islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 102 سوره التکاثر

    102 سوره التکاثر

    Rate this post

    (1) أَلْهَاكُمُ التَّكَاثُرُ
    1 – 1. (اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.

    (2) حَتَّى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ
    2 – 2. تان جو قبرن کي ڏٺوَ.

    (3) كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
    3 – 3. ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.

    (4) ثُمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
    4 – 4. وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.

    (5) كَلَّا لَوْ تَعْلَمُونَ عِلْمَ الْيَقِينِ
    5 – 5. نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).

    (6) لَتَرَوُنَّ الْجَحِيمَ
    6 – 6. قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.

    (7) ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ الْيَقِينِ
    7 – 7. وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.

    (8) ثُمَّ لَتُسْأَلُنَّ يَوْمَئِذٍ عَنِ النَّعِيمِ
    8 – 8. وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.