islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآن مجيد جي تلاوت جي فضيلت ۽ ان جا آداب

    قرآن مجيد جي تلاوت جي فضيلت ۽ ان جا آداب

    Rate this post

    معصومين عليهم السلام جي قول (فرمان) جي مطابق قرآن مجيد جي تلاوت جو تمام گھڻو ثواب ۽ ان جو بهترين اثر آهي، جيڪو انسان جي معنوي، حقيقي تربيت ۾ هڪ اهم ڪرادار سان گڏوگڏ انساني ترقي جو باعث بڻجي ٿو.
    اسان هن مقالي ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ۽ آداب جا مختصرطور
    ڪجھ فضائل بيان ڪريون ٿا
    (1) سعادت خوشبختي
    پاڻ ڪريم صلى الله عليه و آله وسلم جن جو ارشاد آهي، اگر ڪو ماڻهون چاهي ٿو ته مان سعادت مندن واري زندگي گذاريان، شهيدن واري موت نصيب ٿئي، آخرت ۾ ڪاميابي ملي، قيامت جي ڏينهن امن امان ۾هجان، ان ڏينهن جنهن ڏينهن ڪو به ڪنهن کي نه سڃاڻيندو ان ڏينهن مان ڪامياب ٿيان، گرمي جي ڏينهن ڇانوء نصيب ٿئي، ان ڏينهن جنهن ڏينهن فقط اُڃ ۽ بک هوندي ان ڏينهن مان هن سختين کان محفوظ رهان ته ان تي لازم آهي ته هو قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو رهي ڇو جو قرآن مجيد خدا جي ياد ڏياريندڙ ۽ شيطان جي شر کان بچائيندڙ آهي ۽ آخرت ۾ عملن جي وڌاري جو سبب بڻجي ٿو (1)
    (2) گھر ۾ نورانيت ۽ برڪت جو سبب
    پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جن فرمايو؛ پنهنجي گھرن کي قرآن مجيد جي تلاوت سان نوراني ڪيو ۽ انهن کي يهودين ۽ عيسائين وانگر قبرستانن ۾ تبديل نه ڪيو ڇو جو انهن (يهودين ۽ عيسائين) عبادت ، دعا وغيرھ کي پنهنجن گھرن ۾ انجام ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي هوءَ انهن کي فقط عبادتگاهن ، ڪليسائن ۾ئي انجام ڏين ٿا ( توهان انهن وانگر فقط مسجدن ۾ عبادت لاءِ نه وڃو ان ڪري نماز مستحب کي گھر ۾ پڙهڻ جو حڪم آهي) جنهن گھر ۾ قرآن مجيد جي تلاوت وڌيڪ ٿيندي ان گھر ۾ ۽ گھروارن جي خير۽برڪت ۾ اضافو ٿيندو ۽ گھروارا گھڻي عرصي تائين ان برڪت، ڀاڳ کان فائدو وٺندا رهندا
    جھڙي طرح زمين وارن لاءِ تارا روشن آهن ان وانگر هي گھر (جنهن ۾قرآن جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي) آسمان وارن لاءِ چمڪندڙ هوندو (2)
    (3) دعائون قبول ٿينديون
    حضرت امام حسن مجتبي عليه السلام جن فرمايو ؛ جيڪو به شخص قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو ان تلاوت ڪرڻ کان فورا بعد ۾ يا ڪجھ دير جي اندر جي ان دعا قبول ٿي ويندي (3)
    (4) ايمان ۾ ترقي (اضافو) ٿيندو
    اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جن فرمايو ؛ قرآن مجيد جي تلاوت جي ڪري ايمان مضبوط ۽ ان ۾ ترقي ايندي آهي (4)
    (5) اکين جو نور (ديد) تيز ٿيندي آهي
    جيڪو به شخص قرآن مجيد پنهنجي اڳيان کولي ان جي تلاوت ڪري ته هوءَ گھڻي عرصي تائين پنهنجي اکين جي روشنائي کان فائدو وٺي سگھي ٿو (5)
    (6) پيءُ ، ماءُ جي گناهنن جي بخشش جو سبب آهي
    حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو ؛ قرآن مجيد کي سامهون رکي ان جي تلاوت سان پيءُ ، ماءُ جو عذاب گھٽ ٿيندو آهي ، ڀلي ان جا والدين ڪافر ڇو نه هجن (6)
    (7) قرآن مجيد جو قاري جي رڳ رڳ ۾ سمائجي وڃڻ (اثر ڪرڻ)
    حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو اگر ڪو جوان مومن قرآن جي تلاوت ڪري ته قرآن ان جي گوشت ۽ خون (رت) ۾ شامل ٿي ويندو آهي (7)
    (8) دلين کي صاف، روشن ڪندي آهي
    نبي ڪريم صلى الله عليه و آله وسلم جن ارشاد فرمايو ته جئين لوھ کي زنگ لڳي ويندو آهي ان وانگر دليون به زنگجي وينديون آهن ته ماڻهن سوال ڪيو ته يا رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم اهو زنگ ڪئين ختم ٿيندو؟
    پاڻ سڳوري صلى الله عليه و آله وسلم جواب ڏنو ته تلاوت قرآن مجيد سان،
    (9) سڀ کان ڀلي عبادت تلاوت قرآن مجيد آهي
    پاڻ سڳوري صلى الله عليه و آله وسلم جن فرمايو منهنجي امت وارن جي سڀ کان ڀلي، بهترين عبادت قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ آهي (9)
    (10) گناهن جي بخشش جو سبب آهي
    قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ سان انسان جي نيڪين ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ گناھ به معاف ڪيا ويندا آهن (10)

    قرآن مجيد جي تلاوت جا آداب
    (1) منهن (وات) جو پاڪ، صاف هجڻ
    رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جن فرمايو ته پنهنجي منهن وات کي پاڪ ۽ صاف رکو ڇو جو توهان ان اسان قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا آهيو (11)
    ان پاڪائي ۽ صفائي مان مراد ظاهري ۽ باطني ٻئي آهن يعني ڏندڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ انسان پنهنجي زبان کي به قابو ۾ رکي ان سان گناھ انجام نه ڏيئي مثال جي طور ڪوڙ، غيبت …..
    (2) رُڪي، رُڪي آرام آرام سان قرآن جي تلاوت ڪرڻ
    خدا وند عالم جو قرآن ۾ ارشاد ٿيو؛ قرآن کي آرام آرام سان پڙهو (12)
    رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم هن آيت ( ورتل القرآن ترتيلا ) جي باري ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته ان مان مراد قرآن مجيد کي واضح ڪري پڙهڻ آهي جھڙي طرح ان جو حق آهي قرآن مجيد کي سبزي وڪڻڻ واري جي آواز وانگر هڪ سهي ۾ نه پڙهو، نه ئي شعر پڙهڻ وانگر (13)
    (3) شيطان جي شر کان پناھ گُھرڻ گهرجي
    قرآن مجيد ۾ آهي ته قرآن پڙهڻ وقت شيطاني وسوسن کان بچڻ لاءِ خدا جي پناھ حاصل ڪريو (14)
    (4) غور ۽ فڪر سان پڙهڻ
    قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته ڇا هي ماڻهون قرآن مجيد جي آيتن م غور فڪر نٿا ڪن ، ڇا انهن جي دلين تي تالا لڳل آهن (15)
    امام علي عليه السلام هن باري ۾ فرمائي ٿو ته قرآن مجيد جي اهڙي تلاوت مان ڪو به فائدو ناهي جنهن ۾ غور فڪر نه ڪيو وڃي (16)
    (5) حضور قلب، دل جي گھراين سان قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ
    قرآن مجيد ۾ آهي ته ڇا ايمان وارن لاءِ اڃان اهو وقت ناهي آيو ته خدا جي ياد ۽ قرآن مجيد جيڪو الله جي طرف کان نازل ٿيل آهي انهن جي ڪري انهن جون دليون نرم ٿين؟! (17)
    (6) سٺي آواز ۾ پڙهڻ
    رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جن فرمايو ته قرآن مجيد جي سهڻي، سٺي آواز ۾ تلاوت ڪرڻ گھرجي (18)
    منبع:http://www.mwilayat.com