islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآن پاڪ جا اسماء مبارڪ (پهريون ڀاڱو

    قرآن پاڪ جا اسماء مبارڪ (پهريون ڀاڱو

    1 (20%) 1 vote

    هن ڪتاب ۾ قرآن جي تعارف کي مختلف بحثن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
    1_قرآن جا اسماء مبارڪ
    مفسرن ۽ قرآنجي ڄاڻن قرآن شريف جي اسماء مبارڪ جو جيڪو تعداد ڄاڻايو آهي، تنهن ۾ ڪي قدر اختلافآهي. ابوالفُتوح رازي پنهنجي تفسير ۾ قرآن جا 43 نالا ڳڻايا آهن (روض الجنان، ج: 1،ص: 8) زرڪشي (البرهان، ج: 1، ص: 371)، قاضي ابوالمعالي کان 55 نالا نقل ڪيا آهن،جڏهن ته وري ڪن جو رايو آهي ته قرآن جا 80 نالا آهن. (تاريخ القرآن، ص:31 )
    مذڪوره دانشورن جيڪي نالا قرآن جي حوالي طور ڄاڻايا آهن، سي گھڻي قدر قرآن جيخاصيت طور ڪتب آندا ويا آهن. نالي ۽ خاصيت ۾ وڇوٽي نه ڪرڻ سبب مختلف رايا سامهوناچن ٿا.
    (الف) قرآن جا ذاتي نالا:
    قرآنجي مختلف عنوانن مان، چار عنوان پڪ ساڻ قرآن جي نالي طور ڪم آندا ويا آهن:
    (1)قرآن (بل هُوَ قُرْآنٌ مَجِيدٌ)
    ترجمو: ’بلڪه اهو قرآن سڳورو آهي.‘ (بروج، آيت: 2(
    (2)ڪتاب : ( كِتابٌ أَنْزَلْناهُإِلَيْك‏)
    ترجمو: ’هي ڪتاب آهي جنهن کي تو تي لاٿو اٿئون‘ (ص،آيت: 29)
    (3)ذڪر: (هذا ذِكْرٌ مُبارَكٌ أَنْزَلْناهُ)
    ‘هي برڪت ڀري فهمائش آهي‘ (انبياء، آيت: 50)
    (4)فرقان):تَبارَكَ الَّذِينَزَّلَ الْفُرْقانَ عَلى‏ عَبْدِه‏)
    برڪت ڀري آهي اها ذاتجنهن پنهنجي ٻانهي تي حق ناحق جو سنڌو ڪندڙ نازل ڪيو‘ (فرقان، آيت: 1)
    انهن چئننالن مان ٽي نالا: ڪتاب، ذڪر ۽ فرقان ٻين آسماني ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيا آهن،رڳو هڪ نالو ’قرآن‘ موجوده آسماني ڪتاب لاءِ اسم خاص طور ڪم آندو ويو آهي.
    (ب) قرآن جا صفاتي نالا:
    اسان ان ڳالهه ڏانهناشارو ڪري چڪا آهيون ته قرآن جي صفاتي نالن بابت دانشورن ۾ اختلاف آهن؛ تنهنڪري هترڳو انهن نالن جو ذڪر ڪبو جيڪي قرآن ۾ قرآن جي صفتن بابت ڄاڻايل آهن:
    1. مجيد: ق والقرآن المجيد
    ترجمو: ’قاف، قرآنڀلاري جو قسم!‘ (ق، آيت: 1)
    2 ڪريم :اِنّهالقرآن کريم
    ترجمو: ’پڪ سان اهو سڳورو قرآن آهي.‘ (واقعه، آيت( 77)
    2. حڪيم يس والقرآنالحکيم
    ترجمو: يٰس، قسم آهي ڏاهپ ڀرئي قرآن جو!‘ (يٰس، آيت: 36(
    4عظيم : ولقدآ تينک سبعا من المثاني والقرآن العظيم
    ترجمو: ’بيشڪ توکي هرهر پڙهندڙ ست آيتون (فاتحه) ۽ قرآن ڏنوسون‘ (حجر،آيت: 87)
    5. عزيز:(اِنه الکتاب عزيز لاَياتيهالباطل
    ترجمو: ’بيشڪ اهو غالب ڪتاب آهي، ناحق جنهن جي ويجھو ئي نه ٿواچي سگھي‘(فصلت، آيت:41(
    6 مبارڪ(هذا ذکرمبارک
    ترجمو: ’هي برڪت ڀري فهمائش آهي‘ (انبياء، آيت: 50)
    7. مبين:تلک آيات الکتاب و قرآن مبين
    ترجمو: ’اهيڪتاب ۽ پڌري ڪندڙ قرآن جون آيتون آهن‘ (حجر، آيت: 1)
    8. متشابہ:(الله نزّل احسن الحديث کتاباً متشابها
    ترجمو: ’الله سڀني کان سٺي ملندڙ جلندڙ ڳالهه ڪتاب جي شڪل ۾ موڪلي.‘ (زمر، آيت: 23)
    9. مثاني: (الله نزّل احسن الحديث کتاباً متشابها مثاني
    ترجمو: ’الله سڀني کان سٺي هرهر پڙهندڙ (۽) ملندڙ جلندڙ ڳالهه ڪتاب جيشڪل ۾ موڪلي.‘ (زمر، آيت: 23)
    10. عربي: (انّاانزلنا ه قرآناً عربيّا لعلّکم تعقلون
    ترجمو: ’بيشڪ ان کي عربي قرآن جيروپ ۾ لاٿو اٿئون، ته هوند اوهان ويچار ڪريو‘ (يوسف، آيت: 2)
    11. غير ذي عِوَج: (قرآناً عربيّا غير ذي عوج
    ترجمو: ’عربيقرآن جيڪو ٽيڙائيءَ کان سواءِ‘ (زمر، آيت: 28)
    12. ذِي الذّڪر:( ص والقرآن ذي الذکر
    ترجمو: ’صاد، نصيحت ڀرئيقرآن جو قسم آهي‘ (ص، آيت: 1)
    13. بشير: (کتابفُصّلت آياته … بشيراً
    ترجمو: ’هي اهو ڪتاب آهي جنهن جي آيتن کي ڀاڱن ۾ورهايو ويو آهي… هي خوشخبري ڏيندڙ آهي.‘ (فصلت، آيت: 2 ، 3)
    14. نذير:(کتاب فصّلت آياته … بشيراً نذيرا
    ترجمو: ’هياهو ڪتاب آهي جنهن جي آيتن کي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي… هي
    خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردارڪندڙ آهي‘ (فصلت، آيت: 2،3)
    15 قيّم : الحمد للهالذي انزل على عبده الکتاب … قيّماً
    ‘ترجمو: ’سڀ واکاڻ الله جي لاءِجنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب نازل ڪيو… جيڪو قائم رهندڙ ۽ ڪندڙ آهي‘ (ڪهف، آيت: 1، 2)
    2_لفظ ”قرآن“ جي لغوي اکيڙ:
    قرآن جي مڙني نالن ۽ خاصيتن جا مفهوم ۽ وضاحتون بيان ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ڪتاب جي گھرج آهي؛ پر جيئن ته اسان جو مقصد قرآني علمن بابت نهايت مختصر ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي، ان لاءِ هتي صرف قرآن شريف جي نالن ۽ خاصيتن مان رڳو لفظ ’قرآن‘ بابت وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
    البرهان (ج: 1، ص: 373) ۽ الاتقان (ج: 1، ص: 162) ۾ مختلف راين سان لفظ قرآن جا جيڪي ڌاتو ۽ معنائون ڏنيون ويون آهن، تن کي هن ريت ڄاڻائجي ٿو:
    • هڪ راءِ موجب:لفظ’قرآن‘ اسم جامد آهي، الله تعالى لفظ ’قرآن‘ ان وحيءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو، جيڪا پاڻ سڳورن ڏانهن ڀيڄيائون؛ ان کان اڳ مذڪوره لفظ عربي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪونه ٿيندو هيو.
    • ٻين راءِ موجب:(الف): لفظ ’قرآن‘ اسم مُشتَق آهي، پر مهموز (همزي وارو) ناهي. هڪ راءِ موجب: لفظ قرآن ’قرن الشيء باالشيء‘ (هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ سان ملائڻ) مان ورتل آهي. قرآن جو اهو نالو ان ڪري رکيو ويو هوندو جو قرآن جون سورتون، آيتون ۽ لفظ وغيره هڪٻئي سان مليل ۽ يڪجا ڪيل آهن.
    (ب): ’قرآن‘، ’قرآئن‘ مان ورتل آهي، قرآئن، ’قرينه‘ جو جمع آهي، قرينه يعني: نشان، علامت، شاهد. قرآن جو اهو نالو ان ڪري رکيو ويو هوندو، جو قرآن جي هر آيت ٻين آيتن لاءِ شاهد آهي.
    • ٽين راءِ موجب:(الف): لفظ ’قرآن‘ اسم مُشتَق ۽ مهموز (همزي وارو) آهي. قرآن ’قراء‘ مان ورتل آهي. قراء يعني: گڏ ڪرڻ. عرب جڏهن اهو چوڻ چاهيندا آهن ته ’پاڻي حوض ۾ گڏ ٿيو‘ ته چوندا آهن: ’قراءت الماء في الحوض‘. قرآن جو اهو نالو ان ڪري رکيو ويو هوندو، جو قرآن ۾ اڳين سڀني آسماني ڪتابن جي حقيقتن ۽ حڪايتن جو نچوڙ گڏ ڪيل آهي. (ب) لفظ ’قرآن‘، ’رجحان‘ ۽ ’غفران‘ جي وزن تي آهي، ۽ قراء (يعني پڙهڻ) مان ورتل آهي؛ هتي قرآن، ’مقروءَ‘ يعني پڙهيل جي معنى ۾ آهي. عربي ٻوليءَ ۾ گھڻي ڀاڱي مصدر، اسم مفعول جي معنى ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي. منهنجي سمجھ آهر ڄاڻايل مڙني راين مان آخري رايو وڌيڪ سگھارو آهي.
    3_”قرآن“تي ان نالي هجڻ جو ڪارڻ:
    ان راز کي سمجھڻ لاءِ اسان مختصر هن ريت چئي سگھون ٿا ته: قرآن هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا لفظن جي قيد ۾ سمائي نٿي سگھجي. قرآن جا مضمون نهايت اعلى ۽ مٿانهان آهن، جڏهن ته لفظَ مادي امورن (ظاهري حڪمن) لاءِ جوڙيا ويا آهن، تنهنڪري لفظن ۾ اها سگھ ناهي ته انهن اعلى ۽ بلند مضمونن کي پوري جو پورو بيان ڪري سگھن يا اها پوري ڪيفيت سمائي سگھن! الله تبارڪ و تعالى انهن اعلى ۽ بلند معارف ۽ مضمونن کي عام ماڻهوءَ جي سمجھڻ لاءِ آسان ڪيو ته جيئن قراءت يا پڙهائيءَ ۾ اچن ۽ عام ماڻهو انهن عنوانن ۽ مضمونن کي سمجھي سگهي. عظيم مفسّر علامه طباطبائيؒ ان ڳالهه ڏانهن اشارو سورة زخرف جي آيت: 3- 4 ’انّا جعلنا قرآناً عربيّاً لعلّکم تعقلون و انّه في امّ الکتاب لدينا لعليّ حکيم‘ جي تفسير ۾ بيان ڪندي ڄاڻايو آهي ته: ”امّ الڪتاب مان مراد لوح محفوظ آهي ۽ لوح محفوظ کي ’امّ الڪتاب‘ ان ڪري چيو ويو آهي جو سڀني آسماني ڪتابن جو بنياد ۽ اصل ’لوح محفوظ‘ ئي آهي. ’عليّ‘ جو مفهوم هي آهي ته قرآن مقام ۽ منزلت جي لحاظ کان تمام گھڻو اتم آهي، جنهن سبب ان تائين عقل جي پهچ ممڪن ناهي. ’حڪيم‘ جو مفهوم هي آهي ته: قرآن پنهنجي پهرئين مقام تي سورتن، آيتن ۽ لفظن جي ورڇ ورهاست کان مٿانهون آهي. پر هيءَ سورتن، آيتن ۽ لفظن جي ونڊ ورڇ ان صورت ۾ وجود ۾ آئي، جو قرآنَ عربي ٻوليءَ جو روپ ڌاريو. (الميزان، ج: 18، ص: 84)) مٿئين ڄاڻايل مختصر حوالي مان ان ڳالهه جي پروڙ پوي ٿي ته قرآن شريف جو ’قرآن‘ نالو ان ڪري رکيو ويو جو اها حقيقت جيڪا اسان جي سامهون لفظن جي روپ ۾ آهي، دراصل لوح محفوظ ۾ هر قسم جي ونڊ ورڇ کان سواءِ موجود هئي؛ جڏهن الله سائينءَ ان بسيط ۽ اعلى حقيقت کي عام ماڻهوءَ جي رهنمائيءَ ۽ ان جي جاکوڙڻ واري اڃ اجھائڻ لاءِ لفظن ۽ عبارتن جي پيڪر ۾ آندو ته ’قرآن‘ (يعني پڙهڻ جوڳو) بڻجي ويو.
    منبع:http://www.qsindh.com/