islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 86 سوره الطارق

    86 سوره الطارق

    Rate this post

    (1) وَالسَّمَاء وَالطَّارِقِ
    1 – 1. آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.

    (2) وَمَا أَدْرَاكَ مَا الطَّارِقُ
    2 – 2. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟

    (3) النَّجْمُ الثَّاقِبُ
    3 – 3. (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.

    (4) إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ
    4 – 4. ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.

    (5) فَلْيَنظُرِ الْإِنسَانُ مِمَّ خُلِقَ
    5 – 5. تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.

    (6) خُلِقَ مِن مَّاء دَافِقٍ
    6 – 6. ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.

    (7) يَخْرُجُ مِن بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَائِبِ
    7 – 7. جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.

    (8) إِنَّهُ عَلَى رَجْعِهِ لَقَادِرٌ
    8 – 8. بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.

    (9) يَوْمَ تُبْلَى السَّرَائِرُ
    9 – 9. جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.

    (10) فَمَا لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ
    10 – 10. پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).

    (11) وَالسَّمَاء ذَاتِ الرَّجْعِ
    11 – 11. ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.

    (12) وَالْأَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ
    12 – 12. ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.

    (13) إِنَّهُ لَقَوْلٌ فَصْلٌ
    13 – 13. ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.

    (14) وَمَا هُوَ بِالْهَزْلِ
    14 – 14. ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.

    (15) إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًا
    15 – 15. بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.

    (16) وَأَكِيدُ كَيْدًا
    16 – 16. ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.

    (17) فَمَهِّلِ الْكَافِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْداً
    17 – 17. پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.