islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سيرت رسول اڪرم ﷺ

    سيرت رسول اڪرم ﷺ

    Rate this post

    سيرت نگارن رسول اڪرم صلي الله عليه وسم جي حيات مبارڪ جي هر هڪ پهلوءَ کي پنهنجي علم ۽ صلاحيتن موجب ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ صلي الله عليه وسلم جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جو ڪو اهڙو گوشو يا پهلو ناهي جيڪو ڳجهو رهندو هجي. ايئن ته سيرت پاڪ صلي الله عليه وسلم جو هر پهلو هر دور ۽ هر زماني ۾ اُمت مسلم لاءِ وڏي اهميت جوڳو رهيو آهي پر حالتن ۽ زماني جي اعتبار سان ڪن پهلوئن کي نئين سر روشناس ڪرڻ وڌيڪ ضروري معلوم ٿئي ٿو.
    عهد نبوي صلي الله عليه وسلم جي عدل جي اهميت ۽ ان زماني جي اصطلاحن جي اهميت کي سمجهڻ جي لاءِ پهريون اهو ڄاڻڻ تمام ضروري آهي ته جهالت واري زماني ۾ عدل جو نظام ڪهڙو هو. ان کانپوءِ عهد نبي صلي الله عليه وسلم ۾ ڪهڙو انقلاب آيو؟
    جاهليت جي زماني ۾ عرب جي بدوي قبيلي ۾ ڪو حڪمران، ڪا حڪومت نه هئي ۽ نه ئي ڪا عدالت هوندي هئي، تنهن ڪري ڪنهن به شخص کي انصاف ماڻڻ لاءِ ڪنهن وٽ وڃي شڪايت ڪرڻ جو ڪو امڪان نه هو. ان صورتحال ۾ پنچ يا ثالث کي عارضي طور حاڪم عدالت بڻايو ويندو هو ۽ ان جي فيصلي تي ڌريون عمل ڪنديون هيون. ان جا ڪجهه مثال جهالت جي زماني ۾ ملن ٿا. طائف جي لڳ عڪاذ ۾ هڪ ميلو لڳندو هو. ان ميلي لاءِ اهڙا حاڪم (ثالث) مقدر ڪياو يندا هيا جيڪي عارضي طور ٻن ٽن ڏينهن لاءِ هوندا هيا. ميلي ۾ جيترا به واپاري جهڳڙا ٿيندا هيا سي ايڏانهن موڪليا ويندا هيا ۽ اهي فيصلو ٻڌائيندا هيا.
    رسول مقبول صلي الله عليه وسلم پهريون قانون ساز يعني قانون ٺاهيندڙ ليجيسٽر هو. پاڻ صلي الله عليه وسلم ان ڏس ۾ مسلمانن جي رهنمائي ڪئي ۽ زماني جي تقاضائن جو خيال ڪيو. پاڻ صلي الله عليه وسلم جا قانوني نقطا دستاويز بڻجي ويا ۽ ٻيا تشريحي قانون جو درجو بڻيا جن تي سڄي ساري اسلامي آئين جا بنياد قائم ڪيا ويا. الله تعاليٰ پاران اهي حڪم به لاڳو ڪياو يا ته سمورا مسلمان فرمان رسول صلي الله عليه وسلم جي پيروي ڪن. آنحضرت صلي الله عليه وسلم هڪ آئين ساز ۽ قانون ساز جي حيثيت ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو هر زماني ۽ مقام جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي سو ضروري آهي ته جتي به اسلامي آئين لاڳو ڪرڻو هجي سو لازمي طور تي قرآني حڪمن ۽ سنت رسول صلي الله عليه وسلم جي روح موجب هئڻ گهرجي.
    سو اسلام ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جو شارح ۽ مقفت (Law maker) هئڻ هڪ قطعي مسلم حقيقت آهي. سڀ کان اهم حيثيت پاڻ صلي الله عليه وسلم جي اهڙي قاضيءَ جي آهي جنهن جو فيصلو قطعي ۽ يقيني هوندو آهي جنهن کي نه رڳو مڃڻو پوندو پر ان جي قبول يا انڪار تي ايمان جو دارومدار آهي. فيصلي کي قبول به اهڙي نموني ڪرڻو پوندو جو دل ۾ ڪنهن به قسم جي تنگي به محسوس نه ٿئي پر پوري خوش دلي سان فيصلي کي تسليم ڪجي.
    الله تعاليٰ رسول الله صلي الله عليه وسلم کي اهو اختيار ڏنو آهي ته پاڻ اُمت مسلم کي مستقل قانون عطا فرمائي ۽ الله تعاليٰ جيڪي حڪم ۽ قانون نازل ڪيا آهن تن جي تعبير ۽ تشريح به فرمائي. اُمت مسلم بيشڪ رسول صلي الله عليه وسلم کي قانون عطا ڪرڻ وارو تسليم ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر محمود احمد غازي لکن ٿا ته اسلام جو قانون قومن جي وچ ۾ روز اول کان ئي حقيقي معنيٰ ۾ بين الاقوامي نوعيت جو هو. ان ڀرپور بين الاقوامي ۽ بين ابراعظمي لاڳاپن کي منظم ڪرڻ لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي بين الاقوامي قانون جي ضرورت هئي. مدينه جي اڀرندڙ نظرياتي رياست کي ضرورت هئي ته اُها پنهنجي نظريئه حيات جي دعوت جو اهڙو نظام ترتيب ڏئي جنهن کان ڪم وٺي سڄي دنيا ۾ اسلام جي پيغام کي عام ڪري سگهجي جيڪو مسلمانن کي ايتري داخلي خود مختياري ۽ امن امان مُهيا ڪري ته جيئن اها سهولت پنهنجو دين ۽ نظام شريعت لاڳو ڪري سگهي. جيڪا ايندڙ زمانن ۾ هر لحاظ کان مڪمل مجموعه حيات هجي. بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان اهم دستاويز ”منشور مدينه“ آهي جنهن کي دنيا جو پهريون تحريري دستور به چيو ويو آهي. ان دستاويز ۾ جيڪا شئي سڀ کان نمايان نظر اچي ٿي سي اهي قاعدا ۽ احڪام آهن جيڪي پهريون ڀيرو ان دستاويز ۾ ڏنا ويا آهن جن سان اسلام جي قانوني عالم کي ڪيترائي اصول ٺاهي ڏنا. ان منشور مدينه جي ورهايل قبيلن جي وچ ۾ سوا سئو سالن جي هلندڙ جنگ کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن مدينه جي معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.
    رسول الله صلي الله عليه وسلم انهن قبيلن کان به اسلام جو قانون قبول ڪرايو ۽ ان کي بين الاقواميت تائين پکيڙي ڇڏيو. ان سان اهو پيغام به ملي ٿو ته اسلام جي دعوت جو اوليتن مقصد ۽ بين الاقوامي قانون جو محرڪ اسلام جي بالادستي ۽ شريعت اسلامي جي حاڪميت آهي.
    مڪي جي قريشن لاءِ رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حيثيت هڪ مذهبي مصلح جي هئي. مدينه اچڻ کانپوءِ منشور مدينه جي تحت پاڻ صلي الله عليه وسلم جي حيثيت هڪ سربراهه رياست جي ٿي وئي. سربراهه رياست سان پاڻ صلي الله عليه وسلم هڪ قانون ساز جج جي به حيثيت رکندو هو، جنهن جي وضاحت اسان کي منشور مدينه ۽ حديثن مبارڪن ۾ ملي ٿي. هڪ قانون ٺاهيندڙ جي حيثيت سان پاڻ صلي الله عليه وسلم ديواني ۽ فوجداري مامرن متعلق قانون سازي فرمائي جيڪا اڄ حديث مبارڪ جي صورت ۾ موجود آهي ۽ منشور مدينه جي تحت بحيثيت جج پر چيف جسٽس جي حيثيت سان مقدمن جا فيصلا ٻڌايا.
    آنحضرت صلي الله عليه وسلم جي ديواني ۽ فوجداري قانون سازي ۽ بحيثيت جج جيڪي فيصلا پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايان تن ۾ قتل، چوري، رشوت، زنا، ديت، ناجائز قبضا، بيت المال، دهشت گردي وغيره شامل آهن.
    پروفيسر عبدالرحمٰن شاهين