islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآن پاڪ جي تلاوت جو اصلي مقصد

    قرآن پاڪ جي تلاوت جو اصلي مقصد

    Rate this post

    توهان ڪنهن کان پڇو ته علامه اقبال جو ((بانگ درا)) ڪتاب پڙهيو آهي ته جيڪڏهن هو جواب ((ها)) ۾ ڏئي ته توهان ضرور سمجھندؤ ته هن پڙهڻ سان گڏ ان تي غور ۽ فڪر ڪري ان ڪتاب کي سمجهيو به هوندو. توهان جيڪڏهن پڙهيو هوندو ته ان جي نظمن، علامه اقبال جي ڪلام جي پختگي، ان جي مشڪل لفظن ، پيغام، فڪر جي تبديلي جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪري سگھو ٿا. اهڙي نموني هر ڪتاب جي باري ۾ اهو چئي سگھجي ٿو.

    شايد دنيا ۾ ((قرآن)) هڪ عجيب ۽ منفرد ڪتاب آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڇپجڻ وارو ۽ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو وڃڻ وارو آهي پر ڪيترا اهڙا پڙهڻ وارا آهن جيڪي ان ڪتاب کي سمجھڻ ۽ ان ۾ غور و فڪر ڪرڻ جو سوچين به نٿا. حيرت جي ڳالھ آهي ته ڪيترائي ماڻهو پڙهي ڪري پنهنجي پاڻ کي ثواب جو حقدار به سمجھندا آهن. آخرت ۾ ڪنهن ڪم تي ثواب جو ڏيڻ يا نه ڏيڻ الله جو ڪم آهي ان جو فيصلو مون جهڙي ناقص بندي جي هٿ ۾ نه آهي پر جيستائين قرآن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان مطابق اها قرآن سان بي انصافي آهي جو بغير سمجھڻ جي پڙهيو وڃي.

    ((قرآن)) جي لفظي معنيٰ آهي (( گهڻو پڙهيو وڃڻ وارو )) اهل ادب جي زباني چيو وڃي ته قرآن مبالغي جو صيغو آهي ان مطابق به ساڳي معنيٰ ٿيندي ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پڙهڻ جي بغير سمجھڻ ناممڪن آهي ۽ پڙهڻ سمجھڻ لاءِ مقدمو آهي ان ڪري اهو نالو خود قرآن پنهنجي لاءِ انتخاب ڪيو آهي.

    يس * وَالْقُرْآنِ الْحَكِيمِ [i] ترجمه : يٰس. قسم آهي حڪمت واري قرآن جو.
    ان نالي رکڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين ڏينهن کان جھڙوڪ اها پيشن گوئي پوري ٿئي ان کي قرآن حڪيم جو معجزو هجڻ سمجھيو ويندو ته هن جي نازل ڪرڻ واري جيڪو نالو اختيار ڪيو هو اهو معنيٰ جي لحاظ سان به سچو ثابت ٿيو جيئن حضرت عبدالمطلب ؑ رسول پاڪ (ص) جي ولادت کان پوءِ جڏهن کين هنجھ ۾ کنيو ۽ ڪعبي وٽ کڻي آيا ته ماڻهن سوال ڪيو ته پوٽي جو نالو ڇا رکيو اٿو. ان تي فرمايائون ته هن جو نالو ((محمد)) (ص) رکيو اٿم. جڏهن ان جو سبب پڇيائون ته حضرت جواب ڏنو ته ((محمد)) (ص) جي معنيٰ آهي جنهن جي گھڻي تعريف ڪئي وڃي ۽ مونکي اميد آهي ته هن جي گھڻي تعريف ڪئي ويندي ۽ تاريخ ثابت ڪري ڏيکاريو ته حضرت عبدالمطلب جي پيشن گوئي سچي ٿي ان ڪري اهو ته صحيح آهي ته هن پاڪ ڪتاب کي ڪثرت سان پڙهيو وڃي پر اهو سوال باقي رهي ٿو ته هن پاڪ ڪتاب جو اسان سان ڪهڙو رشتو آهي.
    قرآن خود فرمائي ٿو ته:
    الم*ذَلِكَ الْكِتَابُ لاَ رَيْبَ فِيهِ هُدًى لِّلْمُتَّقِينَ [ii]
    ترجمو : الم. هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ۽ پرهيزگارن جي لاءِ هدايت آهي.
    هن آيت جو ترجمو هن ريت به ڪري سگھجي ٿو ته : الم هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هي پرهيزگارن جي لاءِ هدايت آهي.

    ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڪتاب اسانجي هدايت ۽ رهنمائي جي لاءِ نازل ڪيو ويو آهي زندگي جي مختلف مرحلن ۾ رهنمائي ڪري ٿو ۽ صحيح منزل ڏانهن هدايت ڪري ٿو. ڇا ٽريفڪ جي قانون جي ڪتاب کي بغير پڙهڻ جي سمجھڻ سان ڇا اسان گاڏي کي قانون مطابق هلائينداسين. اهڙي نموني ڇا روڊ تي لڳل بورڊ کي بغير سمجھي پڙهڻ سان اسان قانون ٽوڙڻ کان بچي سگھون ٿا. جيڪڏهن رستو معلوم نه هجي ته راهنمائي جي بورڊ کي بغير سمجھي پڙهڻ سان منزل تائين پهچي سگھون ٿا؟ يقيناً نه بلڪه ان صورت ۾ گمراهه ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

    قرآن پنهنجي باري ۾ فرمائي ٿو

    هُدًى لِّلنَّاسِ وَبَيِّنَاتٍ مِّنَ الْهُدَى وَالْفُرْقَانِ [iii] ترجمو : هي ماڻهن جي لاءِ هدايت آهي ۽ ان ۾ هدايت منجھان روشن نشانيون آهن ۽ حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ وارو آهي.

    جيڪڏهن آيتن جي مفهوم تي غور ڪريون ته قرآن پنهنجي نازل ٿيڻ جو ڪهڙو مقصد ٻڌايو آهي ۽ پنهنجي باري ۾ هن جي دعوى ڇا آهي؟ ڇا ان مقصد کي بغير سمجھڻ جي حاصل ڪري سگھون ٿا.

    حيرت جي ڳالھ اها آهي ته خود قرآن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ غور ۽ فڪر نه ڪرڻ واري جي مذمت ڪئي وئي آهي. أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ أَمْ عَلَى قُلُوبٍ أَقْفَالُهَا [iv]
    ترجمو : ڇا اهي قرآن ۾ غور و فڪر نٿا ڪن يا ته انهن جي دلين تي تالا لڳل آهن
    جيئن قرآن ڏانهن وڌڻ جا ٽي مرحلا آهن. پڙهڻ، سمجھڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ. ظاهر آهي ته غور ۽ فڪر جي نتيجي ۾ انسان کي قرآني هدايت تي عمل ڪرڻو آهي ۽ اهوئي ٻين مرحلن جو حقيقي مقصد آهي. پڙهڻ، سمجھڻ ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان انسان ۽ معاشرو تبديل نه ٿئي ته پوءِ سڄي ڪوشش فضول آهي. قرآن حڪيم جي هڪ ٻي آيت اسان جي موضوع ۾ وڏي مددگار آهي سوره فرقان جي آخر ۾ رحمان جي بندن جون نشانيون ٻڌايون ويون آهن انهن منجھان هڪ نشاني اها آهي ته آيت وَالَّذِينَ إِذَا ذُكِّرُوا بِآيَاتِ رَبِّهِمْ لَمْ يَخِرُّوا عَلَيْهَا صُمًّا وَعُمْيَانًا [v]
    ترجمو : ۽ جن کي پنهنجي پالڻهار جي نشانين جي ياد ڏياري وڃي ٿي ته اهي انهن تي گونگا ۽ انڌا ٿي نٿا رهن.

    (آيات رب) جو هتي جيڪو به ترجمو ڪيو وڃي قرآن حڪيم جون آيتون ته هر صورت ۾ مراد وٺي سگھجن ٿيون.

    قرآن نٿو چاهي ته ان کي طوطي وانگر رٽيو وڃي، ٽيپ رڪارڊر وانگر ٻڌو وڃي ۽ ڪمپيوٽر وانگر آيتن جي ايڊريس ڏني وڃي بلڪه قرآن جي آرزو اها آهي ته مومن ان تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ گونگن ۽ انڌن وانگر ان سان سلوڪ نه ڪن.

    قرآن پنهنجي لاءِ جيڪي لقب ٻڌايا آهن اهي به ڪنهن معنيٰ کان خالي نه آهن ۽ اسان جي هدف تائين پهچڻ ۾ مددگار آهن جيئن : قرآن پنهنجي پاڻ کي حڪيم چورائي ٿو يعني وڏي حڪمت وارو ۽ حڪمت يعني گهري معنيٰ ان جو مطلب اهو ٿيو ته قرآن پنهنجي ظاهري معنيٰ کان علاوه پنهنجي اندر حڪمت جا خزانا رکي ٿو ڇا فقط پڙهي ڇڏڻ سان اهو به بغير سمجھڻ جي انهن خزانن تائين پهچي سگھجي ٿو.

    اهڙي نموني قرآن جو هڪ لقب ((مجيد)) يعني ((وڏائي وارو)) سوره ((ق)) ۽ سوره ((بروج)) ۾ اهو لقب آيو آهي.

    قرآن پنهنجي پاڻ کي ((ذڪر)) به چيو آهي يعني ((يادگيري، توجه)) ان جو مطلب آهي ته خود قرآن پنهنجي معنائن ۾ غور ۽ ويچار ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيو آهي.

    قرآن پنهنجي پاڻ کي ((فرقان)) چيو آهي يعني ((فرق ڪرڻ وارو)) ان جو مطلب اهو آهي ته قرآن حق ۽ باطل جي سڃاڻ ڪرائي ٿو ۽ هن جي مدد سان حق کي سمجھي سگھون ٿا. اها صفت به قرآن کي سمجھي ڪري پڙهڻ جي دعوت ڏئي رهي آهي.

    افسوس! جو ڪجھ حديثن جي معنائن تي غور نه ڪرڻ جي ڪري ڪيتريون فڪري مشڪلون پيدا ٿيون آهن نتيجي ۾ قرآن جي معنائن کان دوري جو سبب ٿيون آهن ۽ پورو مسلمان معاشرو زوال جي طرف وڃي رهيو آهي.

    مشهور روايت آهي ته قرآن جي هڪ حرف پڙهڻ سان ڏهه نيڪيون ملن ٿيون ۽ الٓمٓ ٽي اکر آهن انهي کي پڙهڻ سان ٽيهه نيڪيون ملي ويون ماڻهو سمجھن ٿا ته قرآن جي لفظن جي تلاوت ڪري نيڪيون ڪمائي سگھجن ٿيون ته پوءِ عمل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

    انهي روايت کي جيڪڏهن صحيح فرض ڪيو وڃي ته پوءِ هن جي ڪجھ نقطن تي توجه ڪرڻ ضروري آهي.

    (1) جڏهن اها ڳالھ عربي ڄاڻڻ وارن ۽ قرآن کي سمجھڻ وارن کي چئي وڃي ته اهي اهو سمجھندا ته هن جو مطلب آهي ته قرآن کي سمجھي پڙهڻ جو ايترو ثواب آهي.

    (2) جيئن ته اسان چيو ته : اصولي طور تي ڪو سمجھ وارو ماڻهو اهو سوچي به نٿو سگھي ته پڙهڻ جو مطلب بغير سمجھڻ آهي. اها ناداني آهي جو بغير سمجھڻ جي پڙهڻ کي صحيح سمجھيو وڃي.

    (3) هن هڪ روايت جو مطلب ورتو وڃي ته معني سمجھڻ جي بغير پڙهڻ جو ثواب ملي ٿو ته ڇا اها هڪ روايت قرآن جي مٿي ذڪر ڪيل آيتن ۽ ان جهڙي ٻين آيتن جو انڪار ڪرڻ جي لاءِ ڪافي نه آهي يعني قرآن ته باربار غور ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي ۽ غور نه ڪرڻ وارن جي مذمت ڪري رهيو آهي ۽ ذڪر ڪيل روايت جو مطلب پنهنجي مرضي مطابق ڪڍي ڪري اهو سمجھون ته بغير سمجھڻ جي پڙهڻ سان نيڪيون ملن ٿيون. قرآن جي باري ۾ تمام علماء ان اصول تي متفق آهن ته حديث جي صحيح يا غلط هجڻ کي معلوم ڪرڻ لاءِ قرآن کي معيار قرار ڏنو وڃي ۽ جيڪا حديث قرآن جي مخالفت ڪري اُها صحيح نه آهي پر انهي حديث تي غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اها حديث قرآن جي تعليمات ڏانهن رغبت ڏياري رهي آهي.

    (4) ان کان علاوه ڪيتريون حديثون ملن ٿيون جيڪي قرآن حڪيم ۾ غور ڪرڻ، سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ تي زور ڏين ٿيون.

    انهن سڀني حديثن کي سامهون رکي ڪري پوءِ هن حديث جي معني ڪرڻ گھرجي حضرت علي عليه السلام ان سلسلي ۾ فرمائين ٿا: قرآن نيڪين جو حڪم ڏيڻ وارو براين کان روڪڻ وارو ((ظاهرا)) خاموش ((باطن)) ۾ ڳالهائيندڙ مخلوق تي الله جي حجت آهي جنهن تي عمل ڪرڻ جو ان پنهنجي بندن کان واعدو ورتو آهي ۽ انهن کي ان جو پابند بنايو اٿس هن جي نور کي ڪامل ۽ ان جي ذريعي دين کي مڪمل ڪيو اٿس ۽ پنهنجي نبي کي ان وقت پاڻ ڏانهن گھرايائين جڏهن پاڻ ماڻهن تائين قرآن جي اهڙي حڪمن جي تبليغ ڪري چڪا هئا جيڪي انهن جي هدايت جو سبب بڻجن ٿا. [vi]

    قرآن حڪيم جي تلاوت ڪرڻ وارو جيڪو عرب نه آهي اهو سوال ڪري سگھي ٿو ته هو قرآن کي ڪيئن سمجھي؟ اسان عرض ڪنداسون ته دنيا جي تمام زبانن ۾ قرآن حڪيم جو ترجمو ٿي چڪو آهي بلڪه هر زبان ۾ ڪيترائي ترجما آهن ٿوري فرق سان سڀ ترجما هڪ جهڙا آهن. قرآن جي ابتدائي طالب علم جي لاءِ اهي ترجما مفيد آهن ۽ هر شخص پنهنجي ذوق مطابق ترجمي کي انتخاب ڪري سگھي ٿو.

    ترجمي پڙهڻ سان هوريان هوريان دلچسپي وڌندي ويندي ۽ انسان تفسير ڏانهن لاڙو رکندو.

    اهو بهانو قابل قبول نه آهي ته ترجمي پڙهڻ جو ٽائيم ڪونهي عام طور تي جيڪو انسان تلاوت ڪري ٿو اهو وقت کي تلاوت ۽ ترجمي ۾ تقسيم ڪري اڌ وقت تلاوت کي ۽ اڌ وقت ترجمي کي ڏئي. اها ٻي ڳالھ آهي ته هاڻي مسلمان قرآن کي کولڻ جي زحمت به نه ٿا ڪن بلڪه پنهنجي گھرن م جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ تعويذ جي طور تي ڪپڙن ۾ بند ڪري رکن ٿا ان کان علاوه اسان وٽ قرآن جي خدمت لاءِ ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جن سنڌي اردو زبان سان تعلق رکڻ واري لاءِ آسان انداز ۾ قرآن حڪيم کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ايجاد ڪيا آهن.

    پوري دنيا ۾ مسلمان قرآن کي حفظ ڪرڻ تي وڏو زور لڳائين ٿا ۽ قرآن جي حافظ جو اسانجي معاشري م وڏو احترام آهي اها تمام سٺي ڳالھ آهي پر ياد رکڻ گھرجي ته بغير سمجھي قرآن جي تلاوت ڪندو رهڻ جهڙي نموني قرآن جي حقيقي مقصدن کان پري رهڻ جو سبب ٿئي ٿو اهڙي نموني قرآن جي حقيقي معنيٰ قرآن جي مقصدن جي حفاظت آهي اصل لفظن جي حفاظت تمام ضروري آهي پر لفظن جي حفاظت جو اصل مقصد قرآن جي مفهوم ۽ معنيٰ جي حفاظت هجڻ گھرجي.

    حڪيم الامت علامه اقبال فرمائين ٿا :
    گر تو مي خواهي مسلمان زيستن
    نيست ممکن جز به قرآن زيستن [vii]
    جيڪڏهن تون مسلمان جي زندگي گذارڻ چاهين ٿو ته اهو قرآن کان بغير ممڪن ناهي يعني قرآن سان گڏ زندگي ڪرڻ گھرجي اسان جي زندگي قرآني تعليمات مطابق هجڻ گهرجي. نماز تراويح جي ڪري عالم اسلام ۾ لکن جي تعداد ۾ قرآن جا حافظ پيدا ٿي ويا هزارن مسجدن ۾ هر سال پورو قرآن ختم ڪيو ويندو آهي پر نماز تراويح ۾ شرڪت ڪرڻ وارا مسلمان پنهنجي پاڻ کان اهو سوال ڪن ته جنهن تيزي سان انهي نماز ۾ قرآن پڙهيو وڃي ٿو ان جو عملي نتيجو ڇا آهي. مسلمانن جي درمند افراد کي ان ڳالھ تي غور ڪرڻ گھرجي ۽ قرآن منجھان بهتر انداز ۾ فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويچار ڪرڻ گھرجي.
    اهوئي قرآن جيڪو اسلام جي شروع ۾ انسان جي بيداري، اختلافن کي ختم ڪرڻ، غلامي کان نجات ڏيڻ، اجتماعي عدالت کي قائم ڪرڻ، انساني ڀائيچاري جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي مسلمانن جي عزت ۽ عظمت جو ذريعو بڻجي ويو هو ۽ اڄ لکين حافظ ڪروڙين قاري، حفظ قرآن جي هزارن ادارن ۽ خوبصورت اشاعتن جي باوجود انسان کي پستي مان نجات نٿو ڏئي. ايڏي وڏي انساني هاڃي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي واري ڪڏهن ايندي. اسان جي خيال ۾ قرآن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان بغير انهي مشڪل جو حل ناممڪن آهي. انساني معاشري جي ڪمال ۽ ترقي جو اهو آخري آسماني نسخو آهي انهي کي سنڀالي رکڻ بغير سمجھڻ جي تلاوت ڪرڻ ۽ چمڻ سان اسانجي درد جي دوا نه ٿيندي هن شفا جي نسخي تي عمل ڪرڻ جي بغير چارو نه آهي.

    حضرت علي ؑ فرمائين ٿا :

    ڄاڻي وٺو ته قرآن جي تعليمات کان پوءِ ٻئي ڪنهن قانون جي ضرورت ناهي نه ڪوئي انسان قرآن منجهان (ڪجھ سکڻ) جي بغير بي نياز ٿي سگھي ٿو. ان مان پنهنجي بيمارين جي شفا حاصل ڪريو. مصيبتن ۾ ان کان مدد گھُرو. هن ۾ ڪفر، نفاق، هلاڪت ۽ گمراهي جهڙي وڏين وڏين بيمارين جي شفا پاتي وڃي ٿي. [viii]

    اهوئي سبب آهي جو شرف انسانيت، فخر موجودات رحمت العالمين حضرت محمد مصطفي (ص) فرمائين ٿا. خَيرُکُمۡ مَنۡ تَعَلَّمَ القُرۡآنَ وَ عَلَّمَہ.[ix] توهان منجھان بهترين انسان اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ ٻين کي سيکاري.

    [i] يٰسٓ (2،1:36)

    [ii] البقره (2،1:2)

    [iii] بقره (185:2)

    [iv] محمد (24:47)

    [v] الفرقان (73:25)

    [vi] نهج البلاغه، خطبو نمبر 181 (اماميه کتب خانه، لاهور)، ص : 482

    [vii] محمد اقبال، کليات اقبال فارسي، (شيخ غلام علي اينڊ سنز لاهور، فيبروري 1973) ص : 123

    [viii] نهج البلاغه، خطبه نمبر 174، (اماميه کتب خانه، لاهور) ص : 460

    [ix] محمدي، الري شهري : ميزان الحکمة (مکتب الاعلام الاسلامي، ايران، 1367) ج : 8 ص : 73
    منبع:http://www.qsindh.com/