islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. سيرت رسول اڪرم 2

    سيرت رسول اڪرم 2

    Rate this post

    12 اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته ٻه عادتون اهڙيون آهن جن کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ ناهي. هڪ الله سائين تي ايمان آڻڻ ۽ ٻيو مسلمانن کي نفعو پهچائڻ ۽ وري به عادتون اهڙيون آهن جن کان وڌيڪ خراب ڳالهه ٻي ڪابه ناهي. هڪ الله سائين سان ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ ۽ ٻيو ته مسلمانن کي ستائڻ.
    ان فرمان مان اها ڳالهه بلڪل واضح ۽ چٽي ٿي وڃي ٿي ته اسان جي آقا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن مسلمانن کي فائدو پهچائڻ کي الله سائين تي ايمان آڻڻ سان گڏ فرمايو آهي ۽ ٻنهي کي مسلمانن جي بهترين خوبي قرار ڏنو آهي، اهڙي طرح سان مسلمانن کي ستائڻ کي شرڪ جهڙي وڏي گناهه جي برابر قرار ڏنو آهي، ان ڪري جيڪي مسلمان ڪنهن ٻي مسلمان کي ستائيندا، ڏک ڏيندا آهن اهي سمجهي وٺن ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ڪهڙي درجي جي گناهه ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.
    ڪنهن کي ستائڻ جون ڪيتريون ئي صورتون ٿي سگهن ٿيون مثال طور: مارڻ، زخمي ڪرڻ، ڪنهن کان مزدوري وٺي ان کي پورو اجورو نه ڏيڻ، ڪنهن کان پورو اجورو وٺي پورو ڪم نه ڪرڻ، ڪا شيءِ حد کان وڌيڪ منافعي تي وڪڻڻ، ڪنهن جي اولاد کي ان کان جدا ڪرڻ وغيره اهي سڀئي شيون ڪنهن کي ستائڻ ۽ ڏک پهچائڻ جا قسم ۽ شڪليون آهن. هر مسلمان تي فرض آهي ته هو جيڪڏهن ايمان تي قائم رهڻ چاهي ٿو ته مسلمانن کي ستائڻ جي سڀني طريقن کان بچڻ جي ڪوشش ۽ پنهنجي اعمالن تي غور ڪندو ته متان ڪٿي ان ڪنهن کي بي خيالي ۾ يا ڄاڻي واڻي ڪو اهڙو ڪم ته نه ڪيو آهي جنهن سان ڪنهن مسلمان کي تڪليف پهتي هجي!
    ياد رکو! هڪ سٺو مسلمان پاڻ ته تڪليف برداشت ڪري وٺندو آهي پر ٻين کي نقصان ناهي پهچائيندو. ڪنهن کي فائدو ۽ آرام پهچائڻ لاءِ تڪليف برداشت ڪرڻ ۾ جيڪو سڪون ۽ راحت ملندي آهي اهو الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي. لڙائي، فساد، انتشار ۽ نفاق هيءَ اهي لفظ آهن جن کي ڪير به پسند نٿو ڪري ڪا قوم، قبيلو، جماعت فرقو ۽ ڪوبه گروهه لڙائي ۽ جهيڙي کي پسند ناهي ڪندو، اهي ماڻهو ۽ قومون به جيڪي ان ڪم ۾ ملوث هونديون آهن اهي به ان کي سٺي ڳالهه ناهن سمجهنديون. ان جو ثبوت اهو آهي ته هو جهيڙو شروع ڪرڻ جي ذميواري ٻي گروهه تي وجهنديون آهن ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته ”اسان ته رڳو پنهنجوي دفاع ڪري رهيا آهيون، نه اسان لڙائي شروع ڪئي آهي ۽ نه ئي وري اسان جنگ چاهيون ٿا“ لڙائي ۽ جنگ ۾ ڪنهن جو فائدو ناهي هوندو وڙهڻ وارا ٻئي گروهه نقصان ۾ پوندا آهن، ڪو گهٽ ته ڪو وري وڌيڪ هارائڻ وارو ته برباد ٿيندو ئي آهي پر کٽڻ وارو به گهاٽي جو سودو ڪندو آهي. ان ڪري عقلمند انسان هميشه لڙائي کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ چاهيندا آهن ته ڪوبه مسئلو وڌي جهيڙي جي شڪل اختيار نه ڪري. هڪ ڀيرو جهيڙو شروع ٿي وڃي ته ان جي روڪڻ جي ڪا صورت تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو آهي. لڙائي ۽ جهيڙي ۾ عقل، سوچ ۽ فهم ختم ٿي ويندي آهي، سوچڻ ۽ سمجهڻ جون صلاحيتون زنگجي وينديون آهن. نهايت مدبر ۽ عقلمند ماڻهو به ابتو سوچڻ شروع ڪندو آهي ۽ پنهنجي غلطي، خامي ۽ ڏوهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي هوندو ۽ جڏهن اهڙي صورتحال ٿي ويندي آهي ته سمجهو ته ان جي تباهي ۽ بربادي ويجهو آهي. جهيڙو ڪنهن سان به هجي چڱي ڳالهه ناهي، پر پاڻ ۾ وڙهڻ تمام خراب ڳالهه آهي ٻه مسلمان پاڻ ۾ وڙهن ۽ انهن جا حمايتي صرف ٻي فريق کي برو چون پنهنجو پاڻ کي بيقصور قرار ڏين ته اهي حق گوئي ۽ انصاف جي سراسر خلاف ورزي آهي.
    سچائي اها آهي ته زيادتي ڪرڻ وارو چاهي اوهان جو ويجهو عزيز ئي ڇونه هجي ان جو ساٿ نه ڏيو. رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته ”جيڪو شخص ظالم کي ظالم سمجهندي به ان جو ساٿ ڏي اهو اسلام مان نڪري ويو آهي“ انصاف، سچائي ۽ شرافت جي اها تقاضا آهي ته لڙائي ۽ فساد کي روڪڻ ۽ ظلم کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪريو.
    ڪنهن کي پريشان، بيمار ڏسڻ ۽ ان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ، ان تي رحم کائڻ تمام وڏي اخلاقي خوبي آهي، ڪنهن کان غلطي ٿي وڃي ۽ هو پنهنجي غلطي کي تسليم ڪري وٺي ته ان کي معاف ڪرڻ به هڪ نيڪي آهي. اسان جو پيارو نبي صلي الله عليه وسم جن سراپا رحمت هئا، پاڻ صلي الله عليه وسلم جن ماڻهن تي رحم ڪندا هئا ۽ مصيبت ۾ انهن جي ڪم ايندا هئا، ڪنهن کي پريشان ڏسي ان جي مدد ڪندا هئا، ڪمزور، بيمارن ۽ لاچارن جي خدمت ڪندا هئا. پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته ”توهان الله جي بندن تي رحم ڪريو، الله توهان تي رحم ڪندو“ توهان ماڻهن جا ڏوهه معاف ڪريو ته توهان جا ڏوهه معاف ڪيا ويندا“.
    اڄ دنيا ۾ لڙائي، جهيڙن جو زور آهي جيڪڏهن اسلام جي تعليم ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي هدايتن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ته سڄي دنيا مان لڙائي ۽ فساد ختم ٿي جڏهن ته دنيا امن ۽ سڪون جو گهر بڻجي وڃي.
    حڪيم محمد سعيد