islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآن جي هدايت

    قرآن جي هدايت

    2.3 (46.67%) 6 votes

    الم* ذلک الکتاب لاريب فيه هديً للمتقين*

    الف لام ميم * اهو ڪتاب جنهن ۾ ڪوبه شڪ ناهي (۽) پرهيزگارن لاءِ هدايت آهي.

    قرآن شريف اهڙو جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ اڳين سڀني آسماني ڪتابن جون معرفت ڀريون ڳالهيون پاتيون وڃن ٿيون، ۽ ٻن اڳوڻن مڙني آسماني ڪتابن مهيمن آهي ۽ قرآن جي بارگاهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي، ڇاڪاڻ ته قرآن خالص حق آهي، ۽ شڪ جي گنجائش اتي آهي جتي حق ۽ باطل مليل هجن ۽ باطل جو حق جي لباس ۾ اچي وڃڻ شڪ ۽ ٻڏتر جو سبب بڻبو آهي.

    ها باقي ڪافرن ۽ منافقن جو قرآن جي دعوى ۽ دعوت ۾ شڪ سندن بيمار دلين جو رد عمل آهي جهڙي ريت انڌو پنهنجي انڌائپ جي ڪري چٽي ڏينهن ۾ اچي شڪ ڪري.

    قرآن پرهيز گارن لاءِ هدايت جو سبب آهي البته قرآن جي تشريعي ۽ قانوني هدايت مڙني لاءِ آهي

    ( شهررمضان الذي انزل فيه القرآن هديً للناس) پر قرآن جي تڪويني هدايت يا ائين چئجي ته قرآن جي رهبري ۽ اڳواڻي جئين هن آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي، اها تشريعي ۽ قانوني هدايت کانپوءِ آهي ۽ اها تڪويني هدايت رڳو انهن پرهيزگارن کي نصيب ٿيندي جن پنهنجي فطرت جي سلامت رکندي قرآن جي تشريع تي پڻ عمل ڪيو هجي.

    باقي جن پنهنجي فطرت کي خواهشتن جي قبر ۾ پوري ڇڏيو سي قرآن جي تڪويني هدايت کان محروم رهندا

    الذين يومنون بالغيب ويقيمون الصّلاہ وممّارزقناهم ينفقون * جي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻن ٿا، ۽ نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق کين ڏنون اٿون، تنهن مان خرچ ڪن ٿا.

    قرآن اهڙي پرهيزگار جو هادي آهي جيڪي غيب (الله پاڪ، سندس اسماء مبارڪ وحي، فرشتا ۽ قيامت) تي ايمان رکن ٿا البته غيب مطلق يعني ذات پاڪ الهي جو ڳجهه، نه عارف جي شهود ۾ اچي سگهي ۽ نه ئي فلسفي ۽ متڪلّم جي ادراڪ ۾ اچي سگهي ٿو، ۽ نه ئي وري ڪنهن به مومن جي تفصيلي ايمان لاءِ ضروري آهي ته ان غيب مطلق تائين رسائي حاصل ڪري.

    پرهيزگار نمازي هوندا آهن نه رڳو نمازي بلڪه نماز جي حقيقت کي برپا ڪندڙ آهن، اهي پرهيزگار نماز جي اصلي پيغام کي لفظن جي لباس مان ٻاهر ڪڍي مفهوم جي قيد کان ٻاهر آڻي عيني ۽ حقيقي وجود ارپن ٿا، يعني پهريان نماز جي حقيقت کي پنهنجي جان ۾ جلوِگر ڪن ٿا پوءِ وري ان نماز کي لڳاتار انجام ڏيڻ سان متجلّى ڪن ٿا.

    ٻين کي تعليم ۽ تبليغ وسيلي نماز جي حقيقت جو عملي پيڪر بڻائين ٿا ته جئين نماز جي حقيقت بڇڙائن ۽ براين کان روڪيندڙ آهي، جيڪا هلو ۽ جزوع ۽ منوع هجڻ جي بيمارن لاءِ شفا آهي معاشري ۾ جلوِگر ٿي سگهي.

    الله سائين جيڪا روزي ڏني اٿن تنهن منجهان خرچ ڪري، پهريان پنهنجو خدا سان رابطو مضبوط ٿا ڪن، ۽ پوءِ ان رابطي جي سائي ۾ الله سائين جي ٻين ٻانهن سان پڻ پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ٿا. پرهيزگارن جو خرچ ڪرڻ رڳو مال سان ئي مخصوص ناهي، بلڪه هر قسم جي رزق جهڙوڪ: مال مڏي، علم، عقل، قدرت ۾ صداقت، پنهنجو مقام ۽ جان، ان مالڪ جي واٽ نثار ڪن ٿا.
    منبع:http://www.qsindh.com/