islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. شادي جون غير شرعي ۽ غير اخلاقي رسمون

    شادي جون غير شرعي ۽ غير اخلاقي رسمون

    Rate this post

    الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الْإِسْلَامَ دِينًا. (مائده:3)
    اڄ ڏينهن مون توهان جي لاءِ توهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت توهان تي پوري ڪيم ۽ مون دين اسلام کي توهان جي لاءِ پسند ڪيو.
    الله تعاليٰ جا لکين ڪروڙين احسان آهن جنهن اسان انسانن جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ دين اسلام پسند فرمايو. اهو دين اسلام الله جي طرفان نور ۽ روشني آهي جيڪو هن ڌرتي کي ۽ انسانن جي دلين کي منور ۽ روشن ڪري ٿو .فرمايائين:
    وَأَنْزَلْنَا إِلَيْكُمْ نُورًا مُّبِينًا (نساء: 174)
    اسان توهان جي طرف نسورو نور نازل ڪيوسون.

    دوستو! توهان ڏٺو هوندو جت سج جي روشني ناهي، چنڊ جو چانڊاڻ به ناهي، ڏيئا ۽ بتيون ناهن اتي انڌيرو هوندو آهي. اهڙي طرح جتي الله جو نور اسلام ناهي اتي به انڌيرو آهي، هرطرف شرڪ ۽ بدعت بدامني، بي ادبي، ظلم، جاهليت. بي حيائي، بدڪاري، دوکو، دغابازي وغيره هوندي آهي. ساڳيو حال اسان جي ملڪ ۾ آهي، ماڻهن جي اڪثريت جاهليت تي آهي، جهالت وڏي بدبختي آهي، پيغمبر سڳورن به انهي کان الله جي پناهه گهري. جيئن موسيٰ عليه السلام چيو هو:
    قَالَ أَعُوۡذُ بِاللهِ أَنْ أَكُوۡنَ مِنَ الْجَاهِلِيۡنَ (البقره:67)
    آئون الله جي پناهه ۾ اچان ٿو. انهي ڳالهه کان ته جاهلن مان ٿيان.
    الغرض هتان جا ماڻهو صدين کان جاهليت جي اونڌاهي ۾ رهيا انهي ڪري جو اهي قرآن ۽ حديث کان پري رهيا. سندن رهڻي ڪهڻي، ڏيتي ليتي، ڪاروبار اهو ئي رهيو جيڪو صديون اڳ پراڻو هو. معاشري تي ٿورو نظر وجهنداسون ته ڪيتريون ئي رسمون ۽ رواج ابتا ۽ اڍنگا نظر ايندا جن ۾ هڪ ڪاڄ جي دعوت جو ڀت به شامل آهي. هي اها رسم آهي جنهن کي شوق ۽ چاهه سان ملهايو ويندو آهي. اهي رسمون اسلام جي بلڪل مخالف آهن. الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
    إِنَّ الَّذِينَ يُحَادُّونَ اللهَ وَرَسُولَهُ أُولٰئِكَ فِي الْأَذَلِّينَ (المجادلة: 20)
    بيشڪ الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي جيڪي ماڻهو مخالفت ڪندا آهن اهي ئي سڀ کان ڪريلن ۾ ڪريل هوندا آهن.
    ڪجهه رسمن مان ڪيترائي نقصان ۽ خباثتون پيدا ٿين ٿيون جن مان ڪن خباثتن ۽ خرافاتن کي ذڪر ڪجي ٿو جن کي انهي رسم جو نتيجو ئي چئبو-
    شادي ۽ شرڪ:
    شادي جي دعوت ۾ شرڪ جهڙو ڪبيره گناه ٿئي ٿو. مثال آسائتا ۽ آجيان ڪندڙن جو ايندڙ ماڻهن لاءِ جهڪڻ، هٿ ٻڌڻ، ٻانهون ٻڌي مرحبا چوڻ، انهن جي انتظار ۾ قيام ڪرڻ وغيره. انهيءَ کان سواءِ شرڪ اصغر يعني رياء ۽ ڏيکاءَ گهڻو هوندو آهي. ان سان گڏ شرڪيه گيت، شرڪيه نغمه ۽ ڪلام مرد ۽ عورتون ڳائيندا رهندا آهن، گهوٽ – ڪنوار ۽ سندن والدين جو ڪنهن درگاه تي وڃي شڪريو ادا ڪرڻ.
    سنت جي مخالفت:
    وليمو جي بجاءِ ڪاڄ جو ڀت ڪرڻ، رخصتي ۽ نڪاح کان پوءِ طعام کارائڻ جي بجاءِ اڳ ۾ طعام کارائڻ، الله ڪارڻ طعام کارائڻ جي بجاءِ پئسا (پُوئو/نيئنڊ) وٺڻ وغيره.
    نمازن جو ضايع ٿيڻ:
    شادي واري ڏينهن مرد توڙي عورتون ايترو ته مشغول ٿي ويندا آهن جو نمازون ضايع ٿي وينديون آهن. نمازي به بي نمازين کي ڏسي نماز پڙهڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. هادي ڪائنات ﷺ جن هميشه پنهنجي اُمت لاءِ هدايت جون دعائون گهريون آهن. پر جڏهن جنگ خندق جي موقعي تي پاڻ ﷺ جن جي صرف هڪ نماز عصر (وچين) فوت ٿي ته پاڻ ﷺ مشرڪن جي لاءِ بددعا جا شديد الفاظ چيائون. صحيح بخاري ۾ سيدنا علي ﷦ کان روايت آهي ته پاڻ سڳورنﷺ خندق واري ڏينهن فرمايو:
    مَلأَ اللهُ بُيُوتَهُمْ وَقُبُورَهُمْ نَارًا شَغَلُونَا عَنِ الصَّلاَةِ الْوُسْطٰي حَتّٰي غَابَتِ الشَّمْسُ (صحيح البخاري)
    الله تعاليٰ انهن مشرڪن ِ جي گهرن ۽ قبرن کي باهه سان ڀري جن اسان کي وچين نماز پڙهڻ کان مشغول ڪري ڇڏيو. حتيٰ ڪه سج غروب ٿي ويو. بهرحال شادي جي دعوت ۾ ڪنهن جي هڪ ته ڪنهن جون ٻه، ٽي ۽ چار نمازون ضايع ٿي وينديون آهن.
    بي پردگي:
    عورتن جو جمع ٿيڻ ۽ غيرمحرم مردن جو انهن سان ڳالهائڻ، ڏسڻ، مردن ۽ عورتن جو هڪٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ مردن جو عورتن جي مٿي تي هٿ رکي کيڪارڻ عام هوندو آهي.اهڙي طرح مردن سان عورتن جو مذاق، مسخري، کل ڀوڳ ۽ اختلاط گهڻو هوندو آهي. حديث ۾ آهي پاڻ ﷺ جن فرمايو: جڏهن به ڪو مرد غيرمحرم عورت سان اڪيلائي اختيار ڪندو آهي ته انهن ۾ ٽيون شيطان شريڪ ٿي ويندو آهي. (جامع الترمذي، کتاب الرضاع)
    حسد جو پيدا ٿيڻ:
    هڪ ماڻهو وٽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ ۽ سندن ٺٺ ۽ ٺانگر ڏسي ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ ساڙ ۽ حسد پيدا ٿئي ٿو.
    نفرتون ۽ جهيڙا:
    هڪڙن جي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ٻين جي شريڪ نه ٿيڻ سان بغض ۽ نفرتون پيدا ٿينديون آهن. ڄڃ جي موقعي تي ڄاڃين سان مذاق ۽ چرچا، گارگند جنهن سان جهيڙي جو امڪان رهندو آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته:
    إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَنْ يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ (المائده:91)
    شيطان اهو ئي چاهيندو آهي ته توهان ۾ بغض ۽ دشمني پيدا ڪري.
    ڳائڻ وڄائڻ:
    عورتون وڏي آواز سان ڳيت ڳائينديون آهن، مرد وري ڪنهن فنڪار يا فنڪاره کي گهرائي لائوڊاسپيڪر ۽ ايڪوسائونڊ لڳائي دهل ۽ ڌماڪن سان موسيقي ٻڌندا آهن. ۽ پاڙي وارن جي ننڊ ڦٽائيندا آهن.
    نشيدار شين جو استعمال:
    پان، گٽڪو، سگريٽ، چرس، آفيم، ڀنگ ۽ شراب جو استعمال ٿيندو آهي ۽ پوءِ نشي جي حالت ۾ بداخلاقي ڪندا آهن. هڪڙا اصل کان نشي جا عادي ۽ ٻيا وري سندن سنگت جو لحاظ رکندي نشيدار شيون استعمال ڪندا آهن. اهڙي طرح ننڍي عمر جا ٻار وڏن جو نقل ڪندي سگريٽ وغيره ڇڪيندا آهن.
    زنا ۽ لواطت جو ٿيڻ:
    سوين، هزارين مردن ۽عورتن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ اتي بي حيائي ٿيڻ اڻٽر آهي. عورتن ۽ مردن جو سرعام اخلاط هوندو آهي. جنهن سان ڪيتريون برايون جنم وٺي سگهن ٿيون.
    فضول خرچي:
    شادي واري ڏينهن روڊ، رستا، اُٺ گهوڙا، موٽر ڪارن، شاميانه ۽ شادي هالن تي هزارين روپيا خرچ ڪيا ويندا آهن. ڳائڻ وڄائڻ تي هزارين روپيا اڇليا ويندا آهن. ڪيترن جانورن جو ضرورت کان وڌيڪ ذبح ٿيڻ، دعوتي ڪارڊ ڇپرائڻ وغيره سڀ فضول خرچي ۾ شمار آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
    إِنَّ الْمُبَذِّرِينَ كَانُوا إِخْوَانَ الشَّيٰطِيۡنِ (بني اسرائيل:27)
    بيشڪ فضول خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن.
    وقت جو زيان:
    انساني زندگي جو قيمتي وقت انهن محفلن ۾ برباد ٿي ويندو آهي. ماڻهو دين ۽ دنيا جا ڪم ڇڏي نه الله جي ياد نه امربالمعروف و نهي عن المنکر جو موقعو، نه قرآن ۽ حديث جي تعليم جو خيال، ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪاڄ جو انتظار رهندو آهي. سڀئي ڪم ڪار ڇڏي شادي جو سامان گڏ ڪرڻ ۾ رُڌل هوندا آهن. شادي کان پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين اهو سامان پنهنجي جاءِ تي پهچائڻ ۾ مشغول ٿي وقت ضايع ڪندا آهن. انهي کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ تي ٻيو ڪهڙو ظلم چئبو.
    مقروض ٿي وڃڻ:
    شادي ڪرڻ وارو فضول خرچ ڪندي مقروض ٿي ويندو آهي، مٿس قرض جا ڪوڙه ٿي ويندا آهن، ڪٿي ڪپڙي وارو جو ته ڪٿي راشن واري جو ته ڪٿي وري ڪاسائي جو قرض مٿس هوندو آهي.
    معيشت جي تنگي:
    ايترو خرچ ڪري مقروض ٿي ٻين جو محتاج بنجي ويندو آهي ۽ ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻا پوندا آهن. ماني ڳڀي لاءِ پريشان حال هوندو آهي. اهڙي طرح جنهن معاشري ۾ ڪاڄن جو رواج هوندو آهي اتي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال هوندو آهي. پنهنجو ٻڪرو، گابو وڪڻي به هڪ ڪاڄ مان آزاد ٿيندو ته ٻيو ڪاڄ لڳل هوندو.
    وَمَنْ أَعْرَضَ عَنْ ذِكْرِي فَإِنَّ لَهُ مَعِيشَةً ضَنْكًا (طٰهٰ: 124)
    جنهن اسان کي وساريو اسان ان جي معيشت تنگ ڪنداسون.
    پريشاني ۽ ٽينشن:
    ڪاڄ جي تاريخ طئي ڪرڻ کان پوءِ آسائتن ۽ اڳواڻن جو آرام ڦٽي ويندو آهي ته ڪاڄ ٺهندو يا ڦٽندو، هر هڪ شيءِ جي پورائي جو فڪر رهندو اٿن.
    تصوير ڪشائي:
    هي وڏو ڏوهه آهي. تصويرون بنائڻ واري کي سخت عذاب ٿيندو.ڪاڄن ۾ باقاعده ڪئميرا، فوٽوگرافر ۽ مووي وارا گهرايا ويندا آهن جيڪي مختلف انداز ۾ گهوٽ، ڪنوار ۽ ڄاڃين جا فوٽا ڇڪيندا آهن.
    شادي ۽ وياج:
    وياج ڪبيره گناه آهي. هڪ ماڻهو ٻئي کان 500/1000 روپيا انهي شرط تي ڏيندو آهي ته جيئن هو کيس وڌيڪ موٽائي. ڪيترا ماڻهو وياج تي رقم کڻي به دعوتون ڪندا آهن.
    ڪوڙ ۽ گلا:
    مرد پاڻ ۾ ته عورتون پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي ٻين جي گلا ڪندا آهن، ته ڪٿي وري ڪوڙ پيو ڳالهائبو آهي. جيئڻ ڪاڄ جو پوئو لک روپيا ٿي ته ڏيڍ لک جو ڪوڙو واڪ ڏنو ويندو آهي ته جيئن سندن عزت ۽ مان ٿئي.
    جوا بازي:
    جوا کيڏڻ جا مختلف طريقا آهن. ڪٿي ڪنگڻ اڇلائي شيون کٽيندا ۽ هارائيندا آهن ته ڪٿي وري تير جهڙي ڪام گهمائيندا آهن ته ڪي وري پتن جي تاش کيڏي پئسا ڪمائيندا ۽ هارائيندا آهن.
    مساوات جو خاتمو:
    رئيس، وڏيرا، ڀوتار، چوڌري ۽ ڪامورن کي هنڌ وڇاڻا، وهاڻا ٽيڪ لاءِ ڏيئي کين سٺو طعام کارايو ويندو آهي ۽ غريبن کي تڏا ۽ کرڙ وڇائي ويهاريو ويندو آهي.
    نيون بدعتون، رسم ۽ رواج:
    مسلمان جي شان ۽ اسلام جي خلاف ريتون رسمون جيڪي هندن سان مشابهت رکندڙ هونديون آهن جهڙوڪ گهور گهورڻ، موڙو وٺڻ، موڙ ٻڌڻ، نوٽن جا هار پائڻ، لانئون لائڻ، سرڪس ڪرائڻ، نيئنڊ (ٿاري، پوئو) وٺڻ، گنديءَ جي دعوت ڪرڻ، ناچ ڪرڻ، گهوٽ ۽ ڪنوار کي آمهون سامهون ويهاري مُٺيون کولرائڻ، نڪ مروڙڻ، ڪپهه ڇنڊائڻ، کير مان مُنڊي ڪڍڻ، پڙو ڪڍڻ، گهوٽ ۽ ڪنوار جي ڪپڙن کي پاڻ ۾ ٻڌڻ وغيره اهي سڀ هندن جون رسمون آهن جيڪي مسلمان به ادا ڪندا پيا اچن.
    الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
    جڏهن چيو ويندو آهي انهن کي اچو الله جي نازل ڪيل طريقي جي طرف ۽ رسول (ﷺ) جي طرف چوندا آهن ته اسان جي لاءِ اهي ئي شيون ڪافي آهن جيڪي اسان جا ابا ڏاڏا ڇڏي ويا. ڀلي انهن جا ابا ڏاڏا ڪجهه به نه ڄاڻندا هجن نه وري هدايت تي هجن.(المائده: 104)
    يعني الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) کان دُوري، اسلام کان نفرت. باقي بدعت سان محبت برادريءَ جو لاچار هوندو آهي ۽ اهي انهن ڪمن کي ترقي ۽ اٿي ويٺي قرار ڏيندا آهن. ڇا جهنم ڏانهن وڃڻ کي به ترقي چئبو؟ اللهم اجرنا من النار.
    شاديءَ جو نبوي طريقو:
    شاديءَ جو اسلامي طريقو هيءَ آهي جيڪو قرآن ۽ حديث جي مطابق آهي، صحيح بخاري 5065، مسلم 1400 ڪتاب النڪاح ۾ ابن مسعود ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: اي نوجوانن جي جماعت جيڪو توهان مان نڪاح جي طاقت رکي سگهي انهي کي گهرجي ته نڪاح ڪري بيشڪ اهونظر کي جهڪو ڪرڻ آهي ۽ اوگهڙ جي حفاظت آهي، جيڪو نڪاح جي طاقت نه ٿو رکي سگهي ته انهي کي گهرجي ته نفلي روزا رکي اهي اوگهڙ جي حفاظت لاءِ ڍال آهن.
    اهڙي طرح ڪجهه صوفي قسم جا ماڻهو بغير عذر جي نڪاح ناهن ڪندا. ڪجهه ماڻهو وري ڇوڪرين يا ڇوڪرن جو نڪاح نه ڪرائيندا آهن غيرشرعي عذرن تحت. مثال ڇوڪري يا ڇوڪرو اڃا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن يا پئسي ڏوڪڙ واري رشتي نه ملڻ سبب. انهن غيرشرعي عذر ۽ جاهلانه سوچن جي ڪري بيشمار نوجوان مرد توڙي عورتن جون زندگيون برباد ٿي وينديون آهن.
    جامع ترمذي ۾ سيدنا ابوهريره ﷦ کان روايت آهي ته جڏهن توهان جي طرف اهڙو شخص نڪاح جو پيغام موڪلي جنهن جو دين ۽ اخلاق توهان کي پسند هجي ته انهي سان نڪاح ڪريو جيڪڏهن ايئن نه ڪندا ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد برپا ٿيندو.
    شادي لاءِ ديندار عورت کي ترجيح ڏني وڃي. اسان جي معاشري ۾ اڪثر ماڻهو دنياوي تعليم يافته کي تلاش ڪندا آهن، ڪي دولت کي ترجيح ڏيندا آهن ته ڪي وري حُسن کي ڏسندا آهن. صحيح بخاري ۽ مسلم ۾ ابوهريره ﷦ کان روايت آهي ته عورت سان چار شيون ڏسي نڪاح ڪيو ويندو آهي. (1) انهيءَ جي مال ملڪيت کي ڏسي، (2) انهيءَ جي حسب نسب کي ڏسي، (3) انهيءَ جي حسن کي ڏسي (4) انهي جي دين کي ڏسي. پاڻ سڳورن فرمايو ته:
    فَاظْفَرْ بِذَاتِ الدِّينِ
    ”پوءِ تون ديندار عورت کي ترجيح ڏي.“
    اڄ ڪالهه ميڊيا جي اندر عوام الناس کي عمر جو فرق ٻڌائي متنفر ڪيو ويندو آهي اها پروپئگنڊه آهي. عورت ۽ ولي جي راضي هجڻ کان پوءِ عمر جي فرق ۾ ڪو حرج ناهي. رسول الله ﷺ جن جڏهن ام المومنين سيده خديجةالڪبريٰ رضي الله عنها سان نڪاح ڪيو ته ان وقت خديجة الڪبريٰ رضي الله عنها جي عمر 40 سال هئي جڏهن ته رسول پاڪ ﷺ جن جي عمر 25 سال هئي. اهڙي طرح پاڻ ڪريم ﷺ جن ام المومنين عائشه رضي الله عنها سان نڪاح ڪيائون ته رسول پاڪ ﷺ جن جي عمر مبارڪ 52/53 سال هئي ۽ ام المومنين سيده عائشه رضي الله عنها جي عمر صرف نڪاح وقت 6 سال هئي ۽ رخصتي وقت 9 سال هئي. ته دينداري کي ترجيح ڏيڻ ئي افضل آهي. پوءِ انهيءَ جي طرف مڱڻي جو پيغام موڪليو ۽ نڪاح کان پهرين انهيءَ کي ڏسڻ به جائز آهي. جيئن سنن ابن ماجه ۽ جامع الترمذي جي حديث آهي ته مغيره بن شعبه ﷦ فرمائين ٿا ته مون هڪ عورت ڏانهن نڪاح جو پيغام موڪليو ته نبي ڪريم ﷺ جن مون کان پڇيو: ڇا تو انهيءَ کي ڏٺو آهي؟ مون عرض ڪيو نه الله جا رسول (ﷺ). پاڻ ﷺ جن فرمايو: فانظراليها. انهيءَ جي طرف ڏس، اهو ڏسڻ وڌيڪ لائق آهي جو توهان ٻنهي ۾ محبت پيدا ٿيندي.
    نڪاح جي ڳالهه ٻولهه يا مڱڻي لاءِ صرف هڪ عادل ماڻهو ئي ڪافي آهي. جيئن صحيح مسلم ۾ ام سلمه ﷺ کان روايت آهي ته ابو سلمه جي وفات کان پوءِ نبي ﷺ حاطب بن ابي بلتعه ﷦کي منهنجي طرف نڪاح جو پيغام کڻي موڪليويا پاڻ ئي انهي عورت جي ولي سان ڳالهايو. جيئن صحيح البخاري 5081 باب ڪتاب النڪاح ۾ عروه ﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ جن ام المومنين سيده عائشه رضي الله عنها سان نڪاح ڪرڻ لاءِ ابوبڪر صديق ﷦ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. اهڙي طرح عورت جو راضي هجڻ ضروري آهي. اسان جي معاشري ۾ عورت کان پڇيو ئي نه ويندو آهي بلڪه عورت ناراض هوندي آهي يا عورت کي ڪجهه پئسن جي عيوض وڪڻي زبردستي سندس نڪاح ڪرايو ويندو آهي.
    صحيح مسلم ڪتاب النڪاح ۾ ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته ڪنواريءَ کان اجازت ورتي ويندي انهيءَ جي اجازت انهي جو خاموش رهڻ آهي. گڏوگڏ ولي جو هجڻ به ضروري آهي. اڄ ڪالهه بغير ولي جي جيڪي عورتون ڀڄي وڃي ڪورٽن ۾ نڪاح ڪرائينديون آهن اهو ناجائز ۽ حرام آهي.
    ابن ماجه ۽ بيهقي ۾ ابوهريره ﷦ کان روايت آهي ته پاڻ ﷺ جن فرمايو ڪا به عورت ٻي عورت کي نه ٿي پرڻائي سگهي ۽ نه ئي پنهنجو نڪاح پاڻ ڪري سگهي ٿي. ڇو ته اها زانيه عورت آهي جيڪا پنهنجو پاڻ کي پرڻائي. (درالمنثور ج1، ص: 257، بديع التفاسير ج5)
    ابودائود ۾ ابو موسيٰ ﷦ کان روايت آهي لانکاح الا بولي. ولي کان سواءِ نڪاح نه آهي. هڪ ٻي حديث ۾ اهي الفاظ به آيا آهن، اهڙي قسم جو نڪاح باطل آهي. نڪاح ۾ ٻن شاهدن جو هجڻ ضروري آهي. جيئن دارقطني3/522، 7/521 ۽ بيهقي ۾ عمران بن حصين ﷦ کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو ته هڪ ولي ٻن عادل شاهدن کان سواءِ نڪاح نه آهي. نڪاح ۾ مسنون خطبو پڙهيو وڃي جيئن ابودائود وغيره ۾ ذڪر ٿيل آهي. ڪجهه ماڻهو فقط زبان سان حق مهر ٻڌائيندا آهن پر ڏيندا نه آهن. نڪاح ۾ حق مهر مقرر ڪرڻ ضروري آهي. جيئن (بخاري ڪتاب النڪاح 5121) ۾ سهل بن سهد ﷦ کان روايت آهي ته هڪ عورت رسول ﷺ جن وٽ آئي پنهنجو پاڻ کي هبه طور پيش ڪيائين ۽ ڪافي دير بيٺي رهي، ايتري ۾ هڪ شخص اٿي بيٺو عرض ڪيائين: الله جا رسول (ﷺ) جيڪڏهن توهان جي انهي ۾ حاجت ناهي ته پوءِ انهي جو مون سان نڪاح ڪرايو. پاڻ ﷺ جن فرمايو؛ ڇا تو وٽ حق مهر لاءِ ڪا شيءِ آهي؟ چوڻ لڳو الله جا رسول ﷺ مون وٽ صرف اها چادر پاتل آهي. پاڻ سڳورن فرمايو تون ڳولا ڪر من لوهه جي منڊي ملي وڃي، ڪجهه به نه مليس ته پاڻ ﷺ فرمايو ڇا تو کي قرآن ياد آهي؟ چيائين ها، فلاڻي فلاڻي سورة ياد آهي. پاڻ سڳورن فرمايو انهي قرآن شريف جي عيوض انهي جو تو سان نڪاح ڪريان ٿو. (يعني اهي سورتون انهي کي سيکارجانءِ) معلوم ٿيو ته جيتري طاقت هجي حق مهر ڏيئي به نڪاح ڪجي. اهڙي طرح مرد ۽ عورت کي دعا ۽ مبارڪ هن الفاظن سان چئجي:
    بَارَكَ اللهُ لَكَ وَبَارَكَ عَلَيْكَ وَجَمَعَ بَيْنَكُمَا فِى خَيْرٍ »
    (ابو دائود ڪتاب النڪاح 1866)
    يا صرف بارڪ الله لڪ چوي. رخصتي واري رات گهوٽ پنهنجي رفيق حيات جي پيشاني جي وارن کان جهلي بسم الله پڙهي هي دعا پڙهي:
    اَللّٰهُمَّ إِنِّى أَسْأَلُكَ خَيْرَهَا وَخَيْرَ مَا جَبَلْتَهَا عَلَيْهِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهَا وَمِنْ شَرِّ مَا جَبَلْتَهَا عَلَيْهِ (بخاري ابودائود)
    دعوت وليمه:
    دعوت جو وقت جنهن ۾ پنهنجي ويجهي مائٽن پاڙيوارن دوستن کي دعوت ڏني وڃي انهي کي وليمون چئبو آهي. اها ئي سنت نبوي ﷺ آهي. پاڻ ﷺ هميشه پنهنجو وليمون ڪيو آهي ۽ صحابه کي به انهي جي تعليم ڏنائون. بخاري ۾ انس ﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ عبدالرحمان بن عوف کي ڏٺو انهي جي ڪپڙن تي پيلاڻ جا نشان هئا، پاڻ فرمايائون هي ڇا آهي؟ چيائين هڪ عورت سان نڪاح ڪيو اٿم کجور جي ککڙي جي وزن جيترو سون حق مهر ۾ ڏيئي. پاڻ ﷺ جن فرمايو. بارک الله لک اولم ولو بشاة. هاڻي وليمون ڪر اگرچه هڪڙي ٻڪري جو ڪرين.
    اسان جي معاشري ۾ وليمي جي دعوت ۾ غريبن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. شاهوڪار ماڻهن ۽ ڪامورن کي عزت جي نگاه سان ڏسي کين کاڌو کارايو ويندو آهي. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کي وليمي جي دعوت ڏني وڃي. انهي کي گهرجي ته انهي تي ضرور اچي.
    دعوت قبول ڪرڻ هڪ مسلم جي مٿان ٻي مسلم جو حق آهي. صحيح مسلم 1430 ۾ حديث آهي پاڻ ﷺ جن فرمائين ٿا ته فان شاء طعم وان شاء ترک. چاهي ته کاڌو کائي نه چاهي ته کاڌو نه کائي. صحيح بخاري تفسير سورة احزاب ۾ روايت آهي ته جڏهن پاڻ ﷺ جن ام المومنين سيده زينب رضي الله عنها سان نڪاح ڪيو ته پاڻ سڳورن انهي جو وليمون ڪيو ۽ صحابه سڳورن کي دعوت ڏني جيڪي شريڪ ٿيا ڪجهه صحابه دعوت ختم ٿيڻ کان پوءِ ويٺا رهيا ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا جنهن سان پاڻ ﷺ جن کي تڪليف ٿي پر بلند اخلاق جي ڪري انهن کي چئي نه سگهيا تيستائين سوره احزاب جي هي آيت نازل ٿي:
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَدْخُلُوا بُيُوتَ النَّبِيِّ إِلَّا أَنْ يُؤْذَنَ لَكُمْ إِلَى طَعَامٍ غَيْرَ نَاظِرِينَ إِنَاهُ وَلَكِنْ إِذَا دُعِيتُمْ فَادْخُلُوا فَإِذَا طَعِمْتُمْ فَانْتَشِرُوا وَلَا مُسْتَأْنِسِينَ لِحَدِيثٍ إِنَّ ذَلِكُمْ كَانَ يُؤْذِي النَّبِيَّ فَيَسْتَحْيِي مِنْكُمْ وَاللهُ لَا يَسْتَحْيِي مِنَ الْحَقِّ
    (احزاب: 53)
    اي ايمان وارو جيستائين توهان کي اجازت نه ڏني وڃي تيستائين نبي (ﷺ) جي گهر ۾ نه داخل ٿيندا ڪريو، طعام کائڻ لاءِ اهڙي وقت ۾ جو توهان طعام جي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندا رهو. پر جڏهن توهان کي سڏيو وڃي پوءِ داخل ٿيندا ڪريو جڏهن طعام کائي وٺو ته پوءِ اتان نڪري ويندا ڪريو ۽ اتي ڳالهين ۾ مشغول نه ٿي وڃو. نبي (ﷺ) کي انهي جي ڪري تڪليف ٿئي ٿي پوءِ توهان کي چوڻ کان حيا ڪيائين ليڪن الله تعاليٰ حق ڳالهه کي بيان ڪرڻ کان حياء نٿو ڪري.
    هن آيت ۾ دعوت جا مختلف آداب سمجهايا ويا آهن هڪ ته ان وقت وڃو جڏهن کاڌو تيار ٿيل هجي، ان کان پهرين نه وڃو. ٻيو دعوت جي ختم ٿيندي ئي روانا ٿي وڃو اتي ويهي ڳالهيون نه ڪريو، ٽيون اجازت جي بغير دعوت ۾ شريڪ نه ٿيو. انهي کان سواءِ نڪاح ڪرڻ واري کي تحفي طور ڪا شيءِ ڏئي سگهجي ٿي پر انهي کي لکڻ يا انهي بابت شرط يا ٻول نه رکڻ گهرجي. اڄ ڪالهه اسان جي معاشري ۾ هلندڙ شادين ۽ رسول پاڪ ﷺ جي ان شادي کي ڏسو جيڪا پاڻ ﷺ ام المومنين سيده صفيه رضي الله عنها سان ڪئي. دعوت وليمه جو انداز ڪجهه هن طرح هو. جنهن ۾ ڪئي طعام جا اقسام تيار نه ڪرايا ويا جيئن اڄ ڪالهه ڪيو وڃي ٿو. پاڻ ﷺ هڪ دسترخوان وڇارايو جنهن تي کجور، پنير ۽ گيهه وڌو ويو ۽ دعوت وليمه ۾ شريڪ مسلمانن کي کارايو. هي طريقئه ڪار آهي وليمه نبي ﷺ جو. الله تعاليٰ کان دعا آهي اسان کي شريعت جو پابند رهڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
    منبع:http://www.sindhislam.com