islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قرآن ۽ اعجاز عددی

    قرآن ۽ اعجاز عددی

    2 (40%) 1 vote

    قرآن اهو عظيم ڪلام آهي، جنهن کي ربّ پاڪ انسانيت جي سعادت ۽ ڪاميابيءَ جو آئين بڻائي نازل ڪيو آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قرآن آئين سعادت سان گڏوگڏ پاڻ سڳورن (ص) جي رسالت جو عظيم معجزو پڻ آهي، قرآن ڪيترن ئي لحاظن سان معجزو آهي، اسان هت انهن اعتبارن ۽ لحاظن کي بيان نٿا ڪرڻ چاهيون، ها ربّ پاڪ توفيق ڏني ته ٻئي ڪنهن لکڻي ۾ انهن معجزن وارن رخن ۽ جلون کي ضرور بيان ڪبو.

    هن لکڻي ۾ رڳو اهو بيان ڪنداسين ته قرآن مختلف شيئن کي به بيان ڪيو آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن شيئن جي عدد ۾ به هڪ جيترائي جو خيال رکيو ويو آهي.

    مصر جي هڪ دانشور ٽن جلدن ۾ ڪتاب لکيو آهي ”الاعجاز العددي للقرآن“ اسان هت ان ڪتاب مان ڪجهه شئيون قرآن جي پڙهندڙن لاءِ تحفي طور ذڪر ڪريون ٿا.

    دنيا ۽ آخرت

    قرآني تعليمات جي نظر ۾ دنيا ۽ آخرت هڪ ٻئي جي مقابل شيون آهن پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته قرآن ۾ ”115“ ڀيرا دنيا جو ذڪر آيو آهي ۽ ايترا ئي ڀيرا يعني 115 دفعا آخرت جو به ذڪر ٿيو آهي.

    شياطين ۽ ملائڪه

    هن ڪائنات ۾ ربّ پاڪ ڪيترن ئي مخلوقات کي اختيار جي نعمت عطا ڪئي آهي، انهن مان واضح نموني، ان نعمت جو حاصل ڪندڙ انسان آهي، ان انسان ۾ ربّ پاڪ اها قوت ۽ طاقت رکي آهي ته، پنهنجي اختيار سان چڱايون ڪري يا برايون ۽ انهن ٻنهي رستن لاءِ باطني طاقتون به آهن ڪي باطني طاقتون چڱائيءَ ۾ مددگار اٿس ته ڪي باطني طاقتون برائيءَ ۾ ٻانهن ٻيلي اٿس.

    چڱائي ۾ مددگار قوتن جو نالو ملائڪه يا فرشتا آ، جڏهن ته براين ۾ هٿ ونڊرائڻ وارن طاقتن جو نالو، شياطين آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ملائڪه جو تذڪرو مختلف نالن ۽ عنوانن سان قرآن ۾ ”88“ ڀيرا ٿيو آهي ۽ شياطين جو به مختلف عنوانن سان ”88“ ڀيرا تذڪرو ٿيو آهي.

    موت ۽ حيات

    زندگي ۽ موت ٻه اهڙيون حقيقيتون آهن جن جو نظارو انسان هر روز ڪندو رهي ٿو.

    قرآن پاڪ ۾ 145 ڀيرا لفظ ”موت“ نهنجي مشتقات سان گڏ استعمال ٿيو آهي ۽ ائين ئي لفظ حيات پنهنجي مشتقات سان گڏ ”145“ ڀيرا استعمال ٿيو آهي.

    ذيل ۾ ٻين الفاظن جي فهرست ذڪر ڪريون ٿا.

    · بصر (طاهري ڏسڻ) 148 دفعا

    · بصيره (باطني ڏسڻ) 148 دفعا

    · قلب (دل) 148 دفعا

    · خواد (دل) 148 دفعا

    · نفع (فائدو) 150 دفعا

    · فساد (نقصان) 150 دفعا

    · فاحشه (بڇڙائي) 13 دفعا

    · غضب (بڇڙائي تي ردّ عمل) 13 دفعا

    ٻيا به ڪيترائي موارد آهن جيڪي ان شاء الله ايندڙ قسط ۾ ڪجهه تفصيل سان بيان ڪبا
    منبع:http://www.qsindh.com/