islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآني معلومات

    قرآني معلومات

    2.5 (50%) 2 votes

    (1) قرآن مجيد ۾ ڪل 114 سورتون آهن
    (2) قرآن مجيد ۾ 6236 ڪجھ قولن جي مطابق 6666 آيتون آهن
    (3) قرآن مجيد م 77807 ڪلما آهن

    (4) سورت توبه قرآن مجيد جي اها سورت آهي جنهن ۾ بسم الله الرحمن الرحيم ذڪر ٿيل ناهي
    (5) سورت نمل(ڪول) قرآن مجيد جي اها سورت آهي جنهن ۾ بسم الله الرحمن الرحيم ٻه ڀيرا ذڪر ٿيل آهي
    (6) قرآن مجيد جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي سورت، سورت بقره آهي لفظ بقره جي معني (ڳئون) آهي
    (7) قرآن مجيد جي سڀ کان ننڍي ۾ ننڍي سورت، سورت ڪوثر آهي
    (8) قرآن مجيد جي پهرين سورت فاتحه يا الحمد ۽ آخري سورت الناس آهي
    (9) نزول جي اعتبار سان سڀ کان پهرين سورت علق آهي
    (10) سورت ياسين کي قرآن مجيد جي دل چيو وڃي ٿو
    (11) سورت رحمن کي قرآن مجيد جي ڪنوار سڏيو ويندو آهي
    (12) قرآن مجيد ۾ 28 سورتون مدني (جيڪي مديني شريف ۾ نازل ٿيون ۽ 86 سورتون مڪي آهن يعني جيڪي مڪي شريف ۾ نازل ٿيون
    (13) اُهي سورتون جيڪي (ياايهالناس) سان شروع ٿين ٿيون اهي ٻه آهن 1. سورت حج _ 2. سورت النساء
    (14) اُهي سورتون جيڪي (ياايهاالنبي) سان شروع ٿين ٿيون اهي سورت طلاق، احزاب ۽ تحريم آهن
    (15) اُهي سورتون جيڪي الحمد سان شروع ٿين ٿيون اُهي سورت فاتحه، انعام، ڪهف، صبا ۽ فاطر آهن
    (16) اُهي سورتون جيڪي لفظ (انا) سان شروع ٿين ٿيون اُهي سورت فتح، نوح، قدر ۽ ڪوثر آهن
    (17) اُهي سورتون جيڪي (آلم) سان شروع ٿين ٿيون اُهي سورت بقره، عنڪبوت، آل عمران، روم، لقمان ۽ سجده آهن
    (18) اُهي سورتون جيڪي حم سان شروع ٿين ٿيون اُهي سورت مومن، فصلت، زخرف، دُخان، جاثيه ۽ احقاق آهن
    (19) سورت توحيد اُها سورت آهي جنهن جي هر آيت حرف (د) تي ختم ٿئي ٿي
    (20) سورت ڪوثر اُها سورت آهي جنهن جي هر آيت حرف (ر) تي ختم ٿئي ٿي
    (21) سورت الناس اُها سورت آهي جنهن جي هر آيت حرف (س) تي ختم ٿئي ٿي
    (22) سورت ليل (معني رات) اُها سورت آهي جنهن جي هر آيت حرف (ي) تي ختم ٿئي ٿي
    (23) سورت فاتحه کي قرآن مجيد جو خلاصو چيو وڃي ٿو
    (24) سورت مجادله اها سورت آهي جنهن جي هر آيت ۾ لفظ (الله) ذڪر ٿيل آهي
    (25) سورت حديد (معني لوھ) ۾ الله تعالي جون 27 صفتون ذڪر ٿيل آهن
    (26) سورت بقرھ ۾ 130 فقهي حڪمن جو ذڪر ٿيل آهي
    (28) قرآن مجيد ۾ ڪُل 25 نبين جو ذڪر ٿيل آهي
    (29) سورت انبياء ۾ 16 پيغمبرن جو ذڪر ٿيل آهي
    (30) سورت حجرات کي سورت اخلاق ۽ ادب چيو وڃي ٿو
    (31) قرآن ۾ واجب سجدا 4 آهن
    (32) قرآن مجيد جا ڪُل 30 سيپارا آهن
    (33) قرآن مجيد ۾ ست منزلون آهن
    (34) قرآن مجيد الله تعالي جي طرفان، نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جو معجزو آهي
    (35) قرآن مجيد حضرت جبرئيل عليه السلام جي وسيلي سان نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم تي نازل ٿيو
    (36) نبي اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم تي پهرين وحي غار حراء ۾ نازل ٿي
    منبع:http://www.mwilayat.com