islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآن پاڪ جي عمومي معلومات

    قرآن پاڪ جي عمومي معلومات

    Rate this post

    * پوري قرآن پاڪ ۾ ڪل ٽيھ سپاره آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل 114 سورتون آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ (6236 ) آيتون آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل 1015030 ٽٻڪا آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل (93243) زبرون آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل(39586) زيرون آهن

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل (4808) پيشون آهن

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل (19253) شدون آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل(323671) حرف استعمال ٿيا آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل (1771) مدّون آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل(1000) رڪوع آهن،

    * قرآن پاڪ ۾ (115) لفظ ”بسم الله“ آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ (114)” بسم الله الرحمٰن الرحيم“ آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل (5098) وقف آهن.

    * قرآن پاڪ ۾ ڪل (70) دفعه لفظ قرآن آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڏي سورت (بقرة) آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان ننڍي سورت (ڪوثر) آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڏي آيت سورت بقرة جي آيت (282) آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان ننڍي آيت سورت رحمٰن جي (مُدهامتان) 64 آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڏو ڪلمو”فاسقيناکموه“آهي(حجر/22).

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان ننڍو ڪلمو”با“ بسم الله آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ حرف ”الف“ استعمال ٿيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان گھٽ حرف ”ظاء“ استعمال ٿيو آهي.

    * سورت حمد کي قرآن پاڪ جي ماءُ چيو ويندو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ پنج سورتون آهن جيڪي الحمد سان شروع ٿين ٿيون (1 حمد 2 انعام3 ڪهف4 سبا 5 فاطر).

    * قرآن پاڪ ۾ چار سورتون ”انّا“ سان شروع ٿين ٿيون(فتح،نوح ،قدر ،ڪوثر)

    * قرآن پاڪ ۾ سورت فجر کي سورت امام حسين(ع) سڏيو ويندو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ اسراء ، حديد ،صف ،جمعه ،تغابن ، اعلى، انهن سورتن کي مسبحات (تسبيح) چيو ويندو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ 86 مڪي سورتون ۽ 28 مدني سورتون آهن.

    * سورت يٰس کي قرآن پاڪ جودل چيو ويندو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ ست سورتون ”اذا“ سان شروع ٿيون آهن (واقعه ،منافقون، تڪوير،انفطار، انشقاق،نصر،۽ زلزال).

    * قرآن پاڪ ۾ چئن سورتن ۾ سجدو واجب آهي (سجده ،فصلت،نجم،علق)

    * قرآن پاڪ ۾ سورت توبه بسم الله سان شروع ناهي ٿي.

    * قرآن پاڪ ۾20سورتون ( قسم) سان شروع ٿين ٿيون (عصر، عاديات، تين، ضحى، شمس، بلد، فجر، طارق، بروج، نازعات، قيامت، نجم، طور، ذاريات، صافات، ن، ص، ق ۽ ليل)

    * قرآن پاڪ ۾ چار سورتون اهڙيون آهن جيڪي هڪ جڳھ تي گڏ نازل ٿيون (ڪوثر، نصر، لهب، اخلاص).

    * قرآن پاڪ ۾ پنج سورتون”قل“ سان شروع ٿيون آهن (جن، ڪافرون، اخلاص، فلق ۽ناس)

    * سورت نمل ۾ ”بسم الله الرحمٰن الرحيم“ ٻه دفعا آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ 29 سورتون حروف مقطعات سان شروع ٿين ٿيون.

    * سورت حمد ٻه دفعا الله جي رسول (ص) تي نازل ٿيو آهي.

    * سورت ”زمر“ جي پهرين ۽ آخري آيت ۾ لفظ ”الله“ آيو آهي.

    * سورت ”مجادله“ جي سڀني آيتن ۾ لفظ ”الله“ آيو آهي.

    * قرآن جي ٽيهين سپاري ۾ 37 سورتون آهن.

    * سورت دهر (انسان) پوري جي پوري اهلبيت(ع) جي شان ۾ نازل ٿي آهي.

    * امام حسين (ع) جي سر مبارڪ نيزي جي نوڪ تي بازار شام ۾ جنهن آيت جي تلاوت ڪئي هئي اها سورت ”ڪهف“ جي 9 آيت آهي.

    * سورت نور 31 آيت پردي جي باري ۾ آهي.

    * ولايت واري آيت سورت مائده جي 55 آيت آهي.

    * سورت اسراء جي آيت 78 (پنج وقت جي نماز) جي حڪم جي باري ۾ آهي.

    * مباهله واري آيت سورت آل عمران جي 61 آيت آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ حضرت موسى جو نالو(136 ) دفعه آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ڪل26 پيغمبرن جا نالا ذڪر ٿيا آهن، (حضرت آدم، ادريس، نوح، هود، صالح، لوط، ابراهيم، اسماعيل، يعقوب، اسحاق، يوسف، ايوب، يونس، شعيب، موسى، هارون، داوود، سليمان، الياس، اليسع، ذوالڪفل، عزير، زڪريا، يحيى، عيسى ۽ حضرت محمد مصطفى (على نبينا وآلہ وعليهم السلام اجمعين).

    * الله جي رسول (ص) جو نالو قرآن پاڪ ۾ پنج دفعه آيو آهي چار دفعه محمد(ص) هڪ دفعو احمد (ص).

    * سڀ کان وڌيڪ پيغمبرن جا نالا سورت انبياء ۾ 16نبين جا نالا آيا آهن.

    * سڀ کان پهريان حضرت دائود زرھ ٺاهي.

    * جادو جو رواج حضرت موسى (ع) جو زماني ۾ وجود ۾ آيو.

    * سڀ کان پهرين حضرت سليمان (ع) (بسم الله الرحمٰن الرحيم) لکي.

    * سڀ کان پهرين حضرت ادريس ڪپڙو سبيو ۽ خط لکيو.

    * سڀ کان جيڪي پهرين آيتون الله جي رسول (ص) تي نازل ٿيون اهي سورت علق جون پهريون پنج آيتون آهن.

    * امام زمان عجل الله فرجہ ظهور کان پوءِ پهريون دفعو جنهن آيت جي تلاوت ڪندو اها سورت هود جي آيت نمبر 86 هوندي (بقية الله خيرلکم ان کنتم مومنين).

    * پهرين دعا جيڪا قرآن پاڪ ۾ آئي آهي اها سورت بقرة جي آيت 126 آهي.

    * آخري سورت جيڪا پيغمبر (ص) تي نازل ٿي اها (نصر)آهي.

    * آخري سورت جيڪا مديني ۾ نازل ٿي اها (نصر) آهي .

    * آخري سورت جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي اها (روم) آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ 114 دفعه لفظ” رحيم“ آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ 67 دفعه لفظ صلواة آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ لفظ ”آخرت“ 115 دفعه آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ لفظ ”دنيا“ 115 دفعه آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ لفظ ”قلم“4 دفعه استعمال ٿيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ لفظ ”امام“12 دفعه آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ جناب ”مريم“جو نالو 34 دفعه آيو آهي.

    * جنهن سورت جي باري ۾ عورتن کي گھڻي پڙهڻ جو چيو ويو آهي اها سورت نور آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ جناب مريم کانسواءِ ڪنهن به عورت جو نالو ناهي آيو.

    * قرآن پاڪ ۾ پنج سورتن جا نالا حيوانن جي مٿان آهن (نمل، عنڪبوت، نحل، بقرة ۽ فيل).

    * قرآن پاڪ ۾ جناب جبرئيل جو نالو فقط 3 دفعه آيو آهي.

    * قرآن پاڪ ۾ جن فرشتن جو ذڪر ٿيل آهي اُهي هي آهن (جبرئيل، هاروت، ماروت، ميڪائيل، مالڪ،).

    * قرآن پاڪ ۾ جن جنتي نهرن جو نالو ذڪر ٿيل آهي (ڪافوريه، زنجبيليه، سلسبيل، ڪوثر، تسنيم).

    * قرآن پاڪ 23 سالن جي مدت تائين الله جي رسول(ص) تي نازل ٿيو.

    * سڀ کان پهرين ابوالاسود دوئلي قرآن پاڪ ۾ اعراب لڳايو.

    * سڀ کان پهرين حضرت علي(ع) قرآن پاڪ کي جمع ڪيو.

    * سڀ کان پهريون مفسر قرآن حضرت علي(ع) آهن.

    * سڀ کان پهرين عبدالله بن مسعود مڪي ۾ علي الاعلان قرآن پاڪ پڙهيو.

    * سڀ کان پهرين سلمان فارسي سورت حمد جو فارسي زبان ۾ ترجمو لکيو.

    * جيڪي آسماني ڪتاب رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ نازل ٿيا اُهي هي آهن. (تورات، زبور، انجيل صحف ۽ قرآن پاڪ).
    http://www.qsindh.com ن : نجف علی لغاری