islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 82 سوره النفطار

    82 سوره النفطار

    Rate this post

    (1) إِذَا السَّمَاء انفَطَرَتْ
    1 – 1. جڏھن آسمان ڦاٽندو.

    (2) وَإِذَا الْكَوَاكِبُ انتَثَرَتْ
    2 – 2. ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.

    (3) وَإِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ
    3 – 3. ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.

    (4) وَإِذَا الْقُبُورُ بُعْثِرَتْ
    4 – 4. ۽ جڏھن قبرون پٽبيون.

    (5) عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
    5 – 5. (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.

    (6) يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ
    6 – 6. اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟

    (7) الَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّاكَ فَعَدَلَكَ
    7 – 7. جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.

    (8) فِي أَيِّ صُورَةٍ مَّا شَاء رَكَّبَكَ
    8 – 8. جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.

    (9) كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِالدِّينِ
    9 – 9. ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.

    (10) وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَافِظِينَ
    10 – 10. ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.

    (11) كِرَامًا كَاتِبِينَ
    11 – 11. سڳورا لکڻ وارا.

    (12) يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ
    12 – 12. جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.

    (13) إِنَّ الْأَبْرَارَ لَفِي نَعِيمٍ
    13 – 13. بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.

    (14) وَإِنَّ الْفُجَّارَ لَفِي جَحِيمٍ
    14 – 14. ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.

    (15) يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّينِ
    15 – 15. عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.

    (16) وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَائِبِينَ
    16 – 16. ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.

    (17) وَمَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الدِّينِ
    17 – 17. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟

    (18) ثُمَّ مَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الدِّينِ
    18 – 18. وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟

    (19) يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْئًا وَالْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِلَّهِ
    19 – 19. اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.