islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. قران پاک نهج البلاغه جی نظر م

    قران پاک نهج البلاغه جی نظر م

    3 (60%) 8 votes

    فڪر ڪرڻ وارو انسان هميشه انهي تلاش ۾ رهندو آهي ته پنهنجي هدايت جو رستو حقيقي عالمن ۽ حقيقت کي سڃاڻڻ وارن انسانن کان حاصل ڪري ۽ انهي کي هميشه پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ سانڍي رکي نه ته ٻي صورت ۾ هو گمراهي ۾ هليو ويندو آهي، بس انهي بنياد تي حضرت علي (ع) جي فرمانن مطابق ته قرآن پاڪ هدايت ۽ نصيحت جو رستو آهي ۽ حق ۽ حقيقت کانسواءِ ٻيو ڪوبه حرف نه ڳالهائيندو آهي، جيڪو به ان تي اعتماد ڪندو اهو ڪڏهن به شڪست نه کائيندو. قرآن پاڪ جي ڪلام جي اهميت مختلف ڪتابن ۾ آئي آهي، ۽ ان جو سڀني اعتراف ڪيو آهي ته هي آسماني ڪتاب هميشه هدايت جو رستو ۽ راهنمائي جو رهبر رهيو آهي، هتي اسان جو مقصد قرآن جي اهميت نهج البلاغه جي روشني ۾ بيان ڪرڻ آهي ته حضرت علي(ع) جي نگاھ ۾ قرآن پاڪ جي ڪيتري اهميت آهي؟ ۽ اهو به انسان وڏي اعتماد سان چئي سگهي ٿو ته قرآن پاڪ کان پوءِ امام علي(ع) جي سيرت ۽ سندن اقوال انسانيت جي لاءِ هدايت ۽ راهنمائي جو بهترين رستو آهن.

    قرآن جي اهميت نهج البلاغه ۾

    حضرت علي(ع) نهج البلاغه جي خطبي 133 ۾ ارشاد ٿو فرمائي ته : قرآن پاڪ الله جو ڪتاب آهي جيڪو توهان جي درميان اهڙي گفتگو ڪري ٿو جيڪا هميشه حق هوندي آهي، ۽ هو حق چوڻ کان ٿڪندو ناهي، هڪ اهڙو گهر آهي جنهن جي ڊهڻ جو ڪو تصور ئي ناهي “ هڪ ٻئي مقام تي ارشاد ٿئي ٿو ته ” هذَا القُرآنُ انما هوَ خَطٌّ مَستورُ بين الدَّفَّتين لا ينطق بِلِسانِ وَلابُدَّ لَهُ مِن تَرجُمانٍ وَانّما ينطق عَنهُ الرَّجالٌ. (خطبه/125)

    هي قرآن خط آهي جيڪو ٻن جملن جي درميان لڪل آهي زبان نه اٿس جو ڳالهائي سگھي ۽ هي ترجمي جي طرف محتاج آهي، ۽ انسان ئي هن سان ڳالهائي سگھي ٿو.

    حضرت علي (ع) هن خطبي ۾ خوارج سان مخاطب آهي جن حڪميت واري معاملي کي قبول نه ڪيو ۽ اعتراض ڪيو، ۽ قرآن جي طرف اشارو ڪيو ته قرآن حڪم بڻايو وڃي، اتي امام (ع) فرمايو ته اسان ته ماڻهن جي حَڪَم هجڻ کي ان لحاظ سان قبول ڪيو آهي ته قرآن هڪ ڪتاب آهي جيڪو پاڻ پنهنجي تفسير ۽ شرح نه ٿو ڪري سگھي ضروري آهي ته ماڻهو تقوى ۽ خلوص سان هن جي تفسير ڪن.

    قرآن نه وسامجڻ وارو نور

    ثُمَ انزَلَ عَليه الکِتابَ نوُراً لا تُطفاً مصابيحه وَسِراجاً لايخبُو تَوَقُّدُهُ. ( خطبه/198)

    پوءِ نبي ڪريم(ص) تي ان ڪتاب (قرآن) کي نازل ڪيائين، جيڪو حقيقت ۾ نور آهي جنهن نور جا شعاع ڪڏهن به وسامجي نٿا سگھن، ۽ جنهن جي روشني گھٽجي نٿي سگھي. امام (ع) جي هن قول مطابق قرآن نور آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو انهي جي وسيلي جھالت جي انڌيري مان هدايت جي روشني جي طرف وڃي ٿو. ” و بحراً لايُدرکُ قعرهُ (خطبو/198)“ قرآن درياھ آهي جنهن جي تھ(تَري) کي ڪير به نٿو سمجھي سگھي

    قرآن صراط مستقيم

    ”و منهاجاً لا يُضِلُّ نهجه “ (خطبو/198) قرآن سڌو رستو آهي جنهن تي هلڻ وارو ڪڏهن به گمراھ نه ٿيندو. اهو واضح آهي ته قرآن انهي جي لاءِ هدايت آهي جيڪو قرآن جي روشني ۾ الله جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اهو ڪڏهن به گمراھ نه ٿيندو

    قرآن حق ۽ باطل جي درميان فرق ڪرڻ وارو آهي

    ” و فرقاناً لا يُخمدبرهانه “ (خطبو/198)

    قرآن حق ۽ باطل کي جدا ڪرڻ وارو هڪ اهڙو نور آهي جنهن جي دليل ۽ برهان جي روشني ڪڏهن به وسامجي نٿي سگھجي” يعني قرآن هڪ اهڙي دليل ۽ برهان تي مشتمل آهي جنهن جي ذريعي انسان حق ۽ باطل کي جدا ڪري سگھي ٿو

    قرآن هڪ مضبوط ٿنڀُ وارو گھر آهي ” وبنياناً لا تهدم ارکانه “ (خطبو/198) قرآن هڪ اهڙو گھر آهي جنهن جا ٿنڀَ ڪڏهن به ڊهي نٿا سگھن

    قرآن دين جو بنياد

    ”واثافي الاسلام و بنيانه ،(خطبو/198) قرآن اسلام جو بنياد ۽ ان جو ستون آهي

    قرآن ايمان جو کاڻ آهي

    ”فهو معدن الايمان وبحبوحته (خطبو/198)

    قرآن ايمان جو کاڻ ۽ ان جو اصل آهي ” وينابيع العلم و بحوره “(خطبو/198)

    قرآن علم جي پاڙ ۽ درياھ آهي (ينابيع عربي ۾ انهي جڳھ کي چوندا آهن جتان نديون ۽ واھ ڦٽندا آهن) ” و رياض العدل و غدرانه “ (خطبو/198)

    قرآن عين عدالت آهي ۽ عدل جو هڪ وهندڙ درياھ آهي

    ” و اودية الحق و غيطانه(198) قرآن حق جي وادي ۽ حق جي سڌي سرزمين آهي.

    قرآن جو ظاهر ۽ ڳجھ

    اميرالمومنين امام علي عليہ السلام ٻن خطبن جي مختلف تعبيرن ۾ قرآن جي ظاهر ۽ ڳُجھ کي بيان ڪري ٿو

    ”و انّ القرآن ظاهره انيق و باطنه عميق“ (خطبو/18)

    هي قرآن اهو آهي جنهن جو ظاهر سهڻو خوبصورت ۽سندن ڳجھ ڏکيو ۽ اونهو آهي

    ” و بيّن حججه من ظاهر علم و باطن حکم“( خطبو/152) ۽ الله پاڪ قرآن جي حجت کي روشن ڪيو، قرآن جو ظاهر علم ۽ سندن ڳجھ حڪمت سان ڀريل آهي

    ” ولا تفنى غرائبه ، ولا تنقضي عجائبه.(خطبو/152)

    قرآن جا غرائب ڪڏهن به فنا نه ٿيندا ۽ سندن عجائب ڪڏهن به ختم نه ٿيندا

    هتي (غرائب) مان قرآن پاڪ جون محڪم آيتون ۽ قطعي برهان ۽ دليل مراد آهن ۽ قرآن جو فنا نه ٿيڻ اهو اشارو آهي قرآن جو هميشه هجڻ جيستائين هي دنيا باقي آهي

    ۽ عجائب مان مراد هي آهي ته انسان هر زماني ۾ قرآن ۾ فڪر ۽ دقت ڪندو رهي ته جيئن هر روز هڪ نئين شي لڀندو رهي جنهن جي باري ۾ هن کي پهريان ڪابه خبر نه هئي.
    منبع:http://www.qsindh.com/ نویسنده: نجف لغاری