islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. شهيدن جو سالار حضرت حمزه عليه السّلام – حمزه بن عبدالمطلب

    شهيدن جو سالار حضرت حمزه عليه السّلام – حمزه بن عبدالمطلب

    Rate this post

    حضرت حمزه عليه السّلام مشهور قول مطابق ٻه سال رسول خداﷺ کان وڏاهيا ۽ بعثت کان ٻه سال پوءِ ايمان آندائون. ابن اثير ۽ ٻين مورّخن جي مطابق جڏهن حضرت حمزه عليه السّلام ايمان آندوته قريش جا سردار سمجھي ويا ته هاڻي رسول خداﷺ جن مضبوط ٿي ويندا ۽ هاڻي اسلام به پوري دنيا ۾ عام ٿي ويندو، انهن جا اهي سڀ ارادا جيڪي دين مبين اسلام ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي خلاف سوچي رهيا هيا اهي سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويا. حضرت حمزه عليه السّلام رسول خداﷺ سان گڏ هجرت فرمائي، پاڻ پهريَن مهاجرن ۾ شامل آهن. اسلامي فوج جا پهريان سپه سالار هيا. ڇو جوجڏهن مشرڪن سيف بحر تي حملو ڪيو هيو ته رسول خداﷺ انجي جواب ۾ جيڪو گروه موڪليو هيو ان جو اڳواڻ حضرت حمزه عليه السّلام هيو. ۽ٻين گهڻين جنگين ۾ به شرڪت فرمايائون جيئن جنگ بدر ۽ احد، جنگ بدر ۾ تمام گھڻين سختين کي برداشت ڪندي قريش جي وڏن وڏن سردارن کي جهنم جو رستو ڏيکاريو، جن منجھان ڪجھ هي آهن :
    شيبه بن ربيع طُغميه بن عدي انهن کي پنهنجن هٿن سان ۽ عتبه بن ربيع کي مولا علي عليه السّلام سان گڏجي قتل ڪيو، حضرت حمزه عليه السّلام جي شجاعت کي دوست ۽ دشمن واکاڻيندا هيا.
    تلوار سان گڏوگڏ هٿن سان به جنگ ڪنداهيا. پاڻ اڪثر جنگين ۾ اٺ پکي جا پر سيني ۾ هڻي وڙهندا هيا، ته جيئن جنگ جي دوران سڃاتو وڃي، انهي جي ڪري جڏهن جنگ بدر ۾ هڪ شخص جي نظر حضرت حمزه عليه السّلام تي پيئي، پڇيائين ته هي ڪير آهي؟
    جواب مليس ته حمزه بن عبد المطلب آهي ان تعجب مان چيو ته (ذالک فعل بنا الا فاعيل)هي اهو شخص آهي جنهن اسان جي صفن کي ٽوڙيو هيو ۽ اسان کي ذليل ڪري بنهه لاچار ڪري ڇڏيو هيو. حضرت حمزه عليه السّلام هجرت جي ٽئين سال جنگ احد ۾ 81 ڪُفّار کي واصل جهنم ڪري پاڻ به شهادت جو پيالو پيتائون.
    1 _حضرت حمزه عليه السّلام رسول خداﷺﷺجي نظر ۾

    حضرت حمزه انبياء ۽ اوصياء کان سواء سڀني شهداء جو سردار آهي.

    شيخ صدوق هڪ مفصّل حديث ۾ حضرت سلمان کان نقل ڪندي لکيو آهي ته جڏهن رسول خداﷺ جو آخري وقت هيو ته پاڻ بستر بيماري تي ستل هيا ته جناب زهراء سلام الله عليها گريو ڪري رهيون هيون ته رسول خداﷺ تسلي ڏيندي پنهنجي خاندان جون فضيلتون بيان ڪندي فرمايو ته ڌيءُ اسان اهلبيت ئي آهيون جنهن سان خداوند متعال هي صفتون مخصوص ڪيون آهن.
    1 _اسان جو پغمبرسيّدانبياء ۽ مرسلين آهي جيڪو تنهنجو بابو آهي
    2_اسان جو وصي سيّدالاوصياء آهي جيڪو تنهنجو شوهر علي آهي .
    3_اسان جوشهيد سيّدالشّهداء آهي جيڪو تنهنجي بابي جو چاچو آهي، جناب زهره سلام الله عليها فرمايو اي حبيب خدا(ﷺ) ڇا هو فقط انهن جو سردار آهي جيڪي ان سان گڏ شهيد ٿيا؟ ته رسول خداﷺﷺ جن فرمايو نه هوانبياء ۽ اوصياء کان سواء اوّلين ۽ آخرين شهيدن جو سردار آهي[1] هن حديث مان ظاهر ٿئي ٿو ته حضرت حمزه عليه السّلام ۽ امام حسين عليه السّلام جن کي هميشه سيّدالشّهداء هجڻ جو فخرحاصل آهي ۽ هي لقب هميشه انهن سان ئي مخصوص رهيو ۽ رهندو، ليڪن امام حسين عليه السّلام جي فضيلت لاءِ ڇا چئجي جيڪي حضرت حمزه عليه السّلام جا به سردار آهن.
    2_حضرت حمزه عليه السّلام جن بهشت وارن جا سردار آهن

    شيخ صدوق، انس بن مالڪ کان نقل ڪندي لکيو آهي ته رسول خداﷺ جن فرمايو: اسان عبدالمطلب جي پٽن منجھان جيڪي جنّت وارن جا سردار آهن آئون، حمزه شيّدالشّهداء، جعفر ذوالجناحين، علي عليه السّلام فاطمه سلام الله عليها حسن عليه السّلام حسين عليه السّلام مهدي عليه السّلام آهيون [2]

    3_حضرت حمزه عليه السّلام رسول خداﷺﷺجا محبوب ترين چاچا.

    شيخ صدوق، امام صادق عليه السّلام کان، امامَ، رسول خداﷺ کان نقل ڪندي فرمايو

    احبّ اخواتي اليّ علي ابن ابي طالب واحبّ اعمامي حمزه.

    منهجو محبوب ترين ڀاء علي ابن ابي طالب ۽ محبوب ترين چاچوحمزه آهي [3]

    4_رسول خداﷺجي شهادت ۽ حمزه کي خواب ۾ ڏسڻ

    جڏهن رسول خداﷺ جنگ احد لاء ويندي خطبو فرمايائون ته مون ڪالھ رات خواب ڏٺوآهي ته منهنجي سامون ڍڳو ذبح ڪيو ويو آهي ۽ منهنجي هٿ ۾ تلوار ڀڄي پئي آهي. ان جي تعبير هي آهي ته هڪ گروه اسان مان شهيد ٿيندو ۽ هڪ شخص منهجي اهلبيت مان شهيد ٿيندو.[4] واقندي لکيو آهي ته حضرت حمزه عليه السّلام جنگ کان هڪ ڏينهن پهرين جمعي واري ڏينهن ۽ جنگ واري ڏينهن روزو رکيوهيو، يعني پاڻ روزي جي حالت ۾ شهيد ٿيا هيا [5]

    حضرت حمزه عليه السّلام ڪئين شهيد ٿيا؟

    ظاهرا ڀليڪري حضرت حمزه عليه السّلام خوبش وحشي نالي ڪنهن حبشي غلام هٿان شهيد ٿيا پر اصل ۾ ان کي ٻن شيطاني ذهن جي ماڻهن ڪا وڏي لالچ ڏيئي ان ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو هيو.

    1_ جبير بن مطعم: ابن ابي حديد لکي ٿو : حضرت حمزه دلير ۽ نه ڊڄڻ وارا شخص هيا ۽ جنگين ۾ پوئتي منهن ورائي نه ڏسندا هيا بس جنگ احد ۾ به جڏهن پاڻ جنگ ۾ مصروف هيا ته جبير بن مطعم پنهنجي غلام خوبش وحشي کي چيو ته توتي حيف آهي توکي خبر آهي علي (عليه السّلام) جنگ احد ۾ منهنجي چاچي طعيمه کي قتل ڪيو هيو. هاڻي جي تو علي(عليه السّلام) کي قتل ڪيو ته توکي خوشيءَ سان آزاد ڪندس ۽ جيڪڏهن تو محمّد(ﷺ) يا حمزه مان به ڪنهن هڪ کي قتل ڪيو پوء به آزاد آهين. (ان ٽنهي مان جيڪو تو لاءِ سولو هجي) وحشي جواب ڏنو ته محمّد کي انجي سپاهين حفاظت ۾ رکيو آهي ۽ علي اهو بهادر آهي جيڪو ڪنهن کي حرڪت ڪرڻ به ڪونه ڏيندو آهي. باقي حمزه کي قتل ڪرڻ آسان آهي ڇوجو هو جنگ ۾ پوئتي نه ڏسندوآهي . جبيربن معطم پنهنجو واعدو وفا ڪندي جنگ کان پوء انکي آزاد ڪري ڇڏيو.[6]

    2_ ابوسفيان جي گھر واري هند: جنهن جي ڪري وحشي ان ڪم ۾ هٿ وڌا، اها هند ابوسفيان جي گھر واري هئي. هو مڪّي جي خوبصورت عورتن ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ انتهائي عيش پرست….نا پاڪ ۽ آزاد هئي ان جي وحشي سان ملاقات جبير ڪرائي هئي ان به وحشي کي انهن ٽن بزرگوارن (رسول خداﷺ مولا علي عليه السّلام ۽حضرت حمزه عليه السّلام)جي قتل جو چيو ۽ تمام وڏي انعام جي لالچ ڏنائينس[7] روايت ۾ آهي ته رستي ۾ جتي به هند وحشي کي ڏسندي هئي ته ان واعدي جي طرف اشارو ڪندي هئي، وحشي چوي ٿو ته انهي ارادي سان مان احد جي ميدان ۾ داخل ٿيس، آزاد ٿيڻ واري سوچ منهنجي ارادي کي وڌيڪ پختو ڪري رهي هئي ته ڪڏهن هند کان انعام وٺڻ جي لالچ منهنجي قدمن ۾ تيزي آڻي رهي هئي،
    هو نيزي بازي ۾ ماهر هيو، انجو نشان گھٽ خطا ويندو هيو، چوي ٿو ته جڏهن جنگ اوج تي هئي ته آئون حمزه جي تاڙ ۾ نڪتس ۽ مناسب وقت جي ڳولا ۾ هيس، وڻن ۽ پٿرن جي پويان لڪي حمزه جي تاڙ ۾ ويٺو رهيس، اچانڪ منهنجي نظر حمزه تي پئي، مون ڏٺو ته هن جي نظر جنهن تي به پوي پيئي ان کي ڀڄائي پيو ڇڏي يا ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري پيو ڇڏي، حمزه جنگ جي دوران ٻن طريقن سان سڃاتو ويندو هيو هڪ ته هو ٻنهي هٿن ۽ پيرن سان وڙهندوهيو ٻيو سيني سان اٺ پکي جا پر ٻڌندو هيو. جڏهن سباع بن عبدالعزي تي حمزه جي نظر پئي ته حمزه ان کي سڏيندي چيو: هلّم اليّ ياابن مقطعه البظر. اي گندي ماءُ جا پٽ مونسان وڙھ، ائين چوندي ان تي حملو ڪيائين، هي اهو وقت هيو جنهن جي ڳولا ۾ آءُ هيس ڇوجو ان وقت حمزه منهنجي ويجھو هيو ۽ جنگ ۾ مصروف هيو انجي پوري توجّه مدّ مقابل ڏانهن هئي مون ان وقت کي غنيمت سمجھي پنهنجو نيزو، پنهنجي پوري طاقت ۽ فني مهارت سان حمزه جي طرف اڇلايو، منهنجو نيزو حمزه جي پيٽ ۾ لڳو ۽ پويان ظاهر ٿيو. ان مون تي حملو ته ڪيو پر طاقت نه رهيس ۽ زمين تي ڪري پيو. ان وقت جنگ جي حالت اهڙي هئي جو ڪنهن به مسلمان کي حمزه جي باري ۾ خبر نه هئي مون ڪجھ وقت انتظار ڪيو جڏهن يقين ٿي ويو ته حمزه مري ويو آهي ته قريب ويس ۽ نيزو کنيم، ٻيو منهنجو ڪوئي مقصد نه هيو ان لاءِ بس مان پنهنجو نيزو کڻي موٽي آيس .[8] امام صادق عليه السّلام فرمائن ٿا ته جڏهن وحشي نيزو هيون ته حضرت حمزه عليه السّلام ڪري پيا، پوءِ مشرڪن به حضرت تي حملو ڪيو. ان وقت وحشي انتظار ڪيو حضرت حمزه جي شهيد ٿيڻ کان پوء ان جو سينو چيري ۽ دل ڪڍي انعام وٺڻ لاء هند وٽ کڻي ويو، هند ان دل کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه کائي سگھي .[9]

    حضرت حمزه عليه السّلام جو جنازو شهادت کان پوءِ

    1_ هند جو حضرت حمزه جو جنازي سان سلوڪ

    شهادت ۽ دفنائڻ جي وچ ۾ ڪجھ واقعا پيش آيا آهن جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي .

    پهريون حادثو، هند هٿان حضرت حمزه عليه السّلام جي جنازي جي پامالي، طبري ان بابت لکيو آهي ته جڏهن حضرت حمزه عليه السّلام شهيد ٿي ويو ڪجھ دير بعد جڏهن جنگ جو زور ٽٽو ته ڪافرن جون عورتون ميدان ۾ جمع ٿي مسلمانن جي جنازن جي بيحرمتي ڪرڻ لڳيون انهن مان هڪ هند هئي، جڏهن حضرت حمزه عليه السّلام جي جنازي تي پهتي ته بيحرمتي ڪندي جنازي جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ان مان هار ۽ زيور ٺاهي پاتائين ۽ پنهنجا اصلي زيور وحشي کي ڏيئي ڇڏيائين. ۽ ڪوشش ڪيائين ته حضرت حمزه عليه السّلام جي دل کائي پر نه کائي سگھي، هان باقي دشمني جي باه ٿڌي ڪرڻ لاءِ حضرت حمزه جي جگر کي چٻاڙيو ۽ ان کان بعد هند آکلت الاڪباد سان مشهور ٿي جنهن جي سنڌي معنى جگر کائيندڙ آهي ۽ سائڻ زينب سلام الله عليها جڏهن يزيد جي سامهون شام ۾ خطبو پڙهيو ته واضح لفظن ۾ ان کي جگر کائيندڙ عورت جو پٽ سڏيو آهي. تفسير قمي ۾ آهي ته جڏهن هند جنازي تي آئي ته حضرت جي جسم جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيائين. ايسيتائين جو هٿ پير به سندن پاڪ ۽ پاڪيزه بدن کان ڌار ڪري پنهنجي حيوانيت ۽ اسلام دشمنيءَ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين، طبري لکي ٿو ته هند جنازي جي بيحرمتي کان پوء پَهاڙ تي چڙهي مسلمانن کي مخاطب ٿي شعر پڙهڻ لڳي .[10]

    2_رسول خداﷺ۽ حضرت حمزه عليه السّلام جو جنازو

    تفسير قمي ۾ آهي ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ رسول خداﷺ پنهنجي صحابن کي فرمايو ڪير آهي جيڪو مونکي چاچي جي باري ۾ خبر آڻي ڏيئي؟ حرث بن اميه چيو ته مونکي خبر آهي ته حضرت جو جنازو ڪٿي آهي . جڏهن آئون حضرت حمزه عليه السّلام جي جنازي تي پهتس ته منهنجي نظر جنازي تي پئي ۽ جنازي کي ان حال ۾ڏٺو ته مون ۾ طاقت نه رهي جو آئون رسول خداﷺ وٽ وڃان ۽ جنازي جي باري ۾ خبر ڏيان. جڏهن ان دير ڪئي ته حضرت علي عليه السّلام کي رسول خداﷺ فرمايو ته يا علي اُطلُب عمّڪ اي علي پنهنجي چاچي جي خبر آڻي ڏي . جڏهن مولا علي عليه السّلام حضرت حمزه عليه السّلام جي جنازي تي آيو ته ان سان به اهو ئي حال ٿيو، پوء رسول خداﷺ پاڻ ڪجھ اصحاب سان گڏ جنازه تي آيا ۽ جڏهن جنازي کي ان حالت ۾ ڏٺائين ته تمام گھڻو گريو ڪندي فرمايائون: لن اصاب بمثلک ابدا مون ڪڏهن به تنهنجي ان حال ۾ جدائيءَ کان وڌيڪ ڪو صدمو ناهي ڏٺو، ان وقت جبريل نازل ٿيو ۽ چيائين ته : انّ حمزه مڪتوبٌ في السّماوات سبعٌ حمزه بن عبدالمطلب اسد الله واسد رسوله ستن آسمانن تي لکيل آهي ته حمزه شير خدا ۽ شير رسول خداﷺ آهي. [11]

    3_حضرت حمزه عليه السّلام جو جنازو ۽ حضرت صفيه

    ابن اسحاق لکي ٿو ته حضرت حمزه عليه السّلام جي ڀيڻ صفيه کي جڏهن خبر پئي ته منهنجو ڀاء شهيد ٿي ويو آهي ته پاڻ ميدان احد ۾ وڃڻ لڳي ته جيئن ڀاءُ جي جنازي کي ڏسي سگھي، جڏهن رسول خداﷺ کي خبر پئي ته ان جي پٽ کي ان ڏانهن موڪليو ۽ فرمايو: القها فرجعها لاتري ما باخيها وڃ وڃي ماء کي منع ڪر هو ڀاء کي ان حالت ۾ نه ڏسي سگھندي . زبير ماء جي اڳيان ويو ۽ چيائين امان رسول خداﷺ جن منع ڪيو آهي ته حمزه جي جنازي تي نه وڃ ته صفيه فرمايو مون کي خبر آهي ته منهنجي ڀاء جو لاش حصن ۾ تقسيم ٿيل آهي پر مون ۾ ايتري طاقت آهي ته مان ان غم کي برداشت ڪريان ۽ انجي لاش تي وڃين خدا جو شڪر ادا ڪيان [12] زبير خبر رسول خداﷺ کي ٻڌايو ته رسول خداﷺاجازت ڏني، ابن ابي حديد واقدي کان روايت ٿو ڪري ته جڏهن صفيه جنازي تان ٿي رسول خداﷺوٽ آئي ۽ گريو ڪيو ته رسول خداﷺ۽ جناب زهرا سلام الله عليها به گريو ڪيو. ان وقت رسول خداﷺبشارت ڏيندي فرمايو .ستن آسمانن تي لکيل آهي ته حمزه الله ۽ انجي رسول جو شير آهي.[13] (ان مان خبر پئي ٿي ته بني هاشم جا نه فقط مرد بلڪه عورتون به ايمان جي ان بلنديءَ تي فائز هيون جو انسان سوچي حيران ٿو رهجي وڃي ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ممڪن آهي پر خدا تي ايمان رکڻ وارن لاءِ اها افتخار جي ڳالهه هوندي آهي هي مثال احد ۾ صفيه لاءِ ۽ ڪربلا ۾ سائڻ زينب لاءِ ڏسو ڀاء جي لاش کي اهڙي حال ۾ ڏسي به دعا ٿي گھري ته الله سائين هن قربانيءَ کي قبول فرماءِ )

    4_حضرت حمزه عليه السّلام جي نماز جنازه

    جڏهن رسول خداﷺنماز جنازي پڙهائڻ لاء حضرت حمزه عليه السّلام جي لاش تي آيو ته تمام گھڻو گريو ڪندي فرمايو: يا عمّ رسول الله و اسدالله واسد رسوله يا حمزه يا فاعلَ الخيرات ياحمزه ياڪاشف الڪربات يا حمزه يا دابّ عن وجه رسول الله حضرت عبدالله کان روايت آهي ته احد جي شهيدن مان سڀ کان پهريان هضرت جي نماز جنازه ادا ڪئي ۽ ان کان پوءِ باقي شهيدن کي واري واري سان سندس جنازي سان گڏ رکي نماز ادا ڪئي پئي وڃي ائين حضرت حمزه عليه السّلام جي جنازي نماز 72 مرتبا ادا ڪئي وئي.[14]

    حصرت حمزه جي زيارت جي فضيلت

    تاريخدان لکن ٿا ته رسول خداﷺهر سال حضرت حمزه عليه السّلام جي قبر جي زيارت لاءِ ويندا هيا ۽ هي سلام پڙهندو هيو السّلام عليڪم بماصبرتم فنعم عقبى الدّار[15]، ليکڪَ لکن ٿا ته رسول خداﷺکان بعد ابو بڪر، عمر ۽ عثمان به شهداء جي زيارت لاء احد جي طرف ويندا هيا[16] ايسيتائين جو معاويي جي لاء به ملي ٿو ته جڏهن حج لاءِ ويو ته شهداء احد جي زيارت لاء به ويو هيو. امام صادق عليه السّلام شهداء احد جي زيارت لاء معاويه بن عمّار کي فرمايو ڪڏهن به

    شهداء احد جي زيارت کي فراموش نه ڪجان، مرحوم ڪليني لکي ٿو سائڻ زهراسلام الله عليها هفتي ۾ 2 مرتبه شهداء احد جي زيارت لاء ويندي هئي. سعد بن طرف امام محمّد باقرعليه السّلام کان روايت ڪندي لکيو آهي ته اڪثر سائڻ زهراسلام الله عليها حضرت حمزه جي قبر تي زيارت لاء ويندي هئي ۽ قبر تي نشاني لاء هڪ پٿر نصب ڪيو هيو.

    پيءُ پٽ جي طرفان حضرت حمزه عليه السّلام جي قبر جي بيحرمتي ڪرڻ .

    ابن ابي حديد لکي ٿو ته عثمان جي خلافت جي زماني ۾جڏهن ابوسفيان قبرستان مان گذرندو هيو ۽ ان جي نظر حضرت حمزه عليه السّلام جي قبر تي پوندي هئي ته قبر کي لتون هڻين چوندو هيو.اي اباعمار سر قبر مان ٻاهر ڪڍ ۽ ڏس اها حڪومت جنهن جي لاء پاڻ جنگيون ڪيون اُها اسان جي جوانن جي هٿن جو رانديڪو آهي ۽ اهڙي طرح ٻيا ڪفر ڀريا جملا اسلام ۽ مسلمانن جي بغض ۾ چوندو هيو[17].

    39هجري ۾ جنگ احد کان 36 سال بعد معاويه جي حڪومت ۾معاويه ڏنو ته هڪ درياء ميدان احد مان وهايو ويندو لهذا جنهن کي به پنهنجا شهيد بچائڻا آهن اهي قبرن مان ميّت ڪڍي وڃن ته ان لاءِ ڪجھ قبرون کوٽيون ويون انهن ۾ حضرت حمزه عليه السّلام، عمروبن جموح، عبدالله جابر جو پيء انهن جون به قبرون کوٽيون ويون، ليڪن معاويي کي ان خبر تعجب ۾ وجھي ڇڏيو ته جنازا اڃان تائين تر وَ تازا آهن ۽ هن وقت تائين ڪنهن شهيد جو ڪفن به ميرو نه ٿيو آهي. اگر ڪنهن جنازي کي ٻاهر آڻڻ وقت زخم پئي لڳو ته رت نڪري پيو پئي. اگر ڪنهن جي جسم تي ڪو رومال ٻڌل هيو ۽ کوليو پيو وڃي ته رت نڪري پيو پئي. مجبور ٿي معاويي چيو ته قبرون پنهنجن جڳهن تي باقي رهڻ ڏيو[18].

    معاويي جو مقصد ڇا هيو؟ فقط هڪ مقصد هيو ۽ اُهو اِهو ته ماڻهو انهن شهيدن جي زيارت جي فضيلت کي ڄاڻيندا هيا ۽ هرسال هزارين زائر ۽ حاجي زيارت لاء احد جي ميدان ۾ گڏ ٿيندا هيا ۽ اتي جنگ احد جو تذڪرو ٿيندو هيو نه چاهيندي به سندس ماءُ پيءُ جو ذڪر ٿيندو هيو. اصل ڪردار سامهون ايندا هيا، ان لاءِ نه هوگا بانس نه بجي گي بانسري جي اردو چواڻي تي عمل ڪندي چيائين ته قبرون کوٽيون وڃن ۽ جنازا ڪڍيا وڃن ۽ ان جي مٿان درياءُ وهايو وڃي ته جيئن زماني جي گذرڻ سان گڏ اهو قصو به گذري وڃي ان ته اهو سوچيو هيو ته جنازا سڙي ويا هوندا ۽ هڏيون ڳري ويون هونديون پر جنهن کي ربّ رکي ان کي ڪير چکي، شايد ان کان قرآن جي هي آيت وسري وئي هئي ته خدا فرمائي ٿو فَاذْكُرُونِي أَذْكُرْكُمْ جيڪو خدا جو عهد آهي

    منبع:http://www.shiasindh.com