڳڻيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس.

    19:95 – 95. ۽ قيامت جي ڏينھن انھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو.

    19:96 – 96. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو.

    19:97 – 97. پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون ته (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ ان سان جھيڙا گر قوم کي ڊيڄارين.

    19:98 – 98. ۽ کانئن اڳ گھڻا جُڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندس ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟

    ——————————————————————————–
    سورة 20- طٰه

    20:1 – 1. طٰہٰ.

    20:2 – 2. توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين.

    20:3 – 3. پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون).

    20:4 – 4. اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي.

    20:5 – 5. (اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي.

    20:6 – 6. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي.

    20:7 – 7. ۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي.

    20:8 – 8. الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن.

    20:9 – 9. ۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟

    20:10 – 10. جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان.

    20:11 – 11. پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى.

    20:12 – 12. بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين.

    20:13 – 13. ۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ.

    20:14 – 14. سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر.

    20:15 – 15. بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي.

    20:16 – 16. جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين.

    20:17 – 17. ۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟

    20:18 – 18. چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن.

    20:19 – 19. (الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ.

    20:20 – 20. پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي.

    20:21 – 21. (الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون.

    20:22 – 22. ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي.

    20:23 – 23. ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون.

    20:24 – 24. فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي.

    20:25 – 25. (مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول.

    20:26 – 26. ۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر.

    20:27 – 27. ۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ.

    20:28 – 28. ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن.

    20:29 – 29. ۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر.

    20:30 – 30. (يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي.

    20:31 – 31. اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر.

    20:32 – 32. ۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر.

    20:33 – 33. ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون.

    20:34 – 34. ۽ توکي گھڻو ياد ڪريون.

    20:35 – 35. بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين.

    20:36 – 36. (الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو.

    20:37 – 37. ۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون.

    20:38 – 38. جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو.

    20:39 – 39. ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن.

    20:40 – 40. جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين.

    20:41 – 41. ۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم.

    20:42 – 42. تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو.

    20:43 – 43. فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي.

    20:44 – 44. پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي.

    20:45 – 45. چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري.

    20:46 – 46. (الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.

    20:47 – 47. پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي.

    20:48 – 48. بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي.

    20:49 – 49. (فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟

    20:50 – 50. (موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين.

    20:51 – 51. (فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟

    20:52 – 52. (موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي.

    20:53 – 53. جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون.

    20:54 – 54. (چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن.

    20:55 – 55. منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون.

    20:56 – 56. ۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين.

    20:57 – 57. (فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟

    20:58 – 58. پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي.

    20:59 – 59. چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين.

    20:60 – 60. پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو.

    20:61 – 61. مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو.

    20:62 – 62. پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون.

    20:63 – 63. چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن.

    20:64 – 64. تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو.

    20:65 – 65. چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون.

    20:66 – 66. (مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون.

    20:67 – 67. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو.

    20:68 – 68. چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين.

    20:69 – 69. ۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو.

    20:70 – 70. پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون.

    20:71 – 71. (فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي.

    20:72 – 72. چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين.

    20:73 – 73. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.

    20:74 – 74. سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو.

    20:75 – 75. ۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن.

    20:76 – 76. سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي.

    20:77 – 77. ۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ.

    20:78 – 78. پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو.

    20:79 – 79. ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو.

    20:80 – 80. اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون.

    20:81 – 81. (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.

    20:82 – 82. ۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان.

    20:83 – 83. ۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟

    20:84 – 84. چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين.

    20:85 – 85. (الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو.

    20:86 – 86. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ.

    20:87 – 87. چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا.

    20:88 – 88. پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو.

    20:89 – 89. نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟

    20:90 – 90. ۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو.

    20:91 – 91. چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي.

    20:92 – 92. (مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي.

    20:93 – 93. ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟

    20:94 – 94. (ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي.

    20:95 – 95. (موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي.

    20:96 – 96. چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو.

    20:97 – 97. (موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين.

    20:98 – 98. اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي.

    20:99 – 99. (اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون.

    20:100 – 100. جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو.

    20:101 – 101. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي.

    20:102 – 102. جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون.

    20:103 – 103. (تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ.

    20:104 – 104. جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو.

    20:105 – 105. ۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو.

    20:106 – 106. پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو.

    20:107 – 107. منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين.

    20:108 – 108. اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين.

    20:109 – 109. جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي.

    20:110 – 110. جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا.

    20:111 – 111. ۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو.

    20:112 – 112. ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو.

    20:113 – 113. ۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري.

    20:114 – 114. پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ.

    20:115 – 115. ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون.

    20:116 – 116. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو.

    20:117 – 117. پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو.

    20:118 – 118. بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين.

    20:119 – 119. ۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ.

    20:120 – 120. پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟

    20:121 – 121. پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو.

    20:122 – 122. وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين.

    20:123 – 123. چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو.

    20:124 – 124. ۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون.

    20:125 – 125. چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس.

    20:126 – 126. (الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين.

    20:127 – 127. ۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي.

    20:128 – 128. (ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن.

    20:129 – 129. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا.

    20:130 – 130. پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين.

    20:131 – 131. ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.

    20:132 – 132. ۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.

    20:133 – 133. ۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟

    20:134 – 134. ۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا.

    20:135 – 135. (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟