islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 84 سوره النشقاق

    84 سوره النشقاق

    Rate this post

    (1) إِذَا السَّمَاء انشَقَّتْ
    1 – 1. جڏھن آسمان ڦاٽندو.

    (2) وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
    2 – 2. ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

    (3) وَإِذَا الْأَرْضُ مُدَّتْ
    3 – 3. ۽ جڏھن زمين پکيڙبي.

    (4) وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ
    4 – 4. ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.

    (5) وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
    5 – 5. ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

    (6) يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَاقِيهِ
    6 – 6. اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.

    (7) فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ
    7 – 7. پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.

    (8) فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا
    8 – 8. تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.

    (9) وَيَنقَلِبُ إِلَى أَهْلِهِ مَسْرُورًا
    9 – 9. ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.

    (10) وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ وَرَاء ظَهْرِهِ
    10 – 10. ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.

    (11) فَسَوْفَ يَدْعُو ثُبُورًا
    11 – 11. سو سگھوئي موت کي سڏيندو.

    (12) وَيَصْلَى سَعِيرًا
    12 – 12. ۽ دوزخ ۾ گھڙندو.

    (13) إِنَّهُ كَانَ فِي أَهْلِهِ مَسْرُورًا
    13 – 13. ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.

    (14) إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ
    14 – 14. بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.

    (15) بَلَى إِنَّ رَبَّهُ كَانَ بِهِ بَصِيرًا
    15 – 15. ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.

    (16) فَلَا أُقْسِمُ بِالشَّفَقِ
    16 – 16. پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.

    (17) وَاللَّيْلِ وَمَا وَسَقَ
    17 – 17. ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.

    (18) وَالْقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ
    18 – 18. ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.

    (19) لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ
    19 – 19. ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.

    (20) فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
    20 – 20. پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.

    (21) وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ الْقُرْآنُ لَا يَسْجُدُونَ
    21 – 21. ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.

    (22) بَلِ الَّذِينَ كَفَرُواْ يُكَذِّبُونَ
    22 – 22. بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

    (23) وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ
    23 – 23. ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    (24) فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
    24 – 24. پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

    (25) إِلَّا الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
    25 – 25. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.