islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 90 سوره البلد

    90 سوره البلد

    Rate this post

    (1) لَا أُقْسِمُ بِهَذَا الْبَلَدِ
    1 – 1. ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.

    (2) وَأَنتَ حِلٌّ بِهَذَا الْبَلَدِ
    2 – 2. ۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.

    (3) وَوَالِدٍ وَمَا وَلَدَ
    3 – 3. ۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.

    (4) لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي كَبَدٍ
    4 – 4. ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.

    (5) أَيَحْسَبُ أَن لَّن يَقْدِرَ عَلَيْهِ أَحَدٌ
    5 – 5. (ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟

    (6) يَقُولُ أَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا
    6 – 6. چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.

    (7) أَيَحْسَبُ أَن لَّمْ يَرَهُ أَحَدٌ
    7 – 7. ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟

    (8) أَلَمْ نَجْعَل لَّهُ عَيْنَيْنِ
    8 – 8. کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟

    (9) وَلِسَانًا وَشَفَتَيْنِ
    9 – 9. ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟

    (10) وَهَدَيْنَاهُ النَّجْدَيْنِ
    10 – 10. ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.

    (11) فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ
    11 – 11. پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.

    (12) وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْعَقَبَةُ
    12 – 12. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟

    (13) فَكُّ رَقَبَةٍ
    13 – 13. ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.

    (14) أَوْ إِطْعَامٌ فِي يَوْمٍ ذِي مَسْغَبَةٍ
    14 – 14. يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.

    (15) يَتِيمًا ذَا مَقْرَبَةٍ
    15 – 15. مائٽي واري ڇوري ٻار کي.

    (16) أَوْ مِسْكِينًا ذَا مَتْرَبَةٍ
    16 – 16. يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.

    (17) ثُمَّ كَانَ مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ
    17 – 17. ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.

    (18) أُوْلَئِكَ أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ
    18 – 18. اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.

    (19) وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِنَا هُمْ أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ
    19 – 19. ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.

    (20) عَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ
    20 – 20. مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.