islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سيرت رسول اڪرم ﷺ 3

    سيرت رسول اڪرم ﷺ 3

    Rate this post

    3 زندگي جي تاريخ ۾ ڪي ڪي ڏينهن،ڪي ڪي واقعا،ڪي ڪي معرڪا قومن جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن.انهن ڏينهن اُنهن واقعن مان 12 ربيع الاول جو ڏينهن به هڪ عظيم حيثيت رکي ٿو.هن ڏينهن تي ٻنهي جهانن جا سردار حضرت مُحمد مُصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن هن دُنيا تي جلوه افروز ٿيا. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هڪ اُها هستي جنهن لاءِ پوري دُنيا جي پاڻي کي مَسَ ڪري پاڻ صلي الله عليه وسلم جي زندگي تي لکيو وڃي،يا وڏن عالمن،دانشورن، ۽ محققن طرفان وڏا مقالا پڙهيا وڃن ته به گهٽ آهي.اُن لاءِ آئون هڪ ادنيٰ درجي جو ننڍڙو ذهن رکندڙ هن هستي تي ڇا ڳالهايان.پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هڪ اُها هستي هن دُنيا ۾ اُن وقت آئي جڏهن پوري دُنيا جهالت جي انڌن ريتن ۽ رسمن ۾ غرق هئي،سماجي بُرايون، ذهني غُلاميون، انسانيت جي لتاڙ هُجي،اُن موقعي تي هن وشال ڌرتي تي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم هڪ اهڙو فلسفو آندو، هڪ اهڙو پيغام آندو،هڪ اهڙو علم آندو، اُهو فلسفو،اُهو پيغام،اُهو علم جيڪو اڄ ڏينهن تائين دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين ڦهلجي رهيو آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم علم بابت فرمايو ته علم اوندهه ۾ هڪ ڏيئو آهي،علم روشني آهي،۽ علم جهالت خلاف هڪ هٿيار پڻ آهي.پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن اهيو به فرمايو ته ”پينگهي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪريو“ ۽ وڌيڪ اهيو به فرمايو ته ايترو علم حاصل ڪريو پوءِ ڇو نه اوهان کي چين وڃڻو پوي.اُن لاءِ پيارا ساٿيو اچو ته هن ڀلاري ڏينهن تي اُهو وچن ڪيون ته علم حاصل ڪري جهالت خلاف جنگ وڙهون، ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏنل واٽ تي هلون.ته جئين اسان جي زندگي۽ آخرت ٺهي وڃي….!
    معصوم مُصُطفيٰ ڪُنڀر