islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 81 سوره التکویر

    81 سوره التکویر

    Rate this post

    (1) إِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ
    1 – 1. جڏھن سج ويڙھبو.

    (2) وَإِذَا النُّجُومُ انكَدَرَتْ
    2 – 2. ۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.

    (3) وَإِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ
    3 – 3. ۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.

    (4) وَإِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ
    4 – 4. ۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.

    (5) وَإِذَا الْوُحُوشُ حُشِرَتْ
    5 – 5. ۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.

    (6) وَإِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ
    6 – 6. ۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.

    (7) وَإِذَا النُّفُوسُ زُوِّجَتْ
    7 – 7. ۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.

    (8) وَإِذَا الْمَوْؤُودَةُ سُئِلَتْ
    8 – 8. ۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.

    (9) بِأَيِّ ذَنبٍ قُتِلَتْ
    9 – 9. ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.

    (10) وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ
    10 – 10. ۽ جڏھن اعمالناما کولبا.

    (11) وَإِذَا السَّمَاء كُشِطَتْ
    11 – 11. ۽ جڏھن آسمان ڇلبو.

    (12) وَإِذَا الْجَحِيمُ سُعِّرَتْ
    12 – 12. ۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.

    (13) وَإِذَا الْجَنَّةُ أُزْلِفَتْ
    13 – 13. ۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.

    (14) عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا أَحْضَرَتْ
    14 – 14. (تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.

    (15) فَلَا أُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ
    15 – 15. پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.

    (16) الْجَوَارِ الْكُنَّسِ
    16 – 16. جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.

    (17) وَاللَّيْلِ إِذَا عَسْعَسَ
    17 – 17. ۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.

    (18) وَالصُّبْحِ إِذَا تَنَفَّسَ
    18 – 18. ۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.

    (19) إِنَّهُ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ
    19 – 19. ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.

    (20) ذِي قُوَّةٍ عِندَ ذِي الْعَرْشِ مَكِينٍ
    20 – 20. جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.

    (21) مُطَاعٍ ثَمَّ أَمِينٍ
    21 – 21. جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.

    (22) وَمَا صَاحِبُكُم بِمَجْنُونٍ
    22 – 22. ۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.

    (23) وَلَقَدْ رَآهُ بِالْأُفُقِ الْمُبِينِ
    23 – 23. ۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.

    (24) وَمَا هُوَ عَلَى الْغَيْبِ بِضَنِينٍ
    24 – 24. ۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.

    (25) وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَيْطَانٍ رَجِيمٍ
    25 – 25. ۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.

    (26) فَأَيْنَ تَذْهَبُونَ
    26 – 26. پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟

    (27) إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَالَمِينَ
    27 – 27. ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.

    (28) لِمَن شَاء مِنكُمْ أَن يَسْتَقِيمَ
    28 – 28. اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.

    (29) وَمَا تَشَاؤُونَ إِلَّا أَن يَشَاء اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ
    29 – 29. ۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.